ناول

آرسِيءَ آڏو

”آرسيءَ آڏو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪا ڪلا پرڪاش جو لکيل ناول آهي.
ڪلا پرڪاش جي لکڻين بابت، هند توڻي سنڌ جي نقادن وٽ اهو قبول ڪيل آهي ته؛ سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ نفي/ نيگيٽوِ ڪردار نه آهن ۽ اهڙي مثال مان سندس اندر جي اُجرائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1985
  • 764
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪلا پرڪاش
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آرسِيءَ آڏو

(الف)

مان رات جو ٻين وڳي گهر پهتس. بيڊ روم ۾ گهڙڻ سان محسوس ڪيم ته سبيتا اڃا جاڳي رهي آهي. هوءَ ڀت پاسي منهن ڪري سُمهي پيئي هئي. هن پيرانڌيءَ کان منهنجي لاءِ الڳ بلئنڪيٽ رکي ڇڏيو هو. مان سندس ڀر ۾ ليٽي بلئنڪيٽ سان پاڻ کي ڍڪي رهيو هوس ته سبيتا مون طرف منهن ڪيو. چيائين، ”منوج توکان پرميلا لاءِ پڇيو سو توکي سُٺو لڳو؟“
”ڇا چيائين... مون کي ته ياد ڪونهي“ مُنجهندي وراڻيم.
”توکان پڇيائين ته تون پرميلا کي پروگرام تي وٺي ٿو وڃين ڇا– هاڻي ياد پيئه؟“ سبيتا جي آواز ۾ سخت ڪاوڙ هئي
”ها ...ياد پيم...“
”ته هاڻي جواب ڏي ...“ سبيتا بلئنڪيٽ هٽائي اُٿي ويٺي.
”ڇڏ سبيتا... ڀڳوان جي واسطي... روي شنڪر جي ستار ٻڌي موٽيو آهيان ... اَڃا ستار من ۾ وڄي رهي آهي توکي جيڪو جواب کپي سو مان توکي صبح جو ڏيندس.“
”مون کي هينئر ئي جواب کپي. مون کي اَڄ هڪ هڪاڻي ڪرڻي آهي توسان.“
مون کي بلئنڪيٽ پري ڪري اُٿڻو پيو. سبيتا جي اکين ۾ اَکيون وجهي چيم، ”هڪ هڪاڻي ٿي نه سگهندي. اَسان کي تيسين گڏ رهڻو پوندو جيسين پٽڙو ويهن کن سالن جو ٿئي. مان منوج کي ڀڳل گهر جو بيگانو ٻار ٿيڻ نه ڏيندس.“
منهنجو جواب ٻڌي سبيتا جي ڪاوڙ ڪاپار تي وڃي پهتي. هن جو ساهه تڪڙو کڄڻ لڳو. جنسي سهڪندي چيائين، ”۽ مان نٿي چاهيان ته پُٽ توسان رهي، تو جهڙا لڇڻ پرائي ... تون ڇا ٿو چاهين ته هو تو جهڙو بڻجي؟ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئي، آواره ٿئي– تو وانگر پنهنجو گهر نه ڪري؟ وڏو Pycho analyst ٿيو آهين... تو جهڙي پيءُ جو پُٽ ڪهڙو ٿيندو، ٻڌاءِ؟“
سبيتا هي ڇا چيو؟... روي شنڪر جي ستار جو نشو ته ٽٽي ئي ويو پر مون اَندر جيڪو هڪ سچو صادق پيءُ آهي تنهن کي هن ههڙو چهنبدار پٿر هڻي ضربي ڇڏيو! ڳالهائڻ مهل سبيتا جو بدن ڏڪي رهيو هو پر منهنجو ته هن روح ڪنبائي ڇڏيو آهي...مان هن کي بيڊروم ۾ اَڪيلو ڇڏي هال جي بالڪنيءَ ۾ اَچي بيٺو آهيان. مون کي خبر آهي ته هوءَ اَڃا تائين ڪاوڙ ۾ آهي. شايد بليئنڪيٽ ۾ ويڙهجي روئندي هجي ... مون کان جواب طلبيندي هجي. مان کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟ کيس ٻڌايو اَٿم ته پرميلا سان منهنجي ساڌارڻ سنگت آهي. بس جيئن ڊاڪٽر سڪسينا منهنجو دوست آهي، تئين پرميلا منهنجي ساهيڙي آهي. اِهي ٻه متر ئي ته آهن جن دبئيءَ جي ٻُسي حياتيءَ ۾ رونق آندي آهي ...
منوج مون کان پروگرام تي وڃڻ مهل پرميلا بابت پڇيو هو برابر. ته اِن ۾ سٺو لڳڻ نه لڳڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هو جيڪو چاهي سو مون کان پڇي سگهي ٿو. مان کيس سڌو، صاف جواب ڏيندس. هو منهنجو پُٽ آهي، منهنجو ننڍڙو سنگتي آهي، منهنجي جند جان آهي.
