(ت)
اِئين پيو محسوس ٿئيم ڄڻ قيد مان آزاد ٿيو آهيان. مدن کي ضرور عجب لڳو هوندو ته مان کانئس خبرچار ڇو نٿو پڇان. ڊسمبر جي مهيني ۾ ٽريڊ لائسنس رنيو ڪرائڻ لاءِ لوڪل پارٽنر جي پٺيان رلڻو پوندو آهي. اسان جو لوڪل پارٽنر خدا ترس ماڻهو آهي. سڄي سال ۾ مشڪل هڪ ٻئي جو منهن به ڏسندا آهيون. رڳو ڊسمبر جي مهيني ۾ هن سان ملون. هو لائسنس رنيو ڪرائي ڏئي ۽ اسين کيس سالياني ٻول ڪيل رقم ڏيون. وري سال لاءِ خدا حافظ!... هن وقت منهنجي من جي حالت اهڙي آهي جو نه مون کي ”گرين گراس“ مٺو ٿو لڳي نه دبئي... ڪجهه پنهنجو به نٿو لڳيم. پنهنجو پاڻ کان به پري هليو ويو آهيان...
جنرل پوسٽ آفيس وٽ اچي ڪار بيهاري اٿم. روزاني عادت آهي ”گرين گراس“ تان نڪري ٽپال ڏسي پوءِ گهر وڃان. ڪڏهن پوسٽ آفيس اچڻ نه پڄندو آهي ته بمبئي ياد ايندي آهي. اُتي ڪيئن ٽپالي گهر ۾ خط ڏيئي ويندا آهن. هتي پوسٽ باڪس وٺڻ لاءِ سالياني مسواڙ ڀرڻي پوي ۽ ٽپال کڻڻ لاءِ پاڻ اچڻو پوي. هونءَ ته شايد مان هفتي ۾ هڪ اڌ دفعو ٽپال کڻڻ اچان پر بزنيس ليٽرس جي ڪري روز ايندو آهيان. متان ڪو اهم تڪڙو ليٽر هجي...
عجب آهي اڄ بزنيس ليٽرس نه آهن. پرسنل خط آهن! هڪ خط ڪرڻال مان پڦڙ جو آهي ۽ ٻيو سجاتا جو. پڦڙ ته ڪڏهن به مون کي دبئيءَ ۾ خط نه لکيو آهي... سجاتا جو خط ڪوٽ جي کيسي ۾ ٿو رکان. ڪار ۾ ويهي پڦڙ جو خط تمام اُڻ تڻ وچان کوليان ٿو. هن لکيو آهي...
اَنوپا...
تنهنجي پڦي موڪلائي ويئي... منهنجو هتي اَڪيلو رهڻ ممڪن ڪونهي. جيءُ گهٻرائي ٿو. جيڪو زمين جو ٽڪر اٿم سو وڪڻڻ جي ڪوشش ۾ آهيان. جيڪي چار ڏوڪڙ مليا سي هڙ ۾ ڪري بمبئيءَ وڃي رهندس. بمبئيءَ ۾ سڌير کي اِطلاع ڏنو اٿم ته حياتيءَ جا باقي ڏهاڙا وٽس رهڻ ٿو گهران. تون هيل بمبئيءَ اچين ته منهن ڏيکارجانءِ. ڪرڻال اچڻ جو توکي وري وقت نه مليو. تنهنجيءَ پڦيءَ آخر تائين تو کي ياد ڪيو. تو کي لک آسيسون ڪندي هئي. ڪنوار کي به ڏاڍو ياد ڪيائين. تنهنجو ٻچو ته هن ڏٺو ئي ڪين.
تنهنجو پيءُ جهڙو...
ايڪناٿ
Oh! No, ،... خط اسٽيئرنگ سان ٽڪرائي، پنهنجو مٿو مٿيس ٿو رکان. هي ڇا ٿيو؟ پڦي هلي ويئي؟ هاءِ هاءِ... پڦي پڦڙ بي اولاد هئا. هڪ ڌرم جو پٽ ڪيو هئائين.. سڌير، جيئن ئي سڌير ساماڻو تئين ئي هن ڪرڻال ڇڏي بمبئيءَ ۾ وڃي ٿاڻو ٺڪاڻو ڪيو. اُن وقت پڦي پڦڙ ڏاڍا اڪيلا ٿي پيا هئا.
