2
”الاراضي.... خدا خوش رکي“. هو چوندو هيو ۽ پوءِ ڪلمو پڙهندو هليو ويندو هيو.
پوڙهو فقير ساڳي پاڙي جي هڪ غريب گھر ۾ ويندو هيو ته اتي عورت فقير جي ٿالهه ۾ سٺا چانور ڏسي هرسجي پوندي هئي. اها ونڊ ۾ وڌيڪ چانور ڏئي فقير جي اجازت سان پٺاڻ جي گهر مان مليل چانور ڪڍي وٺندي هئي. جيڪي هن جي پڪل چانورن کان بهتر هوندا هيا. اهي ذائقيدار چانور هن جو پنجن سالن جو ٻار وڏي شوق سان کائيندو هيو. فقير کي ڪو اعتراض نه هوندو هيو ته مائي سٺا چانور ڪڍي اڻڀا ڇوٿي ڏئي. هو ٻار جي خوشيءَ ۾ خوش هوندو هيو.
ٻنهي عورتن جو جهيڙو وڌندو ويو. وقت سان پٺاڻ جي پهريل زال محسوس ڪيو ته تعويزن جو ڪو اثر نه ٿي رهيو آهي. پٺاڻ جي دل ۾ نفرت بجاءِ ٻي زال سان پيار وڌندو ٿو وڃي. هن سوچيو، بنگالي ڀوپي جا تعويز ڪنهن ڪم جا نه آهن. هڪ ڏينهن ان چانورن ۾ زهر ملائي ننڍي ءَکي ڏنو. ننڍي زال اهو ورائي پوڙهي فقير جي ٿالهه ۾ وڌو ۽ فقير جڏهن غريب عورت جي گھر پهتو ته اهي ساڳيا چانور ٻار کاڌا، جيڪي کائڻ سان تڙپڻ لڳو ۽ ٿڏي تي مري ويو. عورت ٻار جو حشر ڏسي هٿن مان نڪري وئي. هن وار پٽيا ۽ سينو ڪٽڻ شروع ڪيو. ”منهنجي معصوم ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ان سان اهڙو هاڃو ٿيو“. جڏهن پوليس کي خبر پئي ته پوڙهي فقير کي پڪڙي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو.
فقير جي پٽ جي ڳالهه ٻڌي، نجومي سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن طوطو آڱر تي ويهاري لفافن تي لاهي ڀڳل دال جو داڻو ان جي وات ۾ وڌو. هن جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”ڳالهه هجي نه هجي،
هرو ڀرو جو هل،
شادي ٿئي شعبان جي،
موچڙا کائي دهل“.
اهو پڙهي نجوميءَ نوجوان کي دلداري ڏيندي چيو. ”ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو هڪڙن جو ڪرڻو ٻين کي ڀرڻو پوندو آهي. شادي ڀل شعبان جي ٿئي پر ڌڪ دهل جهليندو آهي. فقير جو ڏوهه نه آهي. اهو ٻين جو ڀوڳي رهيو آهي. اهو سڀ هروڀرو جو هل آهي ڇو جو ڪنهن به ڳالهه جي حقيقت کي نه سمجهيو آهي. ان الزام جو ڪو سبب نه آهي. جڏهن منصفن کي پروڙ پوندي ته فقير رها ٿيندو. تون وڃ چڱائي ٿيڻ واري آهي“.
نوجوان اکين جا ڳوڙها اگھندي راهي ٿيو.
جڏهن حقيقت جي خبر پئي ته فقير آزاد ٿي گھر پهتو.
نجومي ڳالهيون ياد ڪندو ويو ۽ ماضيءَ ۾ کوئجي وقت گذارڻ لڳو. هن وٽ هاڻي ڪو به مشغلو نه بچيو هيو. ماضيءَ کي ياد ڪري اڪثر دکي ٿي ويندو هيو. ماضيءَ ۾ ڀوڳنا ۽ پچتاءُ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو آهي. هو اٿيو ۽ ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳو. پهريون کان ڪمزور ٿي چڪو هيو. هن کي کنگهه جو دورو پيو ۽ هيٺ ويهي رهيو. هن بند ڪمري کي ڏٺو. هن کي ڀتيون پاڻ تي جهڪيل محسوس ٿيون ڄڻ انهن وچ ۾ دفن ٿي چڪو هجي.
هن ڊگھو ساهه کنيو ۽ وري هڪ لفافو کڻي کولي پڙهيو. هن کي ياد هيو، اهو هڪ ساڌوءَ جي ڀاڳ ۾ نڪتو هيو. ساڌو جنهن کي کُٿل ڏاڙهي هئي. اهو گيڙو ڪپڙا پائي سري گھاٽ وٽ هڪ جهوني بڙهيٺان ويٺل هيو. بڙ پنج سئو سال پراڻو هيو ۽ ان جي ٿلهي ٿڙ ۾ سوين ٿڙ سمائجي ويا هيا. ان جون پاڙون هوا ۾ رسن جيان لڙڪنديون هيون ۽ بڙ جي ڇانو ڌرتي جي وڏي حصي کي تپش کان بچائيندي هئي. ساڌو بڙ هيٺان چيلي سان گڏ ٿلهي تي ويٺل هوندو هيو.
