ناول

نجومي

هن ناول جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.“
  • 4.5/5.0
  • 2754
  • 1212
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نجومي

1

هاڻي هو پوڙهو ٿي چڪو هيو. ڪو وقت هيو، شهر جي مک شاهراهه تي تاڙي خاني ٻاهران پراڻي چادر وڇائي ويٺل هوندو هيو. ڪو قسمت جو ماريل هن وٽ ايندو هيو ته طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاهيندو هيو ۽ طوطو ڪنهن مفڪر جيان چيلهه پويان هٿ ٻڌي نوڙي لفافن تي چڪر هڻي ڳولهي اهڙو لفافو ڪڍندو هيو جو ان ۾ موجود قسمت جو حال ٺهڪي ايندو هيو. هن کي نجومي نه، جادوگر چوندا هيا. لفافن جي لفظن ۾ جادو سمايل هيو. جڏهن طوطي جي ڪڍيل لفافي مان رقعو ڪڍي پڙهڻ شروع ڪندو هيو ته لفظ هن جي وات مان کجيءَ جي کارڪن جيئن ڇڻي هيٺ ڪرندا هيا.
شهر جي گرميءَ جا ماريل جن جي چمڙي سج جي تپش ۾ ڳاڙهي داڻيدار ٿي ويندي هئي، ڪم کان واندا ٿي تاڙي خاني ۾ ويهي گوڙ گمسان ڪندا هيا. دخل وٽ هڪ هٿ بتي رکيل هوندي هئي جنهن جي هيڊي روشنيءَ ۾ اهي ٿڪيل ماڻهو ڏاڍا ٿڪيل نظر ايندا هيا. تاڙي ٿڌي پاڻيءَ جيان انهن جي ٻرندڙ جسم تي ڪرندي هئي. ڪو کٽيون اوڳرايون ڏيندو ٻاهر نڪرندو هيو ته نجوميءَ وٽ وڃي ويهندو هيو.
”مان مايوس....... قسمت جو ماريل آهيان. مونکي مسئلي جو حل ٻڌاءِ“ اهو چوندو هيو.
نجومي جڏهن طوطي جو ٻاهر ڪڍيل لفافو هٿن ۾ کڻي رقعو پڙهڻ شروع ڪندو هيو ته اهو بيان ڪيل لفظن جي سحر ۾ کوئجي ويندو هيو. ان کي پڪ هوندي هئي ته نجومي سچو آهي، ان جو هر لفظ حقيقت آهي.
نجوميءَ ان روڊ تي زندگيءَ جا پنجٽيهه سال گذاريا هيا. وڏي ٻوڏ کانپوءِ جڏهن سڀ هيٺيائين وارا علائقا ڇڏي ان پهاڙيءَ تي ٻڌل شهر جو رخ ڪري رهيا هيا ته هو پنهنجن عزيزن سان آيو هيو. تڏهن هن جي عمر ارڙهن سال هئي. ننڍ پڻ کان ڪمزور ۽ لاغر هيو. هن کان جسماني پورهيو نه ٿي سگهيو. هو ڪجهه ڏينهن بي روزگار رهيو. شهر جي رستن تي رلندو هيو. هڪ ڏينهن اهڙي پراڻي مندر ۾ ويو جنهن جو ڀتيون ڊهي چڪيون هيون ۽ اتي موجود ڀڳوان جي بت جا هٿ پير ڀڳل هيا. ورهاڱي کانپوءِ مندر جا واسي لڏي چڪا هيا ۽ ان کي نقصان رسايو ويو هيو. هن جڏهن ويران مندر ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته ڀڳل ڀت جي ڍير هيٺان هڪ ٿيلهو نظر آيو. هن سرون هٽائي جڏهن ٻاهر ڪڍي ڏٺو ته اهو لفافن سان ڀريل هيو. هن هڪ لفافو ڪڍي کولي پڙهيو ان ۾ ماڻهن جي قسمت جو حال لکيل هيو. هن سمجهيو اها پوريل ٿيلهي ڪنهن اهڙي نجوميءَ جي آهي جيڪو لفافا ڪڍي ڪڏهن قسمت جو حال ٻڌائيندو هيو. ڪجهه سوچي هو ٿيلهو کڻي ٻاهر آيو. هن لفافا ٻاهر ڪڍي ڇنڊي صاف ڪيا ۽ بازار مان طوطو وٺي ان کي تربيت ڏئي تيار ڪيو. طوطو جڏهن قطار ۾ پيل لفافن ۾ چهنب وجهي هڪ سوري ٻاهر ڪڍندو هيو ته انعام طور تيل ۾ ڀڳل دال جو داڻو ان جي وات ۾ وجهندو هيو. طوطو دال جي داڻي جي لالچ ۾ هر ڪم ڌيان ۽ سمجهه سان ڪندو هيو. جڏهن طوطو تربيت وٺي مڪمل طور تيار ٿيو ته هو چادر وڇائي تاڙي خاني ٻاهران اچي ويٺو. هن هيٺ لفافا قطار ۾ رکي طوطي کي هڪ صليب نما ڪلي کوڙي ان تي ويهاري ڇڏيو.
وقت سان طوطو ڪم ۾ ماهر ٿي ويو ۽ ان کي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي ڏسجڻ لڳو ته صليب نما ڪليءَ تان نجوميءَ جي آڱر تي ويهڻو آهي ۽ لفافن مٿان چڪر هڻي هڪ لفافو ٻاهر ڪڍي ڀڳل دال جو داڻو وات ۾ وٺي کائڻو آهي.
نجومي ڪڏهن لفافن جي باري ۾ سوچيندو هيو. اهي عجيب ۽ غريب هيا. انهن تي قسمت جو حال اهڙي علامتي انداز ۾ لکيل هوندو هيو جو ٻڌڻ واري جي سمجهه ۾ گهٽ ايندو هيو، جنهن ڪري ان جي وضاحت ڪرڻي پوندي هئي. ٻڌندڙ کي علامتن جي هر رخ ۾ پنهنجو عمل نظر ايندو هيو ۽ اهي علامتون ائين هونديون هيون جيئن انهن جي قالب ۾ هر ڪو ماپي ويندو هجي. علامتون مختلف انداز سان روين جي ترجماني ڪنديون هيون. لفافن ۾ موجود رقعن تي ڄڻ مورتون اڪريل هونديون هيون جيڪي ڏسندڙ کي هر ڪنڊ کان ان جو اولڙو پسائينديون هيون. عمر سان نجوميءَ وٽ ايترو علم اچي ويو جو قسمت جي ماريل ماڻهن کي ويهاري آسانيءَ سان انهن علامتن جي وضاحت ڪري مطمعن ڪندو هيو. اهي رقعا ڪنهن جادوءَ کان گھٽ نه هيا ائين لڳندو هيو، هڪ دفعو لفافي مان نڪتل رقعي تي لکيل لفظ انهن جي حياتيءَ جو حصو ٿي گڏ جيئرا رهن ٿا.
