ناول

نجومي

هن ناول جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.“
  • 4.5/5.0
  • 2633
  • 1180
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نجومي

7

چوونجاهه سالن جي عمر ۾ هو اهو شهر ڇڏي هڪ ٻئي شهر آيو. اتي هڪ وطن دوست عالم دين سان هن جي دوستي ٿي وئي. اهو عالم عمر ۾ هن کان وڏو ۽ ضعيف هيو. ان ملڪ ۾ وڏا دانشور ۽ سياستدان پيدا ڪيا هيا. هر ڪو ان جو شاگرد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. پر ان جي اولاد سڌريل نه هئي. ان کي ٻه پٽ هيا، جيڪي پڙهي نه سگھيا، سڄو ڏينهن شهر ۾ رلي وقت وڄائيندا هيا. ان جي لئبريري جنهن ۾ هزارين قيمتي ۽ ناياب ڪتاب هيا ان کي سنڀالڻ وارو ڪو به نه هيو. هن جي ٻنهي پٽن فيصلو ڪيو ته ڪنهن ڪٻاڙيءَ کي ڏئي پئسا حاصل ڪجن. جڏهن هن کي خبر پئي ته هن جي دوست جي لئبريري کي ان جا پٽ ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ لاءِ تيار آهن ته هن ڪٿان قرض کڻي انهن کان ان لئبريري جا ڪتاب حاصل ڪيا. ڪتاب ايڏا ته هيا جو جڏهن هن ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ پنهنجي جاءَ ۾ رکيا ته هڪ کٽ جيتري جاءِ مس بچي. هن جو گهر وڏي لائبريريءَ ۾ بدلجي ويو. هر هنڌهيٺ مٿي، ڪٻٽن جارن ۽ فرش تي ڪتاب نظر ايندا هيا. هن کي ان عالم جو اهو آٽو گراف بڪ به هٿ اچي ويو. جنهن ۾ نهرو، گانڌي ۽ ٽئگور جا هٿ اکر هيا. اهو بڪ ۽ جناح سان نڪتل فوٽو هن جو سڀ کان وڏو اثاثو هيا. جيڪو به هن سان ملڻ ايندو هيو ته اهو هن کان متاثر ٿيندو هيو. دنيا جي مشهور شخصيتن جا هٿ اکر ڏسي دنگ رهجي ويندو هيو. هن وٽ شهر جا ڪامورا سياستدان اديب ۽ شاعر ايندا هيا جيڪي هن جي ڪتابن جو ذخيرو ڏسي پاڻ کي غريب محسوس ڪندا هيا. هڪ اهڙي ئي هندوستاني ڇوڪري جنهن جو سانورو رنگ ٻئي جنگ عظيم تي لکيل ڪتاب جي ٽائيٽل تي ٺهيل دونهي جهڙو هيو. اها جڏهن هن سان ملڻ آئي ته هن کي عظيم ڏاهو سمجهي عقيدت مان هن آڏو نوڙي سندس عظمت کي سلام ڪرڻ لڳي. هو ان هندستاني ڇوڪري تي عاشق ٿي پيو ۽ جڏهن هن سندس شاديءَ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ان سانوريءَ ڇوڪريءَ چيو.
“جنهن سان عقيدت هوندي آهي، ان سان شادي نه ڪبي آهي ۽ جيڪڏهن شادي ڪبي آهي ته عقيدت ختم ٿي ويندي آهي“.
هن اڳتي وڌي سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو.
”عشق جي حيثيت عقيدت کان مٿاهين آهي. مان توسان عشق ڪيان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته تنهنجي محبت حاصل ڪريان“.
اها نوجوان ڇوڪري هن سان شاديءَ تي راضي ٿي وئي. شاديءَ کانپوءِ اها لائبريريءَ جهڙي گھر ۾ رهندي هئي ۽ ان عورت مان هن کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڄائي. اها عورت هن لاءِ سٺـي ثابت نه ٿي. وقت سان ان عورت کي احساس ٿيو ته هوءَ اهڙي غريب جي زال آهي جنهن وٽ ڪجهه به نه آهي. جڏهن ان عورت وٽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو هيو ته اها ڇليءَ ۾ ڪجهه ڪتاب وجهي بازار ويندي هئي ۽ ڪٻاڙيءَ کي وڪڻي سودو وٺي ايندي هئي. هڪ دفعي هو لائبريريءَ ۾ ڪو ناياب ڪتاب ڳولهي رهيو هيو. جيڪو شهر جي ڊپٽي ڪمشنر کي ڏئي وڏي رقم حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هيو. جڏهن هن کي اهو ناياب ڪتاب نه مليو ته هو هٿن مان نڪري ويو ۽ چرين جيان لائبريري جا ڪتاب هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو.