اهو ساڌوهڪ دفعي ويس بدلائي تاڙي خاني ۾ آيو. ساڌو لڪندو تاڙي خاني ۾ ائين ويو ڄڻ چوري ڪرڻ پئي ويو. هيسيل ۽ ڊنل پئي نظر آيو. اندر وڃي تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏسي هن وٽ آيو.
”مان سري گھاٽ جو ساڌو آهيان“. ان نجوميءَ کي چيو “مون سان هڪ ويڌن آهي“
نجوميءَ هن کي غور سان ڏٺو. جڏهن ساڌوءَ منهن تان ڪپڙو هٽايو ته هن کي ان جو منهن ڏسي رحم آيو. ان جي منهن تي رهنڊن جا نشان هيا ۽ ڏاڙهي جا وار پٽيل هيا.
”توسان اهڙي حالت ڪنهن ڪئي آهي؟“ نجوميءَ پچيو.
”مونسان اهو سڀ پوئلڳن ڪيو آهي“. ساڌوءَ جواب ڏنو.
”ڇا اڄڪلهه پوئلڳن ساڌن جون ڏاڙهيون پٽڻ شروع ڪيون آهن؟“. نجوميءَ طنز ڪندي چيو.
”سمجهه ۾ نه ٿو اچي ڇا چوان“. ساڌوءَ چيو. ”منهنجي پوئلڳن کي ڏاڙهيءَ ۾ ڪو اهڙو چوٽڪارو نظر اچي ويو جو پٽڻ لئي ڪڍ پئجي ويا“.
”مان مطلب نه سمجهيو“ نجوميءَ چيو.
”ڀڳوان منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ اهڙي ڪرامت رکي آهي جو ان جو هر وار مسئلن جو حل ٿي پيو آهي. ماڻهو ڏاڙهيءَ جي ڪڍ آهن. جيڪڏهن انهن سڃاڻي ورتو ته رهيل ڏاڙهيءَ جو به خير نه آهي. مان خوف ۾ ويڙهيل زندگي بسر ڪري رهيو آهيان. خوف کي زائل ڪرڻ لاءِ منهن لڪائي تاڙي خاني ۾ آيس. جيئن ٻه چار ڍڪ پي ذهن هلڪو ڪريان“.
نجوميءَ کي ڪيترائي سوال ذهن ۾ هيا.
”ڳالهه پوري ٻڌاءِ ته قسمت جي طوطي کان لفافو ڪڍائي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون“. نجوميءَ چيو.
ساڌوءَ سموري ڳالهه بيان ڪئي.
اهو سري گھاٽ جو ساڌو جيڪو ڪجهه سالن کان ان بڙ هيٺان دونهي دکائي چيلي سان ويٺل هوندو هيو، ان کي هڪ ڏينهن شيطان من ۾ آيو. سوچيائين ڇو نه ڌن دولت ۽ مال ملڪيت گڏ ڪري عيش ۽ عشرت جي زندگي گذاريان. اهو سوچي ساڌو ۽ چيلو تيار ٿيا ته يوڳ جو کٽيو هن جهان ۾ ئي کائيندا.
هڪ ڏينهن ساڌو چيلي سان بڙ هيٺان دونهي دکائي ويٺو هيو ته ڪا پوڙهي عورت ان وٽ آئي.
”منهنجي گھر ۾ نفرت جي باهه پئي ڀڙڪي“ ان عورت چيو“ گھر جا سڀ ڀاتي هڪ ٻئي کان ناراض آهن ڪو به ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. منهن پري ڪري ويٺو آهي. ٿوري ڳالهه تي وڏو جهيڙو مچي پوي ٿو. ننهن نه ٿي سهي. پٽ بيزار آهي“.
عورت جون دانهون ٻڌي ساڌو سانت ٿي ويو. اکيون بند ڪري. سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن سوچيو ڇو نه ڪو ٽڪو پنجو ڪري عورت کان دان وٺي ڪوزو ڀريان.
”مائي تنهنجن سورن جو مدائو مان وٽ آهي“ هن اکيون کوليندي چيو ”جيڪڏهن تون وشواس رکين ٿي ته ضرور سفلتا ماڻينديءَ.“. پوءِ ساڌوءَ ڊگھي ڏاڙهيءَ جو وار پٽي مائيءَ کي ڏنو. ”هيءَ وٺ“ هن چيو ”رنڌڻي ٻاهران ڀت جي ڪنهن سوراخ ۾ وجھي ڇڏ. ڀڳوان چاهيو ته ڀلو ٿيندو“.
مائيءَ ٻئي هٿ ڊگھا ڪري وار ورتو ۽ چمي ويڙهي رئي جي ڪنڊ سان ٻڌي ڇڏيو. مائيءَ ان عيوض ساڌوءَ کي چڱو دان ڏنو. هن قبول ڪري ٽڪر جي ڪوزي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پلٿ ماري ويهي رهيو. هڪ ٻيو سوالي هن وٽ آيو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين.