شهر کان ٻاهر کجين جا باغ هيا، انهن جي ٿڙن ۾ ٺڪر جا مٽ ائين لڙڪندا هيا جيئن کجيون وار کولي بيٺل ڳورهاريون عورتون هجن.کجيءَ جي ٿڙ ۾ ٿيل سوراخ مان تاڙي ٽيپو ٽيپو ٿي لڙڪندڙ مٽ ۾ گڏ ٿيندي هئي. ان کي شهر تاڙي خاني ۾ پهچايو ويندو هيو جيڪا اتي گهٽ قيمت تي مهيا هوندي هئي.
تاڙي خاني ۾ هر قسم جا ماڻهو ايندا هيا، انهن ۾ گھڻو حصو اهڙن ماڻهن جو هوندو هيو جن جو روزگار انهن جي پيٽ تائين محدود هيو. ڪڏهن ڪا پوڙهي وئشيا به هوندي هئي جنهن جو اگهه بازار جي ٻين عورتن کان گھٽ هيو. ماڻهو تاڙي پي ٻاهر نڪري نجوميءَ کان لفافو ڪڍرائي ان جي وضاحت ٻڌندا هيا ۽ حيثيت آهر ڪجهه سڪا ڏئي روانا ٿيندا هيا.
وقت سان نجومي پوڙهو ٿي ويو ۽ هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو. هن کي ڇاتيءَ ۾ سور محسوس ٿيڻ لڳو. اٿندي ويهندي کنگھه وڪوڙي وئي هن ۾ هلڻ جي سڪت نه رهي. هن لفافن کي ويڙهي ڪاٺ جي پيٽيءَ ۾ رکيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڄڻ موت جي فرشتي جو انتظار ڪندي گذارڻ لڳو. هن سوچيو هاڻي حياتي جي فيصلي جو وقت اچي چڪو آهي هو ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، جنهن کانپوءِ هليو ويندو ۽ اهي لفافا دنيا ۾ رهجي ويندا.
نجومي موت جو انتظار ڪندي ڪمري جي ڪنڊ ۾ اڪيلو ويهي بيزار ٿي پيو. هن لاءِ وقت گذارڻ مسئلو ٿي پيو. هن طوطي کي ڪليءَ تان لاهي آڱر تي کنيو ۽ چيو.
”مٺو پٽ ٻول،
کنڀڙا پنهنجا کول
آهي دنيا ائين،
جيئن اکيون تنهنجون گول“
طوطي خوشيءَ مان کنڀ ڇنڊيا ۽ مالڪ ڏي منهن ڪندي چيو.
”ٺوڙهي جا وار،
ڪوڙا قول قرار.
ڪڏهن نه ڪيان مان،
ڏينهن جو ٻيون ٻيون،
رات جون ٽيون ٽيون،
نجومي خوشيءَ مان کليو، ڪاٺ جي پيٽي کولي لفافن کي ٻاهر ڪڍيو . هن چادر وڇائي انهن کي ائين رکيو جيئن تاڙي خاني ٻاهران رکندو هيو. هن صليب نما ڪلي کوڙي طوطي کي ويهاريو ۽ پوءِ ڀڳل دال جا داڻا وٽيءَ ۾ وجهي ڀرسان رکيا. هو پلٿ ماري هيڏانهن هوڏانهن ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ ڪنهن قسمت جي ماريل جو انتظار ڪندو هجي. هن طوطي کي آنڱر تي کنيو ۽ پوءِ لفافن تي لاٿو. طوطي ڪنهن فلسفيءَ وانگر گهمي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. هن ڀڳل دال جو داڻو ان جي وات ۾ وڌو ۽ طوطو ائين ڄٻاڙڻ لڳو ڄڻ ڪافي وقت کانپوءِ حق حلال جو رزق حاصل ڪيو هجي.
نجوميءَ لفافو کولي رقعو ٻاهر ڪڍي پڙهيو. هن کي اهو عامل ياد اچي ويو، جنهن کي سڀ نوراني چهري وارو سڏيندا هيا. اهو ڪنهن ڀوري بادل جهڙو هيو. ان جو منهن اهڙي مڙهه جيان هيو جنهن کي ڄڻ جلاوطنيءَ جي حالت ۾ پرڏيهه امانتن دفنايو ويو هجي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن قبر کوٽي ٻاهر ڪڍيو ويو هجي ته ان جي چهري جي تازگي برقرار هجي.
اهو عامل مايوس هيو. ان جي حالت خراب هئي اهو چرين جيان شهر جي گھٽين ۾ گھمي رهيو هيو. هڪ ڏينهن ان تاڙي خاني جو رخ ڪيو ۽ ٻه چار گلاس پي ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏٺائين.
”ڪهڙو نجومي آهين جو زماني جي ٺوڪرن ۾ پيو آهين“ ان چيو ”پهريون پنهنجي قسمت ڏس پوءِ ٻين جي قسمت جو فڪر ڪر“.
نجوميءَ لاءِ اها نئين ڳالهه نه هئي هر ايندڙ ويندڙ هن سان اهڙيون ڳالهيون ڪندو هيو. هن ڳالهه دل ۾ نه ڪئي ۽ مرڪيو. سانجهي جي اڌ اوندهه ۾ هن جا مرڪندڙ چپ مزار جي وسيل ڏيئي جهڙا هيا.
” سائين مان تاڙي خاني جو مجاور“ نجوميءَ چيو ” مان قسمت لکندو نه ٻڌائيندو آهيان. منهنجي قسمت ڏاڍي خراب آهي. پر اوهان سان ڪهڙي ويڌن آهي. ڇا ڏاهپ کي ڪٽ چڙهي وئي آهي؟ عقل کي اڏوهي کائي وئي آهي؟ جو مضبوط قدمن تي بيهڻ واري داناءَ جا قدم هلڪي هوا تي لڏي رهيا آهن“. عامل ڳالهه ٻڌي ته ان جا نشا ٽٽي ويا منهن تي مايوسي وري آئي ۽ ڍلو ٿي هيٺ جهڪي نجوميءَ ڀرسان ويهي رهيو. ”لڳي ٿو قسمت خراب آهي“ عامل چيو ”هڪ مسئلي منجهائي وڌو آهي“.
” ڪهڙي مسئلي؟“ نجوميءَ پڇيو ”متان تنهنجي مدد ڪري سگھان“.
عامل هڪ آهه ڀري چيو
”توکي شايد خبر هوندي، ماڻهو مون وٽ خوابن جون تعبيرون پڇڻ ايندا آهن“
”ها مان توکي سڃاڻان“ نجوميءَ چيو ”توکي ڪير نه سڃاڻي!“.
”شهر جو ميئر پويان پئجي ويو آهي“ عامل چيو ”توکي خبر هوندي ته شهر جو ميئر پنهنجي وقت جو بدنام ڏوهاري آهي. اهو ڪجهه سال اڳ هڪ بي روزگار شخص هيو، جنهن قتل ۽ غارت جي سياست ڪري عهدو ماڻيو، هو خونخوار شخص آهي، ڪنهن به عزتدار جو پٽڪو لاهي ڀيرن ۾ لتاڙيندي دير نه ڪندو آهي“.
