9
ڪجهه ڏينهن اڳ ان علائقي ۾ هڪ مجذوب ظاهر ٿيو، جيڪو پري کان سنهي جسم تي لهرائيندڙ پيرن تائين پاتل الفيءَ ۾ ائين نظر ايندو هيو جيئن ڪنهن مزار تي لڳل جهنڊو هلڪي هوا تي لڏندو هجي. اهو فقير چانهه گھڻي پيئندو هيو جنهن ڪري ان کي ڪٽلي فقير چوندا هيا. ڪٽلي فقير سڄو ڏينهن شهر جي گھٽين ۾ گهمندو هيو ۽ شام جو ڪو ٽانگي وارو هن کي ساڻ ڪري واهڻ وٺي ايندو هيو جتي هو وڏيري جي ويران اوطاق ۾ رهندو هيو. وڏيري کي ان فقير ۾ ڪا اهڙي مڻيا نظر آئي جو ان کي پاڻ وٽ ويهاريون ويٺو هوندو هيو ۽ وقت تي ماني ٽڪي ڏيندو هيو. ڳوٺ جا ماڻهو به ان کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هيا ۽ ان جي سيوا ڪري سمجھندا هيا ته ان معرفت قدرت پاران چڱائي ٿيندي، سندن مصيبتون ٽري وينديون. هو جڏهن شهر ويندو هيو ته بڙ جي چاڙهيءَ وٽ هڪ درزي هن کي موڙي تي ويهاريندو هيو ۽ هر هر چانهه جو ڪوپ پيئاريندو هيو. درزي سوچيندو هيو ته مجذوب جي دوڪان تي ويهڻ ڪري برڪت پوندي ۽ ڪمائي وڌندي.
ان مجذوب جي اهميت ۾ اظافو ٿيندو ويو. بازار ۾ هر ماڻهوءَ جي ڪوشش هوندي هئي ته اهو فقير پير گھمائي جيئن ان ڪرامت سان ڪاروبار چمڪي پوي. ڪٽلي فقير خيرات ۾ پئسا نه وٺندو هيو، صرف چانهه پيئندو هيو. ڪٽلي فقير جي عزت ڏسي ٺوڳي مرشد سڙڻ لڳو. ٺوڳي مرشد جي اهميت ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي هئي پر تڏهن به هو مجذوب کي ڏسي دل ۾ ڪڙهندو هيو ۽ سوچيندو هيو ته آخر ماڻهن وٽ ان گدلي فقير جي ايڏي عزت ڇو آهي؟ ٺوڳي مرشد ان فقير جا لاڏ ڏسي حسد ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. هڪ ڏينهن هن اهڙي مريد کي نياپو ڏئي گھرايو جيڪو ”ڏيڍ ٺڳ“ هيو. اهو مريد وڏو حرفتي ۽ چالاڪ هيو. ڏيڍ ٺڳ جڏهن مرشد وٽ پهتو ته هن سڄو قصو ٻڌايو. ٺڳ سمجهي ويو ته مرشد جي نيت ڪهڙي آهي.
”پرواهه نه ڪر مرشد“ ٺڳ چيو ” اهڙي ڪندو مانس جو ڏيهه ڏسندا“. ڏيڍ ٺڳ مرشد کان موڪلائي روانو ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته مجذوب سان ڪيئن منهن ڏئي جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به بچي. اهو سوچي هو وڏيري جي ويران اوطاق ۾ ويو جتي مجذوب رهندو هيو. اها ويران اوطاق ڪڏهن وڏيري جي استعمال ۾ هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ اها خالي ڪري هليو ويو هيو. هن هڪ ٻئي هنڌ شاندار حويلي جوڙائي هئي. ان ويران حويليءَ ۾ هيٺ هڪ ڪمري ۾ ڪٽلي فقير رهندو هيو ۽ مٿيون حصو هڪ ڪمدار حوالي هيو. ڏيڍ ٺڳ ان ويران حويليءَ ۾ آيو ۽ جائزو ورتو. هن ڪٽلي فقير جي ڪمري جي کليل دريءَ مان اندر ڏٺو اتي هڪ ڪکن ڪانن جي پاٿاري ۽ پراڻيون رلهيون پيل هيون . ٺڳ سوچيو ڪکن کي ساڙڻ سولو آهي. هڪ تيليءَ جي ضرورت آهي ۽ سمهڻ کانپوءِ باهه مجذوب کي ويڙهي ويندي. جڏهن رات ٿي ته ڏيڍ ٺڳ اتي آيو ان ڏسي پڪ ڪئي ته مجذوب اندر ستل آهي. هن تيلي ٻاري اندر ڦٽي ڪئي جيڪا ڪکن تي وڃي ڪري. دونهون اٿيون ۽ ڏيڍ ٺڳ ڀڃي ويو.
ان وقت ڪمري مٿان ڪمدار جي زال فرش ڌوئي رهي هئي. هن ٻه بالٽيون فرش تي هاريون ته پاڻي هيٺ کليل دريءَ مان وهي اندر ڪمري ۾ هليو ويو ۽ باهه وسامي وئي. مجذوب دونهين تي کنگھيو ۽ وري پاسو ورائي سمهي پيو. ڏيڍ ٺڳ اڳتي وڃي اهو سوچيو ته باهه مجذوب کي ورائي وئي هوندي ۽ اهو سڙي ويو هوندو پر جڏهن صبح سان هن مجذوب کي ٽانگي ۾ شهر ويندي ڏٺو ته هن جا هوش اڏامي ويا. هو هڪو ٻڪو ٿي هٿ مهٽڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو ڪمان مان نڪتل تير ڪيئن گسي ويو؟ پوءِ هن پڪو پهه ڪيو ته مجذوب کي ڇڏيندو ڪين، ڇوجو اهو مرشد جو حڪم هيو.
