6
هڪ ڏينهن ڪليڪٽر جي بدلي ٿي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر بنگلو خالي ڪري هليو ويو. ان جاءِ تي هڪ اهڙو ڪليڪٽر آيو جيڪو طبيعت جوسخت ۽ ڏاڍو بخيل هيو. هو نه ڪنهن سان ملندو هيو ۽ نه ڳالهائيندو هيو. هر وقت ڪاوڙ کان ان جو منهن گھنجيل هوندو هيو. هن جا ٻار ملڪ کان ٻاهر هيا جتي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هيا. بنگلي ۾ هو پوڙهي زال سان رهندو هيو. ان پوڙهي عورت کي ڏندن جي بيماري ڪري انهن وچ ۾ وٿيون هيون، جن کي هوءَ سدائين ڪاٺيءَ سان پئي کوٽيندي هئي،. جڏهن آبادگار کي خبر پئي ته نئون ڪليڪٽر بدلي ٿي آيو آهي. هن ضروري سمجهيو ته ان سان ملاقات ڪري جيئن وقت اچڻ تي اها ڪچي جي زمين هن جي هٿن مان نه وڃي ۽ اها پٽي تي هن وٽ برقرار رهي. اهو سوچي باغ مان چونڊ ذائقي دار زيتون پٽي هڪ ٽوڪري ۾ وڌا ۽ هو ڪليڪٽر جي بنگلي ڏانهن روانو ٿي ويو. ڪليڪٽر هن سان بي رخيءَ سان مليو، پر جڏهن هن ٽوڪرو کولي ان کي زيتون ڏيکاريا ته اهڙا منفرد ۽ عمدا زيتون ڏسي هن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ رويو هڪدم تبديل ٿي ويو.
”سائين مان پراڻو خادم “ آبادگار چيو ”توهان کان پهريون واري ڪليڪٽر جو به خادم هوس ۽ اوهان جو به خادم ٿي رهندس“.
ڪليڪٽر ڏاڍو خوش ٿيو.
”مون ڪڏهن اهڙا عمدا ۽ خوبصورت زيتون نه ڏٺا آهن“ ڪليڪٽر چيو ”اهي ڪهڙي علائقي جي پيداوار آهن؟“
”سائين اهي توهان جا عطا ڪيل آهن ”آبادگار چيو” ڪچي جي بئريج واري زمين جيڪا پٽي تي مليل آهي اهي اتان جي پيداوار آهن“.
ڪليڪٽر ڳالهه سمجهي ويو ۽ مرڪيو. زيتونن جو ٽوڪرو وٺي اردلي کي ڏنو جيڪو بنگلي اندر کڻي ويو.
جڏهن منجهند جي مانيءَ کانپوءِ هو زال سان گڏ باغ ۾ اچي ويٺو ته اردلي زيتون ڪٽي هڪ پليٽ ۾ آڻي انهن آڏو رکيا. زيتونن جي خوشبو ۽ رنگ ڏسي انهن جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ڪليڪٽر جڏهن زيتون کاڌا ته انهن جي ذائقي کان سندس دل باغ بهار ٿي وئي. هو ويو زيتون کائيندو ۽ انهن جي تعريف ڪندو. هن جي زال کي به زيتون ايڏا وڻيا جو وئي ڪٽيل ڦارن ۾ چڪ وجهندي ۽ چٻاڙيندي.
”واهه ڇا ته زيتون آهن“ ڪليڪٽرچيو ”ڇا ته انهن جو رنگ آهي. ڇا ته انهن جي خوشبو آهي ڇا ته انهن جو سواد آهي“.
کائيندي اوچتو زيتون جو داڻو ڪليڪٽر جي زال جي هوڙ ۾ وڃي ڦاٿو. هن زيتون کائڻ بند ڪيا ۽ اردليءَ کان ڇيت گھرائي هوڙ کوٽڻ لڳي. زيتون جو داڻو هوڙ ۾ ڪنهن اهڙي هنڌ وڃي ڦاٿو جو ان نڪرڻ جو نانءُ ئي نه پئي ورتو. عورت کوٽي ساڻي ٿي پئي پر داڻو ٻاهر نه نڪتو. گھڻي کوٽڻ ڪري شام تائين هن جون مهارون سجي ويون ۽ انهن مان رت رسڻ لڳو. هن جو ڳٽو سجي ويو ۽ سورجي شدت کان پلنگ تي ڪري وهاڻي تي پاسيري ٿي سمهي پئي. ڪليڪٽر زال جي اهڙي حالت ڏٺي ته ڏاڍو پريشان ٿيو. رات جو ڏندن واري ڊاڪٽر کي آندو ويو جنهن چڪاس ڪري هوڙ ۾ داڻي کي ڳولهي لڌو. هن هر اوزار آزمايو پر عورت جي هوڙ مان داڻو ڪڍي نه سگھيو. هن سور گھٽائڻ لاءِ دوا جو پوپو هن جي هوڙ ۾ رکيو ۽ ڪليڪٽر کي دلجاءِ ڏئي روانو ٿي ويو. عورت کي رکيل پوپي ڪري گھڙي سوا آرام آيو پر پوءِ وري سور جي شدت کان اها پلنگ تي ليٿڙيون پائڻ لڳي. زال جي تڪليف ڪري ڪليڪٽر سڄي رات نه ستو. صبح سان اٿيو ته هن جون اکيون سڃيل هيون ۽ ڪاوڙ کان سڄو پئي ڏڪيو. هن جيپ تيار ڪري وڏي شهر جو رخ ڪيو جتي پهچي هڪ اسپتال ۾ زال کي داخل ڪرايو ۽ هڪ آپريشن کانپوءِ زيتون جو داڻو ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو. ان حادثي ۾ ڪليڪٽر جو هڪ هفتو ضايع ٿي ويو. جڏهن واپسي پهتو ته اچڻ سان اردليءَ کي چيائين.
