5
نجوميءَ جا ڏينهن گذريل وقت کي ياد ڪندي گذري رهيا هيا. هو ڏينهون ڏينهن ويو ٿي ڪمزور ۽ لاغر ٿيندو. هنجي بيماريءَ ۾ ڪو افاقو نه آيو. هن وٽ وقت گذارڻ لاءِ ٻي ڪا مصروفيت نه هئي. هن پوءِ وري طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان ڇڏيو. طوطي جڏهن لفافو ڪڍي هن سامهون رکيو ته پڙهي هن کي ياد آيو، اهو لفافو هڪ زميندار جي قست ۾ نڪتو هيو، جنهن کي شهر ٻاهران هڪ پرفضا جاءِ تي ويهارو ايڪڙ زمين هئي. هن جي زمين تي کوهه هيا جيڪي ڏاندن تي ٻڌل ايٽن تي آباد ٿيندا هيا. ڌرتيءَ هيٺان صاف مٺو پاڻي هيو. هن جي زمين ۾ فصل سرسبز ۽ ججها ٿيندا هيا. ايٽن ۾ ڏاند صبح کان شام تائين ڦرندا هيا ۽ زمين تي پاڻيءَ جون نديون پيون وهنديون هيون. هو ٻنيءَ ۾ سبزيون اپائيندو هيو، ڇو جو هن جون زمينون شهر کان گھڻو پري نه هيون. شهر جون جايون اتان نظر اينديون هيون. شهر ۾ سبزين جي ضرورت هوندي هئي. اهو آسان هيو ته هو انهن کي اپائي شهر پهچائي سٺو ناڻو ڪمائي سگهي.
هن هڪ دفعي ٻنيءَ ۾ بند گوبيون پوکيون. جڏهن بند گوبيون ڦٽيون ته اهي ڏسڻ ۾ ايڏيون ته سايون ۽ وڏيون هيون جو ائين پئي ڏٺو ڄن ڌرتيءَ تي سائي ڪپڙي جا ٿان پيا هجن. ٻني گوبن سان سٿيل هئي ۽ ڏسڻ واري کي نظارو ايڏو ته وڻيو پئي جو ان اتي بيهي رب جي وڏائي پئي بيان ڪئي. هڪ ڏينهن زميندار جو مرشد ٻنين تي آيو ۽ ان پوکيل بند گوبيون ڏسي چيو.
”قدرت هر هنڌ موجود آهي. مان ڏسان ٿو ته تنهنجين بند گوبين ۾ وڏي مڻيان لڪيل آهي. جيڪڏهن تون اها مڻيا ڳولهي لهين ته تو لاءِ وڏو انعام هوندو. قدرت ۽ فطرت کي جيڪو ويجهو ٿيو ۽ ان کي حاصل ڪيو ان سفلتا ماڻي ۽ زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪيو. ڳجهه اندر سڀ لڪيل آهي. جنهن ڳجهه کي ڳولهي راز پروڙيو اهو مڻيا جو مالڪ ٿيو. هر شيءَ بند گوبي جيان آهي. ان جي هر پن پويان راز لڪيل آهي ۽ جڏهن اندر نهاربو ته مڻيا موجود ملندي جنهن جي آشا رکي هر ڪو ڌرتيءَ تي آيو آهي. جيڪڏهن تون مڻيا ڳولهي لڌي ته ڀاڳن وارو هوندين. تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن سکيا ۽ سڪون ۾ گذرندا. توکي دائمي خوشي حاصل ٿيندي ۽ اندروني خواهشن جو پورائو ٿيندو“.
مرشد زميندار کي چيو ۽ پوءِ حڪم ڏنو.
”وڃ بند گوبين کي کولي راز پروڙ ۽ مڻيا حاصل ڪري سفلتا ماڻ“
مرشد جي ڳالهه ٻڌي زميندار هٿ ادب جا ٻڌي بيهي رهيو.
”جيڪو حڪم سائين........ ايندڙ سال جڏهن توهان موٽي ايندا ته بندو بند گوبين جي راز کي حاصل ڪري جيڪا مڻيا موجود هوندي اوهان آڏو پيش ڪندو“.
مرشد جي رواني ٿيڻ کانپوءِ زميندار سوچڻ لڳو. ضرور مرشد جي ڳالهه سچي آهي.هن جيڪا ڳالهه ڪئي ان ۾ فائدو ۽ چڱائي هوندي. اهو سوچي هو هڪ ڏينهن صبح جو ننڊ مان اٿي اچي ٻنيءَ تي ويٺو ۽ هڪ بند گوبي پٽي ان جو پن پن الڳ ڪري ان ۾ اندر ڪجهه ڳولهڻ لڳو. هو ويو زمين مان گوبيون پٽيندو ۽ انهنجو پن پن الڳ ڪري اندر ڏسندو ۽ اڇليندو. شام تائين هن ڪافي بند گوبيون پٽي وڃائي ناس ڪيون پر هٿ ڪجهه نه آيو. ڪو شخص اتان لنگهيو ۽ ان بيهي اهو تماشو ڏٺو. بند گوبين جي گھاٽي فصل کي ان جو مالڪ چرين جيان پنهنجو پوکيل فصل وڃائيندي هن کي نظر آيو ته اهو وڌي هن ويجهو آيو.
”ڀوتار ڀلا ڪهڙي ماجرا آهي جو ويٺو آهي پنهنجي پوکيل کي پنهنجن هٿن سان تباهه ۽ برباد ڪرڻ“ ان راهه ويندڙ شخص چيو ”گھڻي دير کان ڏسان ٿو، وڃين ٿو بند گوبين کي پن پن ڪري پٽيندو وڃائيندو ۽ اڇليندو. ڀلا پوک پنهنجي ٿي يا پرائي“؟
ان شخص جي ڳالهه تي زميندار ناراض ٿيو.
”اڙي ڀوڪ توکي ڪهڙي خبر“ هن ڪاوڙ مان چيو ”پنهنجي پوکئي جو ثمر حاصل ڪرڻ لاءِ بند گوبين کي کولي مڻيا پيو ڳولهيان. مرشد چيو آهي ته بند گوبيءَ جي هر پردي پويان هڪ راز لڪيل آهي ۽ ان اندر مڻيا موجود آهي. جنهن مڻيا حاصل ڪئي تنهن دولت حاصل ڪئي. مان اهو سوچي بند گوبين کي کولي حقيقت ڳولهي رهيو آهيان. متان هڪ ۾ نه هجي ٻئي ۾ هجي. ٻئي ۾ نه هجي ٽئين ۾ هجي“.
اهو راهه ويندڙ شخص زميندار جي اهڙي جواب تي مرڪيو ۽ چيو. ”چوين سچ ٿو. موتيءَ جي ڳولها ۾ سمنڊ جون سڀ سپيون ماري سگهجن ٿيون. پر موتي سپ ۾ تڏهن پيدا ٿيندو جڏهن عقل جو ڦڙو ان ۾ اندر ويندو“. ائين چئي اهو واٽهڙو روانو ٿي ويو ۽ زميندار کي ان جي ڳالهه نه وڻي.