پڦڙ ۽ پڦيءَ جو سوچيندي دل ڀرجي ٿي اچيم. بي دليو ڪار اِسٽارٽ ڪريان ٿو.
هاڻي پڦيءَ جو درشن ڪڏهن نه ٿيندو اِهو ويچار اکين ۾ پاڻي آڻي ٿو ڇڏي. پڦيءَ مون کي ڏاڍو پيار ڪيو آهي اَصل ڄائي ڄم کان. مان جڏهن ڄائو هوس تڏهن اَمان جو من ڏاڍو ڊنل هو ڇو ته مون کان اڳ کيس ٻه ٻار ٿيا هئا. اُهي ٻئي ڪين بچيا هئا. تنهنڪري منهنجي جنم وقت جوتشيءَ کي گهرايو ويو هو، هن چيو هو اَمڙ ٻه سال پاڻ کان مون کي دور رکي ته مان بچي پوندس. ان انڌيءَ مڃتا جي وس ٿي اَمان مون کي ٻه سال پڦيءَ جي حوالي ڪيو هو. ملتان ۾ پڦي اسان جي گهر ڀرسان ئي رهندي هئي. هن خوشيءَ سان مون کي نپائڻ جو ذمو کنيو. مون کي ٻن سالن جو ڪري پوءِ اَمان کي ڏنائين. هميشه چوندي هئي ته ڄڻڻ وارن کان نپائڻ وارن جو موهه وڌيڪ ٿيندو آهي. اِن حقيقت جو ثبوت به مليم. پڦيءَ جي ممتا مون کي ڪرڻال ڇڪي ويئي هئي...
پڦي پڦڙ جي ڌرم جو پٽ سڌير جڏهن ڪرڻال مان لڏي بمبئي وڃي وسائي تڏهن اڪيلائي جي اَسهه پيڙا وچان هنن مون کي خط لکيو هو. دل ئي دل ۾ مون کي به پنهنجو پٽ سمجهندا هئا. هنن مون کي لکيو ته جيڪڏهن ڪرڻال ۾ اچي پرئڪٽس ڪرڻ چاهين ته ڪلنڪ شروع ڪرڻ لاءِ توکي هڪ ڪمرو ڏينداسين ۽ ٻي به جيڪا پئسي ڏوڪڙ جي مدد ٿي سگهندي سا ڪنداسين.
اُهي ڏينهن ياد اچي رهيا آهن.
پڦڙ شايد خط لکڻ مهل اُميد به نه ڪئي هجي ته ڪو مان ڪرڻال وڃي پرئڪٽس ڪندس. هنن جي اڪيلائيءَ جو سوچي ڪرڻال ويو هوس اِئين ڪونهي مون کي منهنجين پنهنجين حالتن اِهو فيصلو ڪرايو. هفتو کن ٻڏتر ۾ پيو هوس ڇو ته اُن وقت جيڪا نوڪري هئم تنهن ۾ job satisfaction ڏاڍو هو.