هن هڪ رات ڪوڏر هٿ ڪئي ۽ پوءِ ان رستي تي ويو جتان صبح جو سوير مجذوب جهنگ ڏي ويندو هيو. ان رستي تي گھاٽا ڪنڊيءَ جا وڻ هيا. ڏيڍ ٺڳ ان رستي تي کاهي کوٽي ڪک ڪانا ڏئي مٿان مٽي وجهي ڍڪي ڇڏي. هن سوچيو صبح سان جڏهن مجذوب اتان لنگهيندو ته کاهي ۾ هيٺ ڪري زخمي ٿي پوندو. ان ويران رستي سان جڏهن هن کي ڪڍڻ وارو ڪو به نه هوندو ته هو تڙپي تڙپي جان ڏيندو. اهو سوچي هو مجذوب جي اچڻ کان اڳ اتي جهاڙين ۾ لڪي ويٺو. ڪجهه دير کانپوءِ هن ڏٺو مجذوب ڊگھي الفي ۾ ڄڻ هوا ۾ اڏرندو پئي آيو. جڏهن اهو کاهي وٽ پهتو ته ٺڳ سوچيو، ڄاڻ ان جيئن ئي ڪکن ڪانن تي پير رکيو ته ڌو وڃي هيٺ ڪرندو پر ائين نه ٿيو مجذوب جسم ۾ سنهو ۽ وزن ۾ هلڪو هيو. ڪک ڪانا هن جو وزن برداشت ڪري ويا. هو هيٺ نه ڪريو پر لنگھي هليو ويو. اهو ڏسي ٺڳ حيرت ۾ پئجي پيو.هن سمجهيو شايد ڪا غلطي ٿي آهي. اهو سوچي هو کاهيءَ مٿان آيو ان کي جاچڻ لاءِ جيئن ئي پير جو زور ڏنو ته اندر هليو ويو هو. رڙ ڪري کاهيءِ ۾ ڪريو ۽ زخمي ٿي پيو. ان ويران رستي تي شام تائين کاهي ۾ پيو رهيو. جڏهن اتان هڪ ڌنار ٻڪريون ڪاهي لنگھيو ته ان جي نظر پئي. اهو واهڻ ويو ڪجهه ماڻهو وٺي مدد لاءِ پهتو جن هنکي ٻاهر ڪڍيو.
ٺڳ منجهي پيو. هن سان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙي جٺ نه ٿي هئي پر هن کي مرشد سان ڪيل قول پاڙڻو هيو. ان لاءِ وري هو نئين چال سوچڻ لڳو.
واهڻ ۾ هڪ هوٽل هيو جتي مجذوب سانجهيءَ وقت شهر کان موٽندي ٽانگي تان لهي ماني کائيندو هيو. ان هوٽل جا ساڳ ۽ بهه مجذوب کي وڻندا هيا جيڪي هو جوئر جي مانيءَ سان کائيندو هيو. هوٽل وارو مجذوب کان پئسا نه وٺندو هيو ۽ مجذوب مزي سان ماني کائي وات اگھي هليو ويندو هيو. هڪ سياڻي ماڻهوءَ هوٽل واري کي صلاح ڏني ته مجذوب جو امتحان وٺي ته واقعي ئي اهو پهتل آهي يا ٻهروپ ڌاري مفت جون مانيون ڄٻاڙي رهيو آهي. ان سياڻي صلاح ڏني ته پهتل بندو ٻه متڙيو نه هوندو آهي. اهو پنهنجي مت هلائيندو آهي. جيئن ڪو مانيءَ سان ڳنڍيريون کائي. جيڪڏهن ڪو مانيءَ سان ڳنڍيريون کائيندو ته نه ماني کائي سگھندو نه ڳنڍيريون چوسي سگھندو. ان سياڻي جي چوڻ تي هوٽل واري فيصلو ڪيو ته ڇو نه مجذوب کي پالڪ ۾ بهن جي جاءِ تي ڳنڍيريون وجهي ڏنيون وڃن جيڪڏهن هن مانيءَ سان ڳنڍيريون کاڌيون ته ڪوڙو آهي ۽ جيڪڏهن ٻور مان ڳنڍيريون چونڊي کاڌيون ته سچو آهي.
هڪ ڏينهن هوٽل جي مالڪ مجذوب جو امتحان وٺڻ لاءِ هن کي بهن بجاءِ پالڪ ۾ ڳنڍيريون وجهي ڏنيون. مجذوب مانيءَ جو گرهه ڀڃي ڳنڍيريءَ کي بهه سمجهي ان ۾ وجهي جيئن چٻاڙيون ته هن کي مزو نه آيو. هن گرهه ڪڍي پري ڦٽو ڪيو. پريان ڪتو ڀڄندو آيو ۽ مجذوب جو هيٺ اڇلايل گرهه نوسي کائڻ لڳو. مجذوب جوئر جي ماني ڪتي کي ڏني ۽ پاڻ پالڪ مان ڳنڍيريون چونڊي کائڻ لڳو. هوٽل جي مالڪ ۽ ان صلاح ڏيندڙ سياڻي خوش ٿي وڃي مجذوب کي ڀاڪر پائي چمي ڏئي ”واهه واهه“ ڪئي.
”تون سچو آهين“ سياڻي عقيدت مان چيو ”برابر تون پهتل آهين“.
مجذوب کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هو ڇڙو انهن ڏانهن ڏسي کلندو رهيو. ڪتو جوئر جي ماني کائڻ کانپوءِ هيٺ ڪري ڦتڪڻ لڳو ۽ ٿوري دير ۾ مري ويو. سڀ حيران ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته آخر ڪتي کي ڇا ٿي ويو؟ ڪنهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
ڏيڍ ٺڳ هوٽل جي ونگ پويان لڪي اهو سڀ ڏسي رهيو هيو. اهڙو منظر ڏسي ڪاوڙ ۽ افسوس مان هن جي وات جون واڇون ڇڪجي هيٺ ٿي ويون. ان ڏينهن مجذوب کي مارڻ لاءِ تندور واري وٽ وڃي ان مانيءَ ۾ زهر ملايو هيو، جيڪا هو مجذوب ڏانهن موڪلڻ وارو هيو پر مجذوب ان مانيءَ کان محفوظ رهيو.