”ڪو ٽوال کي حڪم پهچاءِ هو آبادگار کي هڪدم پڪڙي منهنجي سامهون پيش ڪري جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ زيتون پهچايا هيا.“
حڪم ملڻ شرط اردلي ڪوٽوال وٽ پهچي ڪليڪٽر جو حڪم ٻڌايو. ڪوٽوال سپاهي ساڻ ڪري آبادگار وٽ ويو ۽ وڃي هن کي گريبان کان جهليائين. آبادگار اوچتي آفت ڏسي گھٻرائجي ويو.
”پر منهنجو قصور ڪهڙو آهي؟“ هن دانهن ڪئي ”ڪليڪٽر ته مون مان خوش آهي. آخر ڪهڙي خطا ٿي جو ڪليڪٽر ڪاوڙيو آهي“.
ڪوٽوال هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي ته ڪيئن هن جي موڪليل زيتونن ڪري ڪليڪٽر جي زال عذاب ۾ مبتلا ٿي ۽ ڪليڪٽر بي آرام ٿيو. اها ڳالهه ٻڌي آبادگار دل ۾ پڃرڻ لڳو ته هن اجايو تڪڙ ڪري ڪليڪٽر کي زيتون ڏنا، ٻه چار ڏينهن صبر ڪري هن جي طبيعت جو اندازو لڳائي ها ته آخر ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ هن اجايو پاڻ وڻائڻ لاءِ پاڻ کي مصيبت ۾ گرفتار ڪيو. آبادگار ڪوٽوال سان گڏ ڪليڪٽر آڏو پيش ٿيو ۽ ڪليڪٽر کائي ويندڙ نظرن سان هن ڏانهن نهاريو.
”مونکي ڪهڙي نڀاڳ کنيو جو توکان اهڙا زهر جهڙا زيتون وٺي گهر موڪليم“ هن نفرت مان چيو”مونکي جيڪا تڪليف آئي آهي تون ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگھين. اهو سڀ تنهنجي ڪري ٿيو آهي. نه اهڙا زيتون پوکين نه ائين ٿئي“.
ڪليڪٽر چيو پوءِ اردلي ڏي منهن ڪري حڪم نامو جاري ڪيو.
”هن آبادگار جي بئريج واري ڪچي جي زمين جو پٽو منسوخ ڪري هڪدم محروم ڪيو وڃي ۽ ڪا به سرڪاري زمين ڪڏهن به هن کي نه ڏني وڃي. فرض ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڏوهه تحت هن کان ڏهه هزار ڏنڊ ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن اهو ادا نه ڪري ته هڪ سال سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني وڃي.“
حڪم ٻڌڻ شرط آبادگار هن اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهيو.
”سائين ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي“ هن عرض ڪيو ”مونکي ڪهڙي خبر ته انهن ذائقيدار زيتونن جو ٻج ايڏو هاڃيڪار هوندو. جيڪڏهن مونکي اڳواٽ اهڙي خبر هجي ها ته اها حرڪت ڪڏهن ڪين ڪريان ها. مونکي سزا نه ڏني وڃي ته سائين جن جو شڪر گذار رهندس“.
ڪليڪٽر جيڪو ڪاوڙ ۾ ٻريو پئي، ان هن جي رحم جي درخواست تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ سپاهي هن کي گھليندا وٺي ويا. هن کان پٽو منسوخ ڪري زمين واپس ورتي وئي ۽ هن ڏنڊ جي رقم پڻ ادا ڪئي. ايڏي وڏي رقم ڏنڊ ۾ ڏيڻ کانپوءِ هن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. هو مسڪين ۽ لاچار ٿي پيو. ان ڏک کي دل ۾ سانڍي هو تاڙي خاني ۾ آيو جتي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي طوطو هٿ تي کڻي لفافن مٿان لاٿو. طوطي چڪر هڻي لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو. اتي لکيل هيو.
”شڪر آ ڌڻي
تو ڏنا،
بيشڪ
زيتون سٺا
پر
ٻج ڪنا“.
نجوميءَ رقعو پڙهيو ۽ آبادگار ڏانهن ڏٺو. آبادگار کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. نجوميءَ ان رقعي جي وضاحت ڪندي ٻڌايو.
”اسين صرف رب پاران مليل خوشين تي شڪر ڪريون ٿا ۽ ڏکن کي دل سان قبول نه ٿا ڪريون پر اهو سوچڻ گھرجي ته جيڪڏهن دنيا ۾ خوشيون ملنديون ته ڏک به ضرور ملندا، ڇو جو خوشيون ۽ ڏک الڳ نه آهن. جيڪڏهن خوشيون ذائقيدار زيتونن جيان آهن ته ڏک انهن ۾ پيل ٻجن جيان آهن. جڏهن ماڻهو دنيا جا مزيدار زيتون کائي ٿو ته اهو سوچڻ گھرجي انهن جا ٻج عذاب جو باعث بڻجي سگھن ٿا. ٻج زيتون کان الڳ نه آهن. زيتون سان گڏ اهي به وات ۾ چٻاڙبا ۽ زيتون جي ذائقي کي زائل ڪندا. جڏهن اسان ڌڻيءَ آڏو شڪر ڪريون ٿا ته پوءِ ان پاران مليل هر شيءِ کي کليءَ دل سان قبول ڪريون، ڇو جو اهي سڀ ان جون عطا ڪيل آهن. جتي چڱايون آهن اتي مدايون به آهن. جڏهن پيار ڪيون ٿا ته نفرتون ۽ بي وفايون اسان لاءِ عذاب جو سبب بڻجن ٿيون. جيڪڏهن اسان انهن نفرتن ۽ بيوفائين کي به پنهنجو سمجهي قبول ڪيون ته جيڪر عذابن مان آجپو ماڻيون. سکن سان گڏ ڏکن کي قبول ڪيون ته ڪڏهن به ڏکن ۾ نه پئون. جيڪڏهن آسانين سان گڏ مصيبتن کي به پنهنجو سمجهون ته ڪڏهن به مصيبت ۾ مبتلا نه ٿيون“.
نجوميءَ پوءِ آبادگار کي وڌيڪ سمجهائيندي چيو.