”سائين سال ٿيو گھر واري جهان مان لاڏاڻو ڪري موڪلائي وئي. دنيا ۾ ڪو به سار سنڀال وارو نه بچيو. هڪ پٽ آهي جيڪو بي چيو ۽ بي حياءُ آهي. اهو شاديءَ کانپوءِ ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪري. سموري دولت ان حوالي ڪئي ۽ هاڻي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جيئن زال چويس ٿي تيئن ڪري ٿو. ڪو اهڙو ڏس ڏيو پٽ ويجهو اچي ۽ پيريءَ ۾ ٿورو خيال ڪري“.
ساڌوءَ ڳالهه ٻڌي اکيون بند ڪيون سوچيو. مڙس امير آهي، وڏو دان ملندو. پوءِ هن اکيون کوليون.
”مون وٽ ان مسئلي جو حل آهي“ ساڌوءَ چيو ” جيڪڏهن تنهنجو عقيدو سچو آهي ته پٽ کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندين“. ساڌوءَ سٽ ڏئي وار پٽي سائل کي ڏنو.
”هي وٺ ويڙهي ان ڪٻٽ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکجانءِ جنهن ۾ تنهنجو پٽ ۽ ننهن ڪپڙا رکندا آهن. ائين ڪرڻ سان انهن جي دل ۾ تولاءِ ديا ٿيندي ۽ توکي ويجهو رکندا“.
ان ساڌوءَ کان وار وٺي ويڙهي مٺ ۾ ائين جهليو جيئن کيس خزانو ملي ويو هجي. هن کيسي ۾ هٿ وجهي چڱا ڏوڪڙ ساڌوءَ کي ڏنا جيڪي هن وٺي ڪوزي ۾ وجهي ڇڏيا.
گھڙي گذري ته ڪا اڌ عمر جي ٿلهي عورت آئي ۽ ادب مان هٿ جوڙي هن آڏو ويٺي.
”منهنجيون ڌيئر جو ان ٿي ويون آهن“ ان چيو ”انهن لاءِ رشتا آيا پر ماڻهون مزي جا نه هيا. ڪا اهڙي دعا ڪر جو پنهنجي جوڙ جا ملي پون. منهنجون ڌيئر لکيل پڙهيل آهن. شل اهڙا رشتا ملن جو من جو مونجھارو گھٽجي ۽ سڪون جو ساهه کڻان“.
ساڌو وري ڊگھو ساهه کڻي سانت ٿي اکيون بند ڪري گيان ۾ گم ٿي ويو. هن سوچيو. لکيل پڙهيل پئسي واري ڪٽنب جي آهي. ضرور دان ايڏو ڏيندي.
”مائي مان مسئلي جو حل ڳولهي لڌو آهي. فڪر نه ڪر. تنهنجي نياڻين لاءِ سٺا ور در تي پاڻ ئي پهچي ويندا“. ساڌوءَ چيو ۽ سٽ ڏئي ڏاڙهيءَ جو وار پٽي هن حوالي ڪيو.
”هي وٺ ان کي ويڙهي گھر ٻاهران چانٺ وٽ پوري ڇڏجانءِ وارا نيارا ٿيندا ۽ نياڻين جا ڀاڳ کلندا“.
مائيءَ وار ورتو ۽ چمي، چيچ مان سوني منڊي لاهي ساڌوءَ کي ڏني. ساڌوءَ منڊي وٺي ڪوزي ۾ وجھي ڇڏي.
هن وٽ وري هڪ شخص آيو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي چيائين.
”سائين ساڌو صاحب منهنجي زال بخيل آهي. مون هن جي منهن تي ڪڏهن مرڪ نه ڏٺي. سدائين جهيڙي لاءِ تيار هوندي آهي. نياڻي ۽ پٽ جو اولاد آهي. هن کي ڇڏڻ نه ٿو چاهيان. اهڙو ڏس ڏي جو ناچاڪي دور ٿئي ۽ خوش گذاري سگھون“.
ساڌوءَ سٽ ڏئي وري وار پٽي ان حوالي ڪيو ۽ دلجاءِ ڏني ته اهو ويڙهي قميص جي کيسي ۾ رکي، ان جي ڪرامت سان زال سندس قدمن ۾ ڪري پوندي. ان عزت سان وار ورتو ۽ دان ڏئي هليو ويو. ساڌوءَ جي ڏاڙهيءَ جو وار ايڏو مشهور ٿيو جو پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا ۽ وار هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ ٻڌي بيهي رهيا. ساڌو هر سائل کي وار پٽي ڏيندو هيو ۽ چڱو ڌن ڪٺو ٿي ويو. شهر جا امير غريب هن وٽ اچڻ لڳا ۽ من جي مراد ماڻڻ لاءِ چوڌاري ڪٺا ٿي ويا. شهر جا ڪامورا ساڌوءَ کي سڻڀي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڙهيءِ جي وار جي فرمائش ڪندا هيا. اتي شهر جا ٺيڪيدار ڪٺا ٿي ٺيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ ساڌوءَ کي چوندا هيا. ڪڏهن ڪو سياستدان اچي ويندو هيو، جيڪو چونڊن ۾ ڪاميابيءَ لئي عرض ڪندو هيو. اهڙو وقت به آيو جو ساڌوءَ ڌن ته ڪٺو ڪيو پر ڏاڙهيءَ جا وار کٽي ويا. سوين سائل بڙ چوڌاري ويٺل هوندا هيا ۽ هر ڪنهن جي ڪوشش هوندي هئي ته ساڌو ڏاڙهي جو وار پٽي ڏي. ساڌوءَ لاءِ اها ڳالهه ممڪن نه هئي. نوان وار اچڻ ۾ وقت لڳندو هيو. پر ماڻهن جو عقيدو اهڙو ويهجي ويو جو ڏاڙهيءَ جي وار تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هيا. ساڌو دونهي وسائي سوير سمهي پوندو هيو. ماڻهو به اتي سمهي صبح جو انتظار ڪندا هيا. ساڌوءَ چوڌاري هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا.
