ناول

نجومي

هن ناول جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.“
  • 4.5/5.0
  • 2754
  • 1212
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نجومي

10

نجوميءَ کي سڀ واقعا ياد هيا. هن اڳيان پيل هر لفافي اندر هڪ دنيا ويڙهيل هئي. اتي جيئرا انسان دفن هيا. جن جا گڏيل آواز گوڙ جيان هن جي ڪنن ۾ گونجي رهيا هيا.
نجوميءَ کي پڪ ٿي وئي ته هن کي حياتي هاڻي ايتري مهلت نه ڏيندي جو هو وري لفافا کڻي تاڙي خاني ٻاهران ويهي طوطي کان ڪڍرائي سگھي. هو حد کان وڌيڪ هيڻو ۽ اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي ويو. هن سامهون ويٺل طوطو گول اکيون مچڪائي ڏسي ڄڻ ڪئي سوال ڪندو هيو، ان جي اکين ۾ اهڙا سوال هوندا هيا جن جا جواب هن وٽ نه هيا. ڄڻ طوطو سمجهي چڪو هيو ته اهو نجوميءَ جو آخري وقت آهي ۽ هاڻي اهي گذريل گھڙيون وري ڪڏهن ڪين اينديون جو هو هن سان گڏ تاڙي خاني ٻاهران ويهي چهنب سان لفافا ٻاهر ڪڍي دال جو داڻو کائي سگهندو.
نجوميءَ سوچيو، هن سڄي زندگي ٻين جا لفافا ڪڍي قسمت جو حال ٻڌايو آهي. اڄ ڇو نه پنهنجي قسمت جو لفافو ڪڍي اهو ڄاڻي سگھي ته هن جي بچيل بيمار زندگيءَ جو انت ڪٿي آهي؟ ڇا هو لفافا هڙ ۾ وجهي تاڙي خاني ٻاهران ويهي سگھندو؟ يا هو ڪنهن لفافي ۾ بند ٿي قبر ۾ دفن ٿي ويندو؟ اهو سوچي نجوميءَ طوطي کي آڱر تي ويهاريو ۽ پوءِ سامهون پيل لفافن مٿان ڇڏيو. طوطو لفافن مٿان لهي ڪنهن ويچارن ۾ ويڙهيل مفڪر جيان چيلهه پويان ٻانهون ڏئي هيٺ ڪنڌڪري چڪر هڻندو رهيو. طوطي کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو لفافو ڪنهن لاءِ ڪڍي رهيو آهي؟ اتي ٻيو ڪو به شخص نه هيو. طوطو پريشانيءَ جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن گھمندو رهيو. جيئن هو نجوميءَ جي نه پر پنهنجي قسمت جو لفافو ڳولهيندو هجي. نجوميءَ جڏهن ڏٺو ته طوطو لفافو ٻاهر ڪڍندي دير ڪري رهيو آهي ته هن هشڪر ڏني. طوطي مالڪ جي مرضيءَ کي ڄاڻي هڪدم لفافو سوري باهر ڪيو. نجوميءَ جڏهن پنهنجي قسمت جو لفافو کولي پڙهيو ته هن جي رڙ نڪري وئي. هن ڏٺو اتي اهو ساڳيو رقعو موجود هيو. جيڪو ڪڏهن اهڙي شخص جي قسمت ۾ نڪتو هيو جنهن کي تاڙي خاني ٻاهران بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو هيو. اهو ٿيڙ کائيندو تاڙِي خاني مان ٻاهر نڪتو هيو. هو جانٺو جوان هيو جيڪو جسم ۾ ڀريل ۽ قداور هيو.
