3
نارائڻ داس ڪاڻو هيو. انڪري هن کي اک مٿان چمڙي جو پوش پاتل هوندو هيو. جسم ۾ ٿلهو هجڻ ڪري پيٽ ٻاهر نڪتل هيو. هوڏاڍو ڏکايل ۽ دلگير ڏسجي رهيو هيو. تاڙي خاني مان نڪري جڏهن روڊ تي آيو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. هن مٿان بيهي ڪيتري دير لفافن ۽ طوطي کي ڏسندو رهيو. ائين محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هن جو اهڙين ڳالهين ۾ عقيدو نه هجي. هو پوءِ به هن وٽ ويٺو ۽ چيائين.
”جيڪڏهن تو وٽ منهنجي مسئلي جو حل آهي ته ضرور ٻڌاءِ“.
نجومي شهر جي وڏي سيٺ کي ڀرسان ويهندو ڏسي ٿورو لڄي ٿيو. هن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ايڏو ان داتا هن کا پنهنجي پيڙا جو حل پڇي رهيو آهي.
”جيڪڏهن وس ۾ هوندو ته توهان کي حل ڳولهي ڏيندس“. نجوميءِ چيو.
”شايد توکي خبر هجي ته ننڍپڻ کان وٺي اک کان ڪاڻو آهيان. ننڍي هوندي ڏاڍو حرڪتي هوندو هوس. ڏياريءَ رات سيٽي کي باهه ڏئي جيئن اڏارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اڏامي اک ۾ لڳي ۽ ضايع ٿي وئي. هاڻي ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور. جيڪڏهن هڪ پاسي نظر اچي ٿو ته ٻئي پاسي نه. هيڏانهن ڏسان ٿو ته هوڏانهن نظر نه ٿو اچي. ماڻهو چون ٿا منهنجو ڏوهه آهي. سچ اهو آهي مونکي پنهنجو ڏوهه ڪٿي نظر نه اچي ٿو. ماڻهو ڳالهه گھٽ سمجهن ٿا“. نارائڻ ڳالهائيندو ويو ۽ نجوميءَ کي هڪ به سمجهه ۾ نه آئي.
”سيٺ ڳالهه کولي ٻڌاءِ ته تهه تائين پهچي طوطي کان لفافو ڪڍائي مسئلو حل ڪيون“. نجوميءَ ڳالهه ڪٽيندي چيو.
نارائڻ ٿلهو جسم هن جي ميري چادر تي اڇلي ٺهي ويٺو ۽ ٻئي هٿ ٻاهر نڪتل پيٽ مٿان رکي هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
نارائڻ داس شهر جو وڏو شاهوڪار هيو. هن کي تيل جا گهاڻا هيا. ڍڪ بازار وٽ هن جي حويلي هئي. اها ايڏي وڏي هئي جو هر ڪمري اندر ڪمرو هيو ائين لا محدود ڪمرن جا سلسلا هيا. جيڪڏهن ڪو ڪمرن جو انت ڳولهڻ نڪرندو هيو ته اوندهه ۾ گم ٿي وجود وڃائي ويهندو هيو. هن وٽ هڪ وسيع ڳئون شالي ۾ اڻ ڳڻت جانور هيا. ڳئون شالي ڀرسان واڙي هئي جنهن ۾ سبزين اگائڻ لاءِ پاڻيءَ بجاءِ کير اسعتمال ٿيندو هيو. سبزي ايڏي ته صاف سٿري ۽ ڳردار هوندي هئي جو ان جي هڪ پاسي ڄڻ نارائڻ داس جو پيٽ نڪتل هوندو هيو.
