ناول

نجومي

هن ناول جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.“
  • 4.5/5.0
  • 2633
  • 1180
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نجومي

8

مالڪ جي اڳواٽ خواهش جي پورائي ۾ هن کي وقت لڳي ويو. ٻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن گھر پهتو ته مالڪ اتاولو ويٺل هيو. هن کي ڏسي ڪاوڙ ۾ رڙ ڪيائين“.
”اڙي ڀوڪ ايڏا ڏينهن ڪٿي گم ٿي ويو هئين. مان توکي شراب وٺڻ لاءِ موڪليو ۽ تون هاڻي موٽيو آهين.“
نوڪر شراب جي بوتل مالڪ حوالي ڪئي ۽ هٿ ادب جي ٻڌي عرض ڪيو.
”سائين مون شراب جي بوتل ان ڏينهن ئي وٺي ڇڏي هئي. جڏهن مون شراب جي بوتل ورتي ته سوچيو. شراب پيئڻ کانپوءِ توهان سرور ۾ ايندا ۽ توهان جي دل ناچ گاني ٻڌڻ لاءِ چوندي. تنهنڪري شهر جي ڳاڙهي بازار ويس ۽ ٻن وئشائن جو بندوبست ڪيم جيئن اهي وقت تي نچي توهان جي دل وندرائي سگھن. پوءِ سوچيم شراب ۽ شباب سان گڏ توهان کي ڪبابن جي ضرورت محسوس ٿيندي. انڪري اڳواٽ بازار مان هڪ ٻڪرو خريم ڪيم. وري سوچيم جڏهن توهان شراب جي نشي ۾ گھڻو گوشت کائي ويندا ته توهان جو پيٽ خراب ٿيندو ان ڪري اڳواٽ هڪ حڪيم کي به پاڻ سان گڏ ورتيو آيم جيئن توهان جو علاج ڪري سگھي. وري سوچيم جيڪڏهن توهان جي طبيعت گھڻي خراب ٿي ۽ حڪيم جي علاج اثر نه ڪيو ته توهان جي مرڻ جي صورت ۾ ڪفن به پاڻ سان گڏ ورتيو آيم جيئن وقت سر ڪم اچي سگھي. ان سموري بندوبست ۾ مونکي ٻه ڏينهن لڳي ويا، جنهن لاءِ مان معافيءَ جو طلبگار آهيان.“ مالڪ نوڪر جي ڳالهه ٻڌي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. نجومي ڳالهه ياد ڪري مرڪيو. هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي طوطي کي ڏسڻ لڳو. هن جو طوطو ڪنهن ساڌوءَ جيان اکيون بند ڪري هڪ ڄنگهه تي بيٺل هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ گيان ۾ گم ٿي اهو ماضيءَ ۾ پٽڪندو هجي. ان کي به اهي سڀ ڪردار ياد هجن جيڪي ڪڏهن تاڙي خاني کان ٻاهر آيا ۽ هن انهن جا لفافا چهنب سان سوري ٻاهر ڪڍيا. نجوميءَ لاءِ ماضيءَ کان وڏو خزانو ڪو به نه هيو. هو ماضيءَ جي مٽيءَ هيٺان جيئرو دفن هيو. هن جي پوري ڪائنات اتي دفن هئي. هن جا ڪردار ماضيءَ جي مزارن مان جيئرين اکين سان هن ڏانهن نهاري رهيا هيا. انهن اکين ۾ سوين سوال هيا ۽ هن جا چپ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ لئي ٿڌي هوا ۾ وڻ جي پنن جيئن ڦڙڪي رهيا هيا.
هن پوءِ وري وقت گذارڻ لاءِ سامهون پيل لفافن مان هڪ ڪڍي کولي پڙهيو. هن کي ياد اچي ويو، اهو لفافو هڪ ڊاڪٽر جي قسمت ۾ نڪتو هيو. ان ڊاڪٽر کي غفلت سبب اسپتال مان نيڪالي ڏني وئي هئي. اهو مايوسيءَ جي حالت ۾ هڪ ڏينهن تاڙي خاني اندر آيو. ان تاڙي پي پنهنجي ملامت ڪندڙ ضمير کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هو تاڙي خاني مان ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. نجوميءَ ان کي سڃاتو. اهو شهر جي ڳتيل آباديءَ ۾ موجود اسپتال جو ڊاڪٽر هيو. هن ان ڊاڪٽر کي پنهنجي ڀرسان ڇنڊي ڦوڪي هڪ صاف چادر تي ويهاريو. ڊاڪٽر ويٺـو ۽ ان نجوميءَ کي پنهنجي مسئلي کان آگاهه ڪيو.
”مونکي اهڙن گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي جيڪي مون نه ڪيا آهن“. ڊاڪٽر چيو ” اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ مئل ماڻهو جنهن جي نبض ۽ دل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هيو اهو ڪيئن جيئرو ٿي پيو. منهنجي خيال ۾ سڄو ڏوهه اسان جي نظر جو آهي، جو اهي ڏسي نه سگھيون يا اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ آيا جو آهي، جنهن جي نظرن دوکو کائي ٻئي جون اکيون بند ڪيون ۽ مئل کي ڇرڪائي وڌو. مون پنهنجي پاران ڪنهن کي ڏک پهچائڻ جي ڪڏهن ڪوشش نه ڪئي آهي پر تنهن هوندي به مون کان ڪجهه غلطيون ٿيون آهن، جن جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهيان“.
نجوميءَ ڊاڪٽر جي منهن ۾ غور سان ڏٺو. ڏوهه جي احساس ڪري ان جون اکيون جهڪيل هيون ۽ ضمير جي ملامت سبب ان جي منهن ۾ ندامت هئي،. ”هڪ بيمار جي ساهه جي تند ان جي مسيحا جي هٿن ۾ هوندي آهي. توکي پنهنجو ڪم احتياط سان ڪرڻ گهربو هيو. ڇو جو تنهنجو واسطو انساني زندگيءَ سان آهي“ نجوميءَ چيو.
” اهوسچ آهي“. ڊاڪٽر چيو ”مون فرض تي پئسي کي ترجيح ڏني. مون کان اهڙيون غلطيون ٿيون جيڪي نه ٿيڻ گھربيون هيون. هن وقت مون لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو منهنجو َضمير آهي، جنهن مونکي بي چين ڪري ماري وڌو آهي. مان ڏوهه جي احساس هيٺ دٻجي رهيو آهيان. مونکي ٻاهر ڪڍڻ وارو ڪو به نه آهي. تون ٻڌاءِ ته آخر ملامت جي ان احساس مان ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو ۽ مان وري هڪ سٺي زندگي بسر ڪري سگھندس“.؟
نجومي اڃان ڊاڪٽر جي ڳالهه پوريءَ ريت سمجهي نه سگھيو هيو. هن ڊاڪٽر کي چيو پوري ڳالهه ٻڌائي جيئن ان جي تهه تائين پهچي طوطي کان قسمت جو لفافو ڪڍائي ڪو نتيجو اخذ ڪري سگھون.