نجوميءَ کي ياد هيو. شام جي پهر شمس آباد واري پاسي کان ڪجهه ماڻهو ڪهاڙيون کڻي انکي ڊيڪائيندا پئي آيا، اهو جوان تاڙِي خاني ٻاهران ڪنهن شيءِ ۾ وچڙي ڪريو ۽ ان مٿان ڪهاڙيون اڀيون ٿي ويون. رت جا ڇنڊا هر طرف مينهن جي ڪڻين جيان وسوڻ لڳا. ان جو لاش رت ۾ سڻڀو ٿي ويو. ان جي چچريل منهن تي اڻڀا وار هيا. ان جون اڌ کليل اکيون آسمان کي گھوري رهيون هيون. اهو منظر ياد ڪري نجوميءَ جو جسم ٿڌو ٿي ويو. سامهون واري ڀت تي موت ڪاري پاڇي جيان نچندي محسوس ٿيو. هن کي لڳو هاڻي هو مهمان آهي. هن جو موت ويجهو آهي. طوطو ڪمري جي ڪنڊ ۾ منڍي ورائي کنڀن ۾ وجهي هڪ ڄنگهه تي بيهي رهيو. نجومي حياتيءَ مان مايوس ٿي ويو. هن ڀت کي ٽيڪ ڏني ۽ اکيون بند ڪري ويهي رهيو. هو تصور ۾ ان جا نٺي جوان متعلق سوچڻ لڳو. جنهن کي قتل ڪيو ويو هيوجيڪو ڏاڍو ڊنل ۽ هيسيل هيو. اهو پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ تاڙي خاني ۾ آيو هيو ۽ جڏهن ٻاهر نڪتو ته ان جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
”مان هڪ ظالم شخص آهيان“. ان چيو ” مان اهو بدنصيب آهيان جنهن هٿان هن جي محبوبا قتل ٿي وئي. اهو سڀ حادثو هيو. مون کي ان سان عشق هيو. مون ان کي قتل ڪرڻ نه پئي چاهيو پر مون کان قتل ٿي وئي. مون لاءِ اهو ڏک ائين آهي جيئن ڪو پهاڙ سيني ۾ کڻي جيئندو هجان. مان مايوس ۽ پريشان آهيان. ان ندامت جي احساس ڪري منهنجو ڪنڌ جهڪيل آهي. ڇوڪريءَ جا مالڪ منهنجي ڳولها ۾ آهن جيڪڏهن مان انهن جي هٿ چڙهي ويس ته اهي جيئرو نه ڇڏيندا. منهنجو من خوف سان ڀريل آهي. ڇا تون مونکي ٻڌائي سگھندين ته ان خوف جو انجام ڪهڙو ٿيندو. ڇا مان مري ويل محبوبا جي ندامت واري احساس ۾ تڙپي زندگي گزاري ڇڏيندس؟ منهنجي دل چوي ٿي آپگھات ڪري زندگيءَ جو انت آڻيان يا پاڻ کي انهن بگھڙن حوالي ڪري ڇڏيان جيڪي مونکي ختم ڪرڻ لاءِ مون پويان ڊوڙِي رهيا آهن“.
نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي پوءِ پاڻ وٽ ويهاريو.
”ڳالهه کولي ٻڌاءِ ته ان تي سوچي ڪجهه ڪري وجهون“. نجوميءِ چيو .
اهو جوان ڳوٺ آرياڻيءَ جو رهاڪو هيو. جيڪو ان شهر جي واهڻ ۾ واقع هيو. آرياڻيءَ ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو آباد هيا. ان جو عشق هڪ ٻئي ذات جي ڇوڪري سان ٿيو.
جوان وٽ وڏڙن کان مليل ڪجهه زمين هئي جيڪا هن جي آمدنيءَ جو ذريعو هئي. هن وٽ ڪميت گھوڙو هيو جنهن تي هو ڪلهي ۾ دونالي بندوق پائي ويهندو هيو. سانجهيءَ وقت هو ڊوڙندڙ گھوڙي تي ٻنين مان لنگھندي ائين نظر ايندو هيو جيئن اڇي جهڙ جو ٽڪر هوا ۾ اڏامندو پيو وڃي. هو ڪڏهن واهه جي ڪڙ تي ويهي رومال سان دوناليءَ کي صاف ڪندو هيو ۽ ڪڏهن سڌي ڪري کجين تي ويٺل وهين کي وهائي ڪڍندو هيو. وهيا مينهن جيان وسي هيٺ ڪرندا هيا. هو دلير ۽ بهادر شخص هيو.
واهه جي ڪناري کان ٿورو پري ڪمند جي پوک ۾ هو محبوبا جو انتظار ڪندو هيو. جڏهن ڀرسان ڪميت اڳين ٽنگ سان زمين کرڙيندو هيو ته هو سمجهي ويندو هيو ته اها اچڻ واري آهي. هن جي محبوبا پير پير ۾ ڏئي لڪندي هن جي پوئين پاسي کان ڦرندي اچي اکين تي هٿ رکندي هئي ۽ هو ان کي ڇڪي ويڻي ۾ هٿ وجهي ورائي هنج ۾ ڦٽو ڪندو هيو. هوءُ ٽهڪ ڏيندي هئي هو هٿ ان جي وات تي رکندو هيو.
