(ڀ)
سوچيان ٿو جيڪر ڊائري لکڻ جو نيم ٺاهيان. ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي ويجهي ۾ ويجهي متر کي ٻڌائي نٿيون سگهجن. پر ڊائريءَ جا پنا سانتيڪا متر بڻجي سگهن ٿا. اُنهن تي ڪجهه به لکڻ ۾ هٽڪ محسوس نه ٿيندي.
اڄ سڄو ڏينهن جيڪو ڪجهه سوچيو اٿم ۽ جيڪو ڪجهه ياد آيو آهي، اُهو سڀ پنن تي لکان ته شايد منهنجي آتم ڪٿا ٺهي پوي. اڄ حال کان وڌيڪ ماضيءَ تي سوچيو اٿم ڄڻ ماضي موٽي آيو آهي. گذريل زندگيءَ جا ڪي ڪي نظارا اِئين ٿا اکين اڳيان ڦرن، ڄڻ اُهي ڳالهيون ڪالهه ٿيون آهن.
بي روزگاريءَ واري زماني جو هڪ صبح ٿو ياد اچيم!
گهر جي اُها ڇت جتي صبح جي پهر ۾ ويهي اخبار پڙهندو هوس ۽ ڊائري لکندو هوس، اُن ڇت کان موڪلائڻو پيو. اُن صبح جو ڇت تي ويٺو هوس. پنهنجي ئي پورن ۾غلطان... اوچتو بابا کي مٿي آيل ڏسي ڇرڪي ويس. پاڻ سنڀالي بابا طرف نهاريم. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته بابا ڇا لاءِ مٿي آيو آهي... مون کي ڇا چوڻ وارو آهي! سوچيم شايد چوندو نوڪري اڄ نه سڀان ملي پوندي. هيڏو مايوس ڇو ٿي ويو آهين. ڏس ته ڪيڏو ڪمزور ٿو لڳين! پر نه، بابا اُن جي ابتڙ ئي ڪجهه چيو، ”گهڻا ڏينهن اِئين بيڪار ويٺو هوندين؟ ويٺو ويٺو کائيندين؟“
بابا کي خبر ڪانه پيئي ته هن منهنجي سيني ۾ ڪهڙو گهاءُ ڪيو. هن جي خيال موجب هن ڪا خاص بري ڳالهه ڪانه چئي هئي. هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ پٽ کي ايترو چوڻ جو کيس حق هو! ننڍي هوندي بابا جون مارون کائي گهڻائي دفعو گهر مان ڀڄي ويو هوس. پر وري موٽي ايندو هوس. اُن صبح جو بابا جي لفظي مار جو منهنجي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو قسم کائي ڇڏيم ته بابا جي ڪمائيءَ مان هڪ ويلو به کائڻ زهر آهي. اُڄ بک مري ويندس پر بابا کان هڪ پائي به ڪانه وٺندس. اُن مهل ئي ٻه وڳا کڻي خالي کيسن سان پيءُ جي گهر کي هميشه لاءِ الوداع ڪيم؟
اُهو ڏينهن ڪو وسري ٿو؟ مان بيروزگار ته هوس ئي پر اُن ڏينهن بي گهر به ٿيو هوس. هونءَ ڪوليواڊا وارو گهر مون کي نرڪ سمان ئي نه، جنسي نرڪ لڳندو هو پر جڏهن اُن گهر جي ڇت ڇڏڻي پيئي تڏهن پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڀانيم. مٿو لڪائڻ لاءِ نيري آسمان کان سواءِ ڪا ڇت نه هئي.
ڪوليواڊا اِسٽيشن طرف ويندي مون کي بمبئيءَ جي مهانگر ۾ ٻيو ڪير ڪين سجهيو صرف وڏيءَ ڀيڻ جوآسرو هوم. سرلا بامبي سينٽرل تي رهندي هئي. مون وٽ کيسي ۾ پائي به ڪانه هئي. سوچيم ٽرين ۾ بنان ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جون گهڻيون ئي اَٽڪلون ڄاڻان. ڪوليواڊا تان هاربر لائين جي ٽرين ۾ وي. ٽيءَ وڃي پوءِ وري مين لائين جي ٽرين ۾ چڙهندس ۽ بائڪلا تي لهي پنڌ بامبي سينٽرل هليو ويندس. وي. ٽي. تائين پهچي ويس. پر وي. ٽيءَ تان بائڪلا ويندي پوليس جي چنبي ۾ ڦاسي پيس. منهنجا ٻه ڏوهه هئا. هڪ ته ٽڪيٽ ڪانه هئم ٻيو ته ليڊيز گاڏي ۾ چڙهيو هوس. مسجد اِسٽيشن تي پوليس واري ٽرين مان لاٿو اُتي سوين ماڻهو موجود هئا. ڪجهه گاڏين ۾ ته ڪجهه پلئٽفارم تي ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته پوليس وارو جنهن نوجوان کي ڳٿر کان جهليو جيل نيو پيو وڃي سو ڊڪٽر اَنوپ اگروال آهي! مون کي لاڪ اَپ ۾ بند ڪيو ويو. اُتي پهچڻ سان مون کي سخت سيءَ ۽ ڏڪڻيءَ سان تپ اچي ورايو. جسم ڍڪڻ لاءِ اوڇڻ ڏيڻ يا دوا ڏيڻ ته پوليس جو ڪم هو ڪين. هو صرف مون کان ڪنهن مٽ مائٽ جو پتو پڇي رهيا هئا. جيڪو منهنجي ضمانت ڏئي. مون پنهنجي ڀيڻويئي ڪلديپ جي اَئڊريس ڏني. هو ناير هاسپيٽل ۾ ڪمپائونڊر هو.