ڊاڪٽر پنهنجي پوري ڳالهه ٻڌائي.
اهو ڊاڪٽر شهر جي ڳتيل علائقي ۾ اسپتال اندر ڪم ڪندو هيو. اها اسپتال ورهاڱي کان ٻه سال پوءِ هڪ ڪاٺياواڙي سيٺ ٺهرائي هئي. ان اسپتال جي ٻاهرين در مٿان هڪ سنگ مر مر جي سر تي لال ٻائي اسپتال لکيل هوندو هيو. لال ٻائي ان ڪاٺياواڙي سيٺ جي ماءُ جو نالو هيو جيڪا ورهاڱي کانپوءِ مذهبي ڇڪتاڻ سبب ڀاڄ جي نتيجي ۾ دوارڪا کان ڪراچي ايندڙ سامونڊي جهاز ۾ گذاري وئي. ان جي لاش کي هڪ تختي سان ٻڌي وزن لڙڪائي سمنڊ ۾ ڇڏيو ويو. ڪاٺيواڙي سيٺ لاءِ اهي گھڙيون ڪنهن قيامت کان گھٽ نه هيون. هو سڄي زندگي ماءُ کي وساري نه سگهيو. جڏهن ڪليم ۾ هن کي ان شهر جي ڪجهه ملڪيت ملي ته هن حاصل ڪيل هڪ ڳئون شالا کي ڊهرائي ماءُ جي ياد ۾ اسپتال ٺهرائي. تڪڙ ۾ ٺهرايل ان اسپتال اندر ڪيتريون خاميون رهجي ويون. ان شهر اندر تعليم يافتا ڊاڪٽرن جي کوٽ هئي. جڏهن ڪو ٻيو ڊاڪٽر نه مليو ته اها هڪ سيکراٽ ڊاڪٽر حوالي ڪئي وئي. اسپتال جي آپريشن واري ڪمري ۾ پان جون ٿڪون اڇلايل هونديون هيون ۽ مٿان کليل روشندان مان جهرڪيون اندر آکرو ٺاهڻ لاءِ پنهنجي چهنب ۾ ڪک ڍوئيندي نظر اينديون هيون. ڳتيل آبادي ۾ هجڻ ڪري اها اسپتال ماڻهن جي مجبوري بڻجي وئي. هر ڪو علاج ڪرائڻ لاءِ اوڏانهن رخ ڪندو هيو. جتي خيرات جي نالي ۾ ٿورا پئسا وٺي انهن جو علاج ڪيو ويندو هيو. ڊاڪٽر کي مٿي کنهڻ جيتري فرست نه هوندي هئي. هو سڄو ڏينهن مريضن جي چڪاس ڪري دوائون ڏيڻ ۾ گذاريندو هيو ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن ايڏا ته آپريشن ڪندو هيو جو اسپتال جون کٽون ڀرجي وينديون هيون ۽ مريضن کي سمهارڻ جيتري جاءِ نه هوندي هئي. اسپتال ٻاهران کٽون وجهي مريضن کي سمهاريون ويندو هيو. هڪ دفعي اسپتال ٻاهران ڏهه ٻارنهن مريض ليٽيا پيا هيا ته ڪو ڊرائيور رات جو نشي ۾ روڊ تي ٽرڪ هلائيندو پئي آيو. ان کي اسپتال ٻاهران مريضن جون کٽون نظر نه آيون ۽ تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪرائڻ ڪري سڀ کٽون اڏامي پري ڪريون. ٽي مريض ٿڏي ٿي فوت ٿي ويا ۽ باقي مريضن کي سخت زخمي حالت ۾ هڪ وڏي شهر جي اسپتال روانو ڪيو ويو.
انگريزي علاج جي نالي ۾ اها پنهنجي تڪ جي مشهور اسپتال هئي. ان سيکراٽ ڊاڪٽر هٿان ڪي شفاياب ٿيندا هيا ته ڪيترا مري ويندا هيا. باغ حيات جو هڪ حڪيم جيڪو ڳجهن مرضن ۽ مثاني جي گدودن جو شرطيا علاج ڪندو هيو. اهو پاڻ گدودن جو مريض ٿي ويو. ان جو پيشاب بند ٿي ويو ۽ سور کان دانهون ڪرڻ لڳو. هن کي خبر هئي ته هن جي ستين ۽ ڪکن ۾ڪو افاقو نه آهي. اهي کائڻ فضول آهن. ٻيو ڪو رستو نه ڏسي ان حڪيم کي انگريزي علاج لاءِ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر هن کي تپاسي آپريشن جو مشورو ڏنو. پهرين ته حڪيم آپريشن تي راضي نه ٿيو ۽ ضد ٻڌي بيٺو ته دوائن وسيلي سندس علاج ڪيو وڃي پر جڏهن ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو ته اهو مرض دوائن سان ٺيڪ نه ٿيندو ۽ آپريشن ڪرائڻ ضروري آهي ته اهو آپريشن لاءِ راضي ٿيو. ڊاڪٽر وڏي احتياط سان ان جو آپريشن ڪيو ڇو جو اهو شهر جو مشهور حڪيم هيو پر هڪ هفتي کانپوءِ ان حڪيم جو وات بند ٿي ويو ۽ ڏند ڏندن سان ملي ويا. ان جو زخم ايڏو ته خراب ٿي ويو جو جڏهن تيزاب مان پٽيون ٻوڙي صاف ڪرڻ لاءِ ان ۾ وڌيون وينديون هيون ته هو جڪڙيل وات ڪري رڙ نه ڪري سگھندو هيو، پر تڪليف کان ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويندو هيو. ڪجهه ڏينهن اندر اهو حڪيم وفات ڪري ويو. ان جي وارثن دانهون ڪيون ته حڪيم سان انصاف نه ٿيو آهي. ڊاڪٽر جي غلط آپريشن ڪري ان جو موت واقع ٿيو آهي. ماڻهن جي دانهن تي سرڪار هڪ وڏي شهر مان ٽيم موڪلي جنهن اسپتال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اها رپورٽ پيش ڪئي ته ”ان اسپتال ۾ آپريشن جون معياري سهولتون موجود نه آهن. آپريشن جي ڪمري جو ماحول سازگار نه آهي ۽ استعمال ٿيندڙ اوزارن کي صاف رکڻ جو بندوبست نه آهي. جيڪڏهن بنيادي اپاءُ نه ٿا ورتا وڃن ته اسپتال اندر آپريشن جو سلسلو بند ڪيو وڃي“.