”خيال ڪر“ هو چوندو هيو. ”تنهنجا ٽهڪ بندوق جي گولين کان به تيز ٿي سگھن ٿا“.
هڪ دفعي ڇوڪريءَ سوال ڪيو.
”اسان ٻنهي وچ ۾ ذات ڪاري نانگ جيان بيٺل آهي، ڇا اسان جو ميلاپ ٿيندو“؟
هن جي اهڙي سوال تي منجھي پيو.
”مان اها ڀت ڪيرائي وجهندس“ هن چيو ” مان رواج موجب ماڻهو موڪلي تنهنجو سڱ گھرندس“.
ڇوڪري سوچ ۾ پئجي وئي.
”جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ”؟ هن وري سوال ڪيو.
”مان توکي کڻي هليو ويندس“ هن چيو ”اهڙي هنڌ رهائيندس جتي ذاتين جو وجود نه هجي“.
هنن ٻنهي ڀرسان ڪميت ڪنهن فرشتي جيان بيٺل هوندو هيو. جڏهن اوڏانهن ڪو اچڻ وارو هوندو هيو ته ڪميت هڻڪي اڳيون ٽنگون مٿي ڪري ڌرتي تي هڻندو هيو ۽ هن جي محبوبا هن کا الڳ تي ڪمند جي فصل ۾ گم ٿي ويندي هئي.
کجين جي باغ ۾ ويڙهيل آرياڻي ڳوٺ ۾ صدين کان ڪيترا قبيلا آباد هيا پر اهي پنهنجي ذات کانسواءِ ٻاهر سڱ ڏيڻ پنهنجي گھٽتائي سمجهندا هيا. اهو انهن لاءِ غيرت جو مسئلو هيو ته سندن قبيلي جي ڪا عورت ڌاري ذات ۾ پرڻجي. اتي غيرت جي مسئلي تي ڪهاڙيون اڀيون ٿينديون هيون ۽ ڇاتيون گولين سان پروڻجي وينديون هيون. ان جا نٺي جوان کي اها ڄاڻ هئي ته ان ڇوڪريءَ کي هٿ ڪرڻ سولوڪم نه آهي، پر پوءِ به هڪ ڏينهن هن چار چڱا مڙس گڏ ڪري انهن کي راضي ڪيو ته اهي هن لاءِ رشتي جي ڳالهه ڪن ۽ اتي وڃي ڇوڪريءَ جو سڱ گھرن. پهريان ته انهن جوان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ان ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ڇو جو اهو ناممڪن آهي پر جڏهن ڏٺائون ته هو ضد تي ٻيٺو آهي ۽ ان جي ناسمجهيءَ ڪري ڪو وڏو سانحو پيش اچي سگھي ٿو. اهي تيار ٿيا ته جوان لاءِ رشتي جي ڳالهه ڪري ڪنهن ايندڙ مصيبت کي ٽاري سگھن.
چڱا مڙس جڏهن پٽڪا پائي ڇوڪريءَ جو سڱ گھرڻ اتي پهتا ته کين عزت سان ويهاري پوري ڳالهه ٻڌي ڇوڪريءَ جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيائون. اهي نا اميد ٿي ڪنڌ لڙڪائيندا واپس پهتا. جڏهن جوان کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته انهن سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن پڪو پهه ڪيو ته هو ڇوڪريءَ کي ڪميت تي ويهاري ڪنهن اهڙي هنڌ هليو ويندو جتي ڪنهن کي واس به نه پوندو.
هو انهن ڏينهن سخت مايوس هوندو هيو. کجين تي وهين جي ويهڻ جي موسم ختم ٿي چڪي هئي پوءِ به هو دوناليءَ جو منهن مٿي ڪري وڻن ۾ وهائي ڪڍندو هيو. ڪانءَ هن مٿان اڏري ڄڻ چڙائيندا هيا ۽ ڳيري جي آواز کان هن کي خوف محسوس ٿيندو هيو. هن جي ڀيٽ ۾ سندس محبوبا جي شوخ طبيعت ۾ ڪو فرق نه آيو. اها ساڳي چنچل ادا سان هن وٽ ايندي هئي. پويان لڪي هن جي اکين تي هٿ رکندي هئي ۽ هن جي هنج ۾ سمهي ڪچهريون ڪندي هئي.