”منهنجو اهو ڪتاب جنهن تي نهروءَ جا هٿ اکر هيا ڪيڏانهن ويو؟“ هن زال کان پچيو
”بابا ...... اهو نه امان ڪٻاڙيءَ کي ڏئي ڇڏيو“ هن جي ننڍڙي ڌيءَ معصوميت سان چيو“. گھر ۾ پئسا نه هيا. امان انهن مان اٽو وٺي آئي“.
ڌيءَ جي ڳالهه ٻڌي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو.
”مونکي اهو ڪٻاڙي ڏيکار ڪٿي آهي”؟ هن ڪاوڙ مان چيو ”مان پئسا ڏئي اهو ڪتاب واپس وٺندس“.
هن جي زال کيس ٻڌايو ته اهو ريڙي وارو هيو. خبر نه آهي اهو ڪٿي هجي. هو تڪڙ ۾ گھر کان ٻاهر نڪتو ۽ ان ريڙهي واري ڪٻاڙيءَ کي شهر جي گھٽين ۾ ڳولهيندو رهيو پر اهو کيس نه مليو.
اهي هن جا سٺا ڏينهن نه هيا. هو پنجهٺ سالن جو ٿي چڪو هيو. ۽ هن کي گدودن جي بيماري هئي. هو جڏهن گدود ڪڍائي اسپتان کان گھر موٽيو ته هن کي وري دل جي تڪليف ٿي پئي. کيس سختي سان منع ڪيو ويو ته هو جنسي عمل کان پاسو ڪري. هن جي رت جو دٻاءُ وڌيل آهي. اهڙي عمل ڪري اهو تمام وڌي ويندو ۽ هن کي دل جو دورو پوڻ جو امڪان آهي. انهن ڏينهن هن سخت پرهيز ڪئي ۽ جڏهن هن جي طبيعت ڪجهه بهتر ٿي ته هو پنهنجي لائبريري جا چونڊ ڪتاب ٿيلهي ۾ وجهي لاڙڪاڻي روانو ٿيو. هن کي اهي ڪتاب اتان جي ڪامورن ۽ سياستدانن کي وڪرو ڪرڻا هيا. هو جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته کيس رات ٿي وئي. هن جو هڪ واقفڪار شاگرد اتي هاسٽل ۾ رهندو هيو. هو رات گذارڻ ان وٽ پهچي ويو. ان رات ڪاليج ۾ مشاعرو هيو. هو جڏهن هاسٽل پهتو ته اهو نوجوان هن کي مشاعري ۾ وٺي ويو. جنهن ۾ هرڪو وطن جي حب ۾ شعر پڙهي رهيو هيو. جڏهن مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن کي خبر پئي ته هڪ اهم شخص جيڪو گانڌيءَ ۽ نهروءَ جو هم عصر آهي ته اهي هن سان وڏي عزت ۽ احترام سان مليا ۽ مشاعري ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ويهاريائون. جڏهن مشاعرو شروع ٿيو ۽ ان ۾ هڪ قومپرست شاعرا پنهنجو ڪلام پيش ڪرڻ آئي ته هو ان تي عاشق ٿي پيو.
اها هڪ نوجوان شاعرا هئي جنهن جا شعر رسالن ۾ شايع ٿيندا هيا ۽ جڏهن ڳايا ويندا هيا ته شاگرد اجرڪ پائي نچندا هيا. اها شاعرا ايڏي خوبصورت نه هئي پر ان جي شاعري وڻندڙ هئي. هو ان شاعرا تي ان حد تائين عاشق ٿيو جو مشاعري ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اهو نوجوان سان هاسٽل واپس پهتو ته اهو چئي ڪمرو مٿي تي کنيائين ته ”خدا جي واسطي ان سان شادي ڪراءِ. اها توسان گڏ پڙهي ٿي. ان کي اهو پيغام پهچاءِ ته مان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. نه ته ٻي صورت ۾ مان پکي سان پاڻ ٽنگي ڦاهو کائيندس“.
نوجوان پوڙهي جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو . ان کي آسرا دلاسا ڏئي ٿڌو ڪيائين ته هو ان کي اهڙو پيغام ضرور پهچائيندو.