”ها هرڪو ان ڳالهه کان واقف آهي“. نجوميءَ چيو ” هو بنيادي طرح اهڙي عورت جو ٻار آهي جيڪا هن کي گند جي ڍير تي ڦٽو ڪري وئي هئي. هو خيرات گھر جي سڪل ٽڪڙن تي پلجي وڏو ٿيو ۽ خونخوار ثابت ٿيو......... در اصل هن ويچاري جو ڏوهه نه آهي، اهو هنجي تربيت جو اثر آهي. زماني جا ٿاٻا کائي اهڙي ٺڪر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ شهر جي قسمت جون ٻوٽيون ٽهڪي رهيون آهن“.
”ته تون ٻڌاءِ“. عامل چيو ” اهڙي پٿر دل شخص مان ماڻهو رحم جي ڪهڙي اميد رکي سگھي ٿو. در اصل ان مونکي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي تائين ان جي ڏٺل خواب جي تعبير نه ٻڌائي سگهيس ته اهو ابتو ٽنگرائي ڇڏيندو. هن کي ان ساڳي خواب جي تعبير هڪ ٻيو عامل ٻڌائي چڪو آهي، جنهن مان هو مطمعن نه ٿيو ۽ ان جي زبان وڍرائي ڇڏي“.
”مان مطلب نه سمجهيو“ نجوميءَ چيو” ٿورو کولي ٻڌاءِ جيئن ڳالهه جي تهه تائين پهچي سگهون“.
عامل جيڪو هاڻي سامت ۾ اچي چڪو هيو ان ڊگهو ساهه کنيو ۽ نجوميءَ کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
”ان شهر جو ميئر ڏنڊي جي زور تي گذريل پنجن سالن کان حڪمراني ڪري رهيو هيو. ڪنهن کي همت نه هئي جو ان کي للڪاري سگھي. ننڍپڻ ۾ نفرتن ۽ محرومين جو منهن ڏسڻ ڪري ان جي من ۾ جيڪا بغاوت جنم وٺي چڪي هئي ان جو اثر اهو ٿيو جو هن کي جانورن سان پيار ٿي ويو. هو جيئن انسانن کي سٺو نه سمجهندو هيو تئين جانورن کي انتهائي سچو ۽ معصوم سمجهندو هيو. هن جو قول هيو ته ”انسان ڪڏهن به جانور ٿي نه سگهندو. جانور ساهوارن جو ترقي يافته نسل آهي“ هن کي اڇي گھوڙي سان ايڏو پيار هيو جيئن ڪو انسان اولاد سان پيار ڪندو آهي. هو ٻڪرين کي منهن تي هٿ ائين ڦيريندو هيو جيئن اهي هن جون نياڻيون هجن ۽ ڳئونءَ جو کير پي ان کي ٻار وانگر ڳراٽڙي پائي روئيندو هيو. هو ڳئونءَ کي چوندو هيو ” تون اولاد کي ڄڀ سان چٽي ٿڻ آڇين ٿي.......... منهنجي ماءُ ڄڻي ڪچري جي ڍير ٿي ڦٽو ڪيو. اها توکان بدتر ۽ نفرت لائق آهي. تون منهنجي ماءَ کان هزار ها درجا بهتر پيار ڪرڻ واري آهين. “
هو اٺن کي وقت جو ولي چوندو هيو ۽ لومڙيءَ کي عالم. هو ڪتي کي لشڪر جو بهترين سپهه سالار ڪوٺيندو هيو. هو چوندو هيو. هرڻي گاهه کائي ٿي انڪري رحمدل محبوبا آهي ۽ شينهن چڱو مڙس آهي جيڪو پيٽ ڀري کائڻ کانپوءِ بک لڳڻ تائين ڪا ذخيرا اندوزي نه ٿو ڪري. هاٿي دنيا جو عزتدار آهي ڇو جو هن جو نڪ باقي مخلوق کان ڊگهو آهي.
هن کي پنهنجي باغ جا سڀ جانور عزيز هيا پر اڇي رنگ جو گھوڙو ايڏو اهم هيو جيئن ان ۾ جادوگر جي طوطي جيان روح سمايل هجي. هو گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ڳالهائيندو هيو ۽ ڄڻ اهو هن جون ڳالهيون سمجهندو هيو. هڪ دفعي گھوڙو بيمار ٿي پيو، ان جي صحتيابي لاءِ هڪ انسان جو صدقو ڏنو. جڏهن گھوڙو چڱو ڀلو ٿيو ته هن شڪراني طور نجي جيل اندر قيد شهر جي لوفرن جي کولين ۾ سوئر ڇڏيا جيئن اهي انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن.
شهر جي ڏکڻ طرف ميئر جو عاليشان باغ هيو جنهن ۾ ڦلدار وڻ هيا. ميئر جڏهن باغ جي دوري تي ويندو هيو ته مندائتا ڦل نه کائيندو هيو. هو چوندو هيو ”مندائتا ڦل ماءُ جي ٿڻن جهڙا بي مزي هوندا آهن“ هو ڪيلو ڇلي کل کائيندو هيو ۽ اڻ مندائتا زيتون هن کي وڻندا هيا. هو بندوق سان پکي ماري باهه تي پچائيندو هيو ۽ ڪتن سان گڏکائيندو هيو.
هڪ هفتو اڳ جڏهن چن جي پهاڙن وٽ محل نما گھر ۾ ستل هيو ته رات جو رڙ ڪري اٿيو. هن وٺي هاءِ گھوڙا ڪئي سڀ اکيون مهٽيندا هن وٽ پهتا. انهن اڳ ڪڏهن به ميئر جي اهڙي حالت نه ڏٺي هئي. ميئر جون اکيون سجيل هيون سرڪاري حڪيم کي گھرايو ويو جنهن ميئر کي تپاسي دلجاءِ ڪئي ته اهڙو مسئلو نه آهي جنهن سان هن جي جان کي خطرو هجي. سڀ ميئر مٿان ڪٺا ٿي فڪرمند نظرن سان ڏسندا رهيا. ميئر جڏهن سامت ۾ آيو ته وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو. حڪيم ادب مان پڇيو .
”خدا خير ڪري ....... سائين جن جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“ ميئر جيڪو پريشان هيو. شوخ نظرون کڻي حڪيم کي ڏٺو ” ها .......... درد ناڪ به آهي ته خوفناڪ به“ . ....
”دلگير نه ٿيو هاڻي ٿا عامل کي گھرايون جيڪو توهان کي تعبير ٻڌائيندو“ .
عامل اڌ رات جو اکيون مهٽيندو اتي پهتو.
پوءِ ميئر سربستو خواب ٻڌايو.