”چريو ڪنهن جاءِ جو “ زميندار چيو ”عقل اٿس ڪونه هليو آهي کاهوڙين سان کونس ڪرڻ“.
زميندار ٻئي ڏينهن صبح سان آيو ۽ وري ساڳي ڪرت کي لڳي ويو. هو ويو بند گوبيون کوليندو انهن ۾ اندر ڏسندو ۽ وڃائيندو. آخر اهڙو وقت به آيو جو هن جي پوکيل ٻني پن پن ٿي پٽجي وئي. جڏهن هوا پئي لڳي ته گوبين جا پيلا پن پئي اڏريا. پوري ٻني خالي ٿي وئي ۽ هن جي هٿ ڪجهه نه آيو. هو واندو ٿي کوهه تي ويٺو ۽ هٿ مهٽي سوچڻ لڳو.
مرشد جيڪا ڳالهه ڪئي ان تي عمل ڪيو. هن چيو مڻيا ڳولهه. مان هر پن پويان ان کي ڳولهيو. ٻنيءَ جي ڪنهن به بند گوبي ۾ مڻيا نه ملي. جيڪر مڻيا ملي ها ته چڱو ٿئي ها. ڌن به هجي ها ته عقل به. مرشد به خوش ٿئي ها ته مان به. هاڻي جڏهن مرشد موٽندو ته ان آڏو ڇا پيش ڪندس.
هو ويو سوچيندو ۽ هٿ مهٽيندو.
هن جو وڏو نقصان ٿيو. سڄو فصل ناس ٿيو ۽ مالي پريشاني ورائي وئي. چيائين ”پوکيم ته مور به نه نڪتو، مورڳو نقصان ۾ پئجي ويس“. هو سوداءَ پچائيندو هڪ ڏينهن شهر جي تاڙي خاني ۾ آيو ۽ ٻه چار گلاس پي جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. هو ان وٽ ويو. نجوميءَ هن کي ڀرسان ويهاري طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان رکيو. طوطي هڪ لفافو سوري هن حوالي ڪيو. نجوميءَ جڏهن لفافو کوليو ته اتي لکيل هيو.
”وار سڪائي،
واءُ ۾،
مٿان وسي مينهن،
ماس ڦاٿل
ماس ۾،
ڏند نه کوٽي،
شينهن“.
نجوميءَ جڏهن رقعو پڙهيو ته زميندار کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. نجوميءَ زميندار کي ڳالهه سمجهائيندي چيو.
”مينهن ۾ وار سڪائڻ بيوقوفي آهي. دنيا ۾ هر قدم سوچي سمجهي کڻڻو پوي ٿو. کوٽڻ سان گند کانسواءِ ڪجهه نه نڪرندو آهي. سونهن جي چيرڦاڙ ڪجي ته بگڙجي پوندي. جيڪو آهي جيئن آهي تئين آهي. ڳولهڻ جي ضرورت نه آهي ڇو جو اهو موجود ۽ حاضر آهي. ڳولڀو ان کي آهي جيڪو وڃائجي وڃي. ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو وسري وڃي. سپ ۾ موتيءَ جي موجودگي سپ کي موتيءَ جيان چمڪائي وجهندي آهي. گلن جي واس کي ڳولڀو نه آهي پر محسوس ڪبو آهي. مڻيا منهن ۾ هوندي آهي بغل ۾ نه. عقلمند وات نه کوٽيندا آهن. جڏهن کائڻو ئي آهي ته کوٽڻ مان ڇا فائدو. ڍڪي کول ته ڪيڙن کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ڪو به ڳجهه نه آهي. ڪائنات ۾ هر پردي پويان ٻيو پردو آهي. ۽ لامحدود پردن جو ڄار آهي. هر پردو پاڻ حقيقت آهي. بند گوبيءَ جي پنن اندر ڪجهه نه آهي پر هرپن پاڻ سچ آهي. تون اجايو پاڻ کي تڪليف ڏني ۽ وقت ضايع ڪيو“.
نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي زميندار شرمسار ٿيو. هو موٽي ڳوٺ آيو. هن وري بند گوبين جو فصل پوکيو. جڏهن اهو پچي راس ٿيو ته هن بازار ۾ وڪڻي سٺي رقم حاصل ڪئي ۽ سوچيو. ڪجهه حاصل ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي. ڦل وڍي ٻج ڳڻڻ مان ڇا فائدو. کاڌو وڃي ته بهتر آهي. ٻئي سال جڏهن مرشد موٽي آيو. ان کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين.
”معاف ڪجانءِ مرشد مونکي تنهنجي مڻيا جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو“. هن جي ڳالهه ته مرشد مرڪيو،
”بيشڪ مڻيا کي مطلب جي ضرورت نه آهي“ ان چيو ۽ پوءِ هليو ويو. نجوميءَ کي هر ان ماڻهوءَ جو ڏک ياد هيو جيڪو هن وٽ آيو، پنهنجا ڏک بيان ڪيا ۽ قسمت جو حال پڇيو. نجومي ماڻهن جا ڏک ياد ڪري وقت سان ويو وڌيڪ دکي ٿيندو. هن جي صحت بگڙجندي وئي ۽ هو اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي ويو.
نجوميءَ وقت گذارڻ لاءِ وري سامهون پيل لفافن مان هڪ کڻي کولي پڙهيو. هن کي ياد هيو اهو هڪ سبزي فروش جي قسمت ۾ نڪتو هيو. ان جي شاديءَ کي چار سال ٿيا هيا. ٻه سال اڳ هن کي هڪ نياڻي ڄائي ان کانپوءِ ڪو به اولاد نه هيو. ان جو دوڪان سبزي مارڪيٽ جي آخري ڇيڙي وٽ هيو جنهن کانپوءِ مهاڻن جا دوڪان هيا. مڇي مارڪيٽ کي ٽِين جي پڳل ڇت هئي جنهن ۾ ڪبوترن جا آکيرا هيا. ائين لڳندو هيو ڄڻ ٽين جي ڇت مڇي مارڪيٽ جي گوڙ ڪري ڦاٽي پئي هجي. هر طرف مڇي ڪٽڻ جا آواز ايندا هيا. جيڪي ڇت سان ٽڪرائجي ويٺل ڪبوترن کي بي چين ڪري ڇڏيندا هيا. سبزي فروش هڪ دفعي من جي موجهه گھٽائڻ تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙي پي جڏهن دل جو بار هلڪو ڪيو ته ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي نظر نجوميءَ تي پئي.
اهو نجوميءُ وٽ آيو.
”مونسان هڪ ويڌن آهي“. ان چيو ” هڪ اهڙي ويڌن جنهن منهنجو سڪون چٽ ڪري ڇڏيو آهي، نه سمهي سگھان ٿو نه کائي سگھان ٿو. ڪنهن محسوس ٿيندڙ بوءِ کان اوڪارا ڏئي ٿڪجي پيو آهيان منهنجي زندگي زهر ٿي چڪي آهي. دل چئي ٿي درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيان“.
نجومي هن جا ارادا ڏسي پريشان ٿي ويو.