”جتي تنهنجي زندگي سک ۽ آرام سان گذري آهي اتي توکي ڏک ۽ تڪليفن کي به برداشت ڪرڻو پوندو. تون مايوس نه ٿي ۽ اميد جي چڻنگ کي ڳولهي لهه. سڀ ڏينهن ساڳيا نه آهن. وقت ڦرندو ۽ وري تنهنجا سٺا ڏينهن موٽندا“.
نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌي آبادگار کي حوصلو مليو ۽ دل جو بار هلڪو ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه سڪا هن حوالي ڪري هليو ويو.
نجومي وقت کي ياد ڪندو ويو ۽ وقت وارن ۾ جونءَ جيان سرندو رهيو. هن اڳيان وقت جا لمحا روپ بدلائي ٺهندا بگڙ جنڊا ڪڏهن اکيون ڦوٽاري ڏسندا ڊيڄاريندا ۽ ڪڏهن مرڪندا ٽهڪ ڏيندا لنگھيندا رهيا. نجومي پاڻ اڳيان ماضيءَ جي ان وهي ويل ڌار کي پري کان ڏسندو رهيو ۽ ان ڌار جي وهندڙ سيلاب اندر سوين ٻانهون هٿ مٿي ڪري هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لڳيون. نجوميءَ وٽ ٻيو ڪو مشغلو نه هيو سواءِ ان جي ته هو ماضي جي مورتين اندر موجود رهي، پنهنجين اڪيلاين کي دور ڪري سگھي.
هن وقت گذارڻ لاءِ وري سامهون پيل لفافن مان هڪ کولي ان کي پڙهيو. هن ڏٺو اهو ساڳيو لفافو هيو جيڪو هڪ نيڪ سيرت انسان جي قسمت ۾ نڪتو هيو. اهو نيڪ سيرت انسان جيڪو پرهيزگار هيو. اهو قسمت جي اهڙي ڪوڙڪي ۾ اچي ڦاٿو هيو جو هن لاٰءِ جان ڇڏائڻ ڏکي ٿي وئي. شايد عبادتون هن کي اهو سڪون نه ڏئي سگھيون. هڪ ڏينهن اهو اندر جي آنڌ مانڌ کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. جڏهن ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏسي ان وٽ ويو ۽ پنهنجي مقدر متعلق هن سان ڳالهايو.
”شايد منهنجي قسمت ڏکن کانسواءِ ڪجهه نه آهي“ هن نجوميءَ کي چيو ”مان ڏاڍو پريشان آهيان“.
نجوميءَ ان نيڪ سيرت انسان کي پاڻ وٽ ويهاريو.
”توکي ڪهڙي پريشاني آهي“؟ نجومي پڇيو ”شايد مان تنهنجي پريشاني دور ڪري سگھان“.
اهو نيڪ دل انسان نجوميءَ وٽ ويٺو ۽ هن کي ٻڌايو.
”منهنجو پٽ جنهن جي عمر پندرهن سال آهي، اهو گذريل ٻن سالن کان گم آهي. ٻه سال اڳ اهو گھر مان وڙهي نڪتو هيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪا خبر نه آهي ته ڪيڏانهن ويو. مان تمام پريشان آهيان. ان کي ڳولهيندي ٿڪجي چڪو آهيان. جنهن جتي ڏسيو مون اتي ڳولهيو پر اهو ڪٿي نظر نه آيو. مان اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته ڇا اهو ٻڌائي سگھندي ته اهو ڪٿي آهي؟“ نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي پر اڃان گھڻو ٻڌڻ پئي چاهيو.
”تون جيڪڏهن پورو قصو ٻڌائين ته جيڪر ڳالهه جي تهه تائين پهچي ڪو حل ڪڍي وجهون“ نجوميءَ چيو.
اهو نيڪ دل انسان وات تي هٿ ڏئي کنگھيو ۽ پوءِ پوري ڳالهه ٻڌائي.
اهو شخص شهر جي ان حصي جو رهاڪو هيو جتي نئي آبادي جنم وٺي رهي هئي. ماڻهو ڳوٺن کان لڏ پلاڻ ڪري اچي رهيا هيا ۽ هڪ نئون شهر آباد ٿي رهيو هيو. ان نيڪ دل انسان جو گھر به اهڙي محلي ۾ هيو. محلي جو ماحول سٺو نه هيو. اتي جوا جا اڏا هيا ۽ ڳاڙهي بازار جون ڪجهه تڙيل وئشائون اچي ويٺيون هيون. ان شخص کي خدا ججهي اولاد سان نوازيو هيو. هن کي ست پٽ ۽ پنج نياڻيون هيون. هن جو چوٿون پٽ بري صبحت ۾ اچي هٿن مان نڪري ويو. اهو ڏاڍو ڏنگو ثابت ٿيو. سڄو ڏينهن جوا جي اڏي تي ويٺو هوندو هيو ۽ ان کي جيترا پئسا ملندا هيا اهي جوا جي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو هيو. بري سنگت ۾ اچي ان ويڙهه جهيڙ شروع ڪئي. پاڙي ۾ شهر جو بدنام بدمعاش رهندو هيو جنهن کي ”ٽڳڙي بادشاهه“ جي نالي سان سڏيندا هيا. ٽڳڙي بادشاهه هڪ تپيدار جو پٽ هيو. اهو تپيدار جڏهن گھر موٽندو هيو ته ان کي ڪڪڙ ڪڇ ۾ هوندي هئي. ڪڏهن هو ڪنهن ٻڪري کي رسي کان ڇڪيندو نظر ايندو هيو. هڪ دفعي اهو ڪنهن غريب