مون کي منهنجو پيءُ ٿو ياد اچي، مان هڪ پُٽ جي حيثيت ۾ ڏاڍو بدنصيب رهيو آهيان. مان نٿو چاهيان ته اَهڙي بدنصيبي منوج جي پلئه پوي. سبيتا جو خيال آهي ته هوءَ منوج کي مون کان پري رکي جيئن هو مون جهڙا لڇڻ نه پرائي. مان سُلڇڻو آهيان يا ڪُلڇڻو اِن باري ۾ سبيتا جي فتويٰ ڀل ڪهڙي به هجي پر مان ڪڏهن نه چاهيندس ته منوج پيءُ جي پيار کان وانجهيل رهي. پيءُ جو پيار نه ملندو آهي ته ٻار مٿان ڇا گذرندي آهي اِن ڏک کي مون کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي؟
مون کي پنهنجي پيءُ جي ياد ايندي ئي اِهو به ياد ايندو آهي ته هن جي سڀاءَ ۾ غضب جو ڪروڌ هو. منهنجيءَ ماءُ مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن اسين پنهنجي وطن ملتان ۾ رهندا هئاسين ۽ مان اڃا اڍائي ٽن سالن جو هوس، تڏهن منهنجي پيءُ ڪاوڙ ۾ اَچي مون جيتامڙي کي پهرين مٿي کڻي پوءِ زور سان زمين تي سٽيو هو. منهنجيءَ ساڄيءَ ٻانهن جي ٺونٺ ۽ ڪلهي وٽ ڪا هڏي ٽٽي پئي هئي. اُها هڏي پوءِ ڪيئن جُڙي، اُها ته خبر ڪانهيم پر بابي جي ڏنل اِن سوغات سبب ساڄيءَ ٻانهن ۾ وِڏ اَڄ به آهي هينئر به ساڄي هٿ سان ڪُلهي کي ڇُهڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر ڇُهي نٿو سگهان. مون کي خبر آهي ته مان اِئين ڪري به نه سگهندس پوءِ به هر دفعي خيال ايندي ئي ساڄي هٿ سان ساڄي ڪُلهي کي ڇُهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڄڻ بابي جي اُن مار کي ياد ڪندو آهيان، جنهن جي مون کي سانڀر به ڪانهي. مار کي ياد ٿو ڪريان يا بابي کي، سو سمجهي نٿو سگهان ڇو ته پيءُ کي هونءَ ياد ڪريان به ڪيئن؟ بابو معنيٰ مار. پنهنجيءَ سانڀر ۾ مون بابي جون بيشمار مارون کاڌيون. بابي نسبت اهڙيون ڳالهيون ياد ڪري اَڄ منهنجو من ڪوڙو نٿو ٿئي...صرف سوچيان ٿو ته آخر بابي جي اهڙي ڪروڌي سڀاءُ جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟
بابا جو هڪ ٻيو روپ به ذهن ۾ ڇپيل آهي.
ورهاڱي بعد، ملتان مان لڏي آپور رهياسين. پوءِ دهليءَ مان ڀٽڪندا آخر بمبئيءَ نگر جي ڪوليواڊا جي هڪ غريب بستيءَ ۾ اَچي ٺڪاڻو ڪيوسين. تڏهن بابي روزي، روٽي ڪمائڻ لاءِ ڪوليواڊا اِسٽيشن جي ڀرسان ڀاڄين ۽ ميون جو ٻڌو واپار ڪرڻ لاءِ ڪوٺي ورتي. اُهو ڪاروبار هلائڻ لاءِ کيس ڏينهن رات هڪ ڪري پورهيو ڪرڻو پوندو هو. بابو ڏاڍو شريف، محنتي ۽ ايماندار ماڻهو هو. اَڄ بابا جي اُنهن گڻن جو قدر ٿيندو اَٿم. سوچيندو آهيان ته بابا کي ڪيترين مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پيو پر ڪهڙين به ڏکين حالتن ۾ هن حياتيءَ ۾ اَپنايل پنهنجا اُصول نه ڇڏيا.
ڏاڍو سيءُ پيو پوي. ڊسمبر جو مهينو آهي ۽ رات جا 3 وڳا وقت ٿيو آهي. ننڊ بلڪل ڪانه ٿي اَچي. من ايڏو جاڳي پيو آهي، جو سرير تي قابو پائي ويو آهي. مون کي اِئين لڳي ئي نٿو ته رات آهي. پر آسمان ۾ کڙيل اَڌ چنڊ چتائي رهيو آهي ته رات آهي. چنڊ ڏانهن نهاريندي خيال ٿيو اَٿم ته منهنجو وجود سدائين اَڌ کڙيل رهيو آهي. چنڊ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو اُڀرندو آهي. مڪمل! مون ڪڏهن پاڻ کي مڪمل نه ڀانيو آهي. هميشه هڪ اڌورائپ جيءَ کي کائيندي آهي.