”آپگھات حرام آهي“ نجوميءَ چيو: ”دنيا ڏکن سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن هر ڪو توجيان سوچي ته سڀ انسان مري وڃن ۽ دنيا ۾ ڇڙا حيوان رهجي وڃن ڇو جو جانور ڪڏهن آپگھات نه ڪندا آهن. انهن جي برداشت جي قوت انسانن کان وڌيڪ آهي“.
”پر منهنجو مسئلو ڪنهن ٻئي قسم جو آهي“ سبزي فروش چيو ” مونکي پنهنجي زال جي جسم مان مڇيءَ جي بوءِ اچي ٿي. مان جڏهن هن جي ويجهو وڃان ٿو ته لڳي ٿو هوءَ وچان ٻن حصن ۾ چيريل مڇيءَ جيان آهي. مان ان مڇيءَ جي ٻن حصن وچ ۾ پيل آهيان ۽ هر طرف بوءِ ڦهليل آهي. مون کي اوڪارا اچن ٿا ۽ هن کان پري ٿي وڃان ٿو“.
سبزي فروش جي ڳالهه ٻڌي نجوميءَ ان جي منهن ۾ ڏٺو. ان جو منهن هيڊو هيو ڄڻ ان جي منهن مان رت ڇڏائجي چڪو هجي. اهو بي دل ۽ خفي پئي نظر آيو.
”مان تنهنجي مدد ڪري سگهيس ته ضرور ڪندس“ نجوميءَ چيو ”تون پورو حال ٻڌاءِ ته ڪو حل ڪڍي وجهون“.
سبزي فروش هن ڀرسان ويٺو ۽ پوءِ ڳالهه ٻڌائي.
ان سبزي فروش جو ڪٽنب ملتان کان لڏي چاليهارو سال اڳ ان شهر ۾ آيو. اهو هڪ مذهبي گھراڻو هيو. ڪٽنب جا ڀاتي عبادتگذار ۽ پرهيز گار هيا. انهن کي منهن تي ڊگهيون ڏاڙهيون هيون ۽ گھڻو وقت مسجد ۾ گذاريندا هيا. اهي ملتاني غوث جا مريد هيا ۽ هر سال ڏن پهچائيندا هيا. بازار جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين انهن جا دوڪان هيا. ان جي شادي پنهنجي ڪٽنب جي هڪ ڇوڪريءَ سان ٿي. ڇوڪري حسين ۽ قداور هئي. ان کي زال سان جنون جي حد تائين پيار هيو. هو ان کي عزيز رکندو هيو ۽ ان جي هر جائز گھرج پوري ڪندو هيو. دوڪان جي محدود آمدنيءَ مان گھر هلائڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هيو. هن کي جيترا پئسا ملندا هيا زال آڏو پيش ڪندو هيو. ٻن سالن کانپوءِ هن کي ڌيءَ ڄائي جنهن هن جي خوشين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.
هن جي ننڍي ساليءَ جي شادي پاڙي جي هڪ لکيل پڙهيل نوجوان سان ٿي. اهو نوجوان شهر جي خزاني جي آفيس ۾ سرڪاري ٽڪلين جي شعبي ۾ ڪم ڪندو هيو. نوجوان ڏاڍو ذهين ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو هوشيار هيو. ان ڪليڪٽر سان ملي وڏو مالي فائدو حاصل ڪيو. هو ماڻهن کان پئسا وٺي ڪاغذن تي ٽڪليون هڻڻ بنا انهن کي ڪليڪٽر ڏي موڪلي ڏيندو هيو ۽ ڪليڪٽر انهن تي حڪم ناما جاري ڪري ڪم پورو ٿي وڃڻ کانپوءِ ڳاڙهي ڦيٿ ويڙهائي بند ڪري ڇڏيندو هيو. ان نوجوان لکين روپيا ڪمايا. ان جو خوبصورت گھر هر قسم جي سامان سان سٿيل هيو. جڏهن هن جي زال ننڍي ڀيڻ ڏي گھمڻ ويندي هئي ته ان جو رهڻ ڪرڻ ڏسي رشڪ کائيندي هئي. اها سوچيندي هئي. هن جي ڀيڻ ڪيڏي نه خوشنصيب آهي. زندگيءَ جون سڀ راحتون هن وٽ آهن ۽ هوءَ پاڻ هر شيءِ کان محروم آهي. هن کي ڪي به سهولتون ميسر نه آهن. ننڍي ڀيڻ گھر اچڻ تي ان جي سيوا ڪندي هئي. اها پنهنجا ڳهه ڳٺا ۽ لٽا ڪپڙا هن آڏو اچي رکندي هئي جيئن اها ڏسي خوش ٿي ته سندس ننڍي ڀيڻ ڪيڏي نه خوشنصيب ۽ ڀاڳن واري آهي. پر وڏي ڀيڻ تي انهن ڳالهين جو ابتو اثر ٿيندو هيو. اها ڀيڻ جي اهڙي خوشحالي ڏسي ڪڙهندي هئي ۽ جڪ کائيندي هئي ته آخر هن تي قسمت ايڏي مهربان ڇو نه آهي؟ هوءَ دل تي پٿر رکي هن جي خوشحاليءَ تي سرهائي جو اظهار ڪندي هئي ۽ جڏهن گھر ايندي هئي ته مڙس سان وڙهندي هئي. ”اسان وٽ ڇا آهي“؟ اها چوندي هئي. ”ڇهه مهينا اڳ منهنجي ڀيڻ جي شادي ٿي. ان وٽ دنيا جو هر سک موجود آهي. هوءَ هڪ عاليشان گھر جي مالڪياڻي آهي. ان وٽ پئسي جي ڪمي نه آهي. ان وٽ خوبصورت ڪپڙا آهن. ڪم ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻيون آهن. سڀ ان کي عزت جي نظرن سان ڏسن ٿا. مان گھر جو ڪم ڪري ٿڪجي پوان ٿي. ننڍي ڌيءَ آهي جنهن کي سنڀالڻ وارو ڪو به نه آهي. نه اسان وٽ زيور آهن ۽ نه ئي ڏکي وقت لاءِ پئسا. ڀلا ٻڌاءِ هيءَ به ڪا زندگي آهي“؟
هو رات جو دير سان موٽندو هيو ۽ ٿڪيل هوندو هيو. اهو زال جي ڳالهين تي ڪنڌ هيٺ ڪري ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ آڱرين سان ڦٽي ڏيندو هيو. ”رب سڀ ڪجهه ته ڏنو آهي“ هو چوندو هيو ”ڪهڙي شيءِ جي گھٽتائي آهي. ماڻهوءَ کي هر حال ۾ شڪر ڪرڻ گھرجي“.
زال جون ڳالهيون ٻڌي هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هن جو وقت سدائين سوچن ۾ گذرڻ لڳو. هو سڄو ڏينهن مارڪيٽ ۾ ماڻهن سان منهن ڏيندو هيو ۽ جڏهن رات جو موٽندو هيو ته گھر ۾ زال جهڳڙي لاءِ تيار ويٺي هوندي هئي.
ڪڏهن ننڍي ڀيڻ وڏي وٽ گھمڻ ايندي هئي. اها گھر ڏسي هن تي رحم کائيندي هئي. هن جي گھر جي هر شيءِ مٿان غربت مٽيءَ جي تهه جيان ڄميل هوندي هئي. اها وڏي ڀيڻ سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي هئي ۽ چوندي هئي.