کان ڳوري کٽ کڻائي ايندي به نظر آيو. هڪ ٿلهو ڪتاب ان جي ڪڇ ۾ هوندو هيو ۽ ڪنهن بيماريءَ ڪري ان جا پير مٿي ڀيڏين تائين سجيل هوندا هيا. اهو تپيدار دنيا داري ۾ ايڏو ته ڦاٿل هيو جو پٽ جي تربيت طرف ڌيان نه ڏئي سگھيو ۽ اهو بگڙجندو هڪ ڏينهن شهر جو وڏو بدمعاش ثابت ٿيو. ان کي ور ۾ ست چڪرو چاڪو پيل هوندو هيو. گريبان کولي سڄو ڏينهن ڪنهن سينيما تي بيٺل هوندو هيو. جڏهن ڪلهو هڻي ڪنهن سان وڙهندو هيو ته ور مان ست چڪرو چاقو ڪڍي کوليندو هيو. گراڙي ءَ جي آواز تي ماڻهو پري ڀڄي ويندا هيا. ڪنهن کي جرئت نه ٿيندي هئي جو ان بدمعاش سان مهاڏو اٽڪائي سگھي. هڪ دفعي ان نيڪ دل انسان جي ڇوٿين نمبر پٽ سان ان بدمعاش جو ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿيو. ڇوڪرو ڏاڍو ڦڙتيلو هيو. هن دوڪان تان ٻارڻ واري ڪاٺي کڻي ان بدمعاش کي مٿي ۾ وهائي ڪڍي. بدمعاش کي چڪر اچي ويو ۽ روڊ تي ڪري پيو. ڇوڪرو وٺي ڀڳو ۽ نظرن کان گم ٿي ويو. بدمعاش کي جڏهن هوش آيو ته ان ڇوڪري کي ڳولهيو پر اهو هن کي نه مليو. ان کي پريان ان ڇوڪري جو پيءُ ايندي نظر آيو. هن بدلو وٺڻ لاءِ ويجهو وڃي چاقو ڪڍي کولي ان کي سٿر ۾ وهائي ڪڍيو. اهڙي اوچتي حملي تي اهو نيڪ دل هراسجي ويو ۽ سور کان رڙ ڪري پڇيائين.
”اڙي خير ته آهي. مان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو“؟
ان تي بدمعاش ڏند ڪرٽيندي چيو.
”تون نه ڪيو، تنهنجي پٽ ته ڪيو“.
ماڻهو وچ ۾ پيا. بدمعاش کي ڇڪي پري وٺي ويا ۽ ان نيڪ دل انسان کي ڊاڪٽر وٽ وٺـي مرهم پٽي ڪرائي گھر موڪليائون. اهو نيڪ دل انسان ماٺ ڪري ويهي رهيو، نه ڪنهن کي دانهن ڏنائين ۽ نه شڪايت ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهو بدمعاش چريو ٿي پيو. ان جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا وار وڏا ٿي ڪلهن تي لڙڪڻ لڳا. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته ان جي وات مان چچريل لفظ نڪرندا هيا. هڪ دفعي اهو گھر کان ٻاهر آيو. ٻانهن جا ڪف مٿي ڪري گھٽيءَ ۾ وهندڙ گندي پاڻيءِ جي ڪسي تي اچي ويٺو. هن هٿ منهن ڌوئي گرڙيون ڪري هڪ ڀڳل ڀت تي چڙهي ملان جيئن ٻانگ ڏني ۽ سجدي ۾ ڪري پيو. اهو دماغي توازن وڃائي ويٺو هيو. هن کي جڏهن پريان اهو نوجوان ڇوڪرو نظر آيو جنهن هن کي مٿي ۾ ڪاٺي وهائي ڪڍي هئي ته هن ڊڪي ان کي پڪڙيو ۽ پوءِ چيو.
”مونکي قميص جي ڪالر پٽي ڏي مان چانهه سان کائيندس“.
نوجوان جي لٺ جو اثر هيو يا نيڪ دل جي صبر جو ڪرشمو جو اهو بدمعاش ڪنهن ڪم جو نه رهيو. هڪ دفعي ان چري جي ننڍي ڀيڻ نيڪ دل انسان جي پويان پئي آئي. اهو نيڪ دل جيئن لنگھيو پئي ته ڇوڪري هن جي قدمن جي مٽي کڻندي پئي آئي. ڪنهن انهن کي چيو هيو ته اهو سڀ ان نيڪ دل انسان جي بد دعا جو اثر آهي. بد دعا کي زائل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي قدمن جي مٽي باهه ۾ ساڙي وڃي ان بد دعا جو اثر ختم ٿي ويندو ته اهو وري پنهنجن حواسن ۾ موٽي ايندو، پر ائين نه ٿيو. اهو چريو هڪ ڏينهن ڦڙو مل جي واڙي ۾ مئل پيو هيو. شايد هو ڪنهن نانگ جي ڏنگڻ سبب مئو هيو.
اتي ڪرايي جي جاءِ ۾ بسن جا ڪنڊيڪٽر رهندا هيا. انهن کي فوجين جهڙا ڪپڙا پاتل هوندا هيا ۽ اسٽالن جهڙيون مڇون هونديون هيون. اهي شام جو موٽڻ مهل ايڏا ته ٿڪيل هوندا هيا. جو انهن جا گيتلا زمين سان رڳڙجي پويان مٽيءَ جو غبار ڇڏيندا هيا. موڪل ڏينهن اهي ڪنڊيڪٽر جاءِ جي ٻاهرين دريءَ وٽ هارمونيم ۽ ڍولڪ وڃائي بي سري آواز ۾ ڳائيندا هيا. رونشو ڏسي پاڙي جا ڇوڪرا دريءَ وٽ ڪٺا ٿيندا هيا. اهي ڪنڊيڪٽر هٿن جي اشارن سان ڇوڪرن کي اندر سڏي پاڻ وٽ ويهاريندا هيا. اهي بي سري آواز ۾ ڳائيندي اکين جي اشارن ۽ هٿن سان فحش حرڪتون ڪندا هيا.