سيءَ سبب بدن ۾ ڏڪڻي ٿي ٿئي. بالڪنيءَ ۾ بيهي نٿو سگهان. اَندر هال ۾ اچي سوفا تي ويهي ٿو رهان. بلئنڪيٽ جي ضرورت ٿي محسوس ٿئي پر بيڊروم ۾ وڃڻ تي دل نٿي ٿئي.
پنهنجو ڪوليواڊا وارو گهر پيو ياد اَچي. اُهو گهر منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جو مرڪز آهي! اَڄ ته اَعتبار ئي نٿو اَچيم ته اُهو مان ئي آهيان جيڪو اُن گهر ۾ رهندو هوس! هڪ ڪمرو ۽ هڪ ورانڊو هو. ورانڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ رنڌڻو هو ۽ ٻيءَ ڪنڊ ۾ بنا نل حوض هو. پاڻي ٻاهران عام نلڪي تان ڀرڻو پوندو هو ۽ ٽائليٽ به گهر کان ٻاهر عام هو، جيڪو اُن بستيءَ ۾ رهندڙ 6 ڪٽنب ڪم آڻيندا هئا. اُن ننڍڙي سوڙهي گهر ۾ مان پنهنجن ننڍن ڀائر ڀينرن ۽ ماءُ پيءُ سان ٻاويهه سال رهيس! اَمڙ اَبو اَهڙا اَٻوجهه هئا جو هيڏيءَ مفلسيءَ ۽ تنگدستيءَ ۾ گذاريندي به هر ٻئي سال اولاد جي عدد ۾ واڌ آڻيندا هئا، هنن جو ويساهه هو ته اولاد پرماتما جي دين آهي ۽ بندو اِن ڳالهه ۾ بيوس آهي. منهنجو ٻال من اُن وقت ڪڙهندو هو. جڏهن به خبر پوندي هئي ته اَمڙ هڪ نئين پراڻيءَ کي جنم ڏيڻ واري آهي تڏهن رڙيون ڪندو هوس پر اَندر ۾. منهنجون اُهي بي آواز رڙيون ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ نه آيون.
منهنجا ٻه اَبهم ڀائر معصوم عمر ۾ ئي اَڻ هوند ۽ اَٻوجهائيءَ جي ڪفن ۾ ڍڪجي دنيا ڇڏي ويا. هنن جي موت جو نظارو هينئر به منهنجي اکين اڳيان آهي. هو ڪالرا جو شڪار ٿيا هئا. هنن جو علاج هڪ آيرويد جي حڪيم ڪيو . بابا جو آيرويد ۾ ۽ خاص اُن حڪيم ۾ ايڏو ويساهه هو جو ٻه ٻارڙا ڪالرا وگهي مرندي مري ويا پر ڊاڪٽر نه بدلايو ويو. بابا جا هر هڪ ڳالهه ۾ پنهنجا اُصول ۽ عقيدا هئا.
ٻئي طرف اَمڙ هئي جيڪا ڪجهه چوندي ڪين هئي. منهنجي ڀائرن جي موت وقت اَمان ڪنڊ وٺي ڏاڍو رني هئي. علاج لاءِ ته ڪجهه نه چيائين پر منهنجي ڀائرن جا بي جان بت بدبوءِ ۾ پيا هئا ۽ اَمڙ هنن جي ڪا صاف صفائي نه پيئي ڪري صرف رني پئي اُن تان مون کي ڏاڍي چڙ آئي هئي ته هيءَ ڪهڙي قسم جي ماءُ آهي...هاڻي اِن چڙ ۾ ڪوڙاڻ ڪونهي. مان ماءُ جي اِن قسم جي وهنوار کي سمجهي نه سگهيو هوس ۽ تيسين معاف به نه ڪري سگهيو هوس، جيسين مون ڪلينڪل سائڪالاجيءَ جي وشيه سان ايم. اي. پاس ڪئي. اُن بعد بئنگلور جي نئشنل اِنسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ اَئنڊ نيورو سائنس مان ڊپلوما حاصل ڪيم. تنهن بعد وڃي منهنجي اَک پٽي ته اَمڙ جيجل مانسڪ طرف سگهي نه هئي. هن کي مايوسيءَ جا دوئرا پوندا هئا ۽ هوءَ پنهنجو سر هڪ بيوس شخص هئي.
مان سمجهان ٿو ته رت ڪا وڏي شئي آهي! پنهنجن ابهم ڀائرن جي موت وقت من ۾ شايد ڪا اَهڙي باهه ٻري هجي جنهن ۾ جلندي اِهو پرن ڪيو هجيم ته وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس. ڊاڪٽر بڻجڻ جو مقصد مون پاڻ ئي پنهنجي لاءِ ٺاهيو. اُهو مقصد حاصل به ڪيم، پر اِها ڪهڙي نه ڪٺور حقيقت آهي ته پنهنجي پروفيشن کان ڪٽجي هتي دبئيءَ ۾ هڪ دڪاندار بڻجي ويٺو آهيان! حال في اِلحال ته...