رپورٽ کانپوءِ ڪاٺياواڙي سيٺ آپريشن جي ڪمري جي صفائي ڪرائي جهرڪين جا آکيرا ڪڍرائي ٻاهر ڦٽا ڪيا ۽ هن ڪجهه پئسا گڏ ڪري ٻاڦ جي دٻاءَ تي ڪم ڪندڙ اها مشين به گھرائي جيڪا بجليءَ تي هلندي هئي ۽ ان اندر رکيل آپريشن جا اوزار جراثيمن کان پاڪ ٿي ويندا هيا. هڪ ملازم جو بندوبست به ڪيو جيڪو ان مشين کي هلائڻ جي ڪجهه وقت سکيا به حاصل ڪري آيو هيو. اهو ملازم ننڍڙي قد جو هيو جنهن کي مٿين چپ تي ڇڊيون مڇون هيون . ان کي اکين تي ايڏي ته ٿلهن شيشن واري وزندار عينڪ هوندي هئي جو هو هر هر هٿ هڻي ان کي مٿي ڪندو هيو. اهو هڪ دفعي ان مشين جي بجليءَ جو بٽڻ کولي پان وٺڻ هليو ويو. جڏهن پان کاڌائين ته هن کان ڳالهه ئي وسري وئي. ان مشين ۾ ٻاڦ جودٻاءُ ايڏو ته وڌي ويو جو ڌماڪي سان تري وٽان ڦاٽي پئي ۽ راڪيٽ جيان مٿي اڏامي ڇت سان ٽڪرائجي هيٺ ڪري پئي. سڄي اسپتال لڏي وئي. هر ڪنهن سمجهيو زلزلو آيو آهي. ماڻهو وٺي ڀڳا. ڪي ڀتين سان ٽڪرايا ته ڪي ڏاڪڻين مان ڪريا. آپريشن واري ڪمري جا دروازا ڀڄي پيا ۽ ٽيبل اونڌي ٿي وئي. ڪو جاني نقصان نه ٿيو ڇو جو ان وقت ڪمرو خالي هيو. ملازم جي اهڙي لاپرواهيءَ تي اسپتال جو ناظم جيڪو هڪ رٽائرڊ فوجي هيو. ڏاڍو ناراض ٿيو پر هو ان کي نوڪريءَ مان انڪري نه ڪڍي سگھيو جو ان جهڙو ٻيو ملازم ملڻ ڏاڍو ڏکيو هيو، جيڪو اهو ڪم ڄاڻيندو هجي. رٽائرڊ فوجيءَ ملازم کي ڇنڊ پٽي پوءِ پيار مان سمجهايو ته ان جي اهڙي حرڪت ڪري هو پاڻ به مري پئي سگھيو. فوجيءَ جي اهڙي ڳالهه تي اهو ملازم هٿ سان هر هر عينڪ مٿي ڪري کندو رهيو. اهو رٽائرڊ فوجي جيڪو ڪڏهن ڪشمير ۾جنگ وڙهيو هيو اٿندي ويهندي بهادريءَ جا قصا ٻڌائيندو هيو ۽ داخل مريضن جا غلط بل ٺاهي اڌ پئسا اسپتال ۾ جمع ڪرائيندو هيو ۽ اڌ پئسا گھر کڻي ويندو هيو. جڏهن ان فوجيءَ جي ماءُمري وئي ته ان ڀڳڙن ۽ نڪلن جون ٻوريون ڀرائي رکيون. جيڪو به هن وٽ تعزيت ڪرڻ ويو پئي ته ان جي جهول ۾ هڪ ڪپي ڀڳڙن جي ڀري وڌي پئي ته ٻئي نڪلن جي. ان فوجيءَ اسپتال مان چڱو ڪمايو ۽ پوءِ جڏهن هن کي فارغ ڪيو ويو ته مرچن جي بازار ۾ هن کنڊ جو دڪان کوليو.
اسپتال ڀرسان گوبند مل جي جاءِ هئي. جنهن حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندوستان نه ويو. ان جون ٻه زالون هيون جيڪي جاءِ جي پهرين ۽ ٻئي منزل تي رهنديون هيون. ان جي جاءِ ۾ جنگ لڳل هوندي هئي. هر ايندڙ ويندڙ زاعفن ۽ ٻارن جون رڙيون ۽ وڙهڻ جا آواز پيو ٻڌندو هيو. عمارت هيٺان دوائن جو دڪان هيو جتي گوبند مل ناسي مفلر ويڙهي سيءَ کان ڪن ڍڪي ويٺل هوندو هيو. ان کي بواسير جي بيماري سبب ان اسپتال مان علاج ڪرائڻو پيو. جڏهن دوائن اثر نه ڪيو ته ڊاڪٽر هن کي سمجهائي آپريشن تي راضي ڪيو.
آپريشن کانپوءِ چاليهه ڏينهن هن سخت تڪليف ۾گذاريو. هو پوءِ دوائن جي دڪان تي ڪنن سان مفلر ويڙهي هوا سان ڀريل هڪ ٽيوب تي ويهندو هيو.هڪ دفعي هو ٽيوب تي ويهي ماڻهن جا نسخا پڙهي دوائون ڏيئي رهيو هيو ته ڪي انتها پسند هن وٽ آيا. انهن کيسي مان هڪ نسخو ڪڍي هن کي ڏنو. هن ٽيوب تي ويٺي ڪنڌ هيٺ ڪري جيئن پڙهڻ شروع ڪيو ته هڪ انتها پسند ور مان پستول ڪڍي هن جي لوندڙيءَ تي رکي ٺڪاءُ ڪرايو. گوبند مل اونڌو ٿي هيٺ ڪريو ۽ دڪان جو فرش هن جي رت سان آلو ٿي ويو. انتهاپسند آرام سان اوندهه ۾ گم ٿي ويا. ٽي ڏينهن دڪان بند رهيو. ڇوٿين ڏينهن هن جي ٻنهي زالن جا نوجوان پٽ هٿن ۾ ٻهارا کڻي پيءُ جو فرش تي ڄميل رت ڌوئي رهيا هيا. رت پاڻيءَ سان ملي هيٺ نالي ۾ ڪري رهيو هيو. ڪنهن هن جي پٽن کان پڇيو.
”اڙي پٽ......... اهو ڪيئن ٿيو؟“
”جيڪا ڀڳوان جي مرضي“ انهن چيو ”ڇا ٿو ڪري سگھجي“.
پوءِ انهن هڪ دڪان مان ٻه دڪان ڪيا ۽ ڪم جاري رکيو.
ان اسپتال ۾ مائي موٽي ءَ نالي هڪ عورت ڪم ڪندي هئي اها جسم ۾ ٿلهي هئي ۽ مٿان ويڪرا ڪپڙا پائيندي هئي. ان عورت جي ڪپڙن تي گھرن رنگن ۾ گل ۽ ٻوٽا ڇريل هوندا هيا. ان جو تعلق مهاڻن جي اهڙي ڪٽنب سان هيو جيڪو اسپتال ڀريان سنڌوءَ ڪناري ٻيڙين ۾ رهندو هيو. اها عورت اتي آيا طور ڪم ڪندي هئي. ۽ سڄو ڏينهن اسپتال ۾ مصروف گذاريندي هئي. هر ننڍي وڏي ڪم لاءِ رڙ پئي پوندي هئي.
”مائي موٽيءَ کي سڏ ڪيو“
”مائي موٽي ڪٿي آهي“؟
”مائي موٽي اچي ته مونڏي موڪلجو“.