”ادي رب توکي به ڏيندو... پر تنهنجو حال ڏسي مونکي روئڻ ٿو اچي“.
ننڍي ڀيڻ جي ڳالهين تي وڏي ڀيڻ اندر ۾ ڪڙهندي هئي ۽ ائين ان سبزي فروش جو هر ايندڙ ڏينهن بدتر کان بدتر ٿيندو ويو.
مڇي مارڪيٽ ۾ هڪ مهاڻو هن جو دوست هيو. جڏهن هو واندو ٿيندو هيو ته ان مهاڻي وٽ وڃي ويهندو هيو ۽ ڳالهائي دل جو بار هلڪو ڪندو هيو. مهاڻي اڳيان صندل تي مڇيون ائين رکيل هونديون هيون جيئن اهي اکيون کولي ڪنهن ٻوڏ جو انتظار ڪنديون هجن. اهو پن جي ٻيڻي وات جي ڪنڊ ۾ ڦاسائي وڏيءَ مهارت سان مڇيءَ کي پاسي وٽان چيري ٻه اڌ ڪري ٻيرا ٺاهيندو هيو. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته لفظن سان گڏ دونهون به ان جي وات مان نڪرندو هيو. هڪ دفعي هن مهاڻي سان زال جي بي واجبيءَ جو ذڪر ڪيو.
”منهنجي زال جنهن سان مونکي بي پناهه محبت آهي. اڄڪلهه مونکان سخت ناراض آهي. مان جڏهن ٿڪجي رات جو گھر پهچان ٿو ته اها رات خالي نه آهي جو هوءَ نه وڙهي. مان بيزار ٿي پيو آهيان. چوان ٿو گھر ڇڏي هليو وڃان“.
مهاڻي هن جي ڳالهه تي ٻيڻيءَ مان سوٽو هڻي ٽهڪ ڏنو.
”اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي“ ان چيو ”زالن جو ڪم آهي رسڻ ۽ وڙِهڻ. اجايو ان ڳالهه کي پنهنجيءَ دل تي نه کڻ. هڪ ڪن سان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏ“.
”چوين سچ ٿو“. ”سبزي فورش چيو” مون لاءِ اها ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي ته جنهن سان ايڏو چاهه هجي اهو ائين نفرت ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري“. هڪ ڏينهن ان عورت هن کان طلاق جي گھر ڪئي. ڪٽنب ۾ هر ڪنهن کي انهن جي تڪرار جي خبر پئجي چڪي هئي. سبزي فروش نه پئي چاهيو ته هو زال کي طلاق ڏئي پر عورت پنهنجيءَ ضد تي قائم رهي ۽ ڪٽنب جي ڀاتين ان ۾ ئي ڀلائي سمجهي ته عورت کي طلاق ڏياري معاملي کي ٿڌو ڪيو وڃي جيئن سڀ سڪون جو ساهه کڻي سگھون. آخر هڪ ڏينهن سبزي فروش زال کي طلاق ڏني ۽ اها ننڍي ڌيءَ ساڻ ڪري هلي وئي. سبزي فروش قسمت تي ڏاڍو ڪنجھيو ۽ ڪرڪيو. هو رات جو گھر موٽي کٽ تي اڪيلو ليٽي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏئي زال کي ياد ڪندو هيو.
سبزي مارڪيٽ ۾ هن جي دل نه لڳندي هئي. هو ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هيو. سڄو ڏينهن خيالن ۾ گم هوندو هيو. هو مهاڻي وٽ وڃي ويهندو هيو ۽ ان کي ڪات سان مڇيون چيريندي ڏسندو هيو.
”سٺو نه ٿيو“ مهاڻو چوندو هيو ”عورت توسان چڱائي نه ڪئي“.
مهاڻي جي ڳالهه هن کي نه وڻي
”ائين نه چوءَ“ هن چيو ”اها منهنجي محبت هئي. مان ان کي ڪڏهن وساري نه سگھندس“.
مهاڻو دوست جي ڏک کي محسوس ڪري هن کي دلاسو ڏئي صبر ڪرڻ لاءِ چوندو هيو. هن کي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندو هيو. متان اهو اڪيلائين ۾ ماضيءَ کي ياد ڪري وڌيڪ ڏکي نه ٿئي.
وقت سان عورت کي احساس ٿيو، هن سخت غلطي ڪئي آهي. هن ڀيڻ سان ريس ڪري اجايو گھر وڃايو. هوءَ سوچڻ لڳي هن جو مڙس خراب ماڻهو نه هيو. ان کي هن سان پيار هيو. ان هن کي سکي رکڻ لاءِ پنهنجي حيثيت آهر ڪوشش ڪئي. ان سوڙ آهر پير ڊگهيڙيا. جيڪي هيو پيش ڪيو. ڪجهه به نه لڪايو. هن اجايو ڪروڌ ڪري ان کي تڪليف پهچائي. عورت جڏهن اڪيلي ٿي ته هن کي مڙس جي چڱائين جو احساس ٿيو. هن جي من ۾ پيار جاڳيو ۽ هوءَ روئڻ لڳي.
”مون کان غلطي ٿي وئي“. ان چيو ”مونکي معاف ڪيو. مون طلاق نه ورتي آهي. مان مڙس ڏي وڃڻ چاهيان ٿي“.
سڀني ان کي سمجهايو ته اهو ممڪن نه آهي. مذهبي طرح هن کي طلاق اچي چڪي آهي ۽ اهو هاڻي نا محرم آهي. ان جو هن سان ڪو واسطو نه آهي پر عورت چري ٿي پئي. پنهنجي گھر ۽ مڙس کي ياد ڪري روئڻ لڳي. سبزي فروش کي جڏهن اها خبر پئي ته عورت کي پنهنجي نادانيءَ جو احساس ٿيو آهي ۽ هن کي ياد ڪري روئي رهي آهي ته هو به ان کي ويجهو وڃڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو. ڪٽنب جي چڱن ماڻهن کي جڏهن اها ڄاڻ پئي ته اهي سخت ناراض ٿيا ۽ ٻنهي کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا.
”اها ڪهڙي ٻاراڻي حرڪت آهي. مذهب ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي ته طلاق کانپوءِ عورت ۽ مرد ملي سگھن“.
پر سبزي فروش پڪو پهه ڪيو هيو ته هو زال کي وري حاصل ڪندو ان لاءِ هن کي ڪيتري به قرباني ڇونه ڏيڻي پوي. هڪ ڏينهن هن ڪٽنب جي چڱن مڙسن آڏو ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو وري شادي ڪرڻ لاءِ تيارآهي. هڪ چڱي مڙس کيس ٻڌايو ته ”ان لاءِ حلالو ڪرڻو پوندو. ان طلاق ڏنل عورت کي ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪري حق ادا ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ جڏهن اهو ان کي طلاق ڏئي ته اها هن لاءِ حلال ٿي ويندي“.