نارائڻ داس اناج جو بادشاهه هيو. هن جا لامحدود گدام ان جي ٻورين سان ڀريل هوندا هيا. هو وڪڙ ڏنل ڍلي گوڏ ٻڌي گنجي پائي ڍڪ بازار وٽ هڪ گھاڻي تي ويٺل هوندو هيو. گھاڻي کي ويڪرو ديال جو دروازو هيو. اتي در وٽ هن جو دخل هيو. دخل ۾ تاڪ هيٺان نوٽ ڀريل هوندا هيا. ڏيتي ليتيءَ وقت دخل جو تاڪ کولي پئسا رکندو ۽ ڪڍندو هيو. اندر تيل جو گھاڻو هيو. جتي ٻن ڏاندن کي اکين تي ڪپڙو ٻڌل هوندو هيو ۽ اهي گھاڻي ۾ گول ڦرندا هيا. گھاڻي جو رينگٽ ائين ٻڌبو هيو جيئن ڪنهن درٻار جو گويو. واندي بادشاهه اڳيان ڳائيندي نه ٿڪجندو هجي. اکين تي ڪپڙو ويڙهيل ڏاند گهاڻي ۾ ائين ڦرندا هيا جيئن اها ڪل ڪائنات هجي. ڌرتي ڄڻ انهن جي کرن هيٺان محدود هجي. نارائڻ داس جي گهاڻي ۾ جست جا دٻا رکيل هيا. جڏهن هڪ دٻو تيل سان ڀرجي ويندو هيو ته ٻيو دٻو سوري رکندو هيو، پر چمڙي جي پوش هيٺان ڍڪيل ڪاڻي اک ڪري هڪ پاسي رکيل دٻا نظر ايندا هيا ته ٻئي پاسي پيل نظرن کان اوجهل هوندا هيا. هو هڪ ڪم ڪندو هيو ته ٻيو رهجي ويندو هيو. گھاڻي جي رينگٽ تي انڌا ڏاند پنهنجو فرض سٺي نموني نڀائيندا هيا. اهي ڪڏهن نه ٿڪبا هيا. پنهنجي گھاڻي جي پيٺل کڙ پاڻ کائيندا هيا. جيڪا انهن لاءِ ڪڏهن سوادي هوندي هئي ته ڪڏهن بي مزي . ڏاند ڪم ۾ مست هوندا هيا. انهن اوندهه ۾ هزارين ميل فاصلو طئي ڪيو هجي پر ڦرندا نارائڻداس جي گھاڻي ۾ ئي هيا. گهاڻي جي چيڪٽ ۾ ڪانواڻ نه هوندي هئي. ان جي آوازن تي ڏاندن جا ڪن هري ويا هيا. ماڻهو نارائڻداس کان ٿيت تي تيل ۽ ٻيو سودو وٺندا هيا. اهي هر مهيني اعمالن جهڙا نوٽ کڻي هن وٽ ايندا هيا ۽ نارائڻداس هڪ بنديءَ ۾ انهن جي نالن اڳيان شمار ڪندو هيو. ڪنهن جا نوٽ گھٽ هوندا هيا ته ڪنهن جا وڌيڪ. ڪنهن جو کاتو سِٽن تي محدود هوندو هيو ته ڪنهن جو صفحن تي. نارائڻداس جي ڪوشش هوندي هئي ته ماڻهو ناراض نه ٿين ۽ وقت تي ورتل نوٽن جي آڌار تي سٺو سامان مهيا ڪري، پر هڪ اک هجڻ ڪري هن کان ڪافي ڪاتاهيون ٿينديون هيون. گھاڻي مان تيل جا دٻا ڀرڻ وقت ڪجهه دٻا خالي رهجي ويندا هيا. خالي دٻا جن ماڻهن جي حصي ۾ ايندا هيا، اهي منهن مٿو پٽيندا هن وٽ ايندا هيا ۽ دانهن ڏيندا هيا.
”هڪڙن کي ڀريل ٿو ڏئين ٻين کي خالي ٿو اماڻين. ٻڌاءِ ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو اهڙي سزا پيو ڏيئن؟“.
نارائڻداس اهڙين ڳالهين تي شرمندگي محسوس ڪندي معزوري پڻ بيان ڪندو هيو. ماڻهو وري به تيل نارائڻداس کان وٺندا هيا، ڇو جو هو شهر جو ان داتا هيو. هن جي هر شيءِ خالص ۽ نج هئي.
نارائڻ داس ويو تيل جا دٻا ڀريندو هڪ پاسي رکندو، هن کي ماڻهن جي دانهن هوندي به ٻئي پاسي رکيل دٻا ڪڏهن نظر نه آيا.
نيٺ ماڻهو بيزار ٿيا. انهن سوچيو جڏهن سيٺ کي گھر ويٺي پئسا به پهچايون ٿا ته آخر ناانصافي جو ڪهڙو سبب؟ ڪجهه نوجوانن ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو ۽ نارائڻداس کي گھاڻي تي وڃي گھٽ وڌ ڳالهايو.
”سيٺ تو وٽ انصاف نه آهي. تون اسانجو حق کائي پيٽ ٿو ڀرين بيشڪ ان داتا ۽ چڱو مڙس آهين پر چڱايون نه پيو ڪرين. هڪڙن کي تيل جا ڀريل ٿو ڏئين ته ٻين کي خالي ٿو اماڻين. هڪڙا سڻڀيون ٿا کائين ته ٻيا اڻڀيون. اهو ڪهڙو انصاف آهي جو ماڻهو اجر تو حوالي ڪن ۽ موٽ ۾ ڪنهن جي جهول ڀريل هجي ۽ ڪنهنجي خالي“.
نارائڻداس نوجوانن جي اهري رويي تي سخت ناراض ٿيو.