اها ٿلهي عورت اسپتال جون ڏاڪڻيون لهندي چڙهندي ڪڏهن نه ٿڪبي هئي. جيڪڏهن ڪنهن هن تي رحم کائي ٻه چار آنا ڏئي ڇڏيا ته خوشيءَ سان قبول ڪندي هئي ۽ دعائون ڏيندي هئي.
اسپتال جي وارڊ ۾ ڇوٿين ۽ پنجين نمبر بسترن تي ٻه پوڙها مريض هيا جيڪي گھڻو وقت اسپتال ۾ رهڻ ڪري هڪ ٻئي جا دوست ٿي ويا. ڇوٿين نمبر واري کي دمڪشيءَ جي بيماري هئي. اهو جڏهن ساهه کڻندو هيو ته ان جي سيني ۾ سيٽيون وڃنديون هيون. اهو بستر ئي سڄو ڏينهن سڌو ٿي ويهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هوندو هيو. رات جو به ان کي ننڊ نه ايندي هئي ۽ هر هر اٿي وڏا ساهه کڻي کنگھڻ شروع ڪندو هيو. ان کي جڏهن گيس چاڙهي ويندي هئي ته ڪجهه سڪون محسوس ڪندو هيو. پنجين نمبر بستري تي پيل جو مرض تشخيص نه ٿي سگھيو هيو. ان جي ڪمزوري ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وئي ۽ جسم ۾ لاغر پئي ٿيندو ويو. اکيون ڏارا ڏئي ويون هيون ۽ رنگ هيڊو ٿي ويو هيو. اهي ٻئي مريض وقت گذارڻ لاءِ ويٺا هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا هيا.
”موت ڏاڍي ڀيانڪ شيءِ آهي“ ڇوٿين نمبر واري چيو ”مون کي موت کان ڏاڍو ڊپ ٿيندو آهي. قبر جو تصور مون لاءِ دل ڏاريندڙ آهي“ پنجين نمبر واري پنهنجيون اکيون کڻي ان دمڪشيءَ جي سهڪندڙ مريض کي ڏٺو ۽ پوءِ هلڪي لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو. ”بيشڪ موت ڀيانڪ شيءِ جو نالو آهي پر هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن مرڻو پوي ٿو ۽ دنيا ڇڏي قبر حوالي ٿيڻو پوي ٿيو“.
”خدا موت جي عذاب کان پناهه ڏي“. ڇوٿين نمبر واري چيو ”منهنجي وس ۾ هجي ته ڪڏهن نه مران ۽ قبر جو منهن ڪڏهن نه ڏسان“. اهي ٻئي موت کان ڏاڍا ڊنل هوندا هيا ۽ انهن جي گھڻي ڳالهائڻ جو سبب اهوئي هوندو هيو ته اهي موت جي تصور کان فرار چاهيندا هيا.
هڪ رات اوچتو پنجين نمبر وارو مريض فوت ٿي ويو. ڊاڪٽر ڊڪندو هن مٿان آيو. ان تپاسڻو ڪنن ۾ وجهي ان کي ڏٺو،. ان جي ڌڙڪن بند ٿي چڪي هئي ۽ نبض بيهجي چڪي هئي. ان جو اکيون کليل هيون جيئن اهو ڊاڪٽر جي اکين ۾ اکيون وجهي سوال ڪندو هجي ته ”ڇا مان واقعي ئي مري چڪو آهيان؟“
ڊاڪٽر ان جي اکين ۾ اکيون وجھي تصديق ڪئي ته هو فوت ٿي چڪو آهي. هن جي ڇوٿين نمبر وارو دوست بستر تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي سهڪي اکيون ڦاڙي سڀ ڏسي رهيو هيو. دوست جو ائين اوچتو موت ڏسي ان جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ اهو سڪتي جي حالت ۾ چپ ڪري ويهي رهيو. ان جي منهن ۾ ڏک کان وڌيڪ خوف جا تاثر هيا. ڊاڪٽر ڪمري مان ٻاهر نڪري پريان اوجاڳي ۽ ٿڪاوٽ کان ٿيڙ کائي ايندڙ مائي موٽيءَ کي ڏٺو جيڪا اوٻاسيون ڏيندي پئي آئي. ڊاڪٽر مائيءَ کي چيو ته:
”وارڊ ۾ وڃي، مري ويل شخص جون اکيون بند ڪري پٽي ٻڌي ڇڏ“.
مائي حڪم جي بجا آوري ڪندي وارڊ ۾ وئي ۽ هن مري ويل شخص بدران ڇوٿين نمبر بستر تي سڪتي ۽ خوف کان اکيون ڦاڙي ويٺـل سهڪي جي مريض کي مئل سمجهي هٿ سان اکين کي بند ڪيو. ان جيئن ان جي اکين کي بند ڪيو ته سهڪي جي مريض خوف کان ايڏي دردناڪ رڙ ڪئي جو پنجين نمبر بستر تي مئل شخص اٿي ويهي رهيو. پوري اسپتال جا ماڻهو ڪٺا ٿي ويا ۽ انهن اکين سان اهو منظر ڏٺو. ڳالهه اخبارن ۾ اچي وئي ۽ ان کي ڊاڪٽر جي غفلت قرار ڏنو ويو، جنهن هڪ جيئري شخص کي مئل ظاهر ڪيو. ڪاٺياواڙي سيٺ کي ماڻهن وچ بازار ۾ بدشد ڳالهايو.
”هيءَ ڪهڙي اسپتال کولي اٿئي جو ماڻهن جي عذابن کي گھٽائڻ بدران انهن لاءِ عذاب گھر بڻجي وئي آهي. مريضن کي شفا ته ڪونه ٿي ملي پر جيئرن کي به مئل قرار ڏنو ٿو وڃي“.
ڪاٺـيا واڙي سيٺ ناراض ٿي ڊاڪٽر کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو. سڄي شهر ۾ اسپتال ۽ ڊاڪٽر جي بدنامي ٿي. ڊاڪٽر ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ هڪ ڏينهن مايوسيءَ جي حالت ۾ تاڙي خاني آيو جتي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ پوري ڳالهه ٻڌي ۽ طوطي کي کڻي لفافن مٿان رکيو. طوطي چڪر هڻي هڪ لفافو چهنب سان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن اهو لفافو پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”هر هنڌ
هوندي آهي.
نظر کي نظر،
نظر نه
ايندي آهي.“
نجوميءَ رقعو پڙهي ڊاڪٽر کي ڏٺو ان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. نجوميءَ ڊاڪٽر کي ڳالهه سمجهائيندي چيو.