سبزي فروش دل ٿي پٿر رکي ها ڪئي ۽ هر ڪو سوچڻ لڳو ته ان عورت سان ڪير آهي جيڪو شادي ڪندو. ڪٽنب ۾ ڪو شخص ان ڳالهه تي راضي نه ٿيو ته هو هڪ رات گذاري ان کي طلاق ڏئي صبح سان ڪنهن بازاري عورت جيان ٻاهر ڦٽو ڪري.سبزي فروش ٻيو ڪو رستو نه ڏسي مهاڻي وٽ آيو ۽ ان کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيائين. دوست جي ڳالهه ٻڌي مهاڻي جي وات ۾ جهليل ٻيڻي وسامي وئي. هن نه پئي چاهيو ته ڀائرن جهڙي دوست جي زال سان حلالي جا حق ادا ڪري. مهاڻي هن کان معافي وٺڻ پئي چاهي پر ٻيو ڪو رستو نه ڏسي دوست جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اها حامي ڀري ۽ ڏاڍي بي دليءَ مان راضپو ظاهر ڪيو ته هو عورت سان شادي ڪري صبح جو طلاق ڏئي هن حوالي ڪندو.
جنهن رات عورت جي شادي مهاڻي سان ٿي اها رات هن لاءِ ڪنهن قيامت کان گھٽ نه هئي. اهو تصور ته هن جي زال جيڪا سندس دل تي حڪمراني ڪندي هئي اها ڪنهن ٻئي مرد جي ٻانهن ۾ ستل آهي ۽ اهو هڪ مڙس جيان حق ادا ڪري رهيو آهي. هو تازي مڇيءَ جيان پاڻيءَ ٻاهر ڦتڪندو رهيو. هن تصور ۾ ڏٺو. مهاڻو ڪات سان مڇيءَ کي چيري ٻه اڌ ڪري رهيو آهي. مڇيءَ مان بدبودار رت ٽمي رهيو آهي. اهو سوچي هو ٻاهر اڱڻ ۾ آيو ۽ پيٽ تي هٿ رکي الٽيون ڪرڻ لڳو. هن جي طبيعت خراب ٿي وئي. پوءِ اها رات جاڳ ۾ هو مڇيءَ جون کليل اکيون ڏسندو رهيو. جيڪي هن کي گھوري رهيون هيون.
مهاڻي صبح سان عورت کي طلاق ڏني ۽ هن جو نڪاح ان عورت سان پڙهايو ويو. ان عورت واپس گھر پهچي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ پڪو پهه ڪيو ته هوءَ وري ڪڏهن ڪرود نه ڪندي ۽ حياتيءَ جا ڏينهن صبر سان گذاريندي. هن ڪڏهن جهڳڙو نه ڪيو ۽ مڙس جو خيال رکڻ لڳي. ان عورت جي دل ۾ مڙس لاءِ عزت ۽ پيار جاڳي پيو. پر ان جي برعڪس سبزي فروش هن کان پري رهڻ لڳو. اهو جڏهن عورت جي ويجهو ايندو هيو ته هن کي ان جي جسم مان مڇيءَ جي بوءِ ايندي هئي. اها جڏهن هن سان سمهندي هئي ته هن جا جذبا نه جاڳندا هيا. هن گھڻي ڪوشش ڪئي ته اهو احساس ختم ٿي وڃي پر ائين نه ٿي سگھيو. مڇيءَ جي بوءِ هن جي دماغ ۾ ڄڻ آکيرو اڏي آنن تي ويهي رهي. هڪ ڏينهن هو ان احساس کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ پورو قصو ٻڌو ۽ طوطو لاهي لفافن مٿان رکيو. طوطي هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪيو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”ڇوٿو مارين
فقير.
لٺ سان
نانگ جي
لڪير“.
جڏهن نجوميءَ رقعو پڙهيو ته سبزي فروش کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ هن ان جي وضاحت لاءِ نجوميءَ کي چيو. نجوميءَ هن کي ٻڌايو.
”نانگ جي لنگھي وڃڻ کانپوءِ ان جي پوئتي ڇڏيل لڪير جي نشان کي لٺ هڻڻ بيوقوفي آهي. نانگ جنهن کي نقصان پهچائڻو هيو اهو ته هليو ويو. پويان ان جي ڇڏيل نشان کي ڪٽڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وقت ۽ سانحا نانگ جيان آهن جيڪي جڏهن لنگھي ويندا آهن ته اسان انهن کي ياد ڪري ماضيءَ جو پٽڻو پٽيندا آهيون. ماضيءَ کي ياد ڪري روئڻ مان ڪو فائدو نه آهي. توسان جيڪي الميو ٿي چڪو آهي اهو ياد جي صورت ۾ تنهنجي دماغ تي نشان ڇڏي ويو آهي . اهو هڪ وڏو الميو هيو جنهن مان تون گذري چڪو آهين. تنهنجي مغز ۾ جيڪا مڇيءَ جي بوءِ آهي اها نانگ جي لڪير جيان آهي. اهو بهتر آهي ته نانگ جي لڪير کي مارڻ بجاءِ ان کي ميساريو وڃي. جيڪڏهن تون ڪوشش ڪرين ته ان بوءِ جي احساس کي دماغ مان ڌوئي صاف ڪري سگھين ٿو. جيڪي گذريو سو ٿي گذريو. هاڻي ان کي ياد ڪري روئڻ مان ڇا حاصل. نانگ لنگهي چڪو آهي هاڻي خطري جي ڪا ڳالهه نه آهي. تون ارادي ۽ همٿ سان ماضيءَ جي ڄار مان ٻاهر نڪري هڪ دفعو وري زندگي گذاري سگھين ٿو“.
نجومي جي ڳالهه ٻڌي سبزي فروش محسوس ڪيو جيئن هير هلي هجي ۽ خوشبوءِ ۾ مڇي جي بدبوءِ جو احساس ڪافور ٿي ويو هجي. هن ڪجهه سڪا نجوميءَ حوالي ڪيا ۽ پوءِ گھر روانو ٿي ويو.
نجومي ياد ڪري اکيون بند ڪيون ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. هن کي محسوس ٿيو هن جو ڪمرو ماڻهن سان ڀريل آهي جيڪي هن آڏو ويهي ڏاهنس نهاري رهيا آهن. اهي هن جي اکين کلڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن جيئن هو اکيون کولي ۽ انهن کي ڏکن مان آجپو ڏياري سگهي. نجومي اکيون بند ڪري ڪيتري دير ويٺو رهيو، پوءِ وري سامهون پيل لفافن ڏانهن نهاريو. هن هٿ وڌائي هڪ لفافو کنيو ۽ ان کي کولي پڙهيو. رقعو پڙهي هن کي ياد آيو. اهو اهڙي شخص جي قسمت ۾ نڪتو هيو جيڪو هڪ پوڙهي عورت جو پٽ هيو. اهو ماءُ کان ناراض ٿي تاڙي خاني ۾ آيو. هن جڏهن تاڙي پي ڪاوڙ کي دور ڪيو ته ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءِ سان ٿي.
”منهنجي ماءُ سخت ناراض آهي“ ان چيو ”هن وچ گھٽيءَ ۾ بيهي مونسان جهيڙو ڪيو. ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي ڏک ٿيو ۽ تاڙي خاني ۾ آيس“.