پوءِ هر هفتي ڪتابن جو ٿيلهو ڳچيءَ ۾ وجهي هن وٽ هاسٽل پهچي ويندو هيو ۽ نوجوان کان پڇندو هيو.
”ڇا تون منهنجو پيغام پهچايو“؟
نوجوان ڪوڙ ڳالهائيندي چوندو هيو.
”مان توهان جو پيغام پهچايو آهي. هوءَ سوچي ٿي. ڪجهه ڏينهن اندر جواب ڏيندي“. ان پوڙهي بازار مان هڪ لاڪيٽ ورتو ۽ پوءِ ڪنهن رسالي مان ان شاعرا جو فوٽو ڪٽي لاڪيٽ ۾ وڌو. هو جڏهن هاسٽل ايندو هيو ته ڳچيءَ ۾ پيل لاڪيٽ کولي فوٽو ڏيکاريندو هيو.
”ڏس .......... مان ان کي قيد ڪري ڇڏيو آهي.“ هو چوندو هيو“. هوءَ لاڪيٽ جيان منهنجي من ۾ سمايل آهي“.
اهي ساڳيا ڏينهن هيا جڏهن پوڙهي کي ان شاعرا پاران ڪو خاطر خواهه جواب نه مليو. هو مايو س ٿي ويو. هن انهن ڏينهن عشقيا شاعري ڪئي جيڪا گھوٽڪيءَ جي هڪ هفتيوار اخبار ۾ شايع ٿي. هو ديوانن جيان شهر جي گھٽين ۾ گھمندو هيو. هڪ ڏينهن هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. جتان نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ جڏهن پورو قصو ٻڌو ته پنهنجي طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو ۽ طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو، نجوميءَ جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”هڏن
ڪهڙو ذائقو
هڏن ناهي
ست،
پنهنجي زخمي وات جو
ڪتو چوسي
رت“.
رقعو پڙهي هن پوڙهي ڏانهن نهاريو. پوڙهي جي منهن مان ائين پئي لڳو ڄڻ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. نجوميءَ ضروري سمجهيو ته هو هن کي کولي سمجهائي.
”ڪتو جڏهن هڏو کائيندو آهي ته هن کي ذائقو هڏي مان نه پر ان زخم مان وهندڙ رت ڪري ايندو آهي جيڪو زخم هڏي چٻاڙڻ ڪري هن جي وات ۾ پيدا ٿيندو آهي. تون به پنهنجي زخمي وات جو رت چوسي رهيو آهين. هڏا تنهنجي ذائقي جو سبب نه آهن اهي تولاءِ پيڙا ۽ ناسور جو سبب آهن. ذائقو ماڻهوءَ جي اندر موجود هوندو آهي. تون جيڪڏهن ان کي ڳولهي لڌو ته ٻاهريون شيون تولاءِ بي ذائقي ٿي پونديون. هر هنڌ منهن وجهي گند اندر ڳولهڻ سان توکي سٺا ئي نه لڀندي. تون جنسي خواهشن جي تڪميل ۾ پاڻ سان ويساهه گھاتيون ڪري رهيو آهين. هڏا تنهنجي بک نه مٽائيندا. تنهنجي ذائقي ۽ تسڪين جو سبب نه بڻبا، پر اهي توکي زخمي ڪري وجهندا. تون سڄي زندگي پنهنجي زخم جو رت چوسي مزو ورتو آهي. تون هڪ ٻئي زخم لاءِ سرگردان آهين. تنهنجو وجود شايد وڌيڪ زخم برداشت نه ڪري سگھي. تنهنجي عمر جي تقاضا اها آهي ته هاڻي ان ۾ هڏن چٻاڙڻ جي سڪت نه رهي آهي. پاڻ کي تڪليفن کان بچاءِ ۽ اهڙو ڪو به قدم نه کڻ جنهن سان تنهنجي جيءَ کي جوکو رسي“.
نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي پوڙهو وڌيڪ مايوس ٿي ويو. هن تڪڙ ۾ ڪجهه سڪا ڪڍي هن کي ڏنا ۽ اٿي هليو ويو. هو عشق جي انڌي گھوڙي تي سوار هيو. هن لاءِ سڀ رستا هڪ جهڙا هيا. هن نجوميءَ جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ هڪ ڏينهن ڪتابن جو ٿيلهو کڻي لاڙڪاڻي روانو ٿيو. جڏهن هو هاسٽل پهتو ته نوجوان هن کي مبارڪ ڏني.