تڪ جو مشهور ڌاڙيل به ويس بدلائي ڪجهه ساٿين سان گڏ اتي اچي ويٺو. اهو حياتيءَ لاءِ فڪرمند هيو، سندس من ۾ عقيدو ويهجي ويو هيو ته جي ڏاڙهيءَ جو وار ملي پوي ته پوليس مقابلي کان محفوظ رهندو ۽ کيس حياتيءَ کي جوکو نه رسندو. هن کي ساٿين جي زندگي به عزيز هئي ۽ سوچيائين جيڪڏهن ڏاڙهيءَ جا وار ڪجهه وڌيڪ ملي پون ته ٽولو سلامت ٿي ويندو ۽ لوڏو نه ايندو. ڌاڙيل ساڌوءَ چوڌاري هزارين ماڻهو ڏسي پريشان ٿي ويو. سوچڻ لڳو ساڌوءَ سامهون وڃڻ ۾ ته ورهه لڳي ويندا. اهو سوچي رات جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن ساڌو سوير دونهي وسائي ستو ته اڌ رات جو اٿي ڌاڙيل ساٿين کي ساڻ ڪري وڃي هن مٿان بيٺو. ساٿين ساڌوءَ کي جهليو. ڌاڙيل هٿ وجهي هن جا ڪافي وار پٽي ورتا. ساڌو ڦتڪيو، ڪنجهيو ڪجهه رانڀوٽن جا نشان پئجي ويس. ڌاريل وار ويڙهي سوگھا ڪيا ۽ ان کان اڳ جو ٻيا جاڳن ۽ گوڙ وڌي ساٿين کي ساڻ ڪري هليو ويو.
ساڌو اهڙي جٺ تي رنو ۽ رڙيو. ڪجهه وار بچائي، سوير منهن تي ڪپڙو ڏئي وٺي ڀڳو. هجوم ۾ چئمگيون پئجي ويون.
“بابا ڪاڏي ويو ساڌو“ ڪنهن چيلي کان پڇيو ” اسان هت درشن لاءِ ٿا ٿاٻا کائون ۽ نظر ئي نه ٿو اچي“.
چيلي ٻيو ڪو رستو نه ڏسي ماڻهن کي دلداري ڏئي ٿڌو ڪيو. کيس خبر هئي جي هن اهو ٻڌايو ته ساڌو ڪنهن هنڌ لڪو آهي ته ماڻهو هن کي ماري وجھندا. اهي ڪيترن ڏينهن کان ترسيل هيا ۽ واري جا منتظر هيا.
”ساڌو ست ڪوهه پري هڪ سماڌي ۾ ويٺل آهي“. هن ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ” هن جي ڪوشش آهي ته بڙ چوڌاري ويٺل ياترين لاءِ اجتماعي دعا گھري. ساڌو خير انديش آهي. توهان جوئي ڪم ڪري رهيو آهي. جيئن موٽيو ته درشن ڪرائيندو. توهان کي اجازت آهي ڀل جيڪي وڃن جيڪي ويهن“.
چيلي جي ڳالهه تي يقين ڪري اتي ويهي سڀ ساڌوءَ جو انتظار ڪرڻ لڳا. ساڌو جڏهن ڀڳو ته پريشاني گھٽائڻ لاءِ هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. هن تاڙي پي ڪجهه سڪون ماڻيو ۽ ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ جڏهن ساڌوءَ جو قصو ٻڌو ته طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو طوطي هڪ لفافو ڪڍيو. ان جي رقعي تي لکيل هيو.
ڪوئن جي ڀيڙ،
پئي لتاڙجي،
پيرن ۾
هڪڙي هريڙ.
ساڌوءَ جڏهن سوچيو ته وڌيڪ پريشان ٿي ويو.
”پريشانيءَ جي ڳالهه نه آهي“ نجوميءَ چيو ”ڳالهه ظاهر ۽ آسان آهي. ڪنهن ڪوئي هريڙ لڌي ۽ پنساري ٿي ويٺو. ان هڪڙي هريڙ تي ڪيترا ڪوئا حڪيم ٿي ويا. حڪمت هريڙ جي محتاج نه هوندي آهي. حڪمت جو دائرو وسيع آهي. ڪوئن کي ڪير سمجهائي ته هڪڙي هريڙ سڀ مرضن جو علاج نه آهي. دراصل عقيدو هريڙ جيان آهي ۽ سڀ ڪوئا هريڙ ۾ ڦاٿل آهن. اها تنهنجي ڏاڙهي جي وارن جي ڪرامت نه آهي پر ڪوڙي عقيدي جي ڪرتا آهي. ڪوڙ جو ڄار سگھارو آهي، ماڻهو ڦاسندي دير ئي نه ٿا ڪن. انهن جا رستا وهمن جي کاهين تي کٽن ٿا. تون اجايو پريشان ٿيو آهين. خوامخواهه ٿو ڏاڙهي پٽرائين“ پوءِ نجوميءَ هن جي ڪن وٽ اچي راز مان چيو.