”مون ڏٺو پنهنجي اڇي گھوڙي جي کير جهڙي پٺيءَ تي سوار ٿي ان جي ڳچيءَ ۾ پيار مان ٻانهون وجھي باغ جي وڻن مان ڊوڙائيندو وڃان ٿو. گھوڙو ڄڻ سنگ مر مر جو تراشيل آهي جنهن جي پٺي ٺوٺ ۽ ترڪڻي آهي. مان گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ جيئن ٻانهون مضبوط ڪري جهليان ٿو تيئن پٺيءَ تي ترڪندو وڃان ٿو. مونکي محسوس ٿئي ٿو گھوڙي جي پٺي هيٺان نڪري ويندي ۽ پٽ تي ڪري پوندس. اوچتو اتي موجود سڀ جانور گھوڙي پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا، جيئن مونکي بچائڻ چاهيندا هجن. اٺ، ٻڪريون، لومڙيون، شينهن گڏهه، سوئر ۽ ڳئون مختلف آواز ڪڍندا ڊوڙيندا ويجهو ٿيندا پيا وڃن، پوءِ سڀ گھوڙي پويان هڪ وڏي زيتون جي وڻ چوڌاري ڦرڻ لڳا. هر طرف گوڙ گمسان ۽ جانورن جي ڊوڙڻ ڪري اڏامندڙ ڌوڙ ڦهليل آهي. اوچتو وڻ جا سڀ زيتون ڇڻي هيٺ ڪرن ٿا سواءِ هڪ زيتون جي جيڪو پهچ کان پري مٿي وڻ ۾ لڙڪي رهيو آهي. سڀ جانور غائب ٿي وڃن ٿا مان رڻ جي رولاڪ جيئن وڻ ۾ بيٺل ان اڪيلي زيتون کي ڏسندو رهان ٿو ته اک کلي وڃي ٿي“.
خواب ٻڌي عامل پريشان ٿي ويو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي بيهي رهيو. ”سرڪار توهان لاءِ سٺي خبر آهي“ ان چيو ”توهان جي گھوڙي کانسواءِ سڀ جانور مري ويندا“.
ميئر جيئن ٻڌو ان جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا ۽ نڪ طوطي جي چهنب جهڙو ٿي ويو. هن جڏهن پنهجن پيارن جانورن لاءِ اهڙي خبر ٻڌي ته تپي باهه ٿي ويو. هو ڪڏهن سوچي به نه پئي سگھيو ته هن جي جيئري سندس جانور دنيا مان موڪلائي ويندا. هن کي عامل جي اهڙي تعبير تي ڪاوڙ آئي. هن جلاد کي گھرائي حڪم ڏنو.
”عامل جي زبان وڍي ڪتي کي کارائي وڃي“.
” مان پنهنجي علم موجب سچ ڇئي رهيو آهيان توهان کي اهڙي سزا نه ڏيڻ گھرجي“. عامل احتجاج ڪيو.
ميئر وڌيڪ باهه ٿي ويو. جلاد عامل کي هيٺ دسي ان جو وات کولي زبان ڪٽي هليو ويو. عامل جي واڇن مان رت ائين وهڻ لڳو ڄڻ ڪٺل جانور جو رت پيتو هجي.
ميئر ڪنهن اهڙي عامل کي ڳولهڻ لڳو جيڪو کيس خواب جي سٺي تعبير ٻڌائي. هن کي خبر پئي ته شهر ۾ هڪ ٻيو عامل موجود آهي. جيڪو خوابن جي تعبير ٻڌائي ٿو. هن ڪجهه ماڻهو ان ڏانهن موڪليا جن کيس نياپو ڏنو ته شهر جو ميئر هن جو منتظر آهي. عامل نجوميءَ کي سربستي ڳالهه ٻڌائي ۽ پوءِ دانهيندي چيو. ”هاڻي ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان؟ ان کي ڪيئن مطمعن ڪريان. پهرين عامل ان خواب جي تعبير صحيح ۽ سچي ٻڌائي هئي. خواب جي تعبير اهائي آهي جيڪا هو ٻڌائي چڪو آهي. هاڻي ڪهڙو ڪوڙ ڳالهائي ان کي مطمعن ڪريان. جڏهن ان وٽ ويندس ۽ مون کان به ساڳيو سوال ڪندو ته اهوئي جواب ڏيندس جيڪو اڳ عامل چئي چڪو آهي. مون کي خوف محسوس ٿي رهيو آهي. منهنجي زبان به وڍجي ويندي ۽ زندگي ڀر لاءِ گونگو ٿي ويندس. جيڪڏهن نه ويندس ته ميئر جا غنڊا مونکي اغوا ڪري اتي پهچائيندا ۽ ڪنهن به عزت لائق نه رهندس. تون ٻڌاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ شهر ڇڏي ڀڄي وڃان يا درياهه ۾ ٽپو ڏئي انت آڻيان. صبح سان ميئر سامهون پيش ٿي جواب ڏيڻو آهي. ڪهڙو ڪوڙ ڳالهائي جان ڇڏايان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اهو سوچي من جي مونجهه گهٽائڻ خاطر تاڙي خاني آيس ۽ توسان ملاقات ٿي.
نجومي عامل جو اهڙو احوال ٻڌي سوچ ۾ ٻڏي ويو، پوءِ عامل جي دل جوئي ڪئي ۽ کيس چيو.
” گھٻرائڻ جي ضرورت نه آهي..... چڱائيءَ جي اميد رک“
هن صليب نما ڪليءَ تان طوطو لاهي هيٺ لفافن تي ڇڏيو. طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو ۽ ڀڳل دال جو داڻو چٻاڙيندو واپس وڃي ڪليءَ تي ويٺو. نجوميءَ لفافو کولي رقعو پڙهيو. اتي لکيل هيو.
هر ڪو پنهنجي،
پاڻُ دُکائي
هوا باهه وسائي،
هوا باهه لڳائي.
رقعو پڙهي نجوميءَ عامل جي منهن ۾ ڏٺو. ان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي سندس منجهيل منهن تي ڪئي سوال هيا.
”تنهنجي ڳالهه جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو“ عامل چيو. ٿورو ٻڌاءِ ان جو ڪهڙو مفهوم آهي؟“
نجوميءِ رقعو ٻيهر پڙهيو ۽ پوءِ چيو.
”هوا باهه ٻاريندي به آهي ته باهه وسائيندي به آهي. توهان جي هٿن ۾ آهي جيئن استعمال ڪيو. هوا سان باهه وسايو يا هوا سا باهه ٻاريو. هوا توهان جي زبان جيان آهي. زبان کي صحيح استعمال ڪريو ته ڪامراني قدم چمندي ۽ غلط استعمال ڪريو ته جان جو جوکو ٿي پوندي. زبان توهان جي وس آهي جيئن هلايو. جيئن چوريو. ميئر اڳيان جلد بازيءَ ۾ سوچ ۽ سمجهه کانسواءِ پهرين عامل خواب جي تعبير ٻڌائي زبان وڍرائي. جيڪڏهن ڳالهائڻ کان اڳ ٿورو سمجهه جو مظاهرو ڪري ها ته ان جو حشر اهڙو نه ٿي ها. اهو تو لاءِ اشارو آهي ته سوچ ۽ سمجهه ڌار، زبان کي اهڙي طريقي استعمال ڪر جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به بچي“.
نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي عامل جي منهن تي مرڪ اچي وئي. هو ڪجهه سڪا ڏئي گھر روانو ٿيو. صبح سان ميئر جا ماڻهو اچي عامل جي در تي بيٺا ۽ در کڙڪائي پاڻ سان وٺي ميئر سامهون پيش ڪيائون. ميئر هن کي عزت سان ويهاريو ۽ پوءِ پنهنجو خواب ٻڌايو.