”سائين توهان جو بندوبست ٿي ويو. جلدي تيار ٿيو ته توهان جي ان شاعرا سان ملاقات ڪرايون“.
اهڙي خبر ٻڌي هو هڪدم تيار ٿي نوجوان سان روانو ٿيو. نوجوان ان شاعرا کي اهو نه ٻڌايو هيو ته پوڙهو ڪانگريسي هن سان شاديءَ جو خواهشمند آهي. پر هن صرف ايترو چيو هيو ته اهو توهان سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو. ڇو جو هو توهان جي شاعريءَ مان متاثر آهي. ان شاعرا لاءِ اهو پوڙهو پڻ وڏي حيثيت جو مالڪ هيو. ڇو جو ان کي خبر هئي ته اهو گانڌيءَ جو پوئلگ ۽ مشهور ڪانگريسي آهي. جڏهن هو نوجوان سان انتظار گاهه ۾ پهتو ته شاعرا اتي موجود هئي. پوڙهي ڪانگريسيءَ کي ڏسي ان جي من ۾ عقيدت ۽ پيار ڀرجي آيو. هوءَ ائين اٿي بيٺي جيئن ڪا نياڻي پيءُ جي اچڻ تي اٿي بيهندي آهي.
جڏهن پوڙهو صوفي تي ويٺو ته هوءَ ان ويجهو آئي. عقيدت مان ان جي پيرن کي ڇهي کيس نرڙ تي چمي ڏنائين. ائين ڪرڻ سان پوڙهي جي رت جو دٻاءُ وڌي ويو. هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. جسم ڏڪڻ لڳو ۽ هڪ واڇ ڦري وئي. هن کي سيني ۾ سور محسوس ٿيو. هن دانهن ڪئي. ايمبولنس گھرائي وئي. ۽ هن کي وجهي اسپتال روانو ڪيو ويو.
نجوميءَ ان پوڙهي متعلق سوچيو ۽ پوءِ وري هو ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. هن محسوس ڪيو. ماضي جا سڀ ڪردار هن آڏو ويٺل هجن ۽ وري ڪنهن قصي ٻڌڻ جا منتظر هجن. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ڄڻ هن جو ذهن ٿڪجي پيو هجي ۽ هو ان کي هلڪي ڪرڻ لاءِ سڀ سوچون صاف ڪري ٿانيڪو ٿيڻ چاهيندو هجي. هن وري اکيون کوليون ۽ سامهون پيل لفافن کي ڏٺو. هن وٽ وقت گذارڻ لاءِٻيو ڪو بهانو نه هيو. هن هڪ لفافو هٿ ۾ کڻي ان کي کولي پڙهيو. هن کي ياد اچي ويو.
اهو هڪ سيٺ جي نوڪر جي قسمت ۾ نڪتو هيو. اهو نوڪر ڏاڍو منجهيل هيو. پنهنجي مالڪ جا ڪم ڪري ٿڪجي پيو هيو. اهو هڪ ڏينهن اک بچائي تاڙي خاني ۾ آيو ۽جڏهن ٿڪاوٽ دور ڪري ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
”مان مالڪ جي خواهشن جي بجاآوري ڪندي ٿڪجي پيو آهيان“ نوڪر چيو ”هن جا حڪم ختم ئي نه ٿا ٿين. هڪ حڪم پويان ٻيو حڪم صادر ڪري ٿو. . مونکي مٿي کنهڻ جيتري مهلت به نه آهي. مان نو مهينا مسلسل هن جي ڳورهاري زال جون گھرجون پوريون ڪندو رهيس. توکي ته خبر هوندي، هڪ ڳورهاري عورت جون فرمائشون ڪڏهن ختم نه ٿينديون آهن. هاڻي جڏهن ان ڄم ڪيو آهي ته سيٺ تمام گھڻو خوش آهي. سندس من ۾ خواهش جاڳي آهي ته ان خوشيءَ جي موقعي تي هو شراب پيئي. جيئن ان خوشيءَ جي موقعي کي سٺي طريقي ملهائي سگھجي. جيڪا هڪ پٽ ڄمڻ جي صورت ۾ هن کي حاصل ٿي آهي. مون سوچيو هيو. جڏهن ان جي زال کي ٻار ڄمندو ته سک جو ساهه کڻندس ۽ ڪجهه آرام ڪري سگھندس پر لڳي ٿو منهنجيءَ قسمت ۾ آرام لکيل نه آهي. ڇا سڄي زندگي ائين ٿا ٻن ۾ گذري ويندي“؟.