”اڙ ي بابا ڄاڻي واڻي ته ڪونه ٿو ڪريان “ . هن چيو ” منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن سان نا انصافي نه ٿئي. مون لاءِ سڀ برابر آهيو. ڪوئي ننڍو وڏو نه آهي. جيڪڏهن ٿي به وڃي ته صبر ڪريو. شڪر ڪري وقت گذاريو. ڇو جو صبر ۽ شڪر جو ذائقو تيل جي ذائقي کان بهتر آهي“.
نوجوان گھٽ وڌ ڳالهائيندا هليا ويا ۽ پوءِ اهو روز جو معمول بڻجي ويو. شهر جو ڪو نه ڪو ماڻهو گھاڻي تي اچي هن کي گھٽ وڌ ڳالهائي هليو ويندو هيو. نيٺ نارائڻ داس پريشان ٿيو. هن ڪاوڙ گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو، جتي هن جي ملاقات نجوميءِ سان ٿي.
نجوميءَ ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ۽ پوءِ طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي چڪر هڻي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو . اتي لکيل هيو.
ساڳيو رينگٽ،
ساڳيو گھاڻو،
انڌا ڏاند،
مالڪ ڪاڻو.
نجوميءَ جيئن پڙهيو ته نارائڻداس کي اڌ مطلب سمجهه ۾ اچي ويو، پوءِ به هن نجوميءَ کي چيو. ”ڳالهه کولي ٻڌاءِ جيئن سمجهه ۾ اچي“.
”ڳالهه واضع ۽ صاف آهي“ نجوميءَ چيو. ”ان ۾ تنهنجو قصور نه آهي ڇو جو تون اک کان معزور آهين. توکان اهڙو ئي ڪم ٿيندو جهڙو ڪري رهيو آهين. ماڻهن لاءِ تنهنجي من ۾ نابرابري ۽ ٻيائيءَ جو تصور نه آهي. تولاءِ سڀ هڪجهڙا ۽ وقت تي عملن ڪري حاصل ڪيل اجرت جا حقدار آهن. تون پنهنجي حساب سان تيل جا دٻا ڀرين ٿو ۽ انهن کي ماڻهن تائين پهچائين ٿو. پر صبر ۽ شڪر جي حد آهي، اهي هڪ ڏينهن تنهنجي گھاڻي کي نقصان پهچائيندا. تنهنجي وجود کي خطرو آهي. ماڻهو ڪنهن وقت به ممڻ مچائي سگھن ٿا. نا انصافيءَ جو رينگٽ گهاڻي مان پيدا ٿي انهن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي. ماڻهو رينگٽ مان بيزار ٿي پيا آهن. اهي انڌا ڏاند آهن. جڏهن انهن جي اکين تان پٽي هٽندي ته حقيقت معلوم ٿي پوندي“. نارائڻداس نجوميءَ جي وضاحت تي وڌيڪ پريشان ٿي ويو.
”تنهنجي انڌن ڏاندن مان ڇا مراد آهي. ڪهڙن ڏاندن جي ڳالهه ٿو ڪرين“. هن پڇيو.
”رقعي ۾ لکيل انڌن ڏاندن جو اشارو ماڻهن ڏانهن آهي. جڏهن ڏاندن هوش سنڀاليو ته ڏسي سگھندا، انهن ڪيترو ڪشالو ڪڍيو آهي؟ ڪهڙا فاصلا طي ڪيا آهن. جڏهن رينگٽ بند ٿيو ته ٻيا آواز ڪنن تائين پهچي سگھندا“.
نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي نارائڻداس جي نرڙ تي پگھر اچي ويو.
”اڙي نجومي تون ته ڪو فسادي آهين. ڇو منهنجي گھاڻي جو ڪڍ پيو آهين؟ مان توکي نه ڇڏيندس ۽ ان گناهه جي سزا ضرور ڏيندس“.
نارائڻداس جي ڳالهه تي نجومي هڪو ٻڪو ٿي ويو.
”مان ڪير ٿيندو آهيان پنهنجي پاران ٻڌائڻ وارو . مون ته توهان جي لفافي مان نڪتل رقعي جي وضاحت پئي ڪئي“.
هو ڪاوڙ مان هليو ويو ۽ ٻئي ڏينهن هن اها ڳالهه ڍڪ بازار ۾ مدرسي جي ملان سان ڪئي. هن کيسي ٻڌايو ته اهو نجومي منافق ماڻهو آهي، جيڪو روڊ تي ويهي ماڻهن کي ورغلائي رهيو آهي. ملان اڌ ڳالهه سمجهي اڌ نه سمجهي ۽ طالبن کي حڪم ڪيو ته وڃي ان منافق نجوميءَ کي سنگسار ڪيو. طالب قطار ٻڌي مدرسي مان نڪتا ۽ پٿر کڻي تاڙي خاني ٻاهران ويٺل نجوميءَ تي وسڪارو ڪيو. هن کي ڪافي پٿر لڳا پر نرڙ تي هڪ اهڙو پٿر لڳو جنهن کان هن جو منهن رت سان ڀرجي ويو ۽ ان پٿر جي زخم جو نشان سدائين رهجي ويو.