ميئر جيئن خواب ٻڌائي پورو ڪيو ته عامل اٿي هن کي مبارڪ ڏني. ”سرڪار توهان لاءِ سٺي خبر آهي“. هن چيو ” توهان جي پياري گهوڙي جي عمر باغ جي باقي جانورن کان وڏي آهي“. اهو ٻڌي ميئر خوش ٿيو ۽ هن کي انعام ڏئي عزت سان روانو ڪيائين. نجومي اهو ياد ڪري مرڪيو ۽ پوءِ سيني مان اٿندڙ اڌمن ڪري کنگھه ۾ مچي ويو. طوطو ڪنڌ ورائي اکيون ٽمڪائي هن کي ڏسڻ لڳو جيئن بيمار نجوميءَ جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو هجي. نجوميءَ گذريل ڏينهن کي ياد ڪري حسرت مان اڳيان وڇايل لفافن کي ڏسندو رهيو. هن وقت گذارڻ لاءِ سامهون پيل لفافن مان هڪ ڪڍي کولي پڙهيو ۽ ڪن خيالن ۾ گم ٿي ويو.
هن تاڙي خاني ٻاهران روڊ ڪناري ڪيترن ئي قسمت جي ماريلن لاءِ اهو رقعو ڪئي دفعا پڙهيو هيو پر ان پويان سڀ کان يادگار واقعو صحت کاتي جي هڪ دفتريءَ سان پيش آيو. هن کي ياد هيو، صحت کاتي جو دفتري جيڪو خودار شخص هيو. ان خوداري ڪري ڏاڍو ڀوڳيو. هن پنهنجي عزت نفس کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو ۽ هر تڪليف کي مڙس ٿي منهن ڏنو. جڏهن ان جون تڪليفون وڌي ويون ته من جي آنڌ مانڌ کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙيءَ جا ٻه چار گلاس اوتيا ۽ جڏهن ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. اهي سياري جا ڏينهن هيا. هر ڪنهن جي وات مان ٻاڦ ائين پئي نڪتي جيئن سينن اندر ڏک جا ڪوئلا ٻرندا هجن. اهو نجوميءَ وٽ آيو. نجوميءَ ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو. جسم ۾ سنهو هجڻ ڪري دفتريءَ جو ڪوٽ ڍلو چادر جهڙو پئي نظر آيو. ان کي اڌ چپن تي ڦهليل مڇون هيون. اهو نجوميءَ ڀرسان ويٺو. ”مونسان ويڌن آهي“ هن چيو ”جيڪڏهن بيان ڪيان ته ان جو حل ڪڍي سگهندين؟“.
”طوطو لفافو ڪڍندو آهي ۽ مان وضاحت ڪندو آهيان“. نجوميءَ چيو.
”منهنجو مسئلو تمام منجهيل آهي.“
ٿي سگهي ٿو ڪو ڏس ڏئي وجهان“.
دفتريءَ نجوميءَ کي سموري ڳالهه ٻڌائي.
”اهو شهر جي صحت کاتي جو ملازم هيو، جيڪو بيمارين ۽ دوائن جو حساب ڳاڙهي جلد واري بنديءَ ۾ شمار ڪندو هيو. جيئن ضروري وقت ڪارڪردگيءَ کي ڪنهن اڳيان ظاهر ڪري سرخرو ٿي سگهجي. هو عمارت جي مک دروازي وٽ هڪ ننڍي ڪمري ۾ ٽيبل ڪرسي رکي ڳاڙهي جلد واري بندي کولي ڪم ۾ مشعول هوندو هيو. پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ سليقي سان ڪندو هيو. هن نه ڪڏهن رشوت ورتي نه ڏني. صبح جو سوير پهچي ويندو هيو ۽ شام تائين ڪم پورو ڪري روانو ٿيندو هيو. سڀ کي عزت ڏيندو هيو ۽ احترام سان ملندو هيو. هن جي دل ۾ ڪنهن لاءِ نفرت نه هئي. هو ظاهري ڏيکاءَ جي خلاف هيو. هو چوندو هيو. ” نيڪي ڪيو ۽ ظاهر نه ڪيو“ چاپلوسي ۽ لونجهه عزت جي ٻيڙيءَ ۾ ٽنگ ڪرڻ برار آهي.
دفتري عمر جو ڳچ حصو ان محڪمي ۾ گذاري چڪو هيو . محڪمي جا ڪئي سربراهه آيا ۽ ويا پر هو ساڳي ڪمري اندر ڪم ۾ مصروف رهيو. شايد ان غير اهم ڪم لاءِ هن کي بدلي ڪرڻ جو خيال ڪنهن کي ذهن ۾ نه آيو. هن جو ڏکيو سکيو وقت گذريو پئي. وقت جي سرڪار پاران ايترو ملي ويندو هيو جو هن جو گذر سفر ٿي ويندو هيو.
اتي اهڙو سربراهه بدلي ٿي آيو جيڪو سخت ۽ مغرور هيو. اهو سرڪاري موٽر گاڏيءَ ۾ ايندو هيو ۽ آڪڙ مان دفتر ۾ داخل ٿيندو هيو. ان کي اڇا اجرا ڪلف لڳل ڪپڙا پاتل هوندا هيا ۽ مٿي تي ترڪي ٽوپي پاتل هوندي هئي. دفتر ۾ داخل ٿيڻ سان ان کي ڏسي هر ڪو اٿي بيهندو هيو. جيئن ته دفتريءَ جو ڪمرو عمارت جي داخلي دروازي وٽ هيو پر ڪرسيءَ تي ڪنڌ هيٺ ڪري لک پڙهه ۾ مصروف هوندو هيو. جڏهن سربراهه اتان لنگهيندو هيو ته دفتري ڪرسيءَ تان اٿي ان جو استقبال نه ڪندو هيو. ڪڏهن ويٺي سلام ڪندو هيو جيڪا ڳالهه سربراهه کي پسند نه هئي. هو دفتريءَ کي بدتميز ۽ هوڏي سمجهڻ لڳو. سربراهه هڪ ٻن ماتحتن کي ان متعلق دانهن پڻ ڏني ته ”ان وٽ مون لاءِ ڪا به عزت نه آهي. دفتر جو هر فرد اٿي بيهي ٿو پر اهو دفتري وڏو نالائق ۽ ناسمجهه آهي جنهن کي منهنجي عزت جو ڪو خيال نه آهي“.
ماڻهن دفتريءَ کي اها ڳالهه ٻڌائي.
”سربراهه تومان خوش نه آهي. هر ڪنهن کي تنهنجي نه اٿڻ جون شڪايتون پيو ڪري“
دفتريءَ اهو هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو. ڇو جو هن وٽ ان ڳالهه جي ڪا وقعت نه هئي. اهو هن جي خوداريءَ جي خلاف هيو ته جڏهن سربراهه لنگهي ته هو ڪم ڇڏي اٿي بيهي. دفتر جا سڀ ماتحت سربراهه جي ڪمري ۾ وڃي ويهندا هيا ۽ هر ڪم جي تعريف ڪري هن جي وڏائي بيان ڪندا هيا پر دفتري نه سربراهه جي ڪمري ۾ ويو ۽ نه ڪڏهن تعريف ڪئي.