بامبي هاسپيٽل ۾ ٻه سال ايڪسٽرني جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هئم، ان آزمودي جي ڪري بمبئيءَ ۾ گهاٽڪو پر جي سرووديه هاسپيٽل ۾ R. M.O (ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر) جي نوڪري ملي هئي. اُتي نه رڳو قابل ڊاڪٽر طور پر هڪ قابل سرجن طور به مان مرتبو حاصل ڪيو هوم. ان لاءِ مان بامبي هاسپيٽل جي آنرري سرجن ڊاڪٽر جان جو سڄي عمر ٿورائتو رهندس. هن جهڙي قابل سرجن ۽ سچي ماڻهوءَ جي رهبريءَ هيٺ ٻه سال ڪم ڪرڻ سان مون بيحد گهڻو سکيو. ان جي بدولت ئي مون سرووديه هاسپيٽل ۾ خوب نالو ڪمايو. سال سوا جي عرصي ۾ ٽانسلس، هرنيا، هائبرلس، ڪڊني، اِسٽون وغيره جا بي حساب آپريشن ڪيم. سرو وديه جي ڊاڪٽر مهتا... جيڪو اُتي جو آنرري سرجن هو، تنهن جو مون ۾ ايڏو ويساهه ٿي پيو هو جو ڪافي اِختياري ڏيئي ڇڏي هئائين... اُتي جو ماحول ۽ job satisfaction ... منهنجي پروفيشن توڻي پرسنلٽيءَ جي خيال کان اُهو سڀ ڇڏڻ واجب نه هو پر پوءِ به ڪرڻال ويس. اهو فيصلو به مون کان غريبيءَ ڪرايو. پگهار هوم ٽي سو رپيه. بس اهائي تڪليف هئي. باقي ڪوارٽر سٺو هو، کاڌو پيتو به سٺو ملندو هو ... جڏهن ڊاڪٽر مهتا منهنجي اِستيعفا جو ٻڌو ته يڪدم پاڻ وٽ سڏائي چيائين، ”اَگروال، تو کي هتي ڪهڙي تڪليف آهي؟“
مون کيس وراڻيو هو، ”سر! مون کي هتي ڪابه تڪليف ڪانهي. پر ٽي سو رپين مان ڇا ٿو ٿئي سر...“
ڊاڪٽر مهتا صرف ڪنڌ ڌوڻيو هو. هن جو وس پڄي ها ته مون کي پگهار ٻيڻو ڪري ڏئي پر سرڪاري هاسپيٽل جا پنهنجا قاعدا هئا. اُتي گهوڙي گڏهه جو ڪوبه فرق نه هوندو آهي. ڪير ڪيترو به قابل هجي يا ناقابل، پگهار کيس ايترو ئي ملندو جيترو اِسڪيل مقرر ٿيل هوندو... موڪلائڻ وقت هن دلي شڀ ڪامنائون ڏنيون هيون ۽ اِهو به چيائين، ”شاديءَ ۾ گهرائيندين يا وساري ڇڏيندين.“
مون کي خبر هئي ته منهنجي شاديءَ جي ڳالهه ڪندي ڊاڪٽر مهتا کي سبيتا ياد آئي هوندي. مون ئي کيس سبيتا سان واقفيت ڪرائي هئي. مون کيس چيو هو، ”سر! ڪرڻال ايتري سٺي پرئڪٽس ٿئي جو گهر سنڀالي سگهان تڏهن شاديءَ جو سوچيان.“
سرو وديه مان جيڪي ٽي سوئ ملندا هئا تن مان هڪ سوئ هر مهيني بابا کي پهچائيندو هوس باقي ٻه سوئ رپيه... نه گهر نه گهاٽ... سو بمبئيءَ ۾ ته شاديءَ جو سوچڻ ئي عبث هو! تنهنڪري بمبئيءَ کي الوداع ڪري ڪرڻال هليو ويو هوس... اِها اُميد کڻي ته من اُتي مالي حالت سڌري!
اوچتو ڌيان ٿو اچيم ته گهر کان ڪافي دور نڪري آيو آهيان. سامهون جيڪو ”يو“ ٽرن آهي اُتان واپس ٿو وران گهر طرف... ڪار دبئيءَ جي رستن تي ڊڪي رهي آهي. منهنجا هٿ ئي ڪار هلائي رهيا آهن پر مان هتي نه آهيان.
مان ماضيءَ جي وڪڙ ۾ آهيان سوچيان ٿو ڪيئن غريبيءَ جا چهبڪ کائيندو ڀٽڪندو رهيس هڪ اسپتال کان ٻيءَ اسپتال تائين. هڪ شهر کان ٻي شهر تائين.