سبيتا جيڪر سامهون ئي ويهي ته جيڪي ڳالهيون ياد اَچي رهيون آهن سي سڀ کيس ٻڌايان...سڄو ماضي اَندر ۾ اُٿلي پيو آهي ۽ سنڀالي نٿو سگهان پاڻ کي. پر سبيتا کي منهنجي ننڍپڻ جي ڳالهين ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. هن وقت هن جي دل ۽ دماغ مٿان صرف پرميلا ڇانيل آهي. جيڪڏهن سبيتا ٻڌڻ چاهي ته مان کيس پرميلا بابت سربستي ڳالهه ٻڌايان ته منهنجي پرميلا سان واقفيت ڪيئن ٿي ۽ اسان جي دوستيءَ جي سيما ڪهڙي آهي...
ٻه سال اڳ جي ڳالهه آهي...
پرميلا اسان جي دڪان ”گرين گراس“ تان پنهنجي ٻارن لاءِ اِسڪول يونيفارم خريد ڪرڻ آئي هئي هڪ رواجي گراهڪ جيان. هڪ دلچسپ ڳالهه پوءِ ٻڌائي هئائين ته جيڪڏهن اسان جي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ نه هجي ها ته شايد هوءَ يونيفارم خريد ڪرڻ هرو ڀرو اسان جي دڪان تي نه اَچي ها. ڪٿان به خريد ڪري ها. کيس اسان جي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ ڏاڍو آرٽسٽڪ لڳو هو. هن جنهن ڏينهن يونيفارم خريد ڪيا، تنهن جي ٻئي ڏينهن فون ڪيو. مون فون جو رسيور کڻي عادت موجب چيو، ”گرين گراس“
”مان ڪالهه توهان وٽان ٻارن جا يونيفارم وٺڻ آئي هئس...“ ”ييس“ مون فارمل نموني چيو.
”توهان کي اَعتراض نه هجي ته توهين مون کي ٻڌائيندا ته توهين ڪٿان جا آهيو؟“
”مان بمبئيءَ جو آهيان.“
”بمبئيءَ جا آهيو؟“ هوءَ نراس ٿي ويئي هئي.
”توهان ڇا سمجهيو ته مان ڪٿان جو هوندس؟“
”مون سمجهيو توهان دهليءَ جا آهيو.“
”دهليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويو هوس. اُتي چار پنج سال رهيو آهيان.“
”توهين ڇا اُتي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ آيا هئا؟“
”ها...“
”۽ رهندا مامي وٽ هئا؟“
”ها– پر توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“
”مون کي خبر آهي. هاڻي اِهو ٻڌايو ته توهان جو مامو دهليءَ ۾ ڪٿي رهندو هو؟“
”سبزي منڊيءَ ۾.“
منهنجي پڦي به سبزي منڊيءَ ۾ رهندي هئي. مان اَڪثر ماءُ سان گڏ اُتي ويندي هئس. مون کي پڪ آهي ته مون توهان کي ڏٺو آهي. توهان کي ڪالهه ڏسڻ سان لڳو ته توهان جو چهرو سڃاتل آهي.“
”سچ پچ؟“ مان تپرس ۾ پئجي رهيو هوس.
”توهان جو نالو؟“ هن اُتساهه مان پڇيو.
”ڊاڪٽر اگروال“
توهان جو فرسٽ نيم انوپ آهي؟“
”ها...پر توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ مان عجب ۽ خوشيءَ وچان ديوانو بڻجي ويو هوس.
”بس مون کي خبر آهي. مان ڪالهه کان سوچي رهي آهيان ته مان توهان کي سڃاڻان ، ضرور سڃاڻان. توهين اَنوپ آهيو پر نالو ياد نه پئي آيو. هينئر توهان سان ڳالهائيندي ياد اَچي ويو!“
”توهان ته مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پنهنجي به ته سڃاڻپ ڏيو مان توهان سان ملڻ چاهيندس. جيڪڏهن توهان کي اَعتراض نه هجي ته...“
”مون کي ته اَعتراض نه ٿيندو هيڪاري خوشي ٿيندي.
مون کي اِئين ٿو لڳي، اَنوپ، ڄڻ مون کي ڪو وڇڙيل متر مليو آهي. مان پنهنجي گهوٽ کان پڇنديس ته هو ڪهڙي ڏينهن واندو آهي پوءِ اُن ڏينهن توهان کي گهر گهرائينديس.“
”اِها توهان جي وڏي عنايت ٿيندي... پنهنجو نالو ۽ فون نمبرٻڌايو جيڪڏهن ... ”مان پرميلا آهيان فون نمبر آهي 3 0 8 1 2 4 ... لکيئه؟ چڱو اَنوپ باءِ!“
هن فون رکي ڇڏيو...