”هن نوڪر جي ڳالهه ٻڌي ۽ هن کي پاڻ وٽ ويهاريو.
”هڪ نوڪر جو ڪم هوندو آهي مالڪ جي گھرجن جو پورائو ڪرڻ“ نجوميءَ چيو ”تون به هڪ نوڪر آهين. مالڪ جي گھرجن کي پورو ڪرڻ تنهنجو فرض آهي“.
نوڪر کي نجوميءَ جي ڳالهه نه وڻي.
”پر نوڪر به ته هڪ انسان هوندو آهي“ هن چيو ”نوڪر چاٻيءَ تي هلندڙ لوهه جو ٺهيل ته نه هوندو آهي. نيٺ انسان کي آرام گھرجي. هن جون پنهنجون ضرورتون هونديون آهن“.
نجوميءَ سوچيو، نوڪر سان ڪا وڏي تعدي آهي. اهو محنتي ۽ ايماندار پئي ڏٺو پر گھڻي محنت ان کي ٿڪائي وڌو هيو.
”تون پنهنجي ڳالهه پوري ٻڌاءِ ته پوءِ قسمت جي طوطي کان تنهنجو فيصلو ڪرايون“. نجوميءَ چيو.
نوڪر هن وٽ ٺهي ويٺو ۽ پوءِ قصو ٻڌايو.
اهو نوڪر هڪ مالدار شخص وٽ ڪم ڪندو هيو. ان کي شهر جي ڳتيل علائقي ۾ برف جا ڪارخانا هيا. انهن مان هڪ ڪارخاني اندر هن جو گھر هيو. گھر ٻاهران گيس جا سيلينڊر رکيل هوندا هيا، جن جي بدبو هر طرف ڦهليل هوندي هئي. ان مالدار شخص ٻه شاديون ڪيون پر اولاد کان محروم رهيو. هن ڪو پير نه ڇڏيو جنهن جي مزار تي حاضري ڀري اولاد لاءِ دعا نه گھري هجي . هن ڪيترا تعويز گھوٽي زالن کي پيئاريا پر هن کي اولاد نصيب نه ٿي. نيٺ دعا دوا کانپوءِ هن جي ننڍي زال اميد سان ٿي. هن خوش ٿي پئسا غريبن ۾ ورهايا ۽ بکايلن کي ماني کارائي. ان جو هڪ وفادار نوڪر هيو جيڪو هن وٽ پلجي وڏو ٿيو هيو. هن جي ان نوڪر جو تعلق بنگال سان هيو. اهو ورهاڱي وقت پنهجن کان وڇڙجي ويو. ان وقت هن جي عمر نو سال هئي. جڏهن بنگال ۾ مذهبي فساد ٿيا ته هن جي گھر کي ساڙيو ويو. هو پنهنجن وڏڙن سان هڪ اسٽيشن تي ريل جي انتظار ۾ بيٺل هيو. ماڻهن جي سيلاب ۾ ترندي جڏهن اها ريل پهتي ته ماڻهو ان مان پاڻيءَ جي قطرن جيان ٽمي رهيا هيا. هر طرف آهون ۽ دانهون هيون. ڪٿي به پير پائڻ جي جاءِ نه هئي. ماڻهن جي هجوم ۾ اهو اڪيلو رهجي ويو. هن ڏٺو هو پنهنجن کان وچڙجي چڪو هيو. هو ڊوڙي ريل جي ڇت تي چڙهيو ۽ جڏهن ان شهر ۾ پهتو ته هن کي سڃاڻڻ وارو ڪو به نه هيو. ان مالدار شخص هن کي يتيم سمجهي پاڻ وٽ پناهه ڏني ۽ پرورش ڪئي. اهو بنگالي هن لاءِ سٺو نوڪر ثابت ٿيو. سڄو ڏينهن ڪارخاني ٻاهران هڪ موڙي تي ويٺل هوندو هيو ۽ جڏهن هن کي سڏيندو هيو ته هو ڀڄندو پهچندو هيو. هن جو مالڪ طبيعت جو تيز هيو ۽ وڏي آواز ۾ ڳالهائيندو هيو. اهو حڪم مٿان حڪم ڏيندو هيو ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري ٻڌندو هيو ۽ پوءِ حڪم جي پوئواري لاءِ پاڻ پتوڙيندو هيو.