هڪ ٻيپهريءَ جو جڏهن هوءَ هن جي ڀر ۾ ويٺل هئي، هوا تي ڪمند جا پن سانت ۾ وسيهر جي سينڍ جيان وڄي رهيا هيا. اوچتو ڪيمت هڻڪيو ۽ هن اڳيون ٽنگون مٿي ڪري زمين تي وهائي ڪڍيون. هو خوف کان سڌا ٿي ويهي رهيا. ان کان اڳ جو ڇوڪري ڪمند ۾ لڪي گم ٿي وڃي هن جي اکين تي ڪنهن چمڪندڙ شيءِ جا ترورا پيا. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو سرڙاٽ ٿيا ۽ ڪجهه ماڻهن ٻاهر نڪري هن مٿان ڪهاڙيون اڀيون ڪيون. هن دونالي ۾ هٿ وجهي سڌي ڪري ٺڪاءُ ڪرائي. هڪ شخص اونڌو ٿي هيٺ ڪريو. جوان ڇوڪريءَ کي ٻانهن ۾ هٿ وڌو، ڊوڙي گھوڙي تي چڙهيو ۽ گھوڙو هڻڪار ڪري اڳتي وڌي واءُ جيان ائين گم ٿي ويو جيئن هيو ئي نه، حملو ڪندڙ هڪا ٻڪا ٿي ويا. حيرت ۽ خوف مان ڪهاڙيون انهن جي هٿن ۾ ڄمي ويون. تارا ڦوٽار جي ويا. هيٺ ڦتڪندڙ ساٿيءَ کي ڏٺـائون اهو رت ۾ وهنتل شخص پاڻي بنا مڇيءَ جيان ڦتڪي رهيو هيو. جڏهن اها خبر ان قبيلي جي ماڻهن کي پئي ته نوجوان ڇوڪريءَ کي هڪ ڌاري ذات وارو ڀڄائي ويو آهي ته شرم کان انهن جا ڪنڌهيٺ ٿي ويا. انهن جي دل ۾ بدلي جي باهه ٻرڻ لڳي. قبيلي جي چڱن مڙسن انهن کي ڪاري ڪارو قرار ڏنو. ڪجهه ماڻهو جٿو تيار ڪري انهن پويان روانا ٿيا. جڏهن ڳولهيندا آرياڻيءَ جي ان حصي ۾آيا جتي ان جوان جو گھر هيو. ته کين خبر پئي اهو اتي موجود نه آهي. ان ذات جي چڱي مڙس کين پڪ ڏياري ته اهو جوان اتي نه پهتو آهي. ان کين اهو به ٻڌايو ته قبائلي اصولن موجب ڪنهن به ذات جي عورت ڀڄائڻ ڏوهه آهي. جوان جو تعلق ڀل ان قبيلي سان ڇو نه هجي جيڪڏهن اهو هٿ اچي ويو ته ڇوڪري ڇڏائي واپس ڪندا ۽ جيڪي جرمانو ٿيو ڀري ڏيندا.
ان چڱي مڙس جي ڳالهه انهن کي سمجهه ۾ آئي ۽ واپس هليا ويا. اهي ان نوجوان جوڙي کي نوسيندا جهر جهنگ گھمندا رهيا.