”اڄ کانپوءِ ڏاڙهي بچاءِ. وار پٽي پاڻ کي ناس نه ڪر. سامهون روڊ جي ٻئي پاسي هادن جي هٽ تان ڏهين آني جي ڏاڙهي ملندئي. اها وٺي پائي سائلن جي سامهون وڃي ويهندين ته به اوترائي پئسا ڪمائيندي جيترا پهريون ڪمايا اٿئي“.
ساڌوءَ کي نجوميءَ جي صلاح وڻي. هو هادن جي هٽ تي ويو ۽ ڏهين آني جي ڏاڙهي وٺي پائي ماڻهن سامهون ويٺو. هن کي ڏسي ماڻهن شڪر جا شوڪارا ڀريا ۽ ادب مان اٿي استقبال ڪيو.
نجومي ساڌوءَ جو قصو ياد ڪري مرڪيو ۽ وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو کولي پڙهيو. رقعو پڙهي هن کي شهر جو اهو اديب ياد آيو جيڪو ڪڏهن تاڙي خاني ۾ آيو هيو ۽ جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن سان ملاقات ٿي هئي. اهو اديب پريشانيءَ ۾ ائين ويڙهيل هيو جيئن هڪ هنڌ ساڪت ٿي ويو هجي ۽ ڪوريئڙو ان مٿان ڄارا اڻي ويو هجي. ان جي جسم تي سوچن جا زنجير لڙڪي رهيا هيا. اهو ايڏو منجهيل هيو جو هن کي ان جو حل ڪٿي نه سجهي رهيو هيو. تاريخ فلسفو ۽ ادب ان لاءِ بي معنا بنجي چڪا هيا. هن لاءِ ڪوڙ ۽ سچ ۾ ڪو تفاوت نه رهيو هيو. هن وٽ حقيقت جو عڪس غير واضع ٿي چڪو هيو. اهو تاڙي خاني مان نڪري ٿيڙ کائيندو نجوميءَ وٽ آيو ۽ سوال ڪيائين.
”ڇا انسان قسمت جو غلام آهي؟..... ڇا ايڏو بيوس آهي جو لڪيرن جي راند ۾ وجود وڃائي ويٺو آهي؟ ڇا تون ٻڌائي سگھندين سچ ڇا آهي؟ حقيقت ڪهڙي آهي؟“
نجوميءَ اديب کي ڏٺو ۽ پهريون ڀيرو محسوس ڪيو، هن جو واسطو هڪ مختلف ماڻهوءَ سان پيو آهي.
”اچ ويهه ته ٿورو بحث ڪري ڳالهه سلجھائڻ جي ڪوشش ڪريون“ نجوميءَ سري هن کي جاءِ ڏيندي چيو.
”ڇا بحث سان ڳالهيون سلجهائي سگھجن ٿيون“. اديب ڀرسان ويهندي ڳالهه جاري رکندي چيو “. ڇا بحث مونجهارن جو حل آهي؟ ڇا اسان علم جي ان حد کي ڇهيو آهي جو بحث ڪري مقصد حاصل ڪري وٺون؟” نجومي منجھي پيو. هن جو واسطي عام انسان سان نه پر وقت جي وڏي ماڻهوءَ سان پيو هيو.
”مان گھٽ پڙهيل ٿوري علم وارو شخص آهيان“ نجوميءَ چيو” انهن سوالن جا جواب مون وٽ نه آهن. آخرتوهان جي پريشانيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟”
اديب ٿڌو ساهه کنيو.