ڏيڍ ٺڳ وري هٿ مهٽڻ لڳو. هو ڪاوڙ مان ڏند ڪرٽي سوچڻ لڳو ته ان مجذوب کي ڪيئن ختم ڪري مرشد جو مان رکي. هن جي ذهن ۾ وري هڪ حرفت آئي. هن کي ياد هيو ته ٻه سال اڳ هن پئسا وٺي ميونسپل جي سربراهه جي چوڻ تي ان جي هڪ مخالف کي پريان برف جا خنجر اڇلائي ماريو هيو. شهر جي نديءَ واري پاسي ڪناري سان اهڙا پرڏيهي رهندا هيا جيڪي پاڻيءَ ۾ ايٿر ملائي ان کي سانچي ۾ ڄمائي اهڙا ته برف جا خنجر ٺاهيندا هيا جو اهي لوهه کان به مضبوط هوندا هيا. انهن کي جڏهن استعمال ڪبو هيو ته ماڻهوءَ کي مارڻ کانپوءِ رجي ختم ٿي ويندا هيا. واردات ۾ استعمال ٿيل ڪنهن به هٿيار جو نشان نه ملندو هيو. ٺڳ سوچيو ته هو هڪ دفعو وري اهڙا خنجر آزمائيندو ۽ مجذوب کي ايندو ڏسي پريان وهائي ڪڍندو. اهو سوچي هن هڪ ٿرماس ورتو ۽ ان ۾ قلفين سان گڏ پرڏيهين کان خنجر وٺي وجهي ڇڏيا. هو واهڻ پهتو ۽ هوڪا ڏئي قلفيون وڪڻڻ لڳو. هن کي پري کان مجذوب ايندي نظر آيو. هن ڏٺو مجذوب پويان وڏيرو به پڳ ٻڌي اچي رهيو هيو. ٺڳ پريشان ٿي ويو. هن سوچيو حملو ڪندي وڏيري جي نظر نه پئجي وڃي. ان لاءِ هن ضروري سمجهيو ته لڪي حملو ڪجي. هو ٿرماس کڻي کجيءَ جي ٿڙ پويان لڪي پيو. مجذوب ڪجهه ويجهو آيو ته هن هٿ وجهي سانچي مان برف جو خنجر ڪڍيو ۽ زور سان هن ڏانهن اڇلايو. مجوب وڏيري کي پويان ايندو ڏسي اوچتو ان ڏي منهن ڪري عزت مان هٿ ٻڌي جيئن نوڙيو ته خنجر گسي وڃي وڏيري جي سيني ۾ لڳو. وڏيرو رڙ ڪري ڪِري پيو ۽ ٺڳ ٿرماس کڻي کجيءَ جي ٿڙ پويان نڪري گم ٿي ويو. وڏيرو ٿڏي تي مري ويو ۽ برف جو خنجر رجي پاڻي ٿي ويو.
مجذوب وڏيري جي موت تي ڏاڍو رنو. ان کيس پاڻ وٽ پناهه ڏني هئي جنهن ڪري هو ان جو احترام ڪندو هيو.
سانجهيءَ وقت جڏهن وڏيري کي دفنائي رهيا هيا ته مينهن وسي رهيو هيو. قبرستان ۾ ماڻهن جو هجوم هيو. مجذوب روئي رهيو هيو ۽ پويان ٺڳ چمڙي جي ٽوپي پائي هر شيءِ جو جائزو وٺي رهيو هيو. جڏهن وڏيري کي دفنائي واپس موٽي رهيا هيا ته ٿڌ لڳڻ ڪري مجذوب ڇڪون ڏئي رهيو هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ ان کي بخار هجي ۽ مٿي جي سور ڪري اکيون ڍريون ٿي ويون هجن. ٺڳ مجذوب جي حالت ڏسي اندازو لڳايو ته صبح تائين ان جي طبيعت خراب ٿي ويندي ۽ هن کي حڪيم وٽ وڃڻو پوندو. جڏهن صبح ٿيو ته ٺڳ اڳواٽ حڪيم جي دوڪان جي ڪنڊ وٺي ويهي رهيو. هن حڪيم کي ٻڌايو ته هو جڙين ٻوٽين جو ماهر آهي. ۽ هن وٽ اهي وڏي مقدار ۾ موجود آهن. جيڪي کيس تحفي ۾ ڏيڻ چاهي ٿو. حڪيم لالچ ۾ اچي ان کي دوڪان تي ويهاريو ۽ چانهه جي صلاح ڪئي. ڪجهه دير کانپوءِ مجذوب پريان شيشي کڻي حڪيم ڏي ايندي نظر آيو. اهو حڪيم وٽ پهتو. حڪيم ان کي عزت سان ويهاري حال احوال ورتو. مجذوب ان کي نبض ڏيکاري مٿي جي سور جي شڪايت ڪئي. حڪيم ان جو معائنو مڪمل ڪيو ۽ شيشي وٺي اتي ويٺل ٺڳ کي ڏني ته اهو ليمي جو شربت ۽ ڪاري توت جو عرق وجهي ان کي ڏئي. ٺڳ شيشي وٺي حڪيم کان اک بچائي ان ۾ زهر وجهي هن حوالي ڪئي. مجذوب جڏهن دوا وٺي ويران اوطاق طرف هليو ته هن جو مٿو پئي ڦريو. هو غش ۽ ٿيڙ کائيندو اڳتي پئي وڌيو. هو پڪين سرن واري چاڙهيءَ تي پهتو ته هن کي پيشاب لڳو. هن اتي ويهي پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو. پيشاب مٿي چاڙهيءَ تان رڙهي هن ڏانهن وڌيو. هن سمجهيو شايد نانگ آهي. جيڪو چاڙهيءَ تان رڙهندو هن طرف وڌي رهيو آهي. هن خوف مان هٿ ۾جهليل دوا واري بوتل زور سان ان کي وهائي ڪڍي بوتل ڀڄي پئي ۽ دوا هارجي وئي.