”ماءُ سان ڪهڙو حساب“. نجوميءَ هن کي سمجهائيندي چيو ”ماءُ ڌڻيءَ جو ٻيو روپ آهي“.
”پر منهنجي ماءُ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي ٿو“ پٽ چيو ”هوءَ هر ڳالهه تي ضدي ٻار جيان اڙ جي بيهي رهي ٿي. مان سمجهائڻ جي ڪيان ٿو پر هن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي“.
”تنهنجي ماءُ آخر ڪهڙي مونجهاري جو شڪار آهي“. نجوميءَ چيو ”ٿي سگھي ٿو تون غلط هجين“.
” نه........ “ پٽ جذباتي ٿيندي چيو” مونکي اهو هڪ مونجهاري جيان محسوس ٿئي ٿو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان کي ڪيئين دور ڪيان“.
”ته پوءِ پوري ڳالهه ٻڌاءِ“ نجومي چيو ”ٿي سگھي ٿو ان جو ڪو حل ڪڍي وجهون“.
نجوميءَ کي هن پوري ڳالهه ٻڌائي.
اهو شخص فانوس محلي جو رهاڪو هيو. جڏهن سانجهي ٿيندي هئي ته هڪ وڏين مُڇن وارو شخص جنهن کي ٽڪڻ تي چوٽي هئي، اهو لوهه جي ٿنڀن تي بيٺل نباتنما شيشي جي فانوسن کي کولي انهن جي رک صاف ڪندو هيو. هو اندر پيل ڏيئن ۾ تيل وجهي انهن کي ٻاري روشن ڪندو هيو. ان جا هٿ سدائين ڪارا هوندا هيا. اهو هڪ گدلو شخص هيو، جيڪو ڪارن هٿن سان سٿرن وٽ هر هر کنهندو هيو. وچ محلي ۾ هڪ ٿلهي تي سنهين اروڙي سرن سان
ٺهيل کوهه هيو، جنهن مٿان هڪ ايٽ تي هيٺ رسيءَ ۾ ڏول لڙڪندو هيو. عورتون ايٽ کي هٿن سان ڦيري ڏول ڇڪي پاڻي ڀريندو هيون. گھٽيءَ ۾ هر ٽن گھرن کانپوءِ هڪ نباتي فانوس ٻرندو هيو. گھٽي ائين ڏسبي هئي جيئن اتي روشن دماغ مفڪر بيٺل هجن. گھرن ٻاهران درن تي سڻيءَ جا کٿا ڪنهن پرديدار عورت جي منهن تي پيل نقابن جهڙا هيا. محلي جا رستا صاف ۽ ڪشادا هيا، جتي ڳاڙهين سرن جو فرش هيو. روز صبح جو هڪ ٿلهي جمعدار عورت جنهن کي ويڪرو پڙو پاتل هوندو هيو، اها هڪ مهل ٻه وڏا ٻهارا هٿن ۾ کڻي ڏيندي هئي. اها ڳاڙهين سرن واري گھٽي ڏاڍي روشن ۽ صاف هئي. ان گھٽيءَ ۾ هڪ پوڙهي عورت رهندي هئي جيڪا سون جي سئيءَ ۾ ريشم جو پٽ وجهي ڀرت ڀريندي هئي. ان عورت جا ڀرت خوبصورت ۽ اکين کي وڻندڙ هيا. ان جي گھر اندر روشنيءَ جو جوڳو بندوبست نه هيو. اتي اوندهه هوندي هئي. هوءَ ڏينهن جو ڪمري جي دري کولي روشنيءَ ۾ ڀرت ڀريندي هئي. ۽ رات جو سج لٿي کانپوءِ ڪم بند ڪري آرام ڪندي هئي. هن کي سون جي سئي ڏاڍي عزيز هئي. ان کي ساهه ۾ سانڍيندي هئي اها ڪيترا ورهه اڳ هن کي ماءُ کان ڏاج ۾ ملي هئي. سئيءَ ۾ ڄڻ هن جو ساهه هيو. هوءَ چوندي هئي.
”سهڻا ڀرت مان نه ڀريندي آهيان پر منهنجي سئي ڀريندي آهي. مان سئي هٿ ۾ جهليندي آهيان ۽ اها پنهنجو پاڻ هلندي آهي“.
ڪم ختم ڪرڻ کانپوءِ اها ان کي پتل جي دٻيءَ ۾ سنڀالي رکندي هئي. پوڙهي عورت جتي سهڻا ڀرت ڀريندي هئي اتي هڪ وهم ۾ مبتلا هئي. ان کي خوف هوندو هيو ته متان اها سئي ڪٿي گم نه ٿي وڃي ۽ هوءَ ان خانداني سئي کان محروم ٿي سٺا ڀرت ڀرڻ کان رهجي نه وڃي. هوءَ سج لٿي کانپوءِ جڏهن ان کي پتل جي دٻيءَ ۾ وجهي رکندي هئي ته هر گهڙي کانپوءِ هن کي وهم ورائي ويندو هيو ته هن اها اتي رکي آهي الائي نه؟ هوءَ کٽ تان چيلهه کي هٿ ڏئي اٿندي هئي ۽ دٻي کولي پڪ ڪندي هئي ته اها اتي موجود آهي.
هڪ رات هوءَ اوندهه ۾ کٽ تان اٿي ۽ هن پڪ ڪرڻ لاءِ جيئن ئي دٻي کولي ته سئي هن جي هٿن مان ڇڏائجي وڃي هيٺ ڪري. پوڙهيءَ جي جسم مان ڄڻ ساهه ئي نڪري ويو. هيٺ ويهي اوندهه ۾ هٿ هڻي هيڏي هوڏي گھڻو ڳولهيائين پر سئي نه لڌي. سوچيائين، ڪاري اوندهه ۾ جتي هٿ هٿ کي نظر نه ٿو اچي اتي سنهي سئيءَ کي ڪير ڳولهيندو. هوءَ گهر جو کٿو مٿي ڪري ٻاهر گھٽيءَ ۾ آئي ۽ درٻاهران ٻرندڙ فانوس جي روشنيءَ ۾ ويهي سئي ڳولهڻ لڳي. هن جو پٽ جيڪو ان وقت شهر کان موٽندي گھٽيءَ ۾ داخل ٿيو هيو، جڏهن پري کان ڏٺائين ته پوڙهي ماءُ در ٻاهران فانوس هيٺان ڪاشيءِ ڳولهي رهي آهي ته هو تڪڙو هلندو هن مٿان آيو.
”امڙ ڇاپئي ڳولهين هن مهل جو؟“ پٽ حيرت مان سوال ڪيو.
ماءُ پوڙهيون ڪمزور اکيون کڻي هن کي ڏٺو.
”ابا سئي گم ٿي وئي آهي. اها ڳولهيان ٿي“ هن جواب ڏنو.
