(ٺ)
”اَنوپ ڊيئر تون آهين ڪٿي؟“ ، پرميلا پڇي ٿي.
”جمعيرا طرف وڃي رهيو آهيان، مسز پرميلا– ڪم اٿم.“
”سو ته ٺيڪ. پر تنهنجو موڊ هاڻي ڪيئن آهي؟“
ٺيڪ آهي. جنهن کي توهان جهڙو همدرد متر هوندو اُن جو موڊ گهڻو وقت خراب ڪيئن رهندو؟“
”سچ ٿو چئين، اَنوپ؟“
”سچ ٿو چوان، مسز پرميلا... صبح جو توهان سان اَندر اورڻ کان پوءِ دل هلڪي ٿي ويئي...“
”او ونڊرفل... اَنوپ! هينئر هتي اچين ته جيڪر تنهنجي دل اڃا به وڌيڪ هلڪي ٿي وڃي. خبر اٿئي ته ڪهڙو سٺو جهڙ ٺهي آيو آهي. منهنجي گهر جي هال جي دري جيڪا ”ڪريڪ“ جي سامهون آهي، اُن مان نظارو ڏاڍو خوبصورت ٿو لڳي! دبئيءَ ۽ ديرا وچ ۾ جيڪي ٻيڙيون پيئون هلن سي ته ڄڻ سڏ پيئون ڪن! اچ نه اَنوپ! اسين به ٻيڙيءَ ۾ ويهي ديرا هلون.“
مون مزي سان هن جون ڳالهيون ٻڌيون. جواب ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. پرميلا جيڪي چئي رهي هئي سو صرف چوڻ خاطر... هوءَ اَبري (ٻيڙي) ۾ مون سان گڏ هرگز نه چڙهندي ڇو ته ارجن کيس اهڙيءَ ڳالهه لاءِ اِجازت ئي نه ڏيندو. هوءَ ارجن جي اِجازت کان سواءِ ڪجهه به نه ڪندي آهي. هن جون اهڙيون ڳالهيون صرف ٻڌڻ لاءِ هونديون آهن.
جمعيرا بيچ تي وڃڻو هوم. پر اوڏانهن نه وڃي ”ڪريڪ“ وٽ اچي پهتو آهيان. ”ڪريڪ“ جي ڪناري تي برٽش بئنڪ آف مڊل ايسٽ واري بلڊنگ جي ڀر ۾ ئي پارڪنگ به ملي ٿي وڃي. صرف لفٽ ۾ چڙهي ڇهين ماڙيءَ تي وڃڻ جي دير آهي. ٻن منٽن ۾ پرميلا جي گهر پهچي سگهان ٿو. پر پاڻ کي روڪيان ٿو. پرميلا ڪڏهن زبان سان چئي مون کي منع نه ڪئي آهي ته ارجن جي پرپٺ تون اسان جي گهر نه اچ... پر هر ڪا ڳالهه زبان سان چوڻ جي ضرورت به ته نه ٿيندي آهي. مان سمجهي ويو آهيان ته مون کي پرميلا جي گهر وڃڻو آهي ته ارجن جي حاضريءَ ۾. معنيٰ صرف جمعي ڏينهن!
ُُُُُُُُُُُُُُُُُُُُڪار جي چاٻي هٿ آڱر ۾ جهلي ”ڪريڪ“ جي ڪناري اچي بيٺو آهيان. جهڙ ڇانئجڻ سبب سڀ ڪجهه ڌنڌلو نظر اچي رهيو آهي تنهنڪري نظارو وڌيڪ خوبصورت ٿو لڳي. ”ڪريڪ“ جي هن پار ديرا ۾، ”ڪريڪ“ سنئين رستي تي ٽويوٽا، هونڊا، مزدا، بي. ايم. ڊبليو وغيره موٽرون ڊوڙي رهيون آهن ۽ ديرا دبئيءَ وچ ۾ هلندڙ ”اَبرا“ مسافرن کي کنيو ”ڪريڪ“ جي پاڻيءَ ۾ اچ وڃ ڪري رهيا آهن. نه ڄاڻ دل جي خوشي ڪنهن کي وڌيڪ حاصل آهي.