نجومي اڄ به هٿ هڻي نرڙ تي ان نشان کي محسوس ڪري رهيو هيو. هن رقعو واپس لفافي ۾ وڌو ۽ ڊگهو ساهه کڻي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. نجومي ڪو وقت ڀت کي ٽيڪ ڏئي کنگھندو رهيو. هن جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب پئي ٿيندي وئي هن کي محسوس ٿيو، شايد اهي ڏينهن وري نه موٽندا جڏهن تاڙي خاني باهران طوطو رکي قسمت جو حال ٻڌائي سگھندو. اهو سوچي هن مونجهه محسوس ڪئي ۽ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ وري هڪ لفافو کولي پڙهيو. هن جي وات مان ٽهڪ نڪري ويو. هن کي ياد هيو، اهو لفافو شهر جي بيوقوفن جي قسمت ۾ نڪرندو هيو. هن کي شاهي بازار جي برتنن جي دوڪان جو اهو ملازم ياد هيو، جيڪو سڄو ڏينهن اتي ڪم ڪندو هيو ۽ اجرت ۾ هن کي گھٽ پئسا ملندا هيا.
اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا. شام جو وقت هيو ۽ مينهن کان اڳ وارو هبس ۽ مونجهه محسوس ٿي رهي هئي. روڊ جي ٻئي پاسي دينو دال واري مٿان بيٺل پپل جا پن ائين چپ هيا جيئن ظلم جي دور ۾ ڳالهائڻ تي بندش هجي. اهو ٿانون جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ ملازم ان ڏينهن سخت پريشان هيو. اهو تاڙي خاني ۾ ويو، ٻه چار گلاس منهن تي چاڙهي موج ۾ اچي جيوڻي ٻائي جو ڪلام جهونگاريندو، نشي ۾ ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏسي اچي ان وٽ ويٺو. ان جڏهن ڳالهايو ته ڏکن کي ياد ڪري روئي پيو. هو نشي ۾ لڏي به رهيو هيو ته روئي به رهيو هيو. هن جي نڪ مان پاڻي پئي وهيو، جنهن کي ٻانهن هڻي هر هر صاف پئي ڪيو.
”مونسان وڏي ويڌن آهي“. ان نجوميءَ کي چيو ”مان اهڙي مسئلي ۾ ڦاسي پيو آهيان جو پاڻ ڇڏائڻ ڏکيو ٿو لڳي“.
”ٿي سگھي ٿو مان تنهنجي مدد ڪري سگھان“. نجوميءَ چيو ”مسئلو بيان ڪر متان حل نڪري اچي“.
پوءِ ان شخص نجوميءَ کي پورو احوال ٻڌايو.
اهو شخص غريب آباد جي هڪ انڌياري گھٽيءَ ۾ رهندو هيو. هن جو گذر سفر ڏکيو ٿيندو هيو. هن کي ٻه ٻار هيا. هڪ پٽ هيو ۽ هڪ نياڻي. پٽ عمر ۾ ڌيءَ کان وڏو هيو. آمدنيءَ جي اڻاٺ ڪري هو ٻارن کي تعليم ڏياري نه سگھيو. هن جي ڌيءَ ڪڏهن اسڪول جو منهن نه ڏٺو. پٽ به دل لڳائي پڙهي نه سگھيو جو ڪنهن وڏي مقام تي پهچي سگھي. هن جي ڌيءَ سڄو ڏينهن نم هيٺان سئيءَ ۾ ڌاڳو وجهي ڀرت ڀريندي هئي ۽ پٽ گھٽين ۾ رلي وقت وڃائيندو هيو. اهي جڏهن شادي لائق ٿيا ته ڪو به گھر انهن سان مٽيءَ لاءِ تيار نه ٿيو. ڇوڪري ته صبر ڪري وئي پر ڇوڪرو هڪ ڏينهن ڪا بازاري عورت هٿ ڪري گھر وٺي آيو. پيءُ کي ڳالهه نه وڻي هو پٽ وٽ ويو ۽ ان کي سمجهايائين.
”تون چڱو ڪم نه ڪيو آهي. جيڪا ٿوري عزت هئي سا به مٽي ۾ ملائي ڇڏي“ پيءُ چيو.
”بابا ڪير ٿو ڏسي عزت ۽ ذلت کي“ پٽ بي حيائيءَ سان جواب ڏنو ”ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي. هن کي بک لڳي ته هو پاروٿي ماني به شوق سان کائيندو“.