سربراهه هڪ ڏينهن سرڪاري گاڏيءَ مان لٿو ۽ هن کي ڪم ۾ مصروف ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي ڪمري ۾ ويو.
”توکي شرم نه ٿو اچي........ تو وٽ ايترو لحاظ به نه آهي جو دفتر جو سربراهه لنگھي ٿو ان جي احترام ۾ اٿي بيهين. ڇا تنهنجيون ڄنگھون ڀڳل آهن؟ يا جوڙن ۾ سور اٿئي؟ توکي ڪنهن جي عزت جو خيال نه آهي؟ ”سربراهه ڪاوڙ ۾ وڦلڻ لڳو
”سائين توهان کي غلط فهمي ٿي آهي“ دفتريءَ چيو ” مون وٽ ڪم ايڏو ته گھڻو هوندو آهي جو مٿي کنهڻ جي مهلت نه ملندي آهي ان هوندي به توهان کي سلام ڪندو آهيان، رهيو سوال اٿي بيهڻ جو، جيڪڏهن هر هر اٿي بيهندس ته ڪم مان ڌيان هٽندو ۽ فرض چڱي نموني نڀائي نه سگھندس“.
هن جي وضاحت تي سربراهه ويتر چڙي ويو.
”جيڪڏهن سلام ڪندو آهين ته ڇا مونتي احسان ڪندو آهين، تو وٽ ڪم گھڻو آهي ته ڇا ٿيو. عزت ڪرڻ به ته ضروري آهي“
سربراهه بدشد ڳالهائيندو هليو ويو ۽ هو ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. انهن ڏينهن دفتريءَ جي زال ڳورهاري هئي. ويم جو وقت ويجهو آيو ته موڪل جي درخواست لکي سربراهه وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين ” ٻن ڏينهن جي موڪل عنايت ڪئي وڃي. زال ويم کي ويجهي آهي. متان ان کي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پوي“.
سربراهه اهڙي موقعي جي ڳولها ۾ هيو. ان درخواست وٺي پڙهي واپس منهن ۾ وهائي ڪڍيس.
”سال جا آخري ڏهاڙا آهن. دفتر جي ڏيتي ليتيءَ جو شمار نئين سال کان اڳ مٿي سرڪار تائين پهچائڻو آهي. اڄڪلهه موڪل بند آهي ٻئي دفعي اچجان ته ڏسنداسين“.
دفتري ڪجهه نه ڳالهايو. درخواست کڻي واپس موٽي آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. سربراهه سمجهيو شايد ان اهڙي سخت رويي مان سبق حاصل ڪيو هوندو. پر دفتري اصولن تي اٽل رهيو. سربراهه جي اچڻ تي اٿي نه بيٺو. سربراهه به ان کي عزت جو سوال بڻايو ۽ ويو دفتريءَ سان چيٽ پوندو. هڪ ڀيري ڪاوڙ مان اردليءَ کي حڪم ڏنو.
”اهو دفتر مان وڃي ته ان جي ڪرسي کڻائي گم ڪري ڇڏ، جيئن مان صبح جو اچان ته اهو بيٺل نظر اچي“.
ان ڏينهن دفتريءَ جي وڃڻ کانپوءِ اردليءَ ان جي ڪرسي لڪائي ڇڏي. صبح سان دفتري ڪمري ۾ پهتو ته ڪرسي نه ڏسي پريشان ٿي ويو. هن پڇا ڪرائي پر کيس ڪو خاطر خواهه جواب نه مليو. هو ڪمري ۾ اچي ٽيبل وٽ بيهي رهيو ۽ پوءِ چڪر هڻي سوچڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪرڻ گھرجي. هن کي ڪو رستو نظر نه آيو. هو بوٽ لاهي ٽيبل تي چڙهي پلٿ ماري ويهي رهيو. دفتر جو سربراهه اهو سوچيندو عمارت ۾ داخل ٿيو ته دفتري اڄ ڪرسي نه هجڻ ڪري بيٺل هوندو، پر جڏهن ڏٺائين پلٿ ماري ٽيبل تي ويهي ڪم ۾ مصروف آهي ته هن جون وايون بتال ٿي ويون. هر درٻاهران بيهي هن کي ڏسڻ لڳو. دفتريءَ ڳاڙهي بنديءَ تان نظرون هٽائي هن کي ڏسي سلام ڪيو پر ڪاوڙ مان سلام جو جواب ڏيڻ بجاءِ اڳتي وڌي ويو.
سربراهه دفتريءَ کي سبق سيکارڻ جو پڪو پهه ڪيو هيو. هن هڪ خط ذريعي بالا آفيسر کان ان ڳالهه جي اجازت طلب ڪئي ته ڇو نه دفتريءَ جي پگھار بند ڪئي وڃي، ڇو جو هو نالائق ، ڪم چور ۽ عزت لائق نه آهي. هن کي ننڍي وڏي جو احترام نه آهي، سڄو ڏينهن دفتر ۾ واندو ويهي چانهه پيئي ٿو جنهن ڪري دفتر جو ماحول خراب ۽ ڇڙواڳ ٿي ويو آهي. ڇو نه ان کي سزا ڏئي راهه راست تي آندو وڃي جيئن ٻيا ان مان سبق حاصل ڪن ۽ دفتر جو ڪارو وانهه دستور موجب هلي سگهي“.
دفتريءَ کي جڏهن اها خبر پئي ته هن کي پهريون دفعو پيشانيءَ تي گھنج پيا ۽ ٿڌهوندي به نرڙ تي پگھر جون بوندون چمڪڻ لڳيون. هن سوچيو. اهڙن ضرورت جي ڏينهن ۾ جڏهن هن جي زال ڳورهاري آهي، پئسي جي ضرورت پئجي وئي ته ڪهڙو حال ٿيندو؟ ڪير هن جي مدد ڪندو؟ اهو سوچي هو ڏاڍو پريشان ٿيو. قلم ڳاڙهي بنديءَ ۾ رکي ٽيبل تي ويهي سودائن ۾ ويڙهجي ويو. هن محسوس ڪيو جيئن سربراهه جي ترڪي ٽوپي مٿان لڙڪندڙ ڌاڳي دار ڪارو گل ڪنهن ڪاريهر ۾ تبديل ٿي ويو هجي ۽ ان جي ڪلهن تان رڙهندو هيٺ لهي فرش تي هلندو هن جي ڪمري ۾ اچي، ٽيبل تي چڙهي ڦڻ ڪڍي زبان سان چڙائيندو هجي. هو ڊڄي ويو. رزق جا دروازا بند ٿيندو ڏسي وقت کان پهريون بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳو. هن کي لڳو سندس آڱريون ڪٽجي ڪري پيون هجن. قلم سنڀالڻ جي قابل نه رهيو هجي. هن پيڙا ۽ پريشانيءَ کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو جيئن ٻه چار گلاس پي ڏک ۽ وسوسن کان آجو ٿي سگھجي. جڏهن تاڙي خاني کان ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي“.