مون کي پنهنجي ڀيڻويئي ڪلديپ لاءِ بلڪل عزت نه هئي. هو گهٽ سمجهه ۽ ننڍيءَ دل وارو شخص آهي. حقيقت ۾ جڏهن سرلا جي مائٽي ٿي هئي، تڏهن ئي ڪلديپ مون کي سرلا لائق ور نه لڳو هو. مون کي پنهنجيءَ ڀيڻ تي ڏاڍو ناز هو. هوءَ ننڍي هوندي کان ڏاڍي محنتڻ آهي. ٽيونشنس ڏيئي پنهنجي فيءَ لاءِ پئسا پاڻ ڪمائي بي. اي. تائين پڙهي هئي. ڏسڻ وائسڻ ۾ موهيندڙ ۽ دل توڻي دماغ جي روشن آهي. وڏي ڳالهه ته هوءَ منهنجي اَناٿ ننڍيڻ جي ساٿڻ هئي. مون کي بابا جي مار کان بچائڻ لاءِ سوين جتن ڪندي هئي. منهنجي کاڌي پيتي جو به خيال رکندي هئي. سو منهنجيءَ ذهين ۽ ننڍپڻ جي ساٿڻ ڀيڻ کي ڪلديپ جي حوالي ڪرڻ وقت منهنجو من ڏاڍو رنو هو. پر اِتي به غريبيءَ منهنجي روئيندڙ من کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو هو.
ڪلديپ هونءَ ڪهڙو به آهي پر منجهس هڪ گڻ آهي. هو مهل جو ماڻهو آهي. اوکيءَ سوکيءَ ۾ ڪم اچڻ وارو... ان ڪري ئي لاڪ اَپ ۾ بند ٿيڻ تي مون سندس اَئڊريس ڏني. اُن بعد ڪپڙن جي ڳوٿريءَ مٿان سر رکي جيئن سمهيس تيئن بلڪل غش پيو هوس. جڏهن اک پٽيم تڏهن پاڻ کي ناير هاسپيٽل ۾ ڏٺم. ڪلديپ مون کي لاڪ اپ مان ڇڏائي هاسپيٽل داخل ڪرايو هو.
جيسين هاسپيٽل ۾ هوس، تيسين هر روز شام جو بابا پوري چئين وڳي ايندو هو. هو روز صوف، سنگتڙا، ڏاڙهون وغيره کڻي ايندو هو. ميوي جو ته بابا واپار ڪندو هو تنهنڪري ميوو آڻڻ هن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي پر ميوي جي ڀريل ڳوٿري کڻي ڪوليواڊا کان هرروز نائر هاسپيٽل اچڻ هن ٻڍڙي سرير لاءِ ڪيڏو اوکو هوندو... اِهو سوچي دل ڀني هئي. پاڻ کي چيو هوم ته اِئين ڪونهي ته بابا جو مون ۾ موهه ڪونهي. پوءِ به چاق ٿيڻ بعد مون گهر وڃڻ نه قبوليو. مون پرن ڪيو هو ته هاڻي پنهنجو گهر ٺاهيندس.
مان سرلا وٽ به صرف هڪ ڏينهن رهيس. هوءَ مون کي ماءُ وانگر آهي پوءِ به ڪلديپ جي ڪري مون کي وٽس رهڻ سٺو نه لڳو... جڏهن کانئس موڪلايم پئي تڏهن هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. هن ڪلديپ کان لڪائي مون کي پنجاهه رپيا ڏنا هئا ۽ هڪ لفافو ڏيندي چيائين ، ”هن پني ۾ ڊاڪٽر ملهوترا جي اَئڊريس لکيل اَٿيئي. تون ساڻس بامبي هاسپيٽل ۾ وڃي مل. ڪلديپ هن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي. اُتي Externee جي جاءِ خالي آهي.“
منهنجو ڀيڻويو ڪنهن طرح سبيتا کي سڃاڻيندو هو. سو ڀيڻيوئي صاحب جي سفارش ۽ سبيتا جي مهربانيءَ سان بامبي هاسپيٽل ۾ نوڪري ملي ويئي!