پٽ کي ماءُ جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. هو به پوڙهيءَ سان ويهي فانوس هيٺان سئي ڳولهڻ لڳو. ڳاڙهين سرن جو فرش فانوس جي روشنيءَ ۾ جرڪيو پئي. اتي هر شيءِ صاف ۽ واضع پئي ڏٺي پر سئي جو نانءُ نشان نه هيو. پٽ کي حيرت لڳي ۽ سوچيائين جيڪڏهن سئي اتي هجي ها ته ضرور نظر اچي ها.
”امان هتي ته سئي ڪانه ٿي نظر اچي“ پٽ چيو ”ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ڪِري ڪٿي آهي“.
ماءُ پٽ ڏي پيار سان ڏٺو ۽ وري هيٺ ڪنڌ ڪري سئي ڳولهيندي چيو ”پٽ سئي ڪري ته اندر آهي پر ڳولهيان ٻاهر ٿي“.
پٽ پريشان ٿي ويو.
”امان جيڪڏهن سئي اندر ڪري آهي ته پوءِٰ اتي ڳولهه...... ٻاهر ڳولهڻ مان ڇا فائدو؟“
پٽ جي ڳالهه جو پوڙهيءَ تي ڪو اثر نه ٿيو.
”نه ابا اندر اوندهه آهي“ عورت چيو ”ان ڪري ٻاهر روشنيءَ ۾ ٿي ڳولهيان“. ڳالهه ٻڌي پٽ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
”امان تنهنجو مٿو خراب ٿيو آهي“ هن چيو ”جڏهن سئي هتي ڪري ئي نه آهي ته لڀندي ڪيئين؟.“
پوڙهي جيڪا پهريون ئي سئي وڃائڻ جي ڏک ۾ ورتل هئي ۽ روئڻ جو بهانو پئي ڳولهيائين تنهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
”اوندهه ۾ ڪڏهن ڪا شيءِ لڌي آهي جو مان وقت وڃائي ان کي اندر ڳولهيان؟ شيءِ لڀندي اتي آهي جتي روشني هجي“. پوڙهيءَ زور سان ڳالهائيندي چيو. انهن جي آواز تي گھرن مان ماڻهو نڪري آيا ۽ ٻاهر اچي تماشو ڏسڻ لڳا.
”آهي ته خير؟“ هڪ بزرگ چيو ”اويلي ڪهڙو اچي محلي کي مٿي تي کنيو اٿو.“
”منهنجو پٽ ناسمجهه آهي“ پوڙهيءَ چيو ”چوي ٿو اندر اوندهه ۾ سئي ڳولهه. ڀلا سئي ٻاهر روشنيءَ ۾ لڀندي يا اندر اوندهه ۾“
جڏهن پٽ ماءُ جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ته هو ناراض ٿي هليو ويو ۽ هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. جڏهن تاڙي خاني مان ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجومي تي پئي ۽ هن وٽ آيو.
نجوميءَ ان شخص جي ڳالهه ٻڌي ۽ طوطي کي هٿ تي کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو ڪڍي هن کي ڏنو. جڏهن هن رقعو پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”سورج کي آ
ڏينهن ڏيکارڻ،
انڌي اڳيان
ڏيئو ٻارڻ“
نجوميءَ وضاحت ڪندي ان شخص کي ٻڌايو
”انڌي اڳيان ڏيئي ٻارڻ سان اهو ڏسڻ شروع نه ڪندو. سئي ٻاهر ڳولهڻ سان نه لڀندي آهي. اندر جي اوندهه کي ڏور ڪرڻ لاءِ اهڙي روشنيءَ جي ضرورت پوندي آهي جنهن ۾ وڃايل نظر اچي. سج کي ڏينهن نه ڏيکاربو آهي ڇو جو ڏينهن سج جي پيداوار آهي. ڏينهن سج روشن نه ڪندو آهي پر سج ڏينهن روشن ڪندو آهي. سچ سج جيان روشني آهي. جنهن ۾ وڃايل سئي چمڪي ٿي. سچ کي ڪوڙ ڏيکاري ان جي اصليت کي بدلائي نه ٿو سگھجي. سچ اندر جي اوندهه کي روشن ڪري ٿو، ظاهري روشني ڪوڙ آهي. انڌي کي ٻاهرين روشني بصارت نه ٿي بخشي. اندر جي اوندهه ختم ڪرڻ لاءِ ان کي اجارڻو پوندو، اجالي اندر موجود سون جي سئي جي چمڪ کي ڏسي سگھجي ٿو. هر شيءِ اندر موجود آهي ٻاهر ڳولهڻ مان ڪو فائدونه آهي. هر ڪو اندر جو غلام آهي. هو اندر ۾ موجود تجليءَ جي زير اثر آهي. هن جو ڪردار اٿڻ ويهڻ. سچ ڪوڙ. جنت دوزخ سڀ اندر موجود آهن. بيشڪ ٻاهرين دنيا ڏاڍي روشن ۽ واضع آهي پر اها شيءِ اتي موجود نه آهي جنهن کي اسين ڳولهڻ چاهيون ٿا. ٻاهر سئي آهي ئي ڪونه ته اها ڪيئن لڀندي، اهو ائين آهي جيئن انڌي اڳيان ڏيئو ٻرندو هجي ۽ روشني بي معنيٰ هجي، هو روشنيءَ ۾ ٿا ڦوڙا هڻي اڻ ڏٺل ڳولهيندو هجي جيڪو اتي موجود ئي نه هجي. ڏسڻ لاءِ اندر جون اکيون کولي بينائيءَ کي بحال ڪرڻو پوندو. سچ جو سج اندر ۾ اڀرندو ته ڪڏهن غروب نه ٿيندو. ان جي روشني ۾ هر شيءِ پري کان چمڪندي نظر ايندي“.
نجوميءَ ان شخص کي رقعي جو مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ چيو.
”هو واپس وڃي پوڙهي ماءُ جي مدد ڪري. اها عقل کان وانجهيل نه آهي، پر منجهيل آهي. ان کي ٻڌائي ته وڃايل سئيءَ کي ڪيئن هٿ ڪري سگھجي ٿو.“ ان شخص ڪجهه سڪا ڪڍي نجومي کي ڏنا ۽ گھر روانو ٿيو.
نجومي کي پنهنجي زندگي جا سڀ قصا چڱي طرح ياد هيا. يادن ۾ هن جي نجات سمايل هئي. هو ماضيءَ ۾ گم ٿي حال کي وساري ويٺو هيو. هو جڏهن ماضيءَ مان نڪري ٻاهر ٿي آيو ته پاڻ کي بند ڪمري ۾ قيد ٿي محسوس ڪيو. هڪ اهڙي قيد خاني جيان جتي هن جو ڪمزور هيڻو وجود زندگيءَ جا آخري پساهه کڻي رهيو هيو. هو ماضي ۾ کوئجي حال کان غافل پئي ٿي ويو. ماضي هن لاءِ هڪ نشي جو ڪم ڪري رهيو هيو. جنهن نشي ۾ مبتلا ٿي هن پنهنجن غمن کي وساريو پئي.
نجوميءَ وري هڪ لفافو هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي کولي پڙهيو. رقعو پڙهي هن کي اهو آبادگار ياد اچي ويو. جيڪو پنهنجي قسمت کي گاريون ڏيندو تاڙي خاني ۾ آيو ۽ پوءِ جڏهن تاڙي پي من جو بار هلڪو ڪري ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. اهو نجومي وٽ ويٺو ۽ ان سان دل جو حال اوريو.