پيءُ پٽ جي اهڙي بي حيائي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري هليو ويو. ان شخص جو پٽ سڄو ڏينهن ڪمري ۾ زال سان ستل هوندو هيو ۽ هن جي ڌيءَ ڪنهن رشتي جي اوسيئڙي ۾ ويهي نم هيٺان ڀرت ڀري هر هر رئو سوري مٿي تي رکندي هئي.
ڇوڪري کي رولو عورت مان ٻار ڄمندي دير ئي نه لڳي. ٻار ڄمڻ کانپوءِ اهو پنهنجي ماءَ وٽ آيو ۽ پاسو وٺي ويهي رهيو. ماءُ پٽ کي پريشان ڏسي پيار جي نظرن سان ڏٺو ۽ حال پڇيو.
”امان پئسن جي سخت ضرورت آهي“ هن چيو ” ٻار جي کير جيترا پئسا به نه آهن. جيڪڏهن رکيل سوني منڊي ڏين ته وڪڻي ڪجهه وقت گذاريان“ ماءُ ڳالهه ٻڌي ڇرڪي وئي.
”اها تنهنجي ڀيڻ جي امانت آهي“ ان چيو ” جيڪڏهن هٿن مان نڪري وئي ته تنهنجيءَ ڀيڻ کي ڏاج ۾ ڪجهه نه ڏئي سگھنداسين“.
ماءَ منڊي پٽ حوالي نه ڪئي. گھر ۾ فساد مچي پيو. هن زال سان ملي ماءَ جي بي حرمتي ڪئي ۽ بي عزتو ڪيو.
رات جو جڏهن اهو برتنن جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ شخص پهتو ته گھر ۾ متل فساد جو ٻڌي ڏاڍو ڏکي ٿيو. هن جي آمدني ايڏي نه هئي جو پٽ جي وڌندڙ گھرجن کي منهن ڏئي سگھي. گھر جون حالتون ڏسي ان شخص ٿانون جي دوڪان تان چوري شروع ڪئي. سيٺ جي پئسن جي پيٽي هن جي پهچ کان پري هئي. اها سدائين دخل وٽ سيٺ اڳيان رکيل هوندي هئي ۽ سيٺ ڪاريهر جيان ڪر کڻي ان مٿان ويٺل هوندو هيو. ان شخص هڪ ٻيو طريقو اختيار ڪيو. جست جا ٿانو جيڪي وڏا ۽ ويڪرا هيا انهن کي چوري ڪرڻ هن لاءِ مسئلو هيو. هو ٿالهيون ور ۾ وجهي ڪجهه اهڙي طريقي لڪائيندو هيو جو ٿورو هيٺ جھڪندو هيو ته اهي ظاهر نه ٿينديون هيون. هو روز وڃڻ کان اڳ هڪ ٿالهي ور ۾ وجهي هيٺ جهڪي مالڪ کي عرض ڪندو هيو.
”مون کي پيٽ ۾ سخت سور آهي.... بيهي نه ٿو سگھان“.
مالڪ هن تي رحم کائي موڪل ڏيندو هيو ته ڀل گھر وڃي آرام ڪري. اهو شخص دوڪان تان لهي، ٿورو پاسي ٿي ور مان ٿالهي ڪڍي ڪنهن ٻئي هنڌ وڪڻي ڇڏيندو هيو ۽ ائين جيڪي پئسا ملندا هيا اچي پٽ کي ڏيندو هيو. هڪ حڪيم ان دوڪان جي مالڪ جو دوست هيو. هڪ دفعي حڪيم ان وٽ ويٺو هيو ته ان شخص ٿالهي ور ۾ لڪائي مالڪ کي عرض ڪيو ”پيٽ ۾ سور آهي اجازت ڏيو ته گھر وڃي آرام ڪيان“.
مالڪ به ڏهاڙي پيٽ جي سور مان عاجز اچي چڪو هيو. تنهن مناسب موقعو ڏسي ڀڪ ۾ ويٺل حڪيم کي چيو.
”حڪيم صاحب هن ملازم کي ڪا اهڙي ڦڪي ڏيو جو چاڪ چڱو ڀلو ٿئي. گھڻن ڏينهن کان هن کي پيٽ ۾ سور آهي جيڪو گھٽجي ئي نه ٿو“. مالڪ جي ايتري چوڻ تي اهو شخص ڊڄي لنوائڻ لڳو ته متان پول پڌرو نه ٿي پيو.
”سائين ڪهڙو ضرور آهي“ ان چيو ” دوا اڳ ئي جاري آهي چڱو ڀلو ٿي ويندس“.