مس سبيتا ملهوترا... ڪيئن ٿي هن سان ملاقات! پهريون دفعو جنهن ڏينهن هن سان مليو هوس سو ڏينهن پيو ياد اچي. هن کي واڱڻائي رنگ جي سلڪ جي ساڙهي پيئي هئي. هوءَ بامبي هاسپيٽل ۾ ٽئين ماڙي تي گائناڪالاجي وارڊ ۾ رائونڊ تي هئي. اُن مهل... مون کيس پني ٽڪريءَ تي ڪلديپ جو نالو لکي موڪليو. وارڊ بواءِ کان اُها پني ٽڪري وٺي، نالو پڙهي پنهنجي اَئپرن جي کيسي ۾ وڌائين. وارڊ بواءِ هٿان چوائي موڪليائين ته وزٽنگ روم ۾ وڃي ويهه. مان اچان ٿي.
هوءَ ڏهن منٽن بعد وزٽنگ روم ۾ آئي هئي. مون ڏانهن نهاري مرڪي ۽ ڊاڪٽر اَنوپ اَگروال چئي مون سان مخاطب ٿي. مون کيس چيو هو، ”ڊاڪٽر پوءِ سڏجوم، جڏهن جاب ملي، حال ته ڊگري مون تي ٺٺولي ڪري رهي آهي.“
هن چيو هو، ”جاب ملي ويندي. مون بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. توهين هيڏا مايوس ڇو ٿا لڳو؟ ڪلديپ ته ٻڌائيندو آهي توهان ۾ غضب جو آتم وشواس آهي.“
”آتم وشواس جڏهن ڪم اچي...“
”هيلتائين جيڪي حاصل ڪيو اٿوَ. سو سڀ آتم وشواس سبب. هاڻي به آتم وشواس نه ڇڏيو. حقيقت ۾ دهليءَ مان موٽڻ بعد توهان کي هر هڪ هاسپيٽل ۾ درخواست ڪري ڇڏڻ کپندي هئي...
بامبي هاسپيٽل ۾ نوڪري ملي ته سبيتا سان گڏ ڪم ڪرڻ جو وجهه مليو. اُتي ڪم ڪندي خبر پيم ته سبيتا جو ڪافي نالو آهي. هاسپيٽل ۾ هن جي سڀاءُ توڻي ڪم کان هر ڪو متاثر هو... ۽ مون کي ڏسڻ کان اڳ ئي منهنجي عزت ڪندي هئي. ڪلديپ کيس مون بابت گهڻو ئي ڪجهه ٻڌايو هو ته ڪهڙين حالتن مان گذرندي مان ڊاڪٽر بڻيو آهيان.
سبيتا ۽ مان جلد هري مري وياسين. هاسپيٽل جي ميس ۾ لنچ گڏ کائيندا هئاسين. ڪافي پيئندي.. رڪريئيش روم ۾ ٽيبل ٽينس ڪندي، اسين ڪيتريون ڳالهيون ڪندا هئاسين. هم عمر ۽ هم پيشيور هئاسين سو اسان جي سنگت سڀاويڪ هئي. پر اسان کي شاديءَ جو ويچار اچي ئي اچي تنهن کان اڳ ساٿي ڊاڪٽرن سوچي ڇڏيو ته اسين همسفر ٿينداسين... هڪ ڏينهن ته ڪمال ٿي ويو. گائناڪالاجي وارڊ ۾ رائونڊ پورو ڪرڻ کان پوءِ کلندي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ديشيءَ سبيتا کان پڇيو هو:
So young Lady, when are you getting married?
سبيتا ڏاڍو نروس ٿي ويئي هئي. هن شام جو مون کي ٻڌايو هو ته شاديءَ جو سوچي به نٿي سگهي جيسين سندس ننڍو ڀاءُ لائقيءَ لڳي تيسين تائين هوءَ شاديءَ بابت بلڪل ئي نه سوچيندي. سندس ننڍي ڀيڻ سجاتا به اڃا تنهن وقت اِسڪول ۾ هئي. هن جو اِهو فيصلو ته هوءَ ڪجهه سال شاديءَ لاءِ نه سوچيندي بلڪل صحيح هو. مون سندس ان فيصلي جي عزت ڪئي هئي.
اَسين اُن مهل هاسپيٽل جي ڪئنٽين ۾ چانهه پي رهيا هئاسين. مون چانهه پيئندي سبيتا کي پنهنجو حال ٻڌايو ۽ کيس اِئين به چيم ته اَسين ٻئي ساڳين حالتن مان گذري رهيا آهيون. مان به پنج سال کن ته شاديءَ لاءِ سوچي به نه سگهندس.
اُن بعد اسين هتان هُتان جون ڳالهيون ڪري خوب کليا هئاسين. زبان سان اسان هڪ ٻئي کي ڪجهه به نه چيو هو پر اَڳالهايو اَنجام ڏنو هئوسين هڪ ٻئي کي ته... پنجن ڇهن سالن کان پوءِ حالتون سڻايون ٿينديون... اُميد ته پوءِ جيون ڀر جا ساٿي ٿينداسين...