”دنيا دوکو آهي. جيئن نظر اچي ٿي ائين نه آهي. دنيا انسان جي اندر آهي، ٻاهر ان جو اولڙو آهي. سچي نظر مالڪ جي آهي جيڪا هر هنڌ موجود هوندي آهي پر اسان جون انڌيون اکيون انهن حقيقي نظرن کي ڏسڻ کان عاري آهن. توکي مالڪ جون نظرون نظر نه آيون جيڪي تنهنجي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيون هيون. اهو سڀ تنهنجي اکين جو قصور آهي. تون دنيا جي دوکي ۾ اچي وئين. تون پنهنجن اعمالن جو ڀوڳي رهيو آهين. تنهنجون نظرون ان آيا جي نظرن جيان آهن جن دوکو کائي پنجين نمبر بستري تي مري ويل بدران ڇوٿين نمبر جي اکين کي بند ڪيو. ان ڇوٿين نمبر جون اکيون دنيا جو ڪوڙ ڏسي رهيون هيون اهي خوف ۽ حيرت ۾ ورتل هيون. جڏهن آيا انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موت جو خوف ان تي ايڏو حاوي ٿيوجو ان جي دهشتناڪ رڙ تي مري ويل شخص جيئرو ٿي پيو. اهو شخص مئل نه هيو پر ان جون کليل اکيون حقيقت کي پسي رهيون هيون. هڪ اهڙي حقيقت جيڪا موت کان پوءِ موجود آهي. ڪا به شيءِ حتمي يا آخري نه آهي. اسان جون نظرون هڪ دوکو پويان سوين دوکا کائين ٿيون. حقيقت کي پسڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي.ا نسان جون اکيون ڪائنات جي انت تائين انجام کي ڳولهي نه سگھنديون. تون آيا جهڙيون اکيون نه ڌار پر هڪ عاشق جي نظرن سان ڏس، جنهن جي هڪ اک ان جي دل هوندي آهي. تون محبت ڪرڻ سک اها توکي خوف کان بچائيندي. همدردي توکي مهارت ڏيندي ۽ اها مهارت توکي مڪمل ڪري تنهنجي پيشي کي ڪماليت ڏيندي. تون پيار ڪر ته تنهنجي ڇهڻ سان سڀ شفاياب ٿيندا. هاڻي هٿ هڻڻ مان ڪو فائدو نه آهي. توبهه تائب ٿي ۽ ڪم جو آغاز ڪر“.
نجوميءَ هن کي چيو. هن جي منهن تي ندامت ختم ٿي وئي. هن ڪجهه سڪا هن حوالي ڪيا. هو نئين جذبي سان اٿيو ۽ هليو ويو.
نجوميءَ ان ڊاڪٽر جو قصو ياد ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي مطمعن ۽ پر سڪون محسوس ڪيو. هن کي لڳو زندگيءَ ۾ ڪجهه چڱائي جا ڪم به ڪيا آهن. هن ماڻهن جي من مان نفرت ختم ڪري پيار جا ڏس ڏنا آهن. پوءِ هن وقت گذارڻ لاءِ وري سامهون پيل لفافن مان هڪ کولي پڙهيو.
هن جي ذهن ۾ اهو جج اچي ويو جيڪو نوڪريءَ جا ڏينهن پورا ٿي وڃڻ کان پوءِ وڪالت ڪندو هيو. اهو ڪارو ڪوٽ پائي. شهر جي روڊن تي هڪ ڪٻي ڪار هلائيندي نظر ايندو هيو. اهو هڪ ڏينهن سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ تاڙي خاني ۾ آيو ۽ جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. ان کان سوال ڪيائين.
”ڪجهه ڏينهن کان مان هڪ منجهيل خواب ڏسي رهيو آهيان“ ان چيو: ”جيئن ته مان جج رهيو آهيان ۽ ڪجهه ماڻهن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي اٿم. مان عدالت ۾جنهن ڏينهن ڪنهن مجرم کي ڦاسي جي سزا ٻڌائڻ وارو هوندو هيس ته ان رات خواب ۾ پاڻ کي کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسيون واڻيندي ڏسندو هيس. مان هاڻي ڪنهن به عدالت جو جج نه آهيان. وڪالت ڪري رهيو آهيان، پر ڪجهه ڏينهن کان مونکي هڪ خواب ڏسجي رهيو آهي. مون سامهون کجيءَ جو کاٻر پيو آهي ۽ مان ان کي ڪٽي رسيون وٽي رهيو آهيان. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اها ڦاسي ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ پوندي“. نجوميءَ جج جي ڳالهه تي غور ڪيو پر هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ”ڇا ان خواب کانسواءِ ٻيو به ڪو مسئلو آهي؟“. نجوميءَ پڇيو.
”ها“ جج چيو ”تمام وڏو مسئلو، هڪ ايڏو مسئلو جنهن منجھائي وڌو آهي“.
”ته پوءِ مسئلو ٻڌاءِ“. نجوميءَ چيو ”جيئن ڳالهه سمجهه ۾ اچي ۽ ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون“.
جج نجوميءَ ڀرسان ويٺو ۽ پنهنجو داستان ٻڌايو.
اهو جج هڪ کاٻر ڪٽيندڙ مزدور جو پٽ هيو. هن جو پيءُ کجين جي باغ ۾ ڪم ڪندو هيو ۽ فارغ وقت ۾ کاٻر ڪٽي واڻ وٽيندو هيو. جج جڏهن ننڍڙو هيو ته هن کي پيءُ ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هو ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار هيو. پنجين ڪلاس ۾ هن کي حڪومت پاران وظيفو مليو ۽ شهر اچي هن تعليم جاري رکي. هو ترقيءَ جون منزلون طي ڪندو قانون جي ڊگري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. حڪومت هن کي اهڙي شهر ۾ جج مقرر ڪيو جيڪو هن جي ڳوٺ ويجهو هيو. ان ننڍڙي شهر جا ماڻهو اٻوجهه اڻپڙهيل ۽ رسمن رواجن ۾ ويڙهيل هيا. جج جي شادي پنهنجن پري جي مائٽن مان ٿي. جيڪي گھڻو اڳ ڳوٺ ڇڏي شهر اچي آباد ٿيا هيا ۽ شهارن جي ڪاروبار ۾ وڏي ترقي ڪئي هيائون. جج جي زال گھڻي لکيل پڙهيل نه هئي . ان مان هن کي ٻه ڌيئر ۽ ٻه پٽ ڄايا. اهي جج جا سـٺا ڏينهن هيا. هن جي زال نيڪ سيرت عورت هئي جنهن هن جي دل سان خدمت ڪئي. ٻارن جو خيال رکيو ۽ اٿڻ ويهڻ جي تميز سيکاري. وقت سان جج ڪجهه اهڙن وڪيلن جي صحبت ۾ اچي ويو جيڪي کيس ڏوهين کان وڏيون رقمون رشوت ۾ وٺي ڏيندا هيا ۽ هن کان مطلب جا فيصلا ڪرائيندا هيا. اهي وڪيل رات جو شراب جون بوتلون کڻي هن جي گهر ايندا هيا ۽ ڪڏهن هن جي دل وندرائڻ لاءِ ناچ گاني جو بندوبست ڪري، ڪا سهڻي عورت پڻ حوالي ڪندا هيا. جج ناچ جي محفلن ۾ شراب جو پيالو کڻي اڌ گھاڙين عورتن سان نچندو هيو.