جڏهن مالڪ جي ننڍي زال اميد سان ٿي ته هن جا ڪم وڌي ويا. مالڪ سدائين ان سوچ ۾ هوندو هيو ته خير جو وقت گذري ۽ هن جي زال ٻار کي جنم ڏئي. هو زال جو ڏاڍو خيال رکندو هيو. هن کي ان جي آرام ۽ خوراڪ جو فڪر هوندو هيو. هو رڙ ڪري نوڪر کي سڏيندو هيو. نوڪر ڊڪندو هن وٽ پهچندو هيو ۽ هو زال جي ضرورت جي پورائي لاءِ ان کي حڪم ڏئي روانو ڪندو هيو. هڪ دفعي هن نوڪر کي حڪم ڏنو.
”اڄ منهنجي زال جي دل پلي کائڻ لاءِ چوي ٿي. ڪٿان ڪو تازو پلو وٺي اچ“. اها پلي جي مند نه هئي. درياءَ ۾ ايڏو پاڻي نه هيو جو پلو مري سگھي. سو نوڪر هٿ ادب جا ٻڌي هن آڏو بيهي رهيو.
”سرڪار پلو پاڻيءَ جي مند ۾ مرندو آهي. اڄ ڪلهه اهو ڪٿي ملندو“ ان چيو.
”مان چوان ٿو اهو ڪٿان به هٿ ڪري اچ“ مالڪ ڪاوڙ ۾ چيو ”اجائي بڪ بڪ نه ڪر“.
هن مالڪ کان پئسا ورتا ۽ پوءِ مڇي مارڪيٽ روانو ٿي ويو. هن کي ڪٿي به پلو نظر نه آيو. هن پڇا ڪرائي ته کيس پلو ڪٿان ملندو؟ ڪنهن هن کي ٻڌايو ته ٿي سگھي ٿو اهو درياهه جي هيٺائينءَ وارن علائقن ۾ ملي وڃي. هو مالڪ جي حڪم جي بجاآوري ڪندي گاڏيءَ ۾ چڙهيو ۽ جڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ موٽيو ته پلو هن جي هٿ ۾ هيو. جڏهن هو مالڪ وٽ پهتو ته مالڪ خوش ٿيڻ بجاءِ هن تي ڪاوڙ جي پيو.
”ايڏا ڏينهن ڪٿي گم ٿي ويو هئين“ مالڪ تارا ڦوٽاريندي چيو ”تون ڏاڍو نڪمو ۽ بي چيو ٿي پيو آهين“.
مالڪ جي ڪاوڙ ڏسي نوڪر هيسجي ويو.
”سائين حڪم جي بجا آوري ڪندي ڏاڍو پري وڃڻو پيو“.
جڏهن تون ايڏو پري به وئين ”مالڪ هن کي سمجهائيندي چيو ته ”توکي سوچڻ گھربو هيو ته هڪ ڳورهاري عورت جون ضرورتون ڪهڙيون ٿي سگھن ٿيون. ڇا توکي اتي کٽاڻ نّظر نه آئي. ڪو ذائقي دار ڦل نه مليو. ڇڙو اهو پلو هٿن ۾ لوڏائيندو ڀڃندو آيو آهين“.
مالڪ جي ڳالهه جو هن ڪو جواب نه ڏنو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيو.
هڪ دفعي ان ڳورهاري عورت نوڪر کي سڏ ڪري چيو.
”پاسن ۾ سور آهي. پئسا وٺ ۽ ڄيـٺي ماءُ کان وڏف جو عرق وٺي اچ“ هن پئسا ورتا ۽ ڀڄندو ڄيٺي ماءُ وٽ پهتو. جڏهن هو عرق وٺي گھر پهتو ته در تي مالڪ بيٺل هيو. مالڪ هن جي هٿن ۾ عرق جي بوتل ڏسي جڏهن سوال ڪيو ته هن سڄي ڳالهه هن کي ٻڌائي. اها ڳالهه ٻڌي مالڪ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيو.
”جڏهن عرق وٺڻ وئين ته توکي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو ته متان مسئلو وڌيل هجي ۽ ڪنهن دائيءَ جي ضرورت پئي. ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچ به ڌارڻ گھرجي. تون جڏهن عرق ورتو ته دائي ڳولهيندي توکي ٻرو پئي ڇڙهيو؟“
مالڪ جي ڳالهه ٻڌي هو چپ ٿي ويو ۽ اکيون هيٺ ڪري بيهي رهيو.