شروع ۾ ڪرڻال سرڳ مثل لڳو هو. پڦڙ ايڪناٿ ڇا ته فخر وچان منهنجي واقفيت هر ڪنهن سان ڪرائيندو هو. هيءُ منهنجي سالي جو پٽ ٿئي اَنوپ اَگروال... وڏو ڊاڪٽر آهي. بامبي هاسپيٽل ۾ سرو وديه هاسپيٽل ۾ وڏو سرجن ٿي رهيو آهي... منهنجي چٺي ملندي ئي نوڪري ڇڏي هليو آيو... پڦي پيار مان اَنوپا ڪري سڏيندي هئي. قسمين قسمين طعام ٺاهي کارائيندي هئي. کيس يا سندس سڃاڻپ واريءَ کي سردي زڪام ٿيو ته دوا ڏيڻ لاءِ چوندي هئي ۽ سوئ سوئ آسيسون ڏيندي هئي. هن کي مون تي ڏاڍو ناز هو ڄڻ ته ڀريءَ دنيا ۾ سندس ڀائٽيو ئي آهي جيڪو ڊاڪٽر آهي...
بمبئيءَ جي مهانگر جي ڏيک ۽ نقاب واريءَ حياتيءَ کان مڪتي ملي هئي، ان ڪري به ڄڻ سک جو ساهه کنيو هوم. بمبئيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪرڻال ڪيڏو ننڍو نگر آهي. هتي ماڻهو شهرين وانگر اندر هڪڙا ۽ ٻاهر ٻيا ڪين هئا. بمبئيءَ ۾ منهنجي پيءُ جهڙا ماڻهو جهوپڙ پٽيءَ ۾ اِنسان جهڙي ته نه پر جانورن کان به بدتر زندگي ٿا گذارين...
اُن سڀ جي ابتڙ ڪرڻال... سادو سانتيڪو ڳوٺ. سرل سڌا ماڻهو. کيتي ٻاري ڪن، ننڍا وڏا دڪان هلائين، گانيون مينهون پالين. بمبئيءَ ۾ ٽريفڪ جو ڪيڏو گوڙ آهي پر ڪرڻال ۾ ڪي بسون ٻين ٽين ڪلاڪين شهر مان گذرن نه ته ماٺ. ماڻهو ميلن جا ميل پنڌ هليا وڃن. ڪي ڳاڻ ڳڻيا رهواسي هئا جن کي سائيڪل هئي ۽ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهوءَ کي اسڪوٽر هوندو هو. سال ڏيڍ اُتي پرئڪٽس ڪرڻ کان پوءِ مون به اسڪوٽر ورتو هو.. مون کي شهر جي معتبر شخصن مان ڳڻيو ويندو هو ۽ روٽري ڪلب جي آنرري ميمبر شپ به ڏني هئائون. اڃا تائين سمجهندو آهيان ته جهڙو پڦي ۽ پڦڙ جو تهڙو ڪرڻال جي زمين جو قرضدار آهيان... ڏيڍ سال بعد آمدني ايتري ٿي هئي جو بابا کان ڪوليواڊا واري جهوپڙي ڇڏائي سگهيس. کيس لکيم ته هر مهيني چار پنج سوئ رپيه مسواڙ بلي موڪلي سگهان ٿو. توهين ڪو گهر ڳولهيو. مان ڏاڍو خوش ٿيو هوس جڏهن بابا جوابي خط ۾ لکيو... پيارا پٽ... اسان سيان ۾ ٻن ڪمرن وارو گهر ڳولهيو آهي. ٽي سوئ رپيه مسواڙ آهي ۽ هزار رپيه گڊول آهي. تون پئسا منُج ته اسين شفٽ ڪريون.
جنهن ڏينهن بابا کي پندرهن سوئ رپيه مني آرڊر ڪيا هئم تنهن ڏينهن سمجهيو هوم ڄڻ ته آسمان کي ڇهيو اٿم... پوءِ سڄو وقت تصور ڪندو هوس ته ڪهڙو هوندو سيان ۾ اسان جو ٻن ڪمرن وارو گهر!
پڦي منهنجيءَ خوشيءَ ۾ ڪيئن نه شريڪ ٿي هئي! چيو هئائين، اَنوپا... تون جُڳ جُڳ جيئندين. تو منهنجي مسڪين ڀائڙي کي سک ڏنا آهن... تنهنجو اولاد به شل تو کي سک ڏيندو...