ٻيو ڪير مون کي ههڙي ڳالهه ٻڌائي ته مان جيڪر سمجهان ڪا من گهڙت ڪهاڻي آهي. پر اِهو سڀ ائين ٿيو سا حقيقت آهي سڄي. فون رکڻ بعد مون دماغ تي ڏاڍو زور ڏنو ته هيءَ پرميلا ڪير آهي جا مون کي هيڏيءَ پنهنجائيءَ سان اَنوپ ڪري ٿي سڏي!! ۽ مون بابت هيترو ڪجهه ڪيئن ڄاڻي؟ پر مون کي ڪجهه به ياد نه آيو. هر هر منهنجن ڪنن ۾ سندس لفظ ٻرڻ لڳا:
”توهان جو فرسٽ نيم اَنوپ آهي؟“
هن جي پنهنجائيءَ واري نوع منهنجي اَندر ۾ اُڻ تڻ پئدا ڪري ڇڏي...چاهيان پيو جلدي گهر گهرائي. سڄو وقت سوچيندو هوس ته ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي جو سبزي منڊيءَ جو نالو وٺڻ سان مون کي جهٽ سڃاڻي ويئي. جيسين هن فون ڪري گهر گهرايو تيسين من ۾ عجيب بيچئني محسوس ڪئي هئم.
پهريون دفعو جڏهن پرميلا گهر گهرايو هو تڏهن ٻڌايو هئائين ته دهليءَ ۾ هڪ لڱا هوءَ پنهنجيءَ ماءُ سان سبزي منڊيءَ وڃڻ لاءِ رڪشا ڳولهي رهي هئي ته جيڪا رڪشا کيس ملي تنهن جو ڊرائيور مان هوس. مون رڪشا اِسٽارٽ ڪندي ئي کيس چيو هو، ”سبزي منڊيءَ تائين ست رپيا لڳندا آهن، ڀاڙو مون کي توهين هينئر ئي ڏيئي ڇڏيو، جيئن اُتي مون کي منٽ به ترسڻو نه پوي.“ مون ساڻس انگريزيءَ ۾ ڳالهايو تنهن ڪري هن ڀاڙو ڏيندي مون کان پڇي ورتو ته مان پڙهيل ڳڙهيل ٿو لڳان پوءِ رڪشا ڇو ٿو ڪاهيان وغيره...مون کيس ٻڌايو هو ته دراصل مان ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهيان.
.B.I.M.S (Bachelor of Integrated Medicine and Surgery )
جي ٽئين سال ۾ پڙهي رهيو آهيان. گهر جي مالي حالت سقيم آهي، تنهنڪري واندي وقت ۾ رڪشا هلائي فيون ڀرڻ جيترا پئسا ڪمائيندو آهيان.
باقي ماني مامي جي مهربانيءَ سان ملي ويندي آهي. پنهنجي مامي ۽ پيءُ کان هيءَ ڳالهه لڪل رکڻي اَٿم. کين خبر پوندي ته دکي ٿيندا ۽ ڏاڍي گهٽتائي لڳندن. منهنجو هي قصو ٻڌي پرميلا ايڏي متاثر ٿي هئي، جو چوي ٿي ته مون کي دل ئي دل ۾ دعا ڪئي هئائين ته مان ڊاڪٽر بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿيان. رڪشا ۾ ڳالهيون ڪندي مون کان نالو به پڇي ورتو هئائين.
دهليءَ ۾ مون گهڻيون ئي نوڪريون ڪيون هيون. رڪشا به هلائي هئم. ڪڏهن ڪڏهن بابو پئسا موڪليندو هو ته هاسٽل وڃي رهندو هوس نه ته اڪثر ڪاليج مان ڇٽڻ بعد ڪا ننڍي وڏي ڪرت ڪندو هوس اُتان فارغ ٿي سڌو ويندو هوس روشن آرا گارڊن ۾. اُن گارڊن جي وڏن شاهي وڻن مون کي پناه ڏني. ڪهڙيءَ به موسم ۾ اُهي گهاٽا وڻ ڇانو ۽ ٿڌڪار ڪيو اُڀا بيٺا هوندا هئا. اُتي وڃي پڙهندو هوس...شام جو ڇهين وڳي ڌاري باغ جون بتيون ٻرنديون هيون. اوندهه ٿيڻ کان پوءِ اُنهن بتين جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي. تڏهن به رات جو نائين وڳي تائين اُتي ويٺو هوندو هوس...مامي جو گهر ننڍو هو. اُتي پڙهڻ جي سهوليت بلڪل نه هئي. مامو، مامي ٻئي هئا به ڏاڍا تنگدل شخص. مان هنن وٽ چار سال رهيس. جڏهن بابو پئسا نه موڪلي سگهندو هو تڏهن هٿ ڏاڍو تنگ ٿيندو هو. هڪ دفعو ماما کان رڳو پنج رپيه اوُڌارا گهريم ته اِنڪار ڪيائين. وري مون کانئس ڪڏهن ڪجهه به نه گهريو. تنهن ڪري ڪڏهن رڪشا هلايم ته ڪڏهن فوٽو اسٽوڊيو ۾ نوڪري ڪيم. هڪ وئڪيشن ۾ اسٽيشنري جي دڪان تي سيلسمئن ٿيو هوس. هڪ دفعي ته اَٽي پيسڻ جي چڪيءَ تي به ويٺو هوس پر محنت جي ڪمائيءَ مان پورت نه پوندي هئي، تنهنڪري ڪئش مان پئسا لڳائڻ جي عادت پئجي ويئي. مامي ماميءَ جا کيسا به ڪڏهن ڪتريا هئم.