ان باوجود حڪيم اٿيو ۽ جيئن تپاسڻ لاءِ هن جي چولي جو پاند مٿي ڪيائين ته ور ۾ وڌل ٿالهي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. مالڪ ان جي ور مان ٿالهي ٻاهر ڪڍي، بي عزتو ڪري نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. اهو شخص شرم ۽ ندامت کان ڳوڙها ڳاڙيندو هليو ويو. هن پريشانين کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو جتي هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. نجوميءَ جڏهن ان شخص جو احوال ٻڌو ته طوطي کي آڱر تي ويهاري لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڀڳل دال جو داڻو وات ۾ ورتو. نجوميءَ لفافو کولي رقعو ڪڍي پڙهيو. اتي لکيل هيو.
”ڏنگ جو مزو
چک“.
چيو،
ماکيءَ جي
مک.
نجوميءَ پڙهي ان شخص جي منهن ڏي ڏٺو جيڪو هن اڳيان حيرت مان وات کولي ڏسي رهيو هيو.
”آئي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ “؟ نجوميءَ پڇيو.
”ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته دنيا ۾ خوار ڇو ٿيان ها“. ان شخص چيو.
”سڀ تنهنجي سمجهه جو ڏوهه آهي“. نجوميءَ چيو. ”انسان جتي ماکي کائي ٿو اتي ڏنگ به چکي ٿو. ڏنگ جو مزو جنهن ورتو ان کان ماکيءَ جو سواد وسري ويو. مک جو ڪم ماکي گڏ ڪرڻ آهي جيڪا هوءَ ٻچن لاءِ ڪندي آهي. جيڪو ماکيءَ سان هٿ چراند ڪندو آهي مک ان کي ڏنگ جو مزو چکائيندي آهي. ٻڌاءِ تون اولاد لاءِ ڪهڙي ماکي ڪٺي ڪئي؟ انهن جي حفاظت ڪيئن ڪئي؟ ڪهڙي ڪفايت ڪئي؟ تون عقل جو استعمال ڪيئن ڪيو؟ جيڪڏهن انهن جي سٺي تربيت ڪرين ها. تعليم تي ڌيان ڏين ها. ڪفايت ڪري چوريءَ کان بچين ها ته تون هي ڏينهن نه ڏسين ها. تون به صفا ان ڪوچوان جيان آهين جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ تاڙي خاني مان نڪتو ۽ ان پاڻ سان ٿيل کل جهڙي واردات ٻڌائي. ان ڪوچو ان جو قصو توکي ضرور ٻڌائيندس جيڪو صفا تنهنجي ڳالهه جهڙو آهي.“
پوءِ نجوميءَ هن کي ڪوچو ان جو قصو ٻڌايو.
”ڪجهه ڏينهن اڳ ڪو ڪوچوان ٿيڙ کائيندو تاڙي خاني مان نڪتو. اهو مون وٽ آيو ۽ چيائين ”منهنجي زال مون تي سدائين ڪاوڙيل هوندي آهي“.
”آخر تون زال جو ڏوهه ڪهڙو ڪيو؟“ مون ان کان پڇيو.
”هوءَ مون مان خوش نه آهي“ ڪوچوان چيو ”مون وٽ ايترا پئسا نه آهن جو گھر هلائي سگھان. جيڪو هيو ضايع ٿي ويو. “
”ته ٻڌاءِ مان ڪهڙي مدد ڪري سگھان ٿو“؟ مون چيو.
”ڇا منهنجي قسمت ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا آهن يا ڪي چڱا ڏينهن به لکيل آهن؟“ ڪو چوان پچيو.
”قسمت جي لفافي ڪڍڻ کان اڳ سڄو واقعو بيان ڪر ته سمجهڻ ۾ مدد ملي“ مون پڇيو.
هن واقعو بيان ڪيو.
اهو ڪوچوان شهر جي شمس آباد علائقي ۾ رهندو هيو. انتهائي نڪمو ۽ سست هيو. هن کي چار ٻار هيا. ڪرائي جي ڪچي جاءِ هئي جنهن جي گاري جا پلستر هن جي ڦاٽل قميص جيان اڍڙيل هيا. هن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هيو. اهڙي حالت ڏسي هن جي ساهورن نياڻيءَ کي سکيو رکڻ لاءِ پئسا گڏ ڪري بگي گهوڙو وٺي ڏنو. ڪوچوان ان شهر جي رستن تي بي دليءَ مان ٽانگو هلائيندو، واندڪائيءَ ۾ ٽانگي جي پوئين سيٽ تي چادر وجهي سمهي پوندو هيو ۽ جڏهن ڪو مسافر هن کي لوڏيندو هيو ته جاڳ نه ٿيندي هئي ۽ جي جاڳندو هيو ته مسافر سان الجهي پوندو هيو. هن جي آمدني ايڏي نه هئي جو پيٽ پالي سگھي. هن جي زال سدائين ناراض هوندي هئي ۽ مهڻا ڏئي چوندي هئي ”تون دل لڳائي ڪم نه ٿو ڪرين جنهن لاءِ ڏکيا ڏينهن ٿا ڏسڻا پون“.