ان نوڪر جو وقت گذرندو رهيو. هو مالڪ جون ڇڙٻون کائي دل ۾ نه ڪندو هيو. هو سوچيندو هيو. اهو مالڪ هن جي پيءَ جهڙو آهي. جنهن هن کي پناهه ڏني ۽ پالي وڏو ڪيو. هن جي دل چاهيندي هئي ته مالڪ ناراض نه ٿئي. اهو هن مان خوش هجي. پر هو محسوس ڪندو هيو، مالڪ هن جي ڪنهن ڪم مان خوش نه آهي.
آخر اهڙو وقت به آيو جو مالڪ جي زال ويم کي ويجهي ٿي. ان نوڪر کي پاڻ وٽ گھرائي چيو.
”ٻار جي پيدا ٿيڻ سان ڪپڙن ۽ رهلڪن جي ضرورت پوندي. اهي وڃ ۽ وٺي اچ“. نوڪر بازار ويو ۽ جڏهن وٺي واپس پهتو ته هن سان مالڪ جي ملاقات ٿي وئي. مالڪ جڏهن هن کي ڏينهن تتي جو سهڪندي سامان سميت ايندي ڏٺو ته سوال ڪيو. هن ٻڌايو ته زال رهلڪن ۽ ڪپڙن لاءِ بازار اماڻيو هيو ۽ اهي وٺي واپس موٽيو آهيان“.
اها ڳالهه ٻڌي مالڪ تپي باهه ٿي ويو.
”توکي خبر نه آهي ته ڪڏهن عقل ايندو“. مالڪ چيو ”تون ٿوري سوچ به استعمال ڪندو ڪر. توکي خبر آهي ته ٻار ڄمڻ وقت ڪهڙين شين جي ضرورت ٿي سگھي ٿي. جڏهن تون رهلڪا ۽ ڪپڙا ورتا ته توکي پينگھو به وٺڻ گھربو هيو جيئن ٻار ڄمڻ سان آرام ڪري سگھي.“.
نوڪر ورتل سامال مالڪ حوالي ڪيو ۽ هو وري بازار طرف روانو ٿيو جيئن ٻار لاءِ پينگھو وٺـي سگھي. جڏهن هن پينگھو ورتو ته اهو ڪلهن تي رکي گھر روانو ٿيو، جڏهن گھر پهتو ته هن سمجهيو مالڪ پينگھو ڏسي ضرور خوش ٿيندو ۽ پيار مان پٺي ٺپي شاباس ڏيندو، پر مالڪ پينگھو ڏسي ڪاوڙجي چيو.
”جڏهن تون پينگھو ورتو ته توکي اهو خيال نه آيو ته ڄاري به وٺان جيئن مڇر مکيون ٻار کي تنگ نه ڪن ۽ ٻار سڪون سان سمهي سگھي“.
مالڪ جي ڳالهه ٻڌي نوڪر چپ ٿي ويو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي معافي ورتائين. هو سهڪندو وري بازار ويو ۽ پينگھي جي ڄاري وٺي گھر موٽيو.
هو واندو ٿي هڪ دائيءَ کي وٺي آيو. دائي ڳورهاري عورت جي چڪاس ڪري نوڪر کي چيو.
”متان ڊوهه ڏيڻ لاءِ تيل جي ضرورت پوي. بازار وڃ ۽ جلدي وٺي اچ“. نوڪر ڀڄندو بازار ويو. جڏهن تيل وٺي واپس موٽيو ته مالڪ اهو وٺـي هن کي ڏاڍو ڇڻٻيو.
”اڙي صفا ڀوڪ آهين“ مالڪ چيو ” تون اهو نه سوچيو ته تيل سان گڏ ڏاڻ ۽ سرمو به ورتيون وڃان متان انهن جي ضرورت پوي“.
نوڪر وري بازار ويو ۽ جڏهن ڏاڻ ۽ سرمو وٺي پهتو ته مالڪ هن کي وري پئسا ڏئي روانو ڪيو.
”جيئن ته ٻار کي ڄمڻ سان کير جي ضرورت پوندي. ٿي سگھي ٿو ماڻس جي ٿڻن ۾ ايڏو کير نه هجي. ان لاءِ وڄ ۽ ٻڪري وٺي اچ. کير جي بوتل ضرور وٺجانءِ متان وساري ويهين“.
نوڪر ويو. هن ٻڪري خريد ڪري، کير جي بوتل وٺي گھر جو رخ ڪيو. جڏهن مالڪ وٽ پهتو ته مالڪ ڏاڍو پريشان ٿي ويو.
”مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته الله توکي عقل ڪڏهن ڏيندو“. ان ڪاوڙ ۾ چيو ” جڏهن تون ٻڪري ورتي ته توکي اها ڳالهه ذهن ۾ نه آئي ته ان لاءِ گاهه ورتو وڃان. ٻڪريءَ کي بک لڳندي ته اها پٿر کائيندي“.
نوڪر کي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ان ڪنڌ هيٺ ڪري مالڪ کان معافي ورتي. مالڪ هن جي عقل تي کلندو رهيو.
مالڪ نوڪر مان ڪڏهن خوش نه ٿيو. هو هن تي رحم کائي اهو سوچي ٽن ويلن جي ماني ڏيندو هيو ته اهو ڪيئن به هيو پر تعبيدار هيو. هن جي حڪم جي بجاآوري ڪندي ان منهن ۾ ڪڏهن گھنج نه وڌو پر نوڪر ڏاڍو مايوس ٿي چڪو هيو. هو مالڪ جون خواهشون پوريون ڪندي ٿڪجي چڪو هيو.
جڏهن ٻار ڄايو ته مالڪ ڏاڍو خوش ٿيو. هن ٻار ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ دوستن کي گھرايو ۽ نوڪر کي چيو.
”هو گتي تي وڃي شراب جي بوتل وٺي اچي“.
نوڪر ڪنڌ هيٺ ڪري شراب وٺڻ گتي ڏانهن روانو ٿيو. هو ڏاڍو ٿڪيل ۽ مايوس هيو. هن پنهنجي من جي مونجهه گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو ۽ جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ جڏهن پورو حال ٻڌو ته طوطي کي آڱر تي ويهاري لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن اهو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”اميدون
آنن تي
آرو
ڪنديون آهن،
خواهشون
ٻچا
ڏينديون آهن“.
نوڪر کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هن نجوميءَ کي چيو ته کولي سمجهائي.
نجوميءَ هن کي انجو مطلب سمجهايو.
”اميدون انتظار جو ٻيو روپ آهن. اميدون انسان جو رت پي جوان ٿينديون آهن. اميدون ڪاميابين ۽ ناڪامين جي اوسيئڙي جو نانءَ آهن. اهي وقت جي آنن تي آرو ڪنديون آهن. آنا جيڪي وقت جيان سٺا به هوندا آهن ته خراب به. خواهشن جي سمنڊ کي ٻيو ڪنارو نه آهي. هڪ خواهش ٻين خواهشن کي جنم ڏئي ٿي. خواهشن جو ڪو انت نه آهي. انسان خواهشن جو مجموعو آهي. خواهشون انسان سان جيئرو رهن ٿيون ۽ ان جي مرڻ سان مرن ٿيون. خواهشون اميدن کي اجاگر ڪن ٿيون ۽ ناڪاميون مايوسين جو سبب بنجن ٿيون. تنهنجي مالڪ جي خواهش هئي ته هن کي ٻار ڄمي. هن جي زال جي پيٽ مان ٻار اميد جيان پيدا ٿيو. اميد جي آس ۾ عورت اندر هزارين خواهشون جاڳيون. تون انهن خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش ڪئي پر مالڪ کي راضي رکڻ ۾ ناڪام وئين . ڇو جو خواهشن جو پورائو انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي. ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ مالڪ جي من ۾ خواهش جاڳي ته هو شراب پي خوشيون ماڻي. توکي خبر هجڻ گھرجي ته هڪ خواهش پويان هزارين خواهشون آهن. خواهشن جي اهڙي نه ختم ٿيندڙ قطار آهي جنهن جو انت نه آهي. توکي اها ڄاڻ هجڻ گھرجي ته شراب پيئڻ کانپوءِ ان جي من ۾ ڪهڙيون خواهشون جاڳنديون. ان لاءِ ضروري آهي ته تون هن جي خواهشن جي پورائي جو اڳواٽ بندوبست ڪر، جيئن هن جي ڪاوڙ ۽ ڏمر کان بچي سگھين. هاڻي اهو تون سوچ ته شراب پيئڻ کانپوءِ هن جي من ۾ ڪهڙيون خواهشون جاڳي سگھن ٿيون“. نوڪر ڪجهه سڪا نجوميءَ حوالي ڪيا ۽ پوءِ هو سوچن ۾ ٻڏي ويو.هن نجوميءَ جي ڳالهه تي غور ڪيو ۽ سوچيو ته هو ڪيئن مالڪ جي سڀني خواهشن جو اڳواٽ پورائو ڪري ان جي ڪاوڙ کان بچي سگھي ٿو.