گھڻي شراب پيئڻ ڪري هن جي اکين هيٺان سوج هوندي هئي ۽ گوشت کائڻ ڪري هن جا ڳٽا هيٺ لڙڪي پيا. ٿولهه ڪري هن جا سڀ فل سوٽ سوڙها ٿي ويا جيڪي هن جو ڊرائيور پائيندو هيو. ماڻهو هن جي ڊرائيور کي جج سمجهي سلام ڪندا هيا ۽ هو کين چوندو هيو.
”مان جج نه ان جو ڊرائيور آهيان ۽ ان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان“ ماڻهو سوچيندا هيا جيڪڏهن جج جو ڊرائيور اهڙو آهي ته پوءِ جج الائي ڪهڙو هوندو. ان شهر ۾ هن ڪجهه ماڻهن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي.
پهريون شخص هڪ هاري هيو جنهن جا ٻه جريب هڪ وڏيري جي زمين وچ ۾ ائين هيا جيئن سمنڊ اندر نوڪيلن جبلن وارو ٻيٽ هجي. جڏهن وڏيرو گھوڙي تي چڙهي زمين جو سير ڪندو هيو ته هن جي گھوڙي جي سنبن هيٺان زمين نه کٽندي هئي. پر اها ٻه جريب زمين هن جي اک ۾ ٽانڊن جيان دکندي هئي.ان هاريءَ جڏهن اها ٻه جريب زمين وڏيري کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته وڏيري هن کي پنهنجي گم ٿي ويل نوڪر جي ڪيس ۾ ڦاسائي پوليس کي پئسا ڏئي گرفتار ڪرايو. پوليس قتل جو ڪوڙو ڪيس ٺاهي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڏيري هڪ وڪيل معرفت وڏي رقم جج کي رشوت ۾ ڏني. ان رات جج خواب ۾ ڏٺو هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح جو هو عدالت ۾ آيو ۽ ان هاريءَ کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ٻيو شخص هڪ لوهر جو پٽ هيو. جنهن جو لوهارڪو دوڪان شهر جي مک روڊ تي هڪ سينيما سامهون هوندو هيو. اهو لوهر اڳيان ٻرندڙ باهه جي الن مان لوهه تپائي سنڌاڻ تي رکندو هيو. هن جو پٽ هٿوڙو جهلي پٺيءَ واري پاسي کان ڦيرائي لوهه تي هڻندو هيو. ان ڳاڙهي لوهه مان چڻنگون ائين نڪرنديون هيون جيئن رت جي دٻي مان ڦيگون اڏامنديون هجن. ان لوهر جي هڪ خوبصورت ڌيءَ هئي. جنهن سان رستي ويندي شهر جي هڪ ڏاڍي شخص جي پٽ حرڪت ڪئي جيڪا لوهر جي پٽ کان برداشت نه ٿي. هن لوهه ڪٽڻ وارو هٿوڙو کڻي ان کي مٿي ۾ وهائي ڪڍيو ۽ اهو ٿڏي تي مري ويو. پوليس نوجوان کي پڪڙي قتل جي ڪيس ۾ چالان ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.ا ن رات جج خواب ۾ ڏٺو هو کجين جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح سان هو عدالت ۾ آيو ۽ ان نوجوان کي ڏوهي قرار ڏئي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ٽيون شخص هڪ عاشق هيو جيڪو هڪ سيٺ جي ڌيءَ سان عشق ڪندو هيو. ڪنهن وقت اهو سيٺ چڪ جي بس اسٽاپ تي کٿي وڇائي ماڻهن جي حجامت ڪندو هيو. اسٽاپ تي بيٺل هڪ هندوءَ جي ڀڳل بس تي قبضو ڪري ڪٻاڙيءَ کي وڪرو ڪيائين. شهر آيو ۽ چانهه جو هوٽل کوليائين. پوليس کي پئسا کارائي هڪ يتيم جي پلاٽ تي قبضو ڪري ڪڪڙن جي تيل جي مل هنيائين ۽ پئسي وارو ٿي ويو. اهو سيـٺ ڌيءَ لاءِ اهڙي رشتي جي ڳولها ۾ هيو جيڪو امير هجي. اهڙي رشتي جي انتظار ۾ هن جي ڌيءَ جي مٿي ۾ اڇيون چڳون پئجي ويون. هن جي ڌيءَ پنهنجي وڌندڙ عمر ڏسي پاڙي ۾ صبح جو ريڙهي تي دال مڱ وڪڙندڙ هڪ نوجوان سان زيور کڻي گھران ڀڄي وئي. انهن ٻنهي کي رات گذارڻ لاءِ هڪ سراءِ ۾ ترسڻو پيو. سراءِ ۾ ترسڻ دوران ڪجهه چورن کي خبر پئي ته هڪ عورت پنهنجي چاهيندڙ سان زيورن سميت اتي ترسيل آهي. اڌ رات جو انهن حملو ڪيو. نوجوان کي رسن سان ٻڌي، عورت کان زيور کسي ان کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو. ان حادثي ۾ اها عورت مري وئي. پوليس خون جي ڏوهه ۾ نوجوان کي پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪيو. جج ان رات خواب ۾ ڏٺو ته هو کجين جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح سان هو عدالت ۾ آيو ۽ ان کي رهزن قرار ڏئي قتل جي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڇوٿون شخص ڪاسائي هو. بازار ۾ هن جي دوڪان تان جج جو اردلي گوشت وٺندو هيو. اهو شهر جي ڪاسائي محلي ۾ رهندو هيو ۽ گھر جي اڱڻ ۾ ڳئون ڪهي ٻاهر گهٽيءَ ۾ ميونسپل جي نلڪي هيٺان ڪاتيون ڌوئيندو هيو. ان جو گوشت تازو ۽ سٺو هوندو هيو جنهن ڪري هن جي دوڪان تي رش لڳل هوندي هئي. ان ڪاسائيءَ جي زال طبيعت جي تيز ۽ ناشڪري هئي. هڪ دفعي شام جي وقت ڪاسائي جهڳڙي کانپوءِ ڇري کڻي ان کي دسي تڪبير ڏئي ڳئون وانگر منڍي ڪٽي ٻاهر گھٽيءَ ۾ آيو. هو ميونسپل جي نلڪي هيٺان ڪاتيون ڌوئي رهيو هيو ته ڪنهن کيس پڇيو.
”افضل پهلوان هي ڪهڙو وقت آهي ڍور ڪهڻ جو؟ ڍور تون صبح جو سوير ڪهندو آهين؟“
ڪاسائيءَ وڏي اطمعنان سان ڇريون ڌوئي ڪپڙي ۾ ويڙهندي چيو.
”قرباني جو وقت مقرر نه آهي. بيشڪ قرباني آفتن کان بچائي ٿي“.