ڏيڍ ٺڳ جو ڪوبه حربو ڪامياب نه ٿيو. هو سخت مايوس ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو هن سان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙي حالت نه ٿي. هن مجذوب تي ڪئي وار ڪيا ۽ اهي خطا ٿي ويا. هن جون هلايل حرفتون ڪنهن ڪم نه آيون. هو مجذوب مان خوف محسوس ڪرڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ضرور ان وٽ ڪي اهڙيون ڪرامتون آهن جو هو هر دفعي محفوظ رهيو. هو مجذوب جي بد دعا کان ڊڄڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن مايوس ٿي هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي“.
نجوميءَ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ پوءِ طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو.
طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو. هن لفافو کولي پڙهيو.اتي لکيل هيو.
”ڪهڙي آهي
جنگ؟
وڙهي ڪنهنجي
ڪاڻ؟
پاڻ ئي کٽي
جنگ،
پاڻ ئي هاري
پاڻ“.
هن رقعو پڙهي ٺڳ جي منهن ڏي ڏٺو. ٺڳ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
هن ٺڳ کي ڳالهه کولي سمجهائي
”جنگ ٻاهر نه هوندي آهي پر انسان جي اندر هوندي آهي. انسان کٽيندو به پاڻ آهي ته هارائيندو به پاڻ. اندر جي جنگ پنهنجي بچاءَ لاءِ هوندي آهي جيڪا هارائڻ جي صورت ۾ بربادي جو سبب بڻبي آهي. جنگ ٻين لاءِ نه پر پاڻ لاءِ وڙهي ويندي آهي. ٻاهريان دشمن مارڻ سان انسان فتحياب نه ٿو ٿئي پر اها جنگ اندر سان وڙهي کٽي ٿو. اسان جا وڏا ويري اندر ۾ موجود آهن جنهن انهن کي هارايو ان حقيقي خوشي حاصل ڪئي.
تنهنجو مرشد دنيا داريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي ان کي انا انڌو ڪري وڌو آهي ۽ پاڻ کانسواءِ ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي . اهو ان مجذوب کي برداشت نه ٿو ڪري. اهو دنيا داري لوڀ ۽ لالچ ۾ اهو وساري ويٺو آهي ته دنيا جي ڪوڙي زندگي ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. ڪاوڙ ان کي بيوقوف بنائي وڌو آهي ۽ اهو خواهشن جي انڌي کوهه ۾ ڪريل آهي
تون مرشد جي موهه ۾ غلط راهه تي هلي رهيو آهين. موهه هٿ ڪڙين جيان آهي. جنهن ۾ ڦاسي انسان قيد ٿي وڃي ٿو. ان مجذوب کي مارڻ مان ڪو فائدو نه آهي. تون گناهن کان ڪنارو ڪري مجذوب کان معافي وٺ، ماڻهن سان پيار ڪرڻ سک تنهنجي سيني مان خوف ختم ٿي ويندو. مايوسين جو دروازو دوزخ ڏانهن کلي ٿو. اندر مان ٺڳي ڪڍ ۽ من صاف ڪر. اهڙي مرشد کان پاسو ڪر جيڪو ڪوڙ جو دڳ ڏيکاري ۽ ناڪا مين جي رڃ ۾ رولي“.
ٺڳ نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ هن جو اندر جاڳي پيو. هو واهڻ ويو. جڏهن هن جي نظر مجذوب تي پئي ته هو ڊوڙي وڃي ان جي قدمن تي ڪريو.
”فقير مونکي معاف ڪر“ هن التجا ڪندي چيو ”مان توکي ڏاڍو تنگ ڪيو. توکي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خوني حملا ڪيا“.
مجذوب هن ڏي عجب مان ڏٺو ۽ حيرت مان چيو
”بابا تون آهين ڪير؟... مان ته توکي سڃاڻا ئي ڪونه ٿو!“
ڪٽلي فقير جو قصو ياد ڪري نجوميءَ سوچيو اڃان به ڪي آهن جيڪي لوڀ ۽ لالچ کان پري آهن. نجوميءَ لاءِ اهڙا انسان سڪون ۽ بي خوفيءَ جو مثال هيا. هو جڏهن انهن متعلق سوچيندو هيو ته انهن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي محروم ۽ کٽل محسوس ڪندو هيو پر سمجهندو هيو زندگي اهڙي شيءِ جو نالو آهي جنهن کي لاتعلقي سان گذاري ڪنهن کي رنجائڻ بنا روانو ٿجي.