هڪ دفعي نيڪ دل جو پٽ به انهن وٽ وڃي ويٺو. هڪ ڪنڊيڪٽر ڍولڪ وڄائيندي هن سان حرڪت ڪئي. ڇوڪري کان برداشت نه ٿيو. ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هن اتي پيل بس جي اوزارن جي پيٽيءَ مان پانو ڪڍي ان کي مٿي تي وهائي ڪڍيو. ڪنڊيڪٽر بيهوش ٿي ڍولڪ مٿان ڪري پيو ۽ ان تي ٽمندڙ رت ڌڙڪندڙ دل جي آوازن جيان ڪرڻ لڳو.
اهي ڏينهن ان نيڪ دل انسان لاءِ سٺا نه هيا جڏهن هن جي پٽ ننڍي ڀيڻ جو سونو هار جوا ۾ هارايو. اهو هڪ رات پئسن هارائڻ کانپوءِ گھر آيو ۽ ڪاٺ جي الماڙي کولي ان مان سونو هار ڪڍي هليو ويو. جڏهن جوا ۾ هارايو ته ڄڻ هن جي دل کي ڌڪ لڳو. هن کي احساس ٿيو ته هن سٺو ڪم نه ڪيو آهي. هن کي ڀيڻ جو هار چوري نه ڪرڻ کپندو هيو. ان احساس هيٺ مايوس ٿي جواخاني ۾ ويهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو.جيڪڏهن هو گھر ويو ته پيءُ کي ڪهڙو جواب ڏيندو ڇو جو اتي سڀني کي خبر چئجي چڪي هوندي ته سونو هار هن چوري ڪيو آهي. ان ذلت جي احساس ڪري پوري رات ڪنڊ وٺي سوچيندو رهيو. ڪنهن هن کي نشي آور گوريون کارائيون ۽ هو حواس وڃائي ويٺو. ڪاوڙ خوف ۽ ضمير جي ملامت کان وڦلڻ لڳو. هو اٿيو ۽ جوارين کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ٻه چار جواري جيڪي پئسا هارائي ويٺا هيا توائيءَ ۾ اٿيا ۽ هن کي منهن ۾ ڌڪ وهائي ڪڍيا. هو رت وهائيندو جواخاني مان ٻاهر نڪتو، ٿيڙ کائيندو بئريج روڊ تان اڳتي وڌيو ۽ بندر روڊ کان ٿيندو پل تي آيو. هن لوهه جي گيڊر ۾ هٿ ڀيڪوڙي عرش ڏي منهن ڪري روئي ڍڍڪيون ڏنيون. ڳوڙها هن جي ڳلن تان چانڊوڪي جذب ڪري رجيل سون جيان هيٺ ڪرڻ لڳا. هن پل تان ٽپو ڏنو ۽ هوا ۾ گسندو هيٺ پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو. ٿوري دير کانپوءِ مٿي ظاهر ٿيو ۽ وري هيٺ هليو ويو. هو وري ڪڏهن ظاهر نه ٿيو،
نيڪ دل پٽ کي ڳولهيندي ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هن ماڻهن کان ڏس ورتا. هو جواخاني ويو ۽ هن کي اتي ٿيل سڄي ماجراجي خبر پئجي وئي. هن سوچيو سون جو هار گهوريو شل پٽ واپس وري پئي. هن سمجهيو متان ان شرم کان ته سون جو هار جوا ۾ هارايو آهي هو ڪنهن ٻئي شهر وڃي لڪيو هجي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپس اچي وڃي. هو پٽ جو انتظار ڪندو رهيو. پر جڏهن ٻه ڏينهن گذريا ۽ هو واپس نه آيو ته هن جي پريشانيءَ ۾ اظافو ٿي ويو. هو اٿيو ۽ درياهه مٿان پل تي اچي پهتو. اتي هڪ سپاهيءَ هن کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نوجوان پل تان پاڻ اڇلائي آپگهات ڪيو هيو. اهو سپاهي اوندهه هجڻ ڪري ان جا ڪپڙا ۽ چهري جا نقش نه ڏسي سگھيو هيو. ان نيڪ دل سمجهيو مٿان اهو ڪو ٻيو هجي جنهن آپگھات ڪيو آهي هو موٽي گھر آيو ۽ پٽ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪن ماڻهن هن کي ٻڌايو ته دودي ڳوٺ وٽ واهه مان هڪ لاش مليو آهي، جيڪو ڪنهن نوجوان جو آهي ۽ ان جا پارپتا هن جي گم ٿي ويل وپٽ جهڙا آهن. هو ننڍي ڀاءُ کي ساڻ ڪري دودي ڳوٺ پهتو. انهن ڏٺو لاش جي جسم تي ساڳيا ڪپڙا پهريل هيا، جيڪي گھر ڇڏڻ وقت هن جي پٽ کي هيا، پر جڏهن انهن غور سان ڏٺو ته ان کي سڃاڻي نه سگھيا. گھڻا ڏينهن پاڻيءَ اندر هجڻ ڪري اهو اصل حالت ۾ نه رهيو هيو. ان جو منهن سجيل ۽ جسم ڳورو ٿي چڪو هيو. ان کي ڏسڻ کانپوءِ نيڪ دل اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو ته اهو لاش هن جي پٽ جو آهي. هن جي دل اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هئي ته هن جو پٽ مري چڪو آهي ۽ دنيا ۾ نه رهيو آهي. هن کي آسرو هيو ته اهو هڪ ڏينهن ضرور موٽندو ۽ ان سان ملاقات ٿيندي. اهو سوچي ٻنهي ڀائرن لاش کي اتي ئي ڳوٺ ۾ دفنائي ڇڏيو. ۽ گھر موٽي آيا،
ٽي مهينا گذري ويا ڪوشخص هن وٽ آيو ۽ چيائين،
”مان تنهنجو پٽ هڪ هنڌ ڏٺو آهي. جيڪڏهن اچڻ وڃڻ جو ڪرايو ڏين ته مان ان کي راضي ڪري تو وٽ وٺي اچان“.
اها ڳالهه ٻڌي نيڪ دل ڏاڍو خوش ٿيو.
”ته پوءِ مان به توسان هلندس“ ان چيو ”مونکي وٺي هل جيڪو خرچ ٿيو ڏيندس“.