”منهنجي پريشانيءَ جو سبب منهنجون سوچون آهن“ هن چيو ”منهنجون سڀ سوچون بي معنا ٿي پيون آهن. منهنجي هر سٽ بي مقصد ٿي وئي آهي. سڀ ڪوڙ ۾ بدلجي چڪو آهي. حقيقت ڌنڌلي ۽ غير واضع آهي. قلم تي ڪو اعتبار نه رهيو آهي. جڏهن لکندو آهيان ته ڪمري جي سامهون ڀت مان ڪتو نڪري هر لفظ تي ڏاڙهيندو آهي. جيئن مان چور هجان، ڪوڙو هجان، منافق هجان ۽ مشرڪ هجان. ان ڪتي جي ڀونڪ منهنجي مغز جي پردن سان ٽڪرائجي پڙاڏا ڪندي آهي. مان ڏوهه جي احساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهيان. جڏهن پنهنجا لکيل لفظ پڙهندو آهيان ته ڪوڙ لٻاڙ ۽ لفاظيءَ کانسواءِ ڪجهه نظر نه ايندو آهي. مان لکڻ جي قابل نه رهيو آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا لکان؟ ڇهه مهينا اڳ هڪ پبلشر کان بيانو وٺي چڪو آهيان پر ڪتاب لکي هن حوالي نه ڪري سگهيو آهيان. ان کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟“
نجوميءَ جي اکين ۾ سوين سوال هيا جن جو جواب پڇڻ پئي چاهيو. ”پوري ڳالهه ٻڌاءِ ته مسئلي جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشس ڪريون“. هن چيو اديب هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
اهو اديب هڪ ناول نگار هيو. جڏهن لکندو هيو ته سندس سامهون واري ڀت مان هڪ ڪتو نڪري ڄڀ لڙڪائي ڀرسان ويهندو هيو. اديب ڄڻ پنن تي ليڪون پائيندو هيو ۽ ليڪون ٽٽي لفظن ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. ڪڏهن لفظ ڄڻ اديب جي ٽيبل تي رکيل هوندا هيا ۽ هٿ سان کڻندو انهن کي پنن تي ترتيب ڏيندو هيو. ڀرسان ويٺل ڪتو هر لفظ تي خوش ٿي هن جا هٿ چٽيندو هيو ۽ پير چمي ڪنڌرکي پڇ لوڏيندو هيو. لفظ هن جا غلام هيا ۽ ڪارن حبشين جيان هٿ ٻڌي هن آڏو بيٺل هوندا هيا. هو انهن کي سڏ ڪري ڄڻ ڪاغذ جي اڏيءَ تي ڪنڌ رکائي قلم سان قتل ڪندو هيو. هن وٽ سوچن جا طوفان هيا جن ۾ لفظ مٽيءَ جي ذرن جيان اڏامندا هيا. هو سٽن ۾ بيٺل لفظن جو سپهه سالار هيو ۽ پوري فوج هن جي هڪ اشاري جي منتظر هئي.
هن ڪيترا ناول لکيا ۽ هر ناول پويان هن جي عظمت جو مينار وڌندو پئي ويو. پبلشر اڳواٽ بيانو ڏيندا هيا ۽ هو ناول پورو ڪري انهن حوالي ڪندو هيو.
ڪجهه وقت کان لفظ هن آڏو باغين جيان بيهجي ويا. هو جڏهن انهن جي ويڻين جي هٿ وجهندو هيو ته اهي زرخريد نقاب پاتل سرڪش ٻانهيءَ جيان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. هو لفظن سان زوري ڪندو هيو ۽ سندس ڀڪ ۾ ويٺل ڪتو هن تي ڀونڪڻ لڳندو هيو. هن سوچيو، ڇو نه اهڙو ناول لکان جيڪو يادگار هجي. جنهن ۾ مٽيءَ جي خوشبوءِ هجي. ڌرتيءَ سان لاڳاپيل مسئلا هجن. ان جا ڪردار امن، جنگ، نفرت ۽ پيار جي اوڙاهه مان نڪري منزل تي پهچن. ان ۾ اهو واضع ڪيو وڃي ته فلسفو سائنس ۽ سياست ڪهڙي طريقي انساني زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. نا انصافين ۽ ظلم مان ڪيئن نجات حاصل ڪري سگھجي ٿي. اهو سوچي هن قلم کنيو ۽ لکڻ شروع ڪيو. هو لکندو ويو ۽ لفظ ڊگهي قطار ۾ مينهن وسڻ کان اڳ پنا هگاهه طرف وڌندڙ جيتامڙن جيان هلندا ڪاغذن ۾ جذب ٿيندا ويا. هن جي ناول جا ڪردار رت جي ڏٻڻ مان نڪري تلوارون هٿن ۾ کڻي نروار ٿيا. اهي ڌرتيءَ لئي وڍجي مئا، انهن نفرت جي باهه کي پيار سان ساڙيو. انهن امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو. نفرت ۽ ناانصافي ختم ڪري سچ ۽ ڪوڙ جو مطلب سمجهايو. انهن ٻڌايو ته عقيدي ۽ مذهب جو فلسفو اندر کي مضبوط بنائي ٿو. سياسي ۽ سائنسي بنيادن تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري انهن کي نجات ڏياري سگھجي ٿي. غلامي جي زندگيءِ کان موت بهتر آهي. انساني آزادي هن جو بنيادي حق آهي. هو وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪاغذن تي ڪردارن کي چٽيندو ويو ۽ هن ناول جا سوين صفحا مڪمل ڪري هڪ فائيل ۾ وجهي تيار ڪري رکي ڇڏيا.
ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون مسلسل لکڻ ڪري هو ٿڪجي پيو. هن جون آڱريون ڏڪڻ لڳيون ۽ جڏهن هن کي بک محسوس ٿي ته رس مان ٻوڙيل گرهه هن جي آڱرين ۾ ائين ڏڪڻ لڳو جيئن تاريخ جي وجود مان پٽيل ٻوٽيءَ منهنجان رت ڇڻندو هجي. هن جي سوچن جو ڪتو سامهون ڀت ۾ سهڪي ڄڀ لڙڪائي هن طرف نهاريندو رهيو. هن محسوس ڪيو ڪتو هن مان خوش نه آهي. ان جي اکين ۾ اوپرائپ آهي. ان جي انداز ۾ ڪٿي به وفاداريءَ جي جهلڪ نه آهي. هن ٻئي هٿ مٿي کي ڏنا ۽ ٽيبل تي ٺوٺيون رکي خيالن ۾ گم ٿي ويو. هن محسوس ڪيو، سوچون تاريخ جي اونداهين گھٽين ۾ رولو ڪتي جيان آهن. رولو ڪتي جو ڪو مالڪ نه هوندو آهي. جتي ملندو اتي وات وجهندو. چانڊوڪيءَ بنا اوندهه ۽ رستن جا پٿر ڀل ستارن جيئن چمڪندا هجن پر انهن سان منزل ڳولهڻ آسان نه آهي. هو ناول جي لکيل صفحن تي ڦهليل ڪردارن کي ائين محسوس ڪرڻ لڳو جيئن ٻريل ٽانڊن جي رک هجي جيڪا واءُ لڳڻ سان وکرجندي هجي. هو مايوس ٿي ويو ۽ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو. هن جي اک لڳي وئي. جڏهن جاڳيو ته محسوس ڪيو. هن جي وجود کي ويڙهيل مايوسيءَ جي ول ڪٽ چڙهيل زنجير جيان ٽٽي هن جي قدمن ۾ ڪريل آهي. هن کي اهو ناول جلد مڪمل ڪري ڏيڻو هيو. ان کي پڙهڻ شروع ڪيو ته سامهون ڀت مان ڪتو نڪري هن جي هر لفظ تي ڏاڙهڻ لڳو. هو پڙهندو ويو ۽ ڪتي جي ڏاڙهڻ جو آواز هن جي دماغ جي پردن سان ٽڪرائجي پڙاڏا ڪرڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ڪٿي به ٻولي درست نه آهي. انسان سوچن جي بند ٿيل پڃري ۾ طوطي جيان آهي. لفظن جي مفهوم جي خبر ڪنهن کي نه آهي. هن ناول جا ڪيترائي لفظ لڪيرون ڏئي ڪٽي ڇڏيا. هن سوچيو سچ ڪوڙ ظلم ۽ نا انصافين جي حقيقت ڇا آهي. اڄ جو سچ سڀاڻي جو ڪوڙ آهي. بقا جي جدوجهد ۽ جيئري رهڻ جي خواهش ظالم کي مظلوم ۽ مظلوم کي ظالم بنائي ٿي. هڪڙن لاءِ ناانصافي سڀ کان وڏو انصاف آهي ۽ ٻين لاءِ انصاف سڀ کان وڏي ناانصافي آهي. هو سوچيندو ويو ۽ محسوس ڪندو ويو هن ناول ۾ حقيقت کي پيش نه ڪيو آهي. اهو سوچي هن ناول جا ڪيترائي صفحا لڪيرون ڏئي ڪٽي ڇڏيا. هو ناول پڙهندو ويو ۽ هن کي ان جي هر سٽ ۾ ڪوتاهيون نظر اينديون ويون. هن مذهب، عقيدي ۽ فلسفي تي سوچيو. هن محسوس ڪيو ته عقيدو ۽ مذهب اهڙي پناهه گاهه جيان آهن جن جي ڇت ٿوري مينهن وسڻ سان ٽمڻ لڳي ٿي. فلسفو ذهني خلفشار آهي جيڪو انسان کي مهذب بنائڻ جي ناڪام ڪوششش ڪري ٿو. آزادي ۽ غلامي انسان جون ذاتي سوچون آهن. هو غلامين ۾ آزادي محسوس ڪري ٿو ۽ آزاد رهي غلام رهي ٿو. حقيقت لا حاصل آهي جيسين انت جي خبر پوي تيسين ڪا به شيءِ مڪمل نه آهي. ڪائنات جي انت تائين انسان انجام کي ڪڏهن رسي نه سگھندو، انڪري تجربي ۽ تاريخ جي اوندهه ۾ جيڪا راهه ڳولهي لهندو ان کي سچ سمجهندو، ان کي سائنس ڪوٺيندو. هو نظريا تخليق ڪري سياست ڪندو ۽ انساني آزاديءَ جو نعرو هڻي ان کي گمراهه ڪندو، هُو سوچيندو ويو ۽ لکيل ناول جا جملا قلم سان لڪيرون ڏئي ڪٽيندو ويو. هن سامهون ڪتو مسلسل ڀونڪندو رهيو. هن نظرون کڻي ان جي اکين ۾ نهاريو. هن کي ڪتي جي ڀونڪ دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت محسوس ٿي. هن کي لڳو، اها نه پيار آهي، نه امن، نه انصاف آهي. ان ۾ غلامي سمايل نه آهي پر آزاديءَ جو احساس آهي جيڪو عقيدن ناانصافين نابرابرين ۽ ظلم خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ٿو. هن پاڻ کي ڪتي کان بدتر محسوس ڪيو ۽ سوچيو جيڪر تاريخ جي گم نام انڌيرن رستن تي ڪتي جيان گھمي ڀونڪي سگھجي ها. هن جي ڀونڪ مظلومن جو آواز بنجي ظالم جي ضمير جي ننڊ ڦٽائي ها. هن کي پنهنجي لکيل ناول ۾ ڪٿي به سچ ۽ حقيقت نظر نه آئي. هو نه اتي انسانذات جي تشريح ڪري سگهيو هيو نه قوم جي وصف بيان ڪري سگهيو هيو. هو نه ظالم ۽ فاتح ۾ تفاوت ڪري سگهيو هيو ۽ نه جوڌي ۽ قاتل ۾ هن جي لکيل لفظن ۾ پيار بي معنا ٿي چڪو هيو. اتي نفرتون دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون. اتي ڪيل گناهه سڀ کان وڏا ثواب هيا ۽ عقيدن جي ڄار ۾ وچڙيل ماڻهو پاڻيءَ بنا مڇين جيان ڦتڪي رهيا هيا. هو پڙهندو ويو ۽ قلم سان لفظن جون قطارون قتل ڪندو مٽائيندو ويو. هو لکيل ناول جي ڪنهن به سٽ مان مطمعن نه هيو. هن کي اتي هر شيءِ فضول ۽ بي معنا نظر آئي.