ان ڪوچوان جي سستيءَ ڪري اهڙو ڏينهن به آيو جو اهي مانيءَ ٽڪر جا محتاج ٿي ويا. هڪ ڏينهن ڪوچوان گھر موٽيو ته هن جي هٿن ۾ گھوڙي جون واڳون هيون ۽ پويان بگي ٻڌل نه هئي. عورت جڏهن اهو ڏٺو ته هن کان پڇيو.
”اڙي بگي ڪيڏانهن وئي“؟
”مون بگي وڪڻي ڇڏي“. ڪوچوان چيو ”خرچ لاءِ پئسا نه هيا. سوچيم بگي وڪڻي ڪجهه ڏينهن گذر سفر ڪريون“.
مائيءَ کي هنجي بيوقوفيءِ تي ڪاوڙ آئي.
”بگي وڪڻڻ جو ڪهڙو ضرور هيو. اهڙي آفت آئي به هئي ته گھوڙو وڪڻي ها. ڇو جو بگي گاهه نه کائي ها پر گھوڙو ته گاهه کائيندو.“
پوءِ ائين ئي ٿيو جيئن عورت چيو. ڪوچوان گھر ۾ ڇڳل واڻ تي ستل هوندو هيو ۽ بگيءَ مان مليل پئسا گھوڙي جي گاهه تي خرچ ٿي ويا. زال ڪاوڙ مان سوٽي هٿ ۾ کنئي جيئن واڻ تي سمهيل هيو هن کي وهائي ڪڍيائين. منهن مٿو پٽيندو گھر مان ڀڳو. ٻه چار آنا جيڪي کيسي ۾ هيس اچي تاڙي خاني ۾ خرچ ڪيائين. اتان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ جڏهن ان حال احوال ٻڌايو ته مون طوطو لاهي لفافن تي ڇڏيو ۽ ان ساڳيو لفافو ڪڍيو جيڪو پڻ تنهنجيءَ قسمت ۾ نڪتو آهي. دراصل ماکي دنيا داري آهي جنهن کي اها لاهڻ جو فن نه آيو ان ڏنگ چکيو. ماکي به کائجي ۽ هٿ به نه سجن، اهڙو هنر جنهن حاصل ڪيو سو دنيا ۾ سرخرو ٿيو. تون ماکي نه چکي ماکيءَ جو ڏنگ چکيو. جيئڻ هنر آهي جنهن سکيو تنهن سواد ماڻيو. “
پوءِ اهو جست جي دوڪان تان بي دخل ٿيل ملازم ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو.
نجوميءَ کي سڀ ڳالهيون ياد هيون. قسمت جي ماريلن جا سوين واقعا ذهن ۾ هيا. هن کي بگڙ جندڙ صحت مجبور ڪري وڌو هيو. هزارين حسرتون هاڻي به هن جي هيئين ۾ هري رهيون هيون. جيڪر ڪم ڪرڻ جا قابل ٿي پوان. هن وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو کولي پڙهيو. هن کي اهو قيدي ياد آيو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ جيل مان آزاد ٿيو هيو. اهو قيدي پنهنجي پوڙهائپ جي حدن کي ڇهي رهيو هيو. تمام غمگين ۽ مايوس پئي نظر آيو. ان کي پنهنجي آزاد ٿيڻ جي ڪا خوشي نه هئي. اهو پندرهن ڏينهن پهريون قيد مان نڪتو هيو ۽ شهر جي روڊن تي دربدر ڦريو پئي. ويهه سال قيد ڪاٽڻ کانپوءِ دنيا ۾ هن جو ڪو عزيز نه بچيو هيو. هو دنيا ۾ اڪيلو هيو ۽ اڪيلائپ جي احساس ڪري پاڻ کي ٿڪيل محسوس ڪري رهيو هيو. هن وٽ پنهنجون ڀوڳنائون هيون، جن جو احساس اندر ۾ دٻائي ڪنهن ٻوجهه جيان رستن تي رلي رهيو هيو. جيل ۾ رهي هن واڍڪو ڪم سکي ورتو هيو. هن سوچيو شهر ۾ ڪرائي تي ڪو دوڪان وٺي اتي واڍڪو ڪم ڪري زندگيءَ جا ڏينهن گذاريندو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان اڳ هن کي اتي ڪيل محنت جي صلي ۾ ايترا پئسا مليا هيا جو هو ڪجهه ڏينهن پنهنجي پيٽ پالنا ڪري پئي سگھيو. هو هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ ويو ۽ اتي تاڙي پي دل جو ٻوجهه هلڪو ڪيو. هن کيسي ۾ هٿ وجهي ٻيڙي ڪڍي دکائي ۽ سوٽو هڻي نڪ مان دونهون ائين ڪڍيو جيئن ڪنهن ٽانڊن تي پاڻي هاريو هجي. هن تاڙي پي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيو ۽ وڏي سرور مان ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندو ٻاهر نڪتو. ٻاهر نجوميءَ کي ويٺل ڏسي هن وٽ آيو.