جڏهن ڪجهه عورتن گھر جو کٿو مٿي ڪري ليئو پائي ڏٺو ته انهن کان رڙيون نڪري ويون. پوليس آئي ۽ ڪاسائيءَ کي پڪڙي وٺي وئي. جڏهن جج سامهون پيش ڪيائون ان رات هن خواب ۾ ڏٺو هو کجين جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح سان هو عدالت ۾ آيو ۽ هن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پنجون شخص روهيءَ جو هڪ سرائڪي هيو جيڪو اٽي ۾ ڳاڙهو رنگ ۽ گدامڙي ملائي چٽڻي ٺاهيندو هيو ۽ شهر جي گھٽين ۾ وڪڻندو هيو. اهو ڪنول جي پن تي چٽڻي رکي لوهه جي تار مصالحي ۾ ٻوڙي ان مٿان هڻندو هيو ته دونهون نڪرندو هيو. ٻارن کي ان جي چٽڻي ڏاڍي وڻندي هئي. اهو جڏهن ڇٻو مٿي تي رکي گھٽين مان لنگھيندو هيو ته ماڻهو ان کي چڙائڻ لاءِ ”ايوب خان“ چئي سڏ ڪندا هيا. هو ايوب خان چوڻ تي چڙندو هيو ۽ ڪنڌ ورائي سرائڪي ۾ چوندو هيو.
”بندو گندو، ڪنو ڪو جهو، مان ٻڏي مران ان ايوب خانيءَ کان. کانوان جوئر ماني سائي پلي. مان بي وس لاچار ڏوهي“.
بدقسمتيءَ سان ان سرائڪيءَ جو نوجوان پٽ ڪنهن بيماريءَ وگھي فوت ٿي ويو. هن کي پٽ جي وڇوڙي جو ايڏو ڏک ٿيو جو قبرستان ۾ پٽ جي قبر مٿان منهي ٺاهي پاڻ به ان منهيءَ ۾ سمهڻ لڳو. هو سڄو ڏينهن قبر جي سيوا ۾ گذاريندو هيو. اتي ٻهاري ڏيندو هيو. نلڪي تان ڏول ڀري ڇنڪار ڪندو هيو ۽ قبر مٿان ويهي پٽ سان ڳالهائيندو هيو.
هڪ دفعي رات جو شهر ۾ ڪنهن سرمائيدار جي گھر ۾ ڌاڙو لڳو. چور جڏهن گھر مان مال گڏ ڪري ٿيلهي ۾ وجهي رهيا هيا ته ان سرمائيدار ٽيبل جي خاني مان پستول ڪڍي انهن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان اڳ جو اهو حملو ڪري هڪ ڌاڙيل بندوق سڌي ڪري ان کي سيني ۾ گولي وهائي ڪڍي. سرمائيدار ٿڏي تي مري ويو ۽ چور قبرستان طرف ڀڳا. پوليس انهن پويان قبرستان ۾ وئي. انهن کي چور ته هٿ نه آيا پر نظر وڃي ان سرائڪيءَ تي پئي جيڪو پٽ جي قبر مٿان سمهيل هيو. پوليس ان کي پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ بيان ڏنو ته هو انهن ڌاڙيلن مان هڪ آهي جن سرمائيدار کي قتل ڪيو.
جج عدالت ۾ هن کان پڇيو ”ڇا تون قتل ڪيو آهي؟“
سرائيڪي جواب ڏنو
”بندو گندو، ڪنو ڪوجهو، مان ٻڏي مران ان ايوب خانيءَ کان . کانوان جوئر ماني سائي پلي. مان بي وس لاچار ڏوهي“.
ان رات جج خواب ۾ ڏٺو هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسو وٽي رهيو آهي. صبح جو عدالت ۾ آيو ۽ ان کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ان شهر ۾ جج جا شاندار ڏينهن گذريا هيا. هن وٽ دولت جا در کليل هيا. شراب ۽ شباب جون محفلون عروج تي هيون. حڪومت هن جي ڪارڪردگيءَ کان متاثر ٿي ترقي ڏئي هڪ ٻئي شهر موڪليو. هو جڏهن ان شهر ۾ پهتو ته اڪيلو هيو. ان شهر ۾ جج جا ڏينهن اداس پئي گذريا.
جيستائين وڪيلن ۽ واسطيدارن سان واقفيت ٿئي ۽ اهي هن ويجهو اچن. تيستائين جج واندڪائيءَ ويلي بنگلي ۾ وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي اڪيلو ويٺو هوندو هيو. هڪ دفعي هن جي بنگلي جي گھنٽي وڳي. نوڪر ٻاهر وڃي ڏٺو اها هڪ عورت هئي جيڪا ڀرسان رهندي هئي. ان جو فون خراب ٿي پيو هيو. ان جج جي نوڪر کي چيو ته،
”فون خراب آهي هڪ ضروري فون ڪرڻو آهي. اجازت ڏيو ته اندر اچي ڪيان“.
نوڪر جڏهن واپس اچي جج کي ٻڌايو ته جج کيس جازت ڏني ته ڀل اها اندر اچي فون ڪري. جڏهن اها عورت اندر آئي ته جج ڏٺو اها نوجوان خوبصورت ڇوڪري هئي، جيڪا پڙهيل پئي لڳي. ان کي ڏاڍا نفيس ۽ عمدا ڪپڙا پاتل هيا. جج ڇوڪريءَ کي ڏسي ان تي عاشق ٿي پيو. جڏهن فون ڪري واندي ٿي ته جج ڳالهين ۾ هن سان شاديءَ جو اظهار ڪيو، ڇوڪريءَ جڏهن ڏٺو ته هڪ وڏي عهدي وارو شخص کيس قبول ڪري رهيو آهي ته هن اکين ئي اکين ۾ ها ڪئي. ان ڏينهن کانپوءِ جج جون اڪيلائيون ختم ٿي ويون. هن عورت سان نڪاح ڪيو ۽ بنگلي ۾ رهايو. جڏهن اها خبر هن جي پهرين زال ۽ ٻارن کي پئي ته انهن هاءِ گھوڙا ڪئي پر اهو سوچي چپ ڪري ويا ته انهن جي هٿن ۾ ڪجهه به نه آهي. سڀ فيصلا جج جي هٿن ۾ هيا.
جج کي ٻئي زال مان هڪ ڌيءَ ڄائي. جج جي ٻي زال تيز ۽ چڙاڪ ثابت ٿي. هوءَ جج جي عزت نه ڪندي هئي پنهنجو حڪم هلائيندي هئي. جج جي ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪندي هئي. جج چوندو هيو.
”گھر ۾ منهنجي مرضي هلندي. هر فيصلو مان پاڻ ڪندس“.
هن جي زال باهه ٿي ويندي هئي.
”اهي فيصلا وڃي عدالت ۾ ڪر“ هوءَ چوندي هئي ”گھر ۾ صرف منهنجو حڪم هلندو“.
جج جيڪو عدالت جو بادشاهه هيو ان جي گھر ۾ ڪا حيثيت نه هئي. هو منهن سجائي گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڪيلو ويٺل هوندو هيو. جج جا اهي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هيا. نيٺ اهو وقت به اچي ويو جڏهن هن جي نوڪريءَ جي معياد پوري ٿي. هن واندي ويهڻ کان بهتر سمجهيو ته وڪالت ڪري. هن شهر جي وڪيلن واري محلي ۾ جاءِ ورتي ۽ ان جي ٻاهرين ڪمري ۾ دفتر ٺاهي وڪالت شروع ڪئي. هن جي ڌيءَ جيڪا هاڻي جوان ٿي چڪي هئي ان لاءِ سندس ڀائٽي جو رشتو آيو. جيڪو هن هڪدم قبول ڪيو ۽ زال سان صلاح ڪئي. هن جي زال جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته ڳاڙهي ٿي وئي. وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين ۽ گھر جا ٻه ٽي ٿانو فرش ٿي وهائي ڪڍيائين.