”مون ان سان ڳالهايو آهي“ ان شخص چيو ”تنهنجو پٽ گھر واپس اچڻ لاءِ تيار آهي. متان توکي مونسان ڏسي اتان ڀڃي وڃي. بهتر ائين آهي ته مونکي پئسا ڏي وعدو ٿو ڪريان ته ڪيئن به ڪري ان کي واپس وٺي تو وٽ ايندس“.
نيڪ دل ان کي پئسا ڏنا ۽ اهو پئسا وٺي ائين گم ٿي ويو ڄڻ جن هيو. وري ڪڏهن نه وريو. اهو نيڪ دل ان جو انتطار ڪندي مايوس ٿي ويو.
هڪ ڏينهن ماڪي فقير وٽ ويو ۽ ان سان حال اوريائين ماڪي فقير هن کان پئسا وٺي اهڙو ڏس ڏنو جو جڏهن اهو ان جي ڏسيل راهن تي پٽ کي ڳولهيندو، ريل گاڏين، بس اڏن ۽ پيرين پيدل سفر ڪندو ڏور جهنگن، جبلن ۽ ريگستانن تائين هليو ويو، پر هن کي ماڪي فقير جو ڏسيل ماڳ ڪٿي نه مليو، هو رستو وڃائي ويٺو ۽ هڪ اهڙي آستان تي اچي نڪتو جتي هڪ ڀوپو ڀت کي ڌڪ هڻي سوال ڪندو هيو ۽ جواب ۾ ڀت اندران هڪ ڳورو آواز ايندو هيو، جنهن ۾ سائل جي ٻڌايل مسئلي جو حل هوندو هيو. اهو نيڪ دل جڏهن اتي پهتو ته اتي اڳواٽ ويٺل شخص ڪنهن طريقي سان هن کان دل جو احوال ورتو ۽ جڏهن ڀوپي ڀت کي ڌڪ هڻي ڳالهايو ته ڀت اندران اڳواٽ احوال ٻڌي هو حيران ٿي ويو.
ڀوپي جڏهن ڀت کي ڌڪ هنيا ته اندران آواز آيو
”توکي پٽ ملي ويندو. فڪر ڪرڻ مان ڪو فائدو نه آهي. تنهنجو پٽ عيش واري زندگي گذاري رهيو آهي. هن کي جڏهن احساس ٿيو ته وطن واپس ورندو ۽ توسان ملندو. دلجاءِ ڪر، گھٻرائڻ جي ضرورت نه آهي“.
نيڪ دل جڏهن اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. هن جي دل مطمعن ٿي وئي ۽ اندر ۾ اميد جاڳي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو. هن وڏي رقم ڀوپي کي ڏني ۽ گھر روانو ٿيو.
چار سال گذري ويا هن جو پٽ نه موٽڻو هيو نه موٽيو. هو پٽ کي ياد ڪري ڏاڍو رنو. گھر کان نڪتو ۽ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. تاڙي پي دل جو بار هلڪو ڪيائين جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجومي هن جي حال کان واقف ٿيو ته طوطي کي هٿ تي کڻي لفافن تي لاٿائين. طوطي هڪ لفافو ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ڀڳل دال جو داڻو کائي واپس ڪلي تي وڃي ويٺو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو. اتي لکيل هيو.
”مالڪ جي
آهي اها راءِ.
هر شيءِ
نه آهي تنهنجي،
پر
آهي تنهنجي لاءِ“
رقعو پڙهي نجوميءَ نيڪ دل ڏانهن نهاريو جيڪو خاموش ويٺل هيو.
نجوميءَ ضروري سمجهيو ته ان جي وضاحت ڪري.
”دنيا جي ڪنهن به شيءِ تي ڪنهن جي دعويداري نه آهي. شيون اسان جون نه آهن پر اسان لاءِ آهن. ٻين جو ته ڇا پر هرڪو پنهنجي پاڻ جو به دعويدار نه آهي. اسين نه پنهنجي اولاد جا دعويدار آهيون. ۽ نه مال ملڪيت جا. بيشڪ شيون اسان لاءِ خلقيون ويون آهن. پر اسان انهن کي پاڻ سان گڏ نٿا کڻي وڃون. دنيا ڪروڙها سال پراڻي آهي. اتي هڪڙا آيا ٻيا ويا. دنيا موجود آهي، ماڻهو بلدجن ٿا. جنهن دعوا ڪئي ان پاڻ سان دغا ڪئي. دعويداري هڪ اهڙي ڄار جيان آهي جنهن ۾ جيڪو ڦاٿو سو جيئري مئو. شين تي اسان جو وس نه آهي، ڇو جو اهي آهن ته اسان لاءِ پر اسان جون نه آهن. اولاد به ائين آهي، تون ان تي دعويداري ڪري پاڻ کي تڪليف ۾ مبتلا نه ڪر. انساني نسل اهڙي ڦوهاري جيان آهي. جيڪو دنيا جي باغ ۾ لڳل آهي. ان مان انسان قطرن جيان ڪرن ٿا ۽ هيٺ ڪري پاڻيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. اسان پنجن پيڙهين کانپوءِ وڏڙن کي وساري ويهون ٿا. دنيا ۾ ڪروڙين قبرون اهڙيون آهن جن جي وارثي جو ڪو دعويدار نه آهي. اهي گمنام ماڻهن جون قبرون آهن. ويندڙ ماڻهن کي گهڻا ڏينهن ياد ڪري روئڻو پوندو؟ جيڪا شيءِ وئي اها تنهنجي نه هئي. بيشڪ تنهنجي لاءِٰ هئي پر دعويداريءَ جو ڪهڙو ضرور“.
پوءِ نجوميءَ هن کي پنهنجي ننڍپڻ جو واقعو ٻڌايو.