هن پاڻ کي لفظن جو جادوگر محسوس ڪيو، جيئن لفظ ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل هجن جن کي هو هٿ جي صفائيءَ سان استعمال ڪري معمو حل ڪندو هجي. هن کي هر شيءِ لفاظي ۽ گوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آئي. ناول جا سڀ ڪردار بي وقوف ۽ بي عمل نظر آيا. هو لکيل ناول جي هر سٽ لڪيرون ڦيري ڪٽيندو ويو ۽ پاڻ کي مايوسين جي انڌيرن ۾ محسوس ڪيو. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. من جي پيڙا کي گھٽائڻ لاءِ هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو، جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ هن جي آنڌ مانڌ کي محسوس ڪيو. هن طوطو کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪڍيو. هن جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”توکي خبر آهي!
ته ڇا
اکر، لفظ،
زير ۽ زبر آهي؟
سمجهه!
بي خبري
وڏي خبر آهي“.
هن پڙهيو ۽ پوءِ اديب ڏي ڏٺو. اديب رقعي جي هر سٽ کي سمجهي چڪو هيو. هن اهو سوچي ناسمجهيءَ جو اظهار ڪيو جيئن نجومي ان جي وضاحت ڪري ته ڪي نوان نقطا سامهون اچن.
نجوميءَ رقعي جو مطلب واضع ڪندي چيو.
”جيڪي بي خبر آهن سي سڪون ۾ آهن. جنهن ڄاتو سو ڦاٿو. ڏاهپ پريشانين جو سبب آهي. جنهن سوچيو تنهن لوچيو. جنهن ولوڙيو تنهن ٻوڙيو. سوچون انسان کي مونجهارن کانسواءِ ڇا ڏئي سگھيون آهن؟ بي خبريءَ ۾ موج آهي. اڻ ڄاڻائيءَ ۾ مزو آهي. دنيا ۾ جانور انسانن کان خوش آهن. گلن مٿان ڦيرا ڏيندي پوپٽ جي بي خوديءَ جا چار ڏينهن انسان جي سالن تي محيط زندگيءَ کان بهتر آهن. اسين فطرت جا تراشيل بت آهيون. اسان جي بناوٽ جي ڦير گھير فطرت جي محتاج آهي. اسانجي پهچ ٻانهن جي پکيڙ تائين به نه آهي. شيون تنهنجي ڀاڪر مان کسجي وينديون. نقطا لفظ زيرون، زبرون بي معنا آهن. لفظ آسمان جا اجها مندڙ ۽ ٻرندڙ ستارا آهن. لفظ روز معنائون بدلائين ٿا. لفظ بي وس آهن. رحم ۽ ڪرم تي آهن. حال ئي حقيقت آهي. جيڪي وهي ٿو تنهن مان ڍڪ ڀرڻ ئي شفا آهي. جيڪي وهي چڪو آهي. جيڪي وهندو اهو لا حاصل آهي. سوچن جو نه هجڻ عقل جي معراج آهي. لفظن جو بي معنا ٿيڻ حقيقت آهي. تنهنجين سوچن توکي ڳولهي لڌو. جڏهن سچ ڪوڙ محسوس ٿئي ته اهوئي وڏو سچ آهي. جڏهن لکڻ لاءِ لفظ نه بچن ته لکڻ جي انتها آهي. تنهنجي مايوسيءَ جو سبب منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. تون جيڪي ڪيو صحيح ڪيو. جڏهن پبلشر اچي ته جيڪي آهي پيش ڪجانءِ. تون جيئن سمجهيو تيئن لکيو ۽ مٽائي ڇڏيو. اميد ته هو قبول ڪندو ۽ رضا تي راضي رهندو“.
نجوميءَ جي وضاحت ٻڌي اديب خوش ٿيو. هن ڪجهه سڪا ڪڍي هن حوالي ڪيا ۽ روانو ٿي ويو.
پبلشر هن وٽ آيو ۽ هن لکيل ناول ان حوالي ڪيو. اهو ”گھڻو ڪجهه“ جي عنوان سان شايع ٿيو ۽ ان اندر سڀ ڪاغذ ڪورا هيا. ان ناول جون ڪئي ڪاپيون وڪاميون ۽ نقادن ان کي منفرد ڪتاب قرار ڏئي ساراهيو.