هو هاڻي تمام گھڻو ضعيف ٿي چڪو هيو. هن ۾ هلڻ جي همٿ نه رهي هئي. هو پاٿاريءَ تي سمهيل هوندو هيو ۽ ڪليءَ تي ويٺل طوطي سان ڳالهائي وقت گذاريندو هيو. هن وري لفافو کڻي کوليو ۽ پڙهي هن کي شاهي بازار جو اهو سيٺ ياد آيو جيڪو شهارا منڊيءَ وٽ وڏي دوڪان ۾ ويٺل هوندو هيو. ان نوجوان سيٺ جي شادي پنج سال پهريان ٿي هئي. هن کي پنهنجي خوبصورت زال جي موت جهوري وڌو. اهو نوجوان سيٺ جنهن جون ست پيڙهيون ان شهر ۾ ڪپڙي جي ڪميشن واري ڪاروبار ۾ گذري چڪيون هيون. اهو ڏاڍي سٺي سڀاءَ ۽ نرم طبيعت جو مالڪ هيو. ان کي اکين تي ٿلهن شيشن واري عينڪ هوندي هئي. هن جو منهن گول ۽ صاف رنگت وارو هيو. ان ڪپڙي جي ڪميشن واري دوڪان اندر ڊگهي چادر وڇايل هوندي هئي جنهن تي طول وهاڻا رکيل هوندا هيا. انهن طول وهاڻن تي دوڪان جي در وٽ ان نوجوان جو ڏاڏو ويٺل هوندو هيو ۽ ان پريان هن جو پيءُ ٽيڪ ڏئي پويان سائي ڀت تي مٿو رکي ويٺل هوندو هيو. اتي هر ڪنهن اڳيان ڪاٺ جا دخل رکيل هوندا هيا جن تي ڊگھيون ڳاڙهي رنگ جون بنديون پيل هونديون هيون. اهي ڪپڙي مارڪيٽ جا آر تي هيا ۽ ٻاهران آيل گراهڪن کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪپڙي جي خريداري ۾ مدد ڪري ڪميشن حاصل ڪندا هيا. انهن سيٺين جي ڀائرن جون بمبئيءَ ۾ ڪوٺيون هيون جيڪي سنڌ مان ململ گھرائي اتي وڪرو ڪندا هيا.
ان نوجوان سيٺ جي گھر واري ڊگھو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. هو ان غم کي برداشت نه ڪري سگھيو ۽ دل جو مريض ٿي پيو. هو پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪندو هيو ۽ سمجهندو هيو ته هن زال سان انصاف نه ڪيو. ان جي بيماري ۽ علاج جو صحيح بندوبست نه ڪري سگھيو. ان جي موت کان پوءِ سندس جيءُ جهري پيو. دٻيل ڏوهه جي احساس ۽ ڳڻتين ۾ ڳرندو هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙي جا ٻه گلاس پيتا ته سڪون محسوس ڪيو. جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. ”مونکي ڏوهه جي احساس ماري وڌو آهي“. هن نجوميءَ کي چيو ”ڪجهه وقت پهريان منهنجي زال دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. مونکي ٻه ٻار آهن جيڪي ان لاءِ روئي رهيا آهن. مونکي اندر جي ان احساس دل جو مريض بڻائي وڌو آهي ته مون زال سان انصاف نه ڪيو. هن کي بيماريءَ مان بچائڻ لاءِ اهي اپاءَ نه ورتا جيڪي وٺڻ گھرجن ها. مون هن جو صحيح علاج نه ڪرايو. مان توهم پرستي پويان ان جي زندگي کي ضايع ڪيو. جيڪڏهن سوچي سمجهي قدم کڻان ها ته شايد اها نه مري ها ۽ منهنجو گهر آباد هجي ها. منهنجي اندر کي اهو احساس اڏوهيءَ وانگر کائي رهيو آهي ته اها منهنجي نا سمجهي ۽ نادانيءَ ڪري هن دنيا مان هلي وئي. مايوسين جي اوندهه ۾ ڌڪا کائڻ لاءِ دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويس“.
نجومي نوجوان سيٺ جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ پوءِ پاڻ وٽ ويهڻ جي صلاح ڪئي. اهو نوجوان سيٺ اتي ويٺو.
”ڇا تون ٻڌائي سگھندين“. نوجوان سيٺ وري ڳالهائيندي چيو ”منهنجو حشر ڪهڙو ٿيندو ؟ منهنجي معصوم ٻارن جو مستقبل ڪهڙو آهي؟ ڇا اهو منهنجو ڏوهه هيو جو منهنجي زال دنيا مان موڪلائي وئي؟“
هو روئڻ لڳو ۽ نجوميءَ هن کي دلجاءِ ڏني.
”قسمت جي خبرقادر کانسواءِ ڪنهن کي ڪين آهي“ هن چيو ”مان ڪوشش ڪندس ته طوطي کان فال ڪڍائي تو آڏو حقيقت بيان ڪريان. پر پورو قصو ٻڌاءِ ته ڪنهن نتيجي تي پهچي سگھون“.
نجوميءَ جي ڳالهه تي سيٺ پورو قصو ٻڌايو.
اهو نوجوان جيڪو وڏڙن جو واحد وارث هيو لاڏڪوڏ سال پلجي وڏو ٿيو هيو. انهن چاهيو پئي ته سندن ڪاروبار جو وارث لکيل پڙهيل ۽ تعليم يافته هجي جيئن مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي ڏيتي ليتي کي منهن ڏئي سگھي. انهن جا ڪجهه عزيز آفريڪا ۽ يورپ جي ڪنارن تي نيون ڪوٺيون کولڻ جو جائزو وٺـي موٽيا هيا. انهن کي اهڙن نوجوانن جي ضرورت هئي جيڪي لکيل پڙهيل ۽ ڪاروبار جي سائنسي طريقن کان وقف هجن. اهو نوجوان ملڪ جي وڏي شهر آيو ۽ اتي تعليم دوران هن جي آهوجا خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ سان واقفيت ٿي. ان آهوجا خاندان ٽي پيڙهيون اڳ اسلام قبوليو هيو ۽ اهي مذهب قبولڻ کانپوءِ ان جي پوئواري ۾ ايڏا ته پختا ثابت ٿيا جو مسلمانيءَ ۾ سڀ کان اڳرا هوندا هيا. انهن جي نوراني چهرن تي خوبصورت ڏاڙهيون هيون ۽ اڇين شلوارن جا پاچا ڀيڏين کان مٿي هوندا هيا. اهي نماز روزي جا پابند هيا ۽ رمضان ۾ انهن جي در ٻاهران زڪوات ۾ ڪپڙو وٺڻ لاءِ غريب عورتن جون نه کٽندڙ قطارون هونديون هيون. اهي پنهنجي پوري ڪٽنب سان حج ۽ عمرا ڪندا هيا. آهوجن جي سڀ کان وڏي خصلت اها هئي ته انهن پنهنجي خاندان جي هر فرد کي ديني تعليم سان گڏ دنوي تعليم پڻ ڏياري. اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن ان نوجوان جي ملاقات ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ان ڇوڪريءَ سان ٿي. ڇوڪري جو مذهب سان سخت لڳاءُ هيو. پر هن وٽ زندگي جا ڪجهه آزاد اصول به هيا.