جڏهن ننڍو هيو ته هن جو ڏاڏو فوت ٿي ويو. هن کي قبرستان ۾ هڪ چن جي پهاڙيءَ کان چاليهه قدم پري دفانيو ويو. ڳوٺن ۾ قبرن تي ڪتبن جو رواج نه هيو. قبرن کي خاص نشانين سان سڄاتو ويندو هيو. چن جي پهاڙي ۽ ان جو فاصلو قبر جا نشان هيا. هو عيد برات تي پيءُ سان ڏاڏي جي قبر تي ويندو هيو. ان چن جي پهاڙ ڀرسان هڪ بٺي هئي جتي پهاڙ کي بارود سان ٽوڙيو ويندو هيو. وقت سان اهو چن جو پهاڙ ويو ننڍو ٿيندو. آخر اهڙو وقت به آيو جو قبر ۽ چن جي پهاڙ وچ ۾ فاصلو وڌي ويو. هڪ عيد تي جڏهن هو ڏاڏي جي قبر تي ويو ۽ دعا گھري رهيو هيو ته ڪو شخص هن ڀرسان اچي بيٺو ۽ ان به دعا گھرڻ شروع ڪئي. جڏهن هو دعا گھري واندا ٿيا ته ان هن ڏانهن حيرت ۾ ڏٺو ۽ چيو
”ادا توهان ڀليا آهيو.... هيءَ قبر منهنجي پيءُ جي آهي“.
”پر هيءَ منهنجي ڏاڏي جي آهي“. هن چيو ”اسان سالن کا هت دعا گھرڻ ايندا آهيون“.
پوءِ هن کي احساس ٿيو ته اها هن جي ڏاڏي جي قبر نه هئي. ٽڪجندڙچن جي پهاڙ ۽ وڌندڙ فاصلي هن جي ڏاڏي جي قبر جا نشان مٽائي ڇڏيا هيا. هن قبرستان اندر سڀ نشان ذهن ۾ رکي قبر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳولهي نه سگھيو. ۽ ڏاڏي جي قبر کان محروم ٿي ويو.
پوءِ نجوميءَ هن کي آٿت ڏنو.
”مونکي ڏاڏي جي قبر وڃائجڻ جو ڪو ملال نه آهي. مان ان جو دعويدار نه آهيان. تون مالڪ نه سڏاءِ جيڪا شيءِ تنهنجي نه هئي ان تي دعويدار ي ڪري پاڻ کي نه وچڙاءِ، شين مان آجو ٿيڻ سان دل جو بار هلڪو ٿئي ٿو. آخر اهڙو وقت به اچڻو آهي جڏهن تنهنجي دل توسان دغا ڪندي ۽ تنهنجو وس نه هلندو“.
نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌي نيڪ دل سڪون محسوس ڪيو ۽ اها ڳالهه هن کي سمجهه ۾ اچي وئي ته انسان مالڪ نه آهي هو صرف سنڀاليندڙ آهي. مالڪ شيءِ موٽائي وٺي ٿو ته هن کي اعتراض نه هجڻ گھرجي. دعويداري ان رانديڪي جيان آهي جنهن جي ڀڄي پوڻ تي ٻار روئيندو آهي.
نجومي جڏهن ماضيءَ تي سوچيندو هيو ته اهو هن لاءِ اطمعنان جو باعث ان ڪري به هوندو هيو ته هن ماڻهن سان چڱايون ڪيون. انهن جي هن پيڙا کي ڏور ڪرڻ لاءِ صلاحيتن کي استعمال ڪيو. هن سوچيو متان هن جي ڪنهن نيڪ عمل ڪري هن کي شفا ملي پوي. هو وري طوطي کي ساڻ ڪري تاڙي خاني ٻاهران ويهي سگھي. هن وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو کنيو ۽ ان کي کولي پڙهيو. هن کي اهو پوڙهو ياد اچي ويو جيڪو اسي سالن جو هيو. اهو ڪڻڪ رنگو شخص هيو جنهن کي ڪاري ڪوٽي پاتل هوندي هئي. جسم ۾ سنهو هجڻ ڪري پنهنجي عمر کان گھٽ پئي نظر آيو. ان جون ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل هيون ۽ وارن کي رنگ ٿيل هيو. ان جي منهن ۾ نسوانيت هئي. جڏهن ان ڳالهايو پئي ته هن جو منهن ڳِٽن وٽان ڳاڙهو پئي ٿي ويو. اهو شهر جو مشهور شاعر، صحافي ۽ سياستدان هيو. ان شاعري گھڻي ته نه ڪئي هئي پر صحافت ۾ پاڻ ملهايو هيو. سياست ۾ هن تي گانڌي جو اثر هيو ۽ هو پاڻ کي پڪو ڪانگريسي سڏائيندو هيو. اهو ٽن زالن هوندي اسي سالن جي عمر ۾ پنجويهن سالن جي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ ان جي عشق ۾ ايڏو ته مبتلا ٿي ويو جو هن جي دل جو چين لٽجي ويو. هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙي پي پنهنجي من جي لٽيل سڪون کي بحال ڪيو ۽ پوءِ جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
”منهنجي من جي پيڙا جو ڪهڙو علاج آهي“؟ هن نجوميءَ کان سوال ڪيو ”ڇا اندر جي آس پوري ٿيندي؟ ڇا اهو ملندو جنهن کي من ڳولهيندو رهي ٿو“؟
نجوميءَ ان پوڙهي کي پاڻ وٽ ويهاريو.
”تنهنجي اندر جي آس جي انجام جي خبر تڏهن پوندي جڏهن تنهنجي قسمت جو لفافو کلندو“ نجوميءَ چيو.
”مان هڪ خوبصورت شاعرا جي عشق ۾ مبتلا ٿي پيو آهيان“ پوڙهي چيو ”منهنجي من جي حسرت آهي ته ان کي حاصل ڪريان. ڇا مونکي ٻڌائي سگهندين ته اها منهنجي ءَ قسمت ۾ لکيل آهي؟ ڇا اها مونسان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي ويندي؟“
نجومي پوڙهي جون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويو. هن کي يقين ئي نه پئي آيو ته هڪ پوڙهي جو سڀ کان وڏو مسئلو هڪ نوجوان عورت سان شادي آهي. ان عمر ۾ جڏهن ماڻهو موت لاءِ فڪر مند هوندا آهن، ان پوڙهي کي گهوٽ بڻجڻ جي خواهش هئي.