هو ڇوڪري ڪميت تي ويهاري ڀڳو ته پنهنجي قبيلي وارن ڏي نه ويو. هن کي خبر هئي ته قبائلي اصولن موجب ڪا عورت ڀڃائڻ ڏوهه آهي. جيڪڏهن اهو اوڏانهن ويو ته قبائلي ويڙهه شروع ٿي ويندي. مجبور ٿي هن جا ماڻهو هن کي راڄوڻي فيصلي جي نذر ڪندا. اهو سوچي هن جهنگ جو رخ ڪيو ۽ ڪميت ڀڄندو سنبن سان پوئتي ڌرتي ڇڏيندو هڪ اهڙي آبادي ۾ اچي نڪتو جتي جا ماڻهو هنر مند ۽ پر امن هيا. اتي ڪو وڏيرو نه هيو. ڪنهن زميندار جو ڪو وجود نه هيو. پورهيتن جو اهو ڳوٺ ”ڪورڪا“ جي نالي سان مشهور هيو. جتي هر گھر ۾ ڪپڙي جي کڏي هئي جن تي ٺهندڙ ڪپڙو ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هيو. جڏهن اهي ڪورڪا پهتا ته انهن جي اچڻ تي ڪنهن اعتراض نه ڪيو. جوان ڳوٺ ٻاهران لانڍيون ڏئي ڇت وجهي هڪ گھر ٺاهي ورتو. پوءِ هو بندوق ڪلهي ۾ وجهي هوشيار ٿي ويهي رهيو. هن ڪميت کي بڙ هيٺان ٻڌي ڇڏيو. لانڍيءَ کان ٿورو پري هڪ ڍنڍ هئي جنهن چوڌاري ڊگھا وڻ هيا. ڍنڍ جو پاڻي ايڏو ته اڇو هوندو هيو جو ان جي تري ۾ مڇيون صاف نظر اينديون هيون. ڪورڪا جا ماڻهو ان ڍنڍ جو پاڻي واپرائيندا هيا. هن جي محبوبا اتان پاڻي ڀري موٽندي هئي ته ڪميت ڌرتيءَ سان ٽنگ کرڙي هن جي اچڻ جو اطلاع ڏيندو هيو. هوءَ دلو رکي چنچل ادا سان پير پير ۾ ڏئي جوان پويان ايندي هئي. ان جي اکين تي هٿ رکندي هئي.
”ڪير “ ؟ هوءُ پڇندي هئي
”منهنجي روح جي راڻي“. هو جواب ڏيندو هيو ۽ پوءِ هن کي ٻانهن کان ورائي هنج ۾ سمهاريندو هيو.
ڪورڪا ٻاهران هن جا سٺا ڏينهن پئي گذريا پر هڪ خوف هن جي من ۾ هوندو هيو. هو سوچيندو هيو جيڪڏهن انهن کي خبر پئجي وئي ته اتي رهڻ ڏکيو ٿي ويندو. هن محسوس ڪيو ڄڻ ڌرتي تنگ ٿي وئي هجي. اها هڪ سنهي گھٽيءَ جيان هجي جنهن جا ٻئي ڇيڙا بند هجن. هن سوچيو ڀڄڻ کان بهتر آهي وڙهي مرجي. ڀڄڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا. اهو سوچي هن سر تان آسرو لاهي ڪنهن به صورت ۾ ڪورڪا ڳوٺ کي نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هو وڏي هوشياريءَ سان بندوق جهلي لانڌي ٻاهران ويٺل هوندو هيو. هن جو ڪميت اڇي ملائڪ جيان بڙ هيٺان بيٺل هوندو هيو،. ان وٽ ڪا اهڙي حس هئي جو دوست ۽ دشمن جي بوءِ سنگھي وٺندو هيو. جوان جي ڀيٽ ۾ هن جي محبوبا ڏاڍي خوش هوندي هئي ان وٽ ڪنهن به ڊپ جو احساس نه هوندو هيو.
اهو ڪچڙي منجهند جو وقت هيو جڏهن هو بندوق سنڀالي لانڍيءَ ٻاهران ويٺل هيو. هن سامهون بڙ هيٺان ڪميت اکيون ٻوٽي ڪن خيالن ۾ گم هيو. پريان ڍنڍ تي موسمي پکي پر هڻي اڏريا پئي ۽ لٿا پئي. اوچتو ڪميت هڻڪيو. هن اڳيون ٽنگون مٿي ڪري هيٺ زمين ۾ وهائي ڪڍيون. هو هوشيار ٿي ويو.هن ڪلهي مان بندوق لاهي سڌي ڪئي. لانڍي پويان پير پوڻ ڪري ڪاٺيءَ جي ڀڄڻ جو ٽڙڪو ٿيو. هن اوڏانهن گولي هلائي رڙ جو آواز ٿيو. ڊڪي ڏٺائين هڪ شخص ڇاتي تي هٿ رکي ڦٿڪي رهيو هيو. ڪنڌ ورائي ٿورو ڀري ڏٺائين ٻيو شخص طمنچو تاڻي هن تي وار ڪرڻ لاءِ تيار هيو. هو پاسي ٿي ويو. ٺڪاءُ ٿيو گولي گسي وئي،. هن مقابلو ڪيو. حملو ڪندڙ ڀڃي ويا. هو آيو ۽ ڪميت جي پٺي ٺپي ان کي پيار ڪيو.