نجوميءَ سربستو حال ٻڌي هن کي دلداري ڏيندي چيو..
”فڪر نه ڪر..... رب پاران هر ڳالهه ۾ چڱائي هوندي آهي“.
نجوميءَ صليب نما ڪليءَ تان طوطو آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو، طوطي چڪر هڻي هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪيو. نجوميءَ لفافو کولي رقعو پڙهيو اتي لکيل هيو.
سڪون،
سانت ۾ هوندو آهي،
لوڏن ۾ نه،
عزت،
دل ۾ هوندي آهي..
گوڏن ۾ نه!
دفتريءَ ٻڌو پر ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي،
”جيڪڏهن وضاحت ڪرين ته آساني ٿيندي“. هن چيو.
نجوميءَ هن کي ڌيرج سان سمجهايو.
”تون اجايو پاڻ کي لوڏن ۾ وجهي سڪون تباهه ڪيو آهي. خوداري سٺي ڳالهه آهي پر جڏهن ان کي انا جو مسئلو بڻايو وڃي ته اندرجي ماٺ ختم ٿي وڃي ٿي. پريشانيون پڙپون ٿيون. اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته عزت گھربي نه پر ڪئي ويندي آهي. عزت ڪردار جي ترجمان آهي جيڪا پنهنجو پاڻ ٿي ويندي آهي. عزت جي جاءِ دل ۾ آهي گوڏن ۾ نه. جيڪڏهن سربراهه جي اچڻ وقت اٿي بيهندين ته تنهنجا گوڏا گسي ڪونه ويندا. تنهن جي دل ڀل ان جي عزت کان خالي هجي پر جاهل ڏيکاءُ تي خوش ٿئي ٿو. هن کي عزت جي وصف جي خبر نه آهي هو عزت کي ائين سمجهي ٿو جيئن ڪاسائي گوشت ڪٽي تارازي ۾ توري وڪڻندو هجي. جيڪڏهن تنهنجا گوڏا ان جي عزت ڪندا ته اها ان لاءِ عزت نه هوندي. انڪري اٿي بيهڻ سان تنهنجي خوداريءَ تي ڪو اثر نه پوندو. ڪوشش ڪري جڏهن اهو اچي ته اٿي بيهه. تون لوڏن کان بچي ويندي“.
دفتريءَ کي نجوميءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ مرڪڻ لڳو. بي چيني گھٽجي وئي جنهن ڪري پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو. هن ڪجهه سڪا نجوميءَ کي ڏنا ۽ گھر روانو ٿيو.
صبح سان دفتر وڃي ٽيبل تي پلٿ ماري ويهي رهيو ۽ ڳاڙهي بندي ۾ قلم وجهي پاسي رکي سربراهه جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. سربراهه سرڪاري گاڏيءَ مان لهي عمارت ۾ داخل ٿيو ۽ هن جي ڪمري ٻاهران پهتو. دفتريءَ هن کي ڏسي ادب مان ٽيبل تي اٿي بيهي رهيو ۽ نرڙ تي هٿ رکي سلام ڪيو. سربراهه ٽيبل تي بيٺل دفتريءَ ڏي جيئن ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو ته هن جي ٽوپي وڃي هيٺ ڪري، پر هو خوش ٿيو. ڇو جو دفتريءَ کي عقل اچي ويو هيو ۽ هن کي ڏسي اٿي بيٺو هيو. اردليءَ ٽوپي ڇنڊي سربراهه کي ڏني ۽ هو مٿي تي پائي مرڪندو هليو ويو.
نجوميءَ کي هر لفافي پويان سڀ واقعا ياد هيا. هن کي اهي لفافا ڏاڍا عزيز هيا. زندگيءَ جو عظيم سرمايو هيا. روزگار ۽ وندر جو سامان هيا. بيماريءَ هن کي منجهائي وڌو هيو. هن جي دل اڃان چاهي پئي ته تاڙي خاني ٻاهران وڃي ويهي، ماڻهن جا حال ٻڌي ۽ انهن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري پر هن جي هيڻي جسم ۾ اها شڪتي نه بچي هئي.
هن وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو ڪڍي پڙهيو. هن کي اهو نوجوان ياد آيو جيڪو هڪ فقير جو پٽ هيو. ان جي پيءَ سان ويساهه گھاتي ٿي هئي. ان جو پيءُ ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ هيو جيڪو مٿي تي اڇي ٽوپي پائيندو هيو ۽ ڪاري سٿڻ تي ميرانجھڙو ڪڙتو اوڍيل هوندو هيو. ان فقير متعلق اهي افواهون هونديون هيون ته ان پيرين پنڌ ست حج ڪيا آهن. هو هر دفعي ٻوري ڀڳڙن جي ڪلهي تي کڻي حج لاءِ نڪرندو هيو ۽ منزلون جهاڳيندو اتي پهچندو هيو. جڏهن ڪجهه سالن کانپوءِ گھر ايندو هيو ۽ ماڻهو هن کي دعا لاءِ چوندا هيا ته جواب ۾ هو چوندو هيو.
”الاراضي“
انڪري هن کي هر ڪو ”الا راضيءَ“ جي نالي سان سڏيندو هيو. هو رات جو ٿالهه کڻي محلي ۾ پنندو هيو. هن کي ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي. هر گھر جو در ٽپي سين هڻڻ بجاءِ وڏي آواز ۾ ڪلمو پڙهندو هيو. گھر ڀاتي سمجهي ويندا هيا ته الاراضي آهي جيڪو خير وٺڻ آيو آهي. ماڻهو ٿال ۾ خيرات ڏيندا هيا، جنهن ۾ چانور، ڀاڄي ۽ مانيون هونديون هيون. هو خيرات وٺي وڏي آواز ۾ چوندو هيو. ”الا راضي“ مائرون خيرات ڏئي ڪڏهن بيمار پيل ٻار کي هن آڏو آڻي چونديون هيون.
” ڪاڪا صلوات پڙهي شوڪارو هڻيس ته صحت ياب ٿئي“.
هو آيت پڙهي چپ گول ڪري ٻار کي منهن تي ڦوڪ ڏيندو هيو ۽ ٻار جون اکيون چپن مان نڪرندڙ هوا ڪري بند ٿي وينديون هيون. انهن ڏينهن شهر جي گھٽين ۾ تيل تي ٻرندڙ فانوس، سار سنڀال نه هجڻ ڪري وسايل هوندا هيا. گھٽين ۾ اوندهه هوندي هئي. ڪتن جا ڏاڙهيل ٻار حڪيم خانن ۾ زخمن تي ساوا مرچ ٻڌي ليٽيل هوندا هيا ۽ پاڻيءَ کان ڇرڪي نيٺ چريا ٿي مري ويندا هيا. رات جو اوندهه ۾ جڏهن ڪتا ڀونڪندا هيا ته الاراضي لڏندڙ ڀاڇي جيان ظاهر ٿيندو هيو ۽ هو بي خوف هلندو گھر گھر وڃي ونڊ وٺندو دير سان جڏهن وڏي ميدان وٽ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهچندو هيو ته هڪ پوڙهي زال ۽ نوجوان پٽ جيڪو بيروزگار هيو اتي انتظار ڪندا هيا. اهي ونڊهان مليل ماني کائي رب جو شڪر ڪندا هيا، پر ڪنهن رات انهن کي نرهه به سمهڻو پوندو هيو. هڪ رات ائين ٿيو جو، الا راضي جڏهن ونڊ وٺي وڃي رهيو هيو ته پاڙي جا ڪجهه ٻار گھٽيءَ ۾ کيڏي رهيا هيا. جڏهن هو انهن وٽان لنگهيو ته هڪ ٻار کي ڪا حرڪت ذهن ۾ آئي. هن گھران ٿالهي کڻي ٻاهر اچي مٽيءَ سان ڀري پوڙهي فقير جي ٿالهه ۾ وڌي.