”ڳالهه پوري ٻڌاءِ ته پوءِ قسمت جو لفافو ڪڍي ڪو مسئلي جو حل ڪڍون“. نجوميءَ چيو.
پوڙهي نجوميءَ کي پنهنجي عشق جو پورو داستان ٻڌايو.
اهو ڪانگريسي پوڙهو جنهن کي گانڌيءَ جي صحبت نصيب ٿي هئي، کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ سٻاجهڙو هوندو هيو. اهو پنهنجي ملڪ جو لوڻ وجهي انگريزي ڀاڻ کان پاڪ سبزيون اٻاري کائڻ جو شوقين هيو. اهو ٺوڙهي ٻڪريءَ جو کير پيئندو هيو جنهن ڪري هن جي مٿي جا وار ڪڏهن نه ڇڻيا. هو ناشتي ۾ ڏڌ سان جوئر جي ماني کائيندو هيو ۽ پنهنجي سنهڙي جسم تي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي مٿان اها ڪاري رنگ جي ڪوٽي پائيندو هيو جيڪا هن کي ڪڏهن هڪ الهه آباديءَ تحفي ۾ ڏني هئي. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ته هو بمبئيءَ ۾ هيو. هر طرف نفرت جي باهه ٻري رهي هئي، مذهبي ڇڪتاڻ عروج تي هئي. هڪ هندو آشرم ۾ جتي مسلمانن جي داخل ٿيڻ تي پابند هئي، اتي هو ڪجهه ڪانگريسي دوستن سان ڌوتي ٻڌي تلڪ هڻي ڪنهن ديويءَ جو ڪلاسيڪل نرت ڏسي رهيو هيو. اتي موجود ڪجهه ڪٽر هندن کي شڪ پيو ته شايد اهو مسلمان آهي. انهن اعتراض ڪيو ته ان کي هڪدم ٻاهر ڪڍيو وڃي. انهن جي اعتراض باوجود هو اتان نه ويو. هن جي ڪانگريسي دوستن ڳالهه ٽارڻ لاءِ انتهاپسندن کي چيو. ”بابا.......... هي هندو آهي. مسلمان نه آهي. اجايو ڇو مذهبي چڪر ۾ پيا آهيو. وڃو پنهنجو ڪم ڪيو“.
مذهبي ڪٽر نه مڙيا.
”اسان پڪ ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي واقعي ئي مسلمان نه، هندو آهي“ انهن چيو. پوءِ جڏهن اهي هن جي ڌوتي لاهڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته ڪانگريسي وچ ۾ پيا ۽ هن جي جان بچائي وٺي ڀڳا.
ورهاڱي کانپوءِ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو ته هو پنهنجي شهر موٽي آيو. هن جي پهريل زال اتي رهندي هئي. جيڪا هن جي سوٽ هئي. هو جڏهن چوڏهن سالن جو هيو ته هن جي شادي ٿي هئي. هن کي ان عورت مان ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئر هيون. هن واپس اچي هڪ هفتيوار اخبار شروع ڪئي. هڪ دفعي شهر جي ايئرپورٽ تي جناح جو جهاز لهڻ وارو هيو. هو ڪيمرا ڳچيءَ ۾ لڙڪائي ٽانگي تي چڙهي اتي پهچي ويو. هن کي اخبار لاءِ فوٽو ڪڍڻا هيا ۽ رپورٽ لکڻي هئي،. جناح جيئن جهاز مان لٿو ته هو ان جي استقبال ڪرڻ وارن جي قطار ۾ بيٺل هيو. هن کي نئون کاڌيءَ جو جوڙو ۽ تازي ڌوتل ڪوٽي پاتل هئي. وڏو سياستدان ۽ حيثيت وارو پئي نظر آيو. هن جڏهن جناح سان هٿ ملايو ته اڳواٽ پنهنجي ڪيمرا ڪنهن دوست کي ڏئي ڇڏي هئي، جنهن سندس هڪ سٺو فوٽو ڪڍي هن حوالي ڪئي. اهو فوٽو جڏهن صاف ٿي هن جي هٿن ۾ آيو ته سندس يادگار بڻجي ويو. هو سڄي زندگي اهو فوٽو هر ايندڙ ويندڙ کي ڏيکاري ڏاڍو متاثر ڪندو هيو. ان فوٽو ڪري هن وڏا فائدا حاصل ڪيا.
جناح جڏهن ائرپورٽ کان ٻاهر پئي آيو ته هو به وفد ۾ شامل هيو. هن جي نظر هڪ راجستاني ڇوڪريءَ تي پئي جيڪا جناح جو استقبال ڪرڻ اتي ماءَ سان آيل هئي. هو ڇوڪريءَ کي ڏسي ان تي عاشق ٿي پيو. ڇوڪريءَ جي ماءُ سمجهيو ته اهو جناح جي وفد ۾ شامل ڪو وڏو سياستدان ۽ پئسي وارو آهي. هن کي پنهنجي ڌيءَ لاءِ هڪ اهڙي ئي شخص جي ضرورت هئي. ان سوچيو هن جي ڌيءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙو موزون رشتو هوندو. شهر جو هڪ وڏو شاعر وچ ۾ پيو ۽ ان هن جي شادي ڪرائي.
شاديءَ کانپوءِ ڇوڪريءَ جي ماءَ کي جڏهن خبر پئي ته هو هڪ معمولي صحافي ۽ اڳواٽ ٻارن ٻچن جو پيءُ آهي ته ان جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. ان گھڻا هٿ پير هنيا ته ڌيءَ کي ان کان آجو ڪري پر ان جي هڪ نه هلي. ڇوڪري جلد پيٽ سان ٿي وئي ۽ ان عمر جا باقي سال هن سان گذاريا. هن کي ان عورت مان ٻه پٽ ۽ چار ڌيئر ڄايون.