ان واقعي کانپوءِ وڌيڪ هوشيار ٿي ويو. هر وقت خوف جي احساس ۾ ورتل هوندو هيو. بندوق جهلي ڪن کولي ويهندو هيو. هن جون اکيون هر شيءِ جو جائزو وٺنديون هيون ۽ هو ڪميت کي ڏسندو هيو جيڪو اکيون بند ڪري شانت سوچن ۾ بيٺـل هوندو هيو.
هڪ دفعي هن جي محبوبا دلو کڻي ڍنڍ تي وئي. جڏهن گھڻو وقت ٿيو واپس نه آئي ته هو فڪرمند ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته اها ڪنهن مصيبت ۾ نه گرفتار ٿي وئي هجي. هو اڃان سوچي رهيو هيو ته ڪيمت هڻڪيو ۽ اڳيون ٽنگون مٿي ڪري زمين ۾ وهائي ڪڍيون. هو هوشيار ٿي ويو. هن بندوق سڌي ڪئي، لانڍيءَ ٻاهران پير هيٺان ڪاٺي ڀڄڻ جو ٽڙڪو ٿيو. هن گولي وهائي ڪڍي. رڙ ٿي هن ڏٺو رت ۾ هن جي محبوبا ڦٿڪي رهي هئي. ان لانڍيءَ پويان اچي لڪندي هن جي اکين تي هٿ رکڻ پئي چاهيا. هن سان ڪميت بي وفائي ڪئي. ان جي هڻڪار کي هن دشمن جي اچڻ جو اطلاع سمجهيو. هن جي محبوبا ڦٿڪي جان ڏني. هو ان جي لاش ڀرسان بندوق اڇلي ڍنڍ ڪيون ڏئي روئيندو رهيو. هن کي ڪميت سان نفرت ٿي وئي. هن ڪميت جون واڳون ڇوڙي ان کي جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ وري بندوق ۾ هٿ نه وڌو. هو محبوبا جي ڏک ۾ روئيندو رهيو. هو زندگيءَ مان مايوس ٿي ويو.
ان ڏک کي ساڻ ڪري هو ڪورڪا ڇڏي شهر آيو. دشمن هن کي ڳولهيندا پهتا. ۽ ڪجهه ڏينهن کان هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ته هو انهن جي نظرن ۾ اچي چڪو آهي. اهي هن جي آس پاس موجود آهن. هو ڪڏهن به موت جو کاڄ ٿي سگھي ٿو. هو هڪ ڏينهن تاڙِي خاني ۾ آيو، جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي طوطي کي لفافي تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو. جڏهن هن کولي پڙهيو ته اتي لکيل هو.
”زخم زندگيءَ جو
کليل آهي.
ٽيپو ٽيپو
وهي ٿو رت.
موت جو
ڄميل آهي“.
هن رقعو پڙهي جوان کي ڏٺو . جيڪو پڇتاءُ جي احساس ۾ ويڙهيل هيو. خوف کان ان جو اکيون نڪتل هيون ۽ منهن تي مايوسيءَ جون ريکائون هيون. هن کولي ان جو مطلب سمجهايو. ”تنهنجي زندگي ڪنهن زخم جيان آهي جنهن مان تازو رت هيٺ ڪرندو رهي ٿو. اهو هڪ الميو آهي ته تنهنجن هٿن سان تنهنجي محبوبا جو موت واقع ٿيو جنهن احساس توکي زخمي ڪري وڌو ۽ تون موت کان به بدتر زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور آهين، تون جانور تي اعتبار ڪيو. هڪ حيواني عقل توتي حاوي رهيو. تون پنهنجي سوچ ۽ سمجهه کي استعمال نه ڪيو. اهوئي سبب آهي جو تون خطا کاڌي، تون پنهنجي وجود کي پاڻ زخمي ڪيو. تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ٿورڙا آهن. موت توپويان تنهنجا قدم سنگھندو پهچڻ وارو آهي. جيڪڏهن تون ڀڄڻ چاهين ته موت کي دوکو ڏئي ڪجهه ڏينهن جيئرو رهي سگھين ٿو.“
هن ڪجهه سڪا نجوميءَ کي ڏنا پوءِ هيٺ ڪنڌ ڪري روانو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان جوان کي چئن ڄڻن تاڙِي خاني ٻاهران دسي بي درديءَ سان قتل ڪيو.