”مان خراب قسمت وارو ماڻهو آهيان“ آبادگار چيو ”زندگيءَ ۾ ڪڏهن قسمت ساٿ نه ڏنو. مون جڏهن جيڪي سوچيو اهو ابتڙ ٿيو. جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو تنهن ۾ نقصان ٿيو. مون چڱائي ڪئي ته ان جو سلو مدائي ۾ مليو. مون ڪنهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ناراض ٿيو. مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي آهي ته آخر منهنجو مقدر اهڙو ڇو آهي؟“
ڳالهه ٻڌي نجوميءَ ان بدقسمت آبادگار کي ڀر ۾ ويهاريو.
”زندگيءَ ۾ اميدون به آهن ته مايوسيون به آهن. جتي خوشيون آهن اتي ڏک به آهن. جتي محبتون آهن اتي نفرتون به آهن. جيڪڏهن غور ڪندين ته دنيا جوڙن ۾ ورهايل آهي توکي هر جوڙي ۾ ٻه متضِاد قوتون نظر اينديون جيڪي هڪ ٻئي سان زور آزمائي ڪري رهيون آهن” نجومي چيو.
”پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي“ آبادگار چيو ”ته آخر جڏهن ڌڻيءَ سک ٺاهيا ته ڏکن پيدا ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هيو. پيار ٺاهيو ته نفرت ڇو پيدا ڪئي. هن جزا ڏني ته سزا جو ڪهڙو مقصد هيو؟“
آبادگار جون ڳالهيون ٻڌي نجوميءَ محسوس ڪيو اهو ڏاڍو مايوس انسان آهي. جنهن ۾ همت ۽ ارادي جي کوٽ هئي.
”تنهنجين ڳالهين مان مايوسيءَ جي بوءِ اچي ٿي“ نجوميءَ چيو ”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن توکي پريشان ڪيو آهي؟ جيڪڏهن اندر جو حال اورين ته متان ڪو حل ڪڍي وجهون ۽ اهڙي نتيجي تي پهچي پئون جيڪو تنهجين مايوسين جو مدائو هجي“. نجومي جي ڳالهه ٻڌي آبادگار هن ڀرسان ٺهي ويٺو ۽ سموري ڳالهه ٻڌائي.
اهو آبادگار هڪ سکيو ستابو ماڻهو هيو. ست درجا پڙهيل ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو سيبتو هيو. ان جي قميص جي پاسي واري کيسي اندر ولائتي سگريٽن جو پاڪيٽ پيل هوندو هيو. هن جو اٿڻ ويهڻ وڏن اثر ۽ رسوخ وارن ماڻهن سان هيو. شهر جا سڀ سرڪاري ڪامورا هن کي سڃاڻيندا هيا. هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ ويندو هيو ته کل ۽ مرڪ هن جي منهن تان ڪڏهن غائب نه ٿيندي هئي. هو هر ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کلندو هيو. ۽ پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي ولائتي سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي سامهون ويٺل کي آڇيندو هيو، سامهون ويٺل جڏهن هن کان سگريٽ وٺي وات ۾ وجهندو هيو ته هو ماچيس جي تيلي ٻاري اڳتي وڌي وڏي احترام سان ان جو سگريٽ دکائيندو هيو. هو هر ماڻهو جي ها ۾ ها ملائيندو هيو ۽ ڏاڍو خوش ۽ خرم انسان هيو. شهر جو ڪليڪٽر هن تي سدائين مهربان هوندو هيو. اهو جڏهن پنهنجي گوري منهن کي اس کان بچائڻ لاءِ وڏو ٽوپلو پائي ٺهندڙ بئريج جي ڪم جو جائزو وٺي ڪٿي وڻ جي ڇانو ۾ بيهندو هيو ته ٽوپلو لاهي هن کي ڏيندو هيو ۽ هو ان کان ٽوپلو هٿن ۾ وٺي ائين جهلي بيهندو هيو جيئن اهو مٿي اڀريل ٽوپلو اهڙي قبر جيان هجي جتي ڪليڪٽر جي عزت دفن ٿيل هجي. درياهه جي پيٽ ۾ ڪچي جو علائقو پري تائين ڦهليل هوندو هيو. جيڪو ڏاڍو زرخيز ۽ وڏي زرعي اپت ڏيندڙ هيو اهو شهر جي ڪليڪٽر جي هٿ ۾ هوندو هيو ته ڪنهن کي به ڀڳڙن مٺ تي پوري سال لاءِ پٽي تي ڏئي.اهو آبادگار پنهنجي نياز مندي ۽ نوڙت ڪري هر سال اهو علائقو پٽي تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هيو. ڪچي جي ان زمين تي هر قسم جي پوک ٿيندي هئي. اتي سبزين کان وٺي هر ميوو ڦٽندو هيو جيڪي خوشبو ۽ ذائقي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيا.
بئراج ڀرسان ڪچي جو اهو علائقو ان آبادگار کانسواءِ ڪڏهن ڪنهن ٻئي کي نه مليو. آبادگار محنتي ۽ هر ڪم ڌيان سان ڪندو هيو. هن کي زيتون جا وڻ پوکڻ ۽ انهن مان سٺو ڦل حاصل ڪرڻ جو خاص تجربو هيو. هن اتي زيتونن جي وڻن جون چونڊ چڪيون هنيون ۽ انهن کي سڪو ميوو گھوٽي پاڻي ۾ ملائي پاڙن ۾ ڏيندو هيو. جڏهن وڻن ڦل ڏيڻ شروع ڪيو ته انهن هيڊن زيتونن تي ڳاڙها پٽا ٺهيل هيا. انهن ۾ مٺاس ۽ ذائقو اهڙو ته هوندو هيو جو کائڻ واري جي دل بس ڪرڻ نه چاهيندي هئي. آبادگار انهن خاص زيتونن جا ٽوڪرا ڀري شهر جي اثر رسوخ وارن ماڻهن ۽ سرڪاري ڪامورن کي پهچائيندو هيو. سڀ هن جي زيتونن جي تعريف ڪندا هيا. شهر جي ڪوٽوال کان وٺي مختيارڪار تائين سڀ هن جي زيتونن جا مداح هيا. هو سڀ کان سٺا ۽ چونڊ زيتون ڪليڪٽر جي گھر پهچائيندو هيو. ۽ پوءِ هٿ ٻڌي ان جو ٿورائتو ٿيندو هيو.
”سائين هيءَ سڀ توهان جي ڪرم نوازي آهي“ هو نوڙت مان چوندو هيو ”هي سڀ توهان جي امانت آهي جيڪا توهان کي ڏيان پيو. مان ناچيز اهڙو اهل نه آهيان جو انهن جو پاڻ کي حقدار سمجهان“. ڪليڪٽر هن جي نياز منديءَ تي خوش ٿيندو هيو.
”جيستائين تون جيئرو آهين، اها زمين توکان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پٽي تي نه ڏيندس“. ڪليڪٽر چوندو هيو ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تون هڪ سٺو آبادگار آهين“.