درحقيقت پئسا تڳائڻ جي عادت جي شروعات پنهنجي گهر سان ئي ٿي هئي... تڏهن مان ڏهن سالن جو هوس...پهريون دفعو پنهنجي پيءُ جي سيرانڌيءَ کان رکيل هڪ اَنگوڇي ۾ ٻڌل سڪن جي هڙ کولي هئم ۽ صرف هڪ پائلي تڳائي هئم. وري اُها هڙ جيئن جو تيئن واپس رکي ڇڏي هئم. هن هڙ ۾ ڪيتريون ئي چانديءَ جون پائليون ۽ آڌيون هيون. بابي شايد اُهي سڪا ملتان کان آندا هئا ۽ خرچڻ نه پئي چاهيا. چانديءَ جي هڪ پائليءَ جي بدلي ۾ 6 ست آنا مليا هئم. اُن ڏينهن اُسڪول گسائڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو هو. سيان ۾ ٽڪي ڊٻروٽي ۽ ڀِيل وغيره کاڌي هئم پوءِ سڄو ڏينهن ٽڪريءَ واري باغ ۾ گذاريو هوم. شام جو جيئن اِسڪول بند ٿيڻ جو وقت ٿيو، تيئن ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي گهر هليو ويس. اُن ڏينهن منهنجي چوري ڪانه پڪڙي، پر جڏهن ستون اٺون دفعو اِئين ڪيم تڏهن پڪڙجي پيس! اُن ڏينهن بابي جي اَنگوڇي واري هڙ مان وڌيڪ پئسا تڳايا هئم ۽ روپم ٿئيٽر ۾ فلم ڏسڻ ويو هوس. فلم ختم ٿيڻ سان جيئن سنيما هال مان ٻاهر نڪري رهيو هوس، تيئن ئي چاچي گلاٽيءَ جي مون تي نظر پئجي ويئي. هو اُتي ئي مڱ۾ ڦلي وڪڻي رهيو هو. چاچو گلاٽي اسان جو پاڙيسري هو. هو به منهنجي پيءُ وانگر شريف ۽ ايماندار ماڻهو هو. اِهو ڪيئن سهي ته هڪ شريف پاڙيسريءَ جو پُٽ هيئن کرجي پوي ۽ اِسڪول گسائي فلمون ڏسي! هو رات جي وقت اسان جي گهر آيو ۽ جيئن ئي منهنجي پيءُ کي حقيقت ٻڌايائين، تيئن بابي مون کي چاچي گلاٽيءَ جي سامهون ئي پهرين هٿن سان ۽ پوءِ پنهنجي جتيءَ سان خوب ڪٽيو. چاچي گلاٽي گهڻي ئي آزي نيزاري ڪري بابي جي وڌيڪ مار کان ڇڏايو. پاڙيسريءَ جي حجت سان بابا کي چيائين، ”ڇوڪري کي جان کان ماري وجهندين ڪيئن؟“ تنهن تي بابي سائينءَ وراڻيو هو، ”سائين توهان کي خبر ڪانهي ته هن ڇوري ڪيئن منهنجي نڪ ۾ دم آندو آهي. اِسڪول وڃي ئي ڪين ٿو. مون کي هن جون روز ٿيون دانهون ملن.“
بابي جي مار کائڻ رواجي هئي پر اُن رات واريءَ مار جو اَثر اڄ به محسوس ٿو ڪريان.
اڄ جيڪڏهن منوج اسڪول وڃڻ کان نٽائي يا مون وانگر چوريءَ اِسڪول گسائي ته مان ڇا ڪريان؟ ڌڻي ڪري ائين نه ٿئي ته مان جيڪر کيس مارڻ بجاءِ ڪارڻ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريان. سندس اُستاد سان ملان. منوج کان پيار سان پڇان ته توکي اِسڪول ڇو نٿو وڻي. پر بابا کي ڪڏهن اِهو خيال ڪونه آيو جو مون کان کڻي پڇي ته مون اوچتو اسڪول گسائڻ ڇو شروع ڪيو. مان شروع کان گوسڙو شاگرد نه هوس. جيڪي چار درجا ميونسپل جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس سي نيم سان اسڪول ويندو هوس. مون کي ياد ڪونهي ته ڪو مون هڪ ڏينهن گسايو هو ۽ اُن اِسڪول ۾ ذهين شاگرد طور اُستادن جو پيارو رهيو هوس.