نجوميءَ جڏهن ان جوان جو قصو ياد ڪيو ته هن جي جسم مان ڌرڙيون نڪري ويون. هو سوچ ۾ ٻڏي ويو. اهو ساڳيو لفافو هيو جيڪو طوطي هن جي قسمت ۾ ڪڍيو هيو. هو سوچڻ لڳو ته ڇا هن جو انت به ائين ٿيڻ وارو آهي. هن جي حياتيءَ جون گھڙيون به ائين ختم ٿيڻ واريون آهن. هن رقعي جي مفهوم تي سوچيو، هن جي پيشانيءَ تي پگھرجون بوندون ظاهر ٿيون. ان رقعي جو مفهوم ڳاڙهي رت سان لکيل هيو. اتي زخم هيا. انهن مان وهندڙ رت هيو. موت هيو ۽ ڄميل رت جهڙو احساس هيو. هو سوچڻ لڳو. ڇا هن کي به ماريو ويندو. هن جي موت جو سبب بيماري نه پر اهڙو گھاءُ هوندو جيڪو هن کي موت طرف وٺي ويندو. هو سوچيندو ويو ۽ خوف ۾ ويڙهبو ويو. هن پاڻ کي اهڙي لاش جي صورت ۾ ڏٺو جيڪو تاڙي خاني ٻاهران پيل هيو. ان جي جسم مان رت جون بوندون وهي ڄمي چڪيون هيون. هن پاڻ کي ميڻ جو ٺهيل محسوس ڪيو. هو سوچيندو ويو ۽ هن کي نڙيءَ چوڌاري سنهي ڌاڳي جو احساس ٿيو. هو کنگھيو. اٿيو ۽ هن پاڻي پيتو. هن سيخن واري دري کولي دروازو بند ڪري ڇڏيو. دريءَ مان تازي هوا اندر آئي. هن ساهه کنيو ۽ پاٿاريءَ تي ليٽي پيو. طوطو کنڀن ۾ منهن وجهي هڪ ڄنگهه تي بيهي رهيو.
اها رات نجوميءَ لاءِ قيامت کان گھٽ نه هئي. هو ڪافي دير اکيون کولي حياتيءَ متعلق سوچيندو رهيو. هن کي موت ڳاڙهي رنگ جيان هيٺ هاريل نظر آيو. هو اٿيو ۽ هن دروازي کي جانچيو. ان جو ڪڙو اندران بند هيو. هو واپس آيو ۽ اهو سوچي سمهي پيو. ته اها سندس زندگيءَ جي آخري رات آهي. گھڻي دير کانپوءِ جڏهن هن جي اک لڳي ته هن طوطي جي کنڀن جي ڦڙ ڦڙاهٽ جو آواز ٻڌو. هن اکيون کولي ڏٺو تازي هوا لاءِ کوليل دريءَ مان هڪ ٻلو اندر ٽپي آيو هيو ۽ ان طوطي تي حملو ڪيو هيو. طوطو ٻلي جي وات مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. هن اٿي هڪل ڪئي هڪ سوٽي کڻي ٻلي کي وهائي ڪڍي، ٻلي جو وات کلي ويو ۽ طوطو ڇڏائجي ويو. ٻلو ٽپو کائي کليل دري مان ٻاهر هليو ويو. هن ڏٺو طوطو پٽ تي پيل هيو. ان جون اڌ کليل اکيون هن ڏانهن ڏسي رهيون هيون ڳچيءَ وٽ زخم هيو جنهن مان رت وهي رهيو هيو. طوطو بي وسيءَ مان ڦتڪندو رهيو ۽ پوءِ ان جي کنڀن مان رسجندڙ رت ڄمي ويو. طوطو دنيا مان موڪلائي ويو. نجومي ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي طوطي مٿان ويهي روئندو رهيو. طوطو دنيا ۾ نه رهيو. نجومي اڪيلورهجي ويو.
هو طوطي جي لاش تان اٿي لفافن مٿان آيو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. اهو آخري لفافو طوطي هن جي نه پر پنهنجي قسمت جو ڪڍيو هيو. اهو سوچي نجومي وڌيڪ غمگين ٿي ويو. هو ڀت کي ٽيڪ ڏئي سڏڪا ڀري سوچيندو رهيو. هن حياتيءَ ۾ ڪيترن ئي انسانن کي قسمت جي حال کان واقف ڪيو پر افسوس هن جي قسمت جو لفافو ڪڍڻ وارو ڪو به نه بچيو.