ٻنهي خاندانن جي رضا منديءَ سان نوجوان جي شادي ان ڇوڪريءَ سان ٿي. هو جڏهن تعليم پوري ڪري پنهنجي شهر موٽي آيو ته هن جو وقت ڏاڍو سٺو پئي گذريو. هن کي چئن سالن جي عرصي اندر ٻه ٻار ڄايا پر شادي جي پنجين سال هن جي زال بيمار ٿي پئي. هن کي خون لٿي جي بيماري ٿي پئي. هن جو چهرو هٿن تي لڳل پراڻي مهنديءَ جهڙو ٿي پيو. هو ڪمزور ٿي وئي، سندس ڪلها هيٺ لهي آيا ۽ ڪنڌ جهنوي ويو. هن شهر جي حڪيمن کان ان جو علاج ڪرايو پر ڪو فائدو نه ٿيو. ڇوڪري جيڪا روزي نماز جي پابند هئي بيماريءَ جي ڪري عبادت کي ويجهو نه پئي وڃي سگھي. ان مٿي تي رئو رکي مصلي تي ويهي اکيون ٻوٽي رب کان دعا گھري.
”اي رب شفاياب ڪر، جيئن پاڪ ٿي تنهنجي عبادت ڪري سگھان منهنجن ٻچن تي رحم ڪر ۽ پناهه ڏي“.
ان عورت جي طبيعت نه سڌري. هڪ ڏينهن هو ان کي وٺي ڪراچي پهتو. آهوجا خاندان لاءِ اهي ڏينهن ڪنهن صدمي کان گھٽ نه هيا. پنهنجي خوبصورت نياڻيءَ جو لٿل چهرو ڏسي اهي سڪتي ۾ اچي ويا. هڪ وڏي اسپتال مان ان جو معائنو ڪرايو ويو. مرض جي تشخيص ان خاندان جي برنس روڊ واري گھر مٿان وڄ جيان ڪري ۽ آسمان ٻه اڌ ٿي ويو. هڪ ڊاڪٽر انهن کي ٻڌايو ته ”ڇوڪريءَ کي ٻچيدانيءَ جو ناسور آهي جنهن جو علاج ملڪ اندر موجود نه آهي، لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ ان جو علاج ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اهي اتي پهچي پون ته ٿي سگھي ٿو ڇوڪريءَ جي جان بچي پوي“.
اها خبر ٻڌي نوجوان فيصلو ڪيو ته هو زال کي لنڊن وٺي ويندو ۽ هن جو علاج ڪرائيندو. پر آهوجا خاندان جي هڪ بزرگ چيو.
”ان مرض جي شفا دوا نه پر دعا آهي“ هن کين ٻڌايو ته ”هن جي هڪ واقفڪار لنڊن جي ساڳي اسپتال مان ناسور جو علاج ڪرايو هيو پر اهو بچي نه سگھيو. ان ڳالهه جي ڪهڙي پڪ آهي ته نياڻي کي اوڏانهن موڪليون ته شفاياب ٿي اچي“.
سڀ سوچ ۾ پئجي ويا. ڪنهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ڇاڪرڻ گھرجي.
”ان بيماريءَ کي استخاري سان ختم ڪري سگھجي ٿو. ”خاندان جي هڪ فرد صلاح ڏيندي چيو ”کارادر وٽ هڪ بزرگ آهي جيڪو استخاري سان ان مرض جو علاج ڪري ٿو“.
هو بزرگ وٽ پهتا جنهن ڇوڪريءَ کي ڏسي انهن کي استخارو ڏنو. هو ان استخاري کي چاليهه ڏينهن پڙهندا رهيا ۽ هڪ ڏينهن ڇوڪريءَ جي ماءُ خواب ڏٺو کيس دونهي مان ٺـهيل ڪو فقير ٻڌائي رهيو هيو ته ڇوڪريءَ کي مڪي موڪليو وڃي جتي هوءَ ڪعبة الله جي غلاف کي منهن تي ڦيريندي ته شفاياب ٿي ويندي. ان صبح جو خواب سڀني کي ٻڌايو، سڀ ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته جيترو جلد ٿي سگھي ڇوڪريءُ کي مڙس سان مڪي موڪليو وڃي جيئن خواب ۾ آيل ان اشاري تي عمل ڪري سگھجي. ٻن ڏينهن کانپوءِ پاڻيءَ جو جهاز جدي روانو ٿيڻو هيو. ٻنهي کي جلدي تيار ڪري ان جهاز تي ويهاريو ويو. جڏهن جهاز روانو ٿيو ته آهوجا خاندان جا فرد هٿ لوڏي انهن کي الوداع چئي رهيا هيا. اهي سڀ مطمعن هيا ته انهن جي نياڻي مڪي وڃي ضرور صحتياب ٿي انهن وٽ موٽندي پر هو ٻڌتر ۾ مبتلا هيو ۽ سوچي رهيو هيو ته ڇا هو صحيح قدم کڻي رهيو آهي؟ هو سڄي واٽ انهن سوچن ۾ زال ڀرسان ويهي کيسي مان ياسين شريف ڪڍي پڙهندو رهيو.