”اهو ٿيندو ڪير آهي تو وارو ڀائٽو منهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ وارو“ هن چيو ”توکي خبر نه آهي ته مان اڳ ئي پنهنجي ڀيڻ کي رشتي لاءِ ها ڪئي آهي“.
جج به ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
”منهنجي ڌيءَ جي شادي منهنجي ڀائٽي سان ٿيندي“ هن تيز ڳالهائيندي چيو. ” اهو وساري ڇڏ ته اها تنهنجي ڀيڻ جي گھر ويندي“.
”اهي فيصلا هتي نه هلاءِ“ هن جي زال چيو ”هي گھر آهي عدالت نه آهي“.
هو ٻئي وڙهندا رهيا ۽ نوجوان ڇوڪري ٻئي ڪمري ۾ سڏڪندي رهي. تن ڏينهن جج ڏاڍو مايوس ۽ اٻاڻڪو ٿي ويو. رات جو سمهندو هيو ته خواب ۾ ڏسندو هيو. هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسو وٽي رهيو آهي. هن کي سمجهه ۾ نه ايندو هيو ته هو رسو ڪنهن لاءِ وٽي رهيو آهي ڇو جو هو هاڻي جج نه رهيو هيو. هن وٽ ڪنهن کي ڦاسي ڏيڻ جا اختيار نه هيا. انهن ئي سوچڻ ۾ هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ جڏهن هن جي پوري ڳالهه ٻڌي ته طوطو آڱر تي کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي چڪر هڻي چهنب سان هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”بندو
بي وس
قدرت جو
قرضي،
جيڪو هلائي
مرضي
آهي وڏو
مرضي“.
هن رقعو پڙهي جج جي منهن ڏي ڏٺو. جج پوري ڳالهه نه سمجهي هئي. نجوميءَ ضروري سمجهيو ته ان جي وضاحت ڪري.
”انسان جي وس ۾ ڪجهه نه آهي. انسان هيڻو ۽ ڪمزور آهي. هر شيءِ قدرت کان عطا ٿيل آهي، تنهنڪري هو قدرت جو قرضي آهي. دنيا ۾ هن کي اهو قرض ادا ڪرڻو پوي ٿو. جيڪي وڏڙن کان مليو آهي. ننڍڙن کي ڏيڻو پوي ٿو. انسان جي زندگي پنهنجي نه آهي پر وراثت ۾ مليل آهي. هو زندگي تخم ذريعي منتقل ڪري نسلن ۾ جيئرو رهي ٿو. انسان کي اوڌر ادا ڪرڻي پوندي. مرضي هلائڻ مرض آهي. اها بيماري آهي جنهن ۾ انسان مبتلا آهي. جنهن مرضي هلائي ان مصيبتن کي دعوت ڏني. اهو قرض آهي جيڪو تون ادا ڪري رهيو آهين. تون پهرين زال سان بيوفائي ڪئي جيڪو ٻئيءَ سان ادا ڪرڻو پيو. توکي ذلت ۽ مصيبت کي منهن ڏيڻو پيو. تون چڱا ڪم نه ڪيا جن جو ڀوڳي رهيو آهين. مرضي هلائي تون مصيبتن کي منهن ڏيندين. دنيا جي ڪنهن به شيءِ تي انسان جي مرضيءَ جو عمل دخل نه آهي. اولاد کي ملڪيت سمجهڻ ڪوتائي آهي. تون زال سان ضد نه ڪر. دنيا ۾ ڪي جنگيون هٿيار ڦٽا ڪري کٽي سگھجن ٿيون“.
جج نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌي اداس ٿي ويو. هن ڪجهه سڪا ڪڍي نجوميءَ کي ڏنا۽ پوءِ گھر روانو ٿي ويو.
هو پنهنجي هوڏ ۽ ضد تي قائم رهيو. ڇوڪري هڪ ڏينهن پاڻ سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪري سان ڀڃي وئي.
ان رات جج خواب ۾ ڏٺو. هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسو وٽي رهيو آهي. صبح جو هن پاڻ کي ڦاسي ڏئي ڇڏي.
نجوميءَ کي جج جي انجام تي ڏک ٿيو هيو. اها افسوس جي ڳالهه هئي. هن جي سمجهائڻ جو ان تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ ان پاڻ کي موت حوالي ڪري ڇڏيو.
نجوميءَ جي صحت خراب پئي ٿيندي وئي. هن کي اها حسرت پوري ٿيندي نظر نه پئي آئي ته هڪ ڏينهن وري تاڙي خاني ٻاهران ويهي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهندو. هن اوٻاسي ڏني ۽ ڪر ڀنڃي ليٽي پيو. جڏهن جاڳيو ته هن سامهون ساڳيا لفافا موجود هيا. هن وقت گذارڻ لاءِ هڪ لفافو کولي پڙهيو. هن کي ياد آيو اهو لفافو هڪ اهڙي شخص جي قسمت ۾ نڪتو هيو جيڪو هڪ ٺوڳي مرشد هيو. ان جو هڪ مجذوب سان وير هيو. مجذوب هڪ لاپرواهه فقير هيو جنهن کي دنيا داريءَ سان ڪو مطلب نه هيو. اهو مجذوب ٺوڳي مرشد جي اکين ۾ ڪنڊي جيان ڪکندو هيو. ان پنهنجي هڪ چالاڪ مريد کان مجذوب تي خوني حملا ڪرايا. اهو چالاڪ مريد جيڪو ڏيڍ ٺڳ جي نالي سان مشهور هيو، ان مجذوب مٿان ڪيترا حملا ڪيا. اهو هن جي هر وار کان محفوظ رهيو. آخر اهو چالاڪ مريد مايوس ٿي هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو، جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
”ڇا تون اهو ٻڌائي سگھندين ته غيبي طاقتون انسان جي مدد ڪنديون آهين“ هن چيو ”مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ان مجذوب وٽ ڪي اهڙيون ڪرامتون آهن جو منهنجي هر حملي کان محفوظ رهيو. مون هن تي ڪئي وار ڪيا پر هو بچي ويو. هاڻي ته هن کي ان ڳالهه جي پروڙ پئجي وئي هوندي ته اهي سڀ وار مون ڪيا آهن. مان گذريل ٻن راتين کان سمهي نه سگھيو آهيان. سوچان ٿو ان جي بد دعا ڪو نقصان ضرور پهچائيندي“.
نجوميءَ کي ان جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون.
”ڳالهه پوري ٻڌاءِ ”نجوميءَ چيو ”سمجهه ۾ نه ٿو اچي تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“ هو هن جي ڀر ۾ ويٺو ۽ پوري ڳالهه ٻڌائي.