”مونکي منهنجي ننڍپڻ جو دوست نه ٿو سڄاڻي“ ان نجوميءَ کي چيو ”منهنجو دوست جنهن سان مونکي بيحد پيار هيو. اسان هڪ ٻئي کان الڳ نه ٿيندا هياسين. هر وقت گڏ گذاري ٽهڪ ڏيندا هئا سون. هو مونکي نه سڃاڻي رهيو هيو. مونکي افسوس آهي آخر ان مونکي ڪيئن وساري ڇڏيو؟ جڏهن ته منهنجي جيل وڃڻ جو سبب اهو دوست ئي هيو. مان ان دوست خاطر جيل ويس. مون ان جو الزام پاڻ تي کڻي جيل کان بچايو. جڏهن مليو ته مان ان لاءِ اجنبي هوس“.
نجوميءَ قيديءَ جي ڳالهه ٻڌي هن کي ڀڪ ۾ ويهاريو. ” آرام سان ويهه ۽ پوءِ ٻڌاءِ“ نجوميءَ چيو.
”منهنجو من ڏاڍو منجهيل آهي“ هن ڀريل آواز ۾ چيو ”مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان ڏک کي تو آڏو ڪيئن بيان ڪيان، ڇو جو اهو دوست منهنجي محبوب جيان هيو. مون ان لاءِ زندگي قربان ڪئي، پر ان جي بي رخيءَ ماري وڌو“.
”مونکي ڳالهه ٻڌي ڏک ٿيو“ نجوميءَ چيو ” پر کولي ٻڌاءِ ته ڪو حل ڪڍڻ ۾ آساني ٿئي“.
قيدي ٺهي ويٺو ۽ هن پوري ڳالهه ٻڌائي.
اهو شخص ڳوٺ ”قبوليي“ جو رهاڪو هيو. هن جوننڍپڻ ڏاڍو کل خوشيءَ ۾ گذريو هيو. تڏهن پندرهن سالن جو مس هيو. هن جي چپن تي مڇن جي ساول بهار اچڻ سان ڌرتيءَ تي ڦٽندڙ ساوڪ جهڙي هئي. هو پاڻ کي ايڏو ته چست ۽ خوش محسوس ڪندو هيو جو هن جي چپن تي گيتن جي جهونگار ڪڏهن ختم نه ٿيندي هئي. هن جو بدن سگھارو ۽ وريل هيو. جڏهن ڳوٺ ۾ ملهه جو مقابلو ٿيندو هيو ته پهلوانن کي دسي آڻ مڃائيندو هيو. هن سڀني کي چت ڪيو هيو. وڏيري وٽ آيل ڪامورو جيڪو پوءِ ملڪ جو وڏو سياستدان ٿيو هيو ان کيسي مان چار آنا ڪڍي هن کي انعام ڏنو هيو ۽ پٺي ٺپي هئي. اهي ساڳيا ڏينهن هيا جڏهن هن جي دوستي وڏيري جي پٽ سان ٿي. وڏيري جو پٽ هن کان عمر ۾ ننڍو هيو. اهو ڏاڍو ٽڻڪ ۽ ڦڙتيلو ٻار هيو، ڪاوڙ ايندي هيس ته ڪنهن سان وڙهندي دير نه ڪندو هيو. اهو شڪل جو سهڻو هيو ۽ ان جي ڀوري گلابي منهن تي کٻي پاسي تر هيو. هن جا وار گھاٽا ناسي هيا. ان جون اکيون اهڙيون هونديون هيون جو انهن تي ڪنهن عورت جو گمان ٿيندو هيو. مرڪندو هيو ته مهربان نظر ايندو هيو، ڪاوڙبو هيو ته اکيون ڳاڙهيون شوخ ٿي وينديون هيو. لاڏلو ٻار هجڻ ڪري جوانيءَ جي حدن کي ڇهندي ان ۾ ڪجهه بريون عادتون اچي ويون. هو سگريٽ پئيندو هيو ۽ گريبان جا بٽڻ کولي ڳوٺ ۾ گھمندو هيو. ان کي ڳوٺ جون سهڻيون ڇوڪريون وڻنديون هيون ۽ ڪجهه ڇوڪريون هن تي پڻ موهت هيون.