”اچي .......... خير وٽ الاراضي“ ان شرارتيءَ چيو.
اوندهه ۾ فقير کي ڪجهه نظر نه آيو. ٻار کي دعائون ڏنائين.
”الا راضي......... مولا حياتي ڏيئي“ . هن چيو.
جڏهن ٻيا کلياته هو سمجهي ويو ته ڪاويڌن ٿي آهي. هن ٿالهه مان چانور چکيا ته ان ۾ ڪچ ڪچ محسوس ٿي. هو ڪاوڙجي پيو. ”اڙي ڇورا........ ڪامار پوئي.. ڪاڌوڙ پوئي.. هي ڇا ڪيئي، هاڻي ٻچا ڇا کائيندا؟“ هن چيو.
پوءِ ڏک ۾ چنگھندو ائين هلڻ لڳو ڄڻ هٿن ۾ ٿالهه نه پر ڪو ٻوجهه جهليل هجي جنهن کي کڻندي ٿڪجي پيو هجي.
الاراضي ڪڏهن ڪنهن لاءِ برو نه سوچيو.. دل جو صاف ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ هيو. پاڙي جا ڇوڪرا ڏنگا ۽ گھر کان واندا هيا. اهي اسڪول کان موٽي رات دير تائين گھٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندا هيا. گھرن ۾ سک جو سامان نه هيو. گرمين ۾ هرڪو گھر کان ٻاهر نڪتل هوندو هيو. ٻار به دير سان رلي گھر موٽندا هيا. هڪ دفعي الاراضيءَ کي ڀريل ٿالهه هٿن ۾ هيو. هو وچ گھٽيءَ ۾ هلندو جڏهن ٻارن وٽ پهتو ته ٻه چار ڇوڪر جيڪي بدمعاش قسم جا هيا، انهن وڃي هن جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. گھٽيءَ ۾ گھڻي اوندهه هئي ڪا شيءِ نظر نه پئي آئي. انهن هن کي چيو.
”اچ فقير مائي سڏئي ٿي.... توکي خير ڏيندي“.
انهن ڏينهن پاڙي ۾ مٺي پاڻيءَ جي لائين وڇائڻ لاءِ کڏا کوٽيل هيا. هڪ کڏو پاڻيءَ سان ڀريل هيو. ڇوڪرن هن کي ٻانهن کان وٺي وڃي پاڻيءَ سان ڀريل کڏي ۾ اڇلايو. هو ڪلهن تائين ٻڏي ويو. چانور، مانيون ۽ ترڪاري گندي پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳا. هن رڙيون ڪيون.
”اڙي رب خانو خراب ڪريوَ. ڌوڙ پئيوَ. گھوڙا ڙي ٻاهر ڪڍو“.
پاڙي جا چڱا مڙس گھرن مان نڪتا. پوڙهي کي ٻاهر ڪڍي ڇورن کي ڇنڊ پٽيائون. فقير آلن ڪپڙن ۾ گرمي هوندي به سيءَ ۾ پئي ڏڪيو. ماڻهن هن کي اگھي ٿالهه ۾ ٻيا چانور وجهي گھر روانو ڪيو. هو پوءِ وري دعائون ڏيندو هليو ويو.
هڪ ڏينهن ان پوڙهي فقير جو پٽ پريشانيءَ جي حالت ۾ تاڙي خاني اندر ويو. ٻه چار گلاس پي پريشاني گھٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. نجوميءَ کي ڏسي ان وٽ اچي ويٺو ۽ پنهنجي پريشاني ظاهر ڪيائين.
”ڇا تو وٽ هر مسئلي جو حل آهي؟“ ان چيو.
نجوميءَ نوجوان کي نهاريو ۽ ڏسي ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان فقيراڻي ٻار کي ڪهڙي پريشاني ٿي سگهي ٿي.؟
”تون مسئلو ٻڌاءِ... متان ڪو حل نڪري اچي“. نجوميءَ چيو.
” ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس منهنجي پوڙهي پيءُ کي پڪڙي جيل ۾ وڌو آهي. هن جو ڪو ڏوهه نه آهي. هو ونڊ وٺندڙ فقير آهي ۽ هن جي چپن تي هر وقت دعائون هونديون آهن. هن جي من ۾ ڪامدائي نه آهي. هو نيڪ مرد عبادتگذار الحاج بزرگ آهي. جيل وڃڻ کانپوءِ ان لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان. غريب ۽ لاوارث آهيان. نه ڪا ڏيٺ ويٺ آهي نه ڪنهن جو سلامي آهيان. نه مون وٽ پئسا آهن جو ڪيس وڙهي ڇڏائي سگھان. بي گناهه پيءَ زندگيءَ جا پويان ڏينهن جيل اندر عذاب ۾ گذاري رهيو آهي. ان جي معصوميت ۽ بيگناهي کي ڪيئن ثابت ڪريان. ان جي ڪا به مدد نه ٿو ڪري سگهان. مان مجبور ۽ مايوس آهيان“.
نوجوان چيو ۽ اهو روئڻ لڳو.
”تنهنجي پوڙهي پيءُ کان آخر ڪهڙو گناهه ٿيو آهي؟ نجوميءُ پڇيو.
” هن جو ڪو ڏوهه نه آهي“ نوجوان چيو، ”ڏوهه ان مائيءَ جو آهي جيڪا محلي ۾ رهي ٿي ۽ پوڙهي جي ٿالهه ۾ ونڊ وڌو“.
”ڳالهه کولي ٻڌاءِ جيئن سمجهه ۾ اچي“ نجوميءَ چيو.
نوجوان هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
جن ڏينهن پوڙهو فقير ونڊ وٺندو هيو. هن کي هر گھر جي حيثيت آهر ونڊ ملندو هيو. ڪنهن گھر مان ديسي گيهه ۾ ڀڳل گوشت ملندو هيو ته ڪٿان پاڻيءَ ۾ اٻاريل بي ذائقي ترڪاري. ڪٿان روغني نان ملندو هيو ته ڪٿان سڪل ماني. ڪٿان ڊگهاسين جهڙا چانور ملندا هيا ته ڪٿان پڪل ڏارو. فقير کي جيڪي ملندو هيو ٿالهه ڊگهو ڪري شڪر سان قبول ڪندو هيو. هن وٽ اڻڀي سڻڀي جو ڪو تفاوت نه هيو.