”خدا مددگار آهي“ هن جي زال چيو ”تون اعتماد ۽ عقيدي ۾ يقين رک. شفا ڏيڻ وارو رب کانسواءِ اڪو به نه آهي“.
هو زال ڀرسان ياسين شريف پڙهندو رهيو ۽ ڪڏهن ان ۾ منهن لڪائي سڏڪندو رهيو.
”توکي وڃائڻ نه ٿو چاهيان“ هن چيو ”دنيا جي رستن تي اڪيلو نه هلي سگھندس“. هن جي زال ٿڌو ساهه کنيو.
”چڱائي ٿيندي“. زال چيو ”دل نه لاهه. مونکي اميد آهي“
جهاز سمنڊ جي گج تي هيٺ مٿي ٿي هلندو رهيو. اتي هر طرف آسمان هيو. ڪڏهن سج هيو ڪڏهن چنڊ. اوندهه ۽ سوجهري جي راند ۾ جهاز ترندو ڄڻ هيٺ کاهيءَ ۾ ڪرندو ويو. زندگي ۽ موت جي ٻڏتر ۾ ڏينهن ۽راتيون گذرندا رهيا.
جڏهن هو جدي پهتا ته هن جي زال جي جسم ۾ ڄڻ طاقت موٽي آئي. ان جي ڪمزوري ختم ٿي وئي. هڪ جوش ۽ جذبو جاڳي پيو. زال کي سرهو ۽ باهمت ڏسي هن به اندر ۾ خوشي ۽ سرهاڻ محسوس ڪئي. هو سامان ساڻ ڪري بندرگاهه کان ٻاهر نڪتا ۽ مڪي طرف روانا ٿيا. مڪي پهچي اتي هوٽل جي ڪمري ۾ سامان رکي تيار ٿي ڪعبت الله آيا. جڏهن انهن جي نظر ڪاري غلاف تي پئي ته اکين ۾ جهڙ لهندي محسوس ڪيائون. هو رنا ۽ غلاف کي هٿن ۾ جهلي مٿي ڪنڌ ڪري رب کي ٻاڏائڻ لڳا. انهن جي ڀريل اکين ۾ ڪعبت الله مٿان پرواز ڪندڙ ابابيلن جا عڪس ڳوڙها بنجي اڏامندا رهيا.
”اي رب رحم ڪر“. ٻنهي جي وات مان ساڳيا لفظ نڪتا ”شفا ڏي ، بيمارين کي ناس ڪر ۽ پناهه ۾ رک“.
هو غلاف ۾ منهن وجهي ٻاڏائيندا رهيا. انهن عمرو ڪيو ۽ آب زم زم پي دل کي مطمعن ۽ سڪون محسوس ڪيو. روئڻ ۽ ٻاڏائڻ ڪري من هلڪو ٿي ويو. اهي روز ڪعبت الله ايندا هيا ۽ اتان سومهڻي کان پوءِ هوٽل روانا ٿيندا هيا.
ڪجهه ڏينهن اندر عورت محسوس ڪيو سندس من ته مطمعن آهي پرمرض ۾ ڪو فرق نه آهي. گھڻي اٿ ويهه ۽ بي آرامي ڪري هن جي اکين هيٺان ڪارا نشان ائين ظاهر ٿيا جيئن ڪنولن هيٺان ميرو پاڻي هجي. ان جو منهن هيڊو ۽ لڱ ساڻا ٿي ويا. اها پوءِ به همٿ ڪري هن سان گڏ ڪنهن سهاري کانسواءِ ڪعبت الله پهچندي هئي ۽ هوڪاري غلاف کي هٿن ۾ جهلي رب کي ٻاڏائيندا هيا.
آخر اهڙو وقت به اچي ويو جو اها هلڻ کان لاچار ٿي وئي. هن چئن حبشين کي اجورو ڏئي ان کي ڏوليءَ ۾ کڻايو. ڪعبت الله ۾ جڏهن هو ڏوليءَ ۾ ويهي طواف ڪندي هئي هو لڙڪندڙ ڍلي احرام ۾ ڪنهن ديواني جيان هن پويان ڦرندو هيو.
هڪ اداس ڏينهن جڏهن ابابيل عرش ۾ قسمت جي سنهين ليڪن جيان اڏامي انهن ٻنهي جو انتظار ڪري رهيا هيا. اهي ڪعبت الله نه آيا. هوٽل جي ڪمري ۾ ان رات اسر ويل آذانن سان عورت جو روح پرواز ڪري ويو. هو زال جي مڙهه مٿان اڇي ٽوپي پائي ياسين شريف پڙهندو ۽ روئيندو رهيو. پرديس ۾ هن کي پرچائڻ وارو ڪو به نه هيو. هو ڳوڙهن جا ڍڪ ڀريندو رهيو ۽ ڪعبت الله جا رولاڪ ابابيل انهن روز اچڻ وارن جو انتظار ڪندا رهيا. منجھند کانپوءِ سفارتخاني جا ڪجهه ماڻهو اتي پهتا. سعودي حڪومت جي اجازت سان لاش کي جنت البقيع ۾ دفنايو ويو. اها سعادت جي ڳالهه هئي ته سندس خاڪي مڙهه لاءِ اهڙي رحمت واري جاءِ کي چونڊيو ويو هيو. جڏهن ان کي دفنائي هو واپس موٽيو ته هن محسوس ڪيو جيئن زندگي جي ڊوڙ ۾ هو ڪٿ ڪو سامان وساري ويٺو هجي. هن جي هٿن ۾ ڪا شيءِ جهليل هجي جنهن کان هاڻي خالي هجن. هن جا هٿ ڪمزور هيا، اهي ڏڪي رهيا هيا. هن جنت البقيع ٻاهران هٿ مٿي ڪيا ۽ دعا گھري. اتي قبر جو ڪو به نشان نه هيو. هن محسوس ڪيو سندس قبر دل ۾ آهي. هوءَ جيئري آهي ۽ هن ۾ رت جيان موجود رهندي. هو مسجد نبويءَ جو مجاور بنجي ويو. هن جي گريبان جا سڀ بٽڻ ڌاڳن تي لڙڪندڙ دل جيان ٽٽي پيا. هو ديوانن جيان جنت البقيع جا چڪر هڻي مسجد نبوي جي درتي ويهي سائي گنبد کي ڏسندو هيو. تيز اس ۾ هن کي هر شيءِ سائي نظر ايندي هئي.