اُن بعد پنجون درجو پڙهڻ لاءِ سيڪنڊري اِسڪول ۾ داخل ٿيس اُتي جو مون کي هڪ واقعو ياد آهي. هڪ ڏينهن اسان جي استاد بورڊ تي حساب سيکاريندي غلطي ڪئي. اِن تان منهنجي کل نڪري ويئي هئي. اُستاد کان منهنجي کل سٺي نه ويئي. هن مون کي ڀر ڪري چماٽ هنئي. مون اُستاد جي لپاٽ جي پرواهه نه ڪري رسيس مهل اُهو ئي حساب درست نموني بورڊ تي لکي ڇڏيو. منهنجي اُستاد حسابن ۾ هوشيار هجڻ جي اِنعام طور ٻي اهڙي لپاٽ هنئي جو ڳل ئي سڄي پيو. اُن هڪ واقعي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ياد نٿو اچيم. اڄ سوچيان ٿو ته ضرور اهڙيون ڪي ٻيون به ڳالهيون ٿيون هونديون، تنهن ڪري اسڪول تان ارواح کڄي ويو هوندم. ٻه ڏينهن ڳل سڄيل هو پر ڪنهن به گهر ۾ ڪين پڇيو ته منهنجو ڳل ڇو سڄيل آهي!
اِسڪول گسائڻ تان جنهن رات چاچي گلاٽيءَ جي سامهون مار کاڌم، اُها سڄي رات مان ڪنجهيو ڪرڪيو هوس. ماني به نه کائي سگهيو هوس. ماءُ ڳوڙها ڳاڙيندي سمهي پيئي هئي. وڏيءَ ڀيڻ ڳراٽڙيون پائي ماني کائڻ لاءِ چيو پر مون کي بابا منهن تي ايڏيون چماٽيون هنيون هيون جو سڄو منهن سور ڪري رهيو هو ۽ ماني کائڻ مون لاءِ ممڪن ئي نه هئي. سرلا به بکي سمهي پيئي...
بابا نيم مطابق پرڀات جو چئين وڳي ڌونڌاڙي اُٿاريو. چيائين، ”اَنوپ! پاڻيءَ جون بالٽيون ڀري اَچ. سنان ڪري جلد وڃڻو اَٿم.“
مان چپ چاپ اُٿيس پر من بغاوت ڪئي. بابو جيئن ئي ٽائليٽ ۾ ويو تيئن ئي هن جي ڪوٽ جي اَندرئين کيسي مان نوٽن جي ٿهي ۽ پنهنجو هڪ وڳو کڻي گهر مان ڀڄي نڪتس ۽ ڊڪندي ڊڪندي ڪوليواڊا اِسٽيشن تي پهتس جتان لوڪل ٽرين پڪڙي وي. ٽي. اِسٽيشن تي پهتس. منهنجو بک ۽ اُڃ ۾ ساهه نڪري رهيو هو، سو ريلوي جي ٽي اِسٽال تان ٻه ٽي بن وٺي کاڌم ۽ چانهه جو ڪوپ وٺي پيتم. اُن بعد هڪ ميل ٽرين ۾ وڃي ويهي رهيس. مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪهڙي سفر تي اسهيو آهيان. منهنجي من ۾ ڪا رٿ نه هئي. رٿون رٿڻ جي منهنجي عمر به نه هئي. اِها به خبر نه هئم ته ٽرين ڪيڏانهن ويندي. جيئن ئي ٽرين ڇٽي تيئن مون کي ننڊ کڻي ويئي. جڏهن اک کليم تڏهن خبر پيم ته لوناوالا اِسٽيشن ويجهي آهي، جن مسافرن کي لوناوالا تي لهڻو هو، سي پنهنجو سامان سنڀالي دروازي طرف وڃي رهيا هئا. مون کي به ريچڪ اچي ويو، سو لوناوالا تي لهي پيس. ٽڪيٽ نه هجڻ طرف پڪڙجي نه پوان تنهنڪري ڪوليءَ جو روپ ڌارڻ ڪيم. پنهنجي ڪپڙن جو وڳو ڪڇ ۾ سنڀالي هڪ پارسي جوڙي جو سامان کنيم. هنن سان اٺن آنن جي مزوريءَ جي ٻول ڪيم. کين سندن بنگلي ٻاهران ڇڏيم تڏهن پارسي عورت کي مون تي قياس پئجي ويو. اٺي آنن جي بجاءِ هڪ رپيو ڏيڻ جي ڪيائين پر مون انڪار ڪيو. اَٺ آنا وٺي رفو چڪر ٿي ويس ۽ سڄو ڏينهن لوناوالا ۾ خوب ٺينگ ٽپا ڏنم، کاڌم پيتم. منهن اونداهي ٿي ته ٿڪجي فنا ٿي پيس. ٻي ڪا جڳهه نه سجهي. اُن ئي پارسي جوڙي جي بنگلي ٻاهران لان ۾ هڪ ڪنڊ وٺي سمهي پيس...ڏاڍي گهري ننڊ آئي هئي پر پرڀات جو چئين وڳي اک کلي پيئي هئي...