جڏهن هو ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي پهتو ته آهوجا خاندان جي ماڻهن هن جو سڏڪن سان استقبال ڪيو. هو اڪيلو هيو. اتي اها خوبصورت ڇوڪري نه هئي جيڪا ڪڏهن آهوجا خاندان جي اکين جو تارو هئي. هو هلڪا قدم کڻندو ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجن ٻنهي ٻارن کي سيني سان لڳائي زارو قطار رنو. آهوجا خاندان جي ماڻهن هن کي حوصلو ڏنو.
”سڀ رب جي رضا آهي“ هڪ بزرگ چيو ”حياتي ۽ موت جو مالڪ اهو ئي آهي“هو ڪجهه ڏينهن اتي رهيو ۽ پوءِ ٻارن کي ساڻ ڪري پنهنجي شهر موٽي آيو. هن جو اندر مطمعن نه هيو. هو محسوس ڪري رهيو هيو، هن زال سان انصاف نه ڪيو آهي. هن ان جي علاج ۾ ڪوتاهي ڪئي جنهن ڪري اها دنيا مان موڪلائي وئي. هن کي لنڊن وڃڻ گھربو هيو جيئن ان جي بيماريءَ جو علاج ٿي سگھي ها. ٿي سگھي ٿو اها بچي وڃي ٿا. دعا سان گڏ ان کي دوا به جاري رکڻ گھرجي ها. هو پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳو. هن کي لڳو هو ڪنهن خونيءَ جيان آهي جنهن پنهنجن هٿن سان زال جو قتل ڪيو آهي. هو ڏوهه جي احساس کان مايوسيءَ جي هالت ۾ شهر جي گھٽين ۾ گھمندو رهيو. هن بي چيني گھٽائڻ لاءِ سڪون جون گوريون کائڻ شروع ڪيون ۽ آخر هڪ ڏينهن هو تاڙي خاني ۾ آيو ۽ جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
نجوميءَ جڏهن هن جو دردناڪ قصو ٻڌو ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو“ هن طوطي کي آڱر تي ويهاري لفافن مٿان ڇڏيو. طوطي هڪ لفافو چونڊي هن کي ڏنو. جڏهن هن کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
”مٿي
آڱرين جي
اشارن تي
جهليل هئي تند،
هيٺ
نچي پئي
ڪاٺ پتلي
لوڏي پنهنجو ڪنڌ“.
هن سيٺ جي منهن ڏي نهاريو ۽ پوءِ وضاحت ڪندي چيو.
”اسين ڪاٺ جي پتلين جيان آهيون. اسان جي تند نچائڻ واري جي هٿ ۾ آهي. جيئن وڻيس تيئين ڪري اٿاري ويهاري، ماري جيئاري، اسين بي وس آهيون. لاچار آهيون. اسان جي نه ٿي هلي. هلي ان جي ٿي جنهن جي هٿ ۾ ڏور آهي. اسان جي وس ۾ هجي ته ڪڏهن نه مرون. ڪڏهن بيمار نه ٿيون. ڏکن ۽ تڪليفن کي ويجهو اچڻ نه ڏيون. اسين مجبور آهيون. اسان کي نه جيئڻ جو اختيار آهي، نه مرڻ جو، نه بچائڻ جو اختيار آهي، نه ٽارڻ جو. اسان جي بي وسي اسان کي ڏوهه جي احساس کان آجو ڪري ٿي. جڏهن ڪيون ئي ڪونه ٿا ته پڇتائڻ جو ڪهڙو جواز. ڪجهه ڏئي واپس وٺي ته مالڪ آهي. هن جي مرضي اسان ڪرڻ وارا ڪير آهيون؟ پڇتائڻ ۽ روئڻ وارا ڪير آهيون؟ اسان بي جان بندا جيسين تند ۾ ٽنگيل آهيون جيئرا آهيون، ڇڏڻ کانپوءِ هيٺ ڪرڻ ۾ ڪا ويرم ئي نه ٿي لڳي. اسين حياتي ۽ موت جا دعويدار نه آهيون. دنيا تماشو آهي ۽ اسين تماشي جو حصو آهيون. تماشي تي تاڙيون وڄن ٿيون .ٽهڪ کڙن ٿا ۽ سڏڪا اڀرن ٿا. هر ڪردار پنهنجي انجام کي پهچي ٿو. ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ڪنهن جو ڪهڙو گناهه؟ ڪنهن جو ڪهڙو ثواب؟ ڪهڙو پڇتاءُ ۽ ڪهڙيون ضمير جون صدائون؟ ......... اول فنا ......... آخر فنا...........“
”روئڻ ۽ ڀڇتائڻ مان ڪو فائدو نه آهي. وس آهر جيڪي پڳو تو ڪيو. تون مالڪ نه آهين جو جيئن چاهين تيئن ڪري وجهين. اُٿ! پاڻ کي سهارو ڏي ۽ ٻارن جو رکوالو ٿيءُ. گناهه جي احساس مان نڪري زندگيءَ جي تند سنڀال“.
نوجوان سيٺ جو اندر مطمعن ٿي ويو. هن وٽ اعتماد موٽي آيو ۽ منهن تي سرهاڻ اچي وئي. هن کي نجوميءَ جون ڳالهيون سچيون محسوس ٿيون. هن کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه سڪا ان کي ڏنا ۽ پوءِ گھر روانو ٿي ويو.