ٻن ٽن سالن کان چئين وڳي اُٿندو آيو هوس. بابا هر روز پاڻيءَ جون بالٽيون ڀري اَچڻ لاءِ جاڳائيندو هو. هن جي هدايت هئي ته اَڇين جست جي بالٽين کي نل تي وڃي چڱي طرح ملي ڌوئي بلڪل صاف ڪري بالٽيون سندس سنان لاءِ ڀري اَچان. گرمي هجي يا سردي پر بابي جو اِهو ڪم ڪرڻو ئي پوندو هو...بابي سائينءَ کي وس وس ڏاڍي هئي. هڪ ڏينهن بالٽي نه ملجي اهو ٿي نٿو سگهي. هو تمام ڌرمي ويچارن جو ماڻهو هو ۽ صفائيءَ کي شايد ڌرم جو حصو سمجهندو هو...اڄ جي بابا جي صفائي واريءَ ڳالهه تي منطقي نموني ويچار ٿو ڪريان ته منهنجي من ۾ سوال ٿو پئدا ٿئي ته بابا جيڪڏهن بالٽيون روز ملڻ ضروري سمجهندو هو ۽ پنهنجي ڪپڙي لٽي توڻي جسم کي هر طرح اَڇو اُجرو ۽ پوتر رکڻ ضروري سمجهندو هو ته ڪوليواڊا وارو ننڍڙو سوڙهو گندو گهر کيس راس ڪيئن آيو؟ هو سالن جا سال اِن جهوپڙيءَ جهڙي گهر کي چنبڙيو رهيو. ههڙي گندگيءَ ۾ رهڻ کان کيس بڇان ڇونه آئي؟ پاڙو به ڪيڏو گندو هو! پاڙيسري...اشوڪ جو پيءُ رستي تي پڙي ڪڍي ڀاڄي وڪڻندو هو. تلسي جي پيءُ کي ننڍڙو درزڪو دڪان هو. اجيت جو پيءُ گهر گهر مان جهونو سامان خريدي وڪڻندو هو. ٻئي هڪ پاڙيسريءَ کي پان ٻيڙيءَ جو دڪان هو...گلاٽي چاچو روپم ٿئيٽر جي ٻاهران مڱيرا وڪڻندو هو... هڪڙو ٻه ڪٽنب ٿورا پئسي وارا ٿيا ته ڪوليواڊا ۾ ئي سنڌ سيوا سمتي نگر ۾ وڃي گهرڙا ورتائون. اُن وقت سنڌ سيوا سمتي نگر جي گهرڙن کي پري کان حسرت ڀري نظر سان ڏسندو هوس. اُهي به بئرڪ ٽائيپ گهر هئا پر رڌڻو حوض وغيره ته گهر ۾ هو...اُنهن ٻنهي ڪٽنبن جي ٻارن اسان سان گڏجڻ مسجڻ ئي ڇڏي ڏنو. هنن مائٽن جي چوڻ تي اسان جي دوستي ٺڪرائي ڇڏي هئي...کين ائين سمجهايو ويو ته اَسين گهٽ ذات وارا آهيون ۽ هنن کي اسان گهٽ ذات وارن سان ملڻ جلڻ نٿو سونهين. اِهو ڄاڻي اُن وقت دل ۾ جيڪو مفلسيءَ جو ڪنڊو اَڳي ئي چڀيل هو تنهن جي چهنب ڄڻ تکي ٿي ويئي هئي...هيءَ ڳالهه ياد آئي آهي ته اُن ڪنڊي جي چڀ چڀ اڃا به اَندر ۾ محسوس ٿي ٿئيم.
چاهيان ٿو هي سڀ ننڍپڻ جون ڳالهيون تفصيلن سان سبيتا کي ٻڌايان. پر هن جي منهنجي ننڍپڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. جيڪڏهن هوءَ ڪجهه به ڄاڻڻ ٿي چاهي ته صرف اِهو ته سلڪشڻا ... ۽ ٻيون عورتون جيڪي منهنجي زندگيءَ ۾ آيون آهن تن سان منهنجو ڪهڙو تعلق رهيو آهي. سچ اِهو آهي ته مون پنهنجي حياتيءَ جي ڪنهن به حصي کي، ڪنهن کان به لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.