هو جيڪي موٽرون ڊوڙائي رهيا آهن تن کي، يا هي سفيد پوش مسافر، جيڪي پنجاهه فلس ڀاڙو ڀري ”اَبري“ ۾ چڙهي ديرا يا دبئيءَ پيا وڃن، تن کي؟ مان دبئيءَ ۾ نئون آيو هوس ۽ اڃا ته رڳو ڪار خريدي نه هئم پر خريدڻ جو خواب خيال، به ڪين هئم، تڏهن ڪم سانگي ”ديرا“ ويندو هوس ته ”اَبري“ ۾ ئي ويندو هوس. اُن وقت دل ۾ عجيب قسم جو سڪون هوندو هو. اڄ ”مرسيڊيز“ جو مالڪ آهيان پر دل جو سڪون؟ ڳوليندو آهيان صبح کان رات تائين.
کاٻي پاسي ٻه ٽي وڏا ٻيڙا ۽ هڪ ٻه پاڻيءَ جو جهاز بيٺو آهي. ائين ٿو وسهان ڄڻ مان به حياتيءَ جي سمنڊ ۾ بيٺل هڪ ٻِيڙو آهيان. وس پڄي ته جيڪر من ماني ڪريان. هڪڙي بيٺل ٻيڙي ۾ ويهي اُهو مان پاڻ هاڪاريان. جيڏانهن وڻيم ”ڪريڪ“ ۾ ساڄي، کاٻي پاسي... اڳيان پٺيان... پورٽ راشد طرف. اُن کان به گهڻو دور، جيڏانهن منهنجو من چاهي.
پنهنجيءَ حياتيءَ جي ٻيڙي کي جنهن طرف چاهجي تنهن طرف ڪاهي سگهجي ٿو؟ اڪثر اِنسان کي اهڙي آزادي ڪانه ٿي ملي. پر زندگيءَ کان هڪ دفعو آزادي ورتي هئي. ٺهيل ٺڪيل زندگيءَ جو ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيم.
هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن ڪرڻال ۾ منهنجي پرئڪٽس سٺي هلي رهي هئي. آمدني ڏينهون پوءِ وڌي رهي هئي. اُن وقت ٿيڻ ته اِئين کپندو هو ته سبيتا سان شادي رچائي هميشه لاءِ ڪرڻال وسائي ٿانئيڪو ٿي ويهان. پر اُتي ٻه سال پريڪٽس ڪرڻ کان پوءِ سک ڦٽي پيو. هڪوار وري پنهنجي بي. ايم. آءِ. ايس. جي ڊگريءَ تي چڙ اچڻ لڳي. سوچڻ لڳس ته ڊاڪٽريءَ جي پروفيشن جي سلسلي ۾ منهنجي هتي ڪهڙي ترقي ٿيندي؟ ڪنهن ڏس ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو وجهه نه ملندو. ڪڏهن M. S. ڪرڻ چاهيان ته داخلا نه ملندي. سڄي عمر هينئن جنرل فزيشن بڻيو رهندس؟
ڪلنڪ هلائڻ ڄڻ دڪانداري ڀاسڻ لڳي.
ڪي مريض اهڙا مليا هئم جن جو جسم دوا وٺڻ جو عادي بڻجي پيو هو... اُهي بار بار ايندا هئا ته پريشان ٿيندو هوس ته کين هميشه لاءِ ڇٽائي ڇو نٿو سگهان؟
خاص ڪري هڪڙو ننڍڙو ٻالڪ جنهن کي سائي ٿي پيئي هئي تنهن جو علاج ڪندي منهنجي ننڊ ئي ڦٽي پيئي. مهينو کن هر ڪو حيلو هلايم پر هن کي رتيءَ ماتر به فائدو نه ٿيو. هڪ ڏينهن پڦيءَ سان اُن ٻالڪ جي ڳالهه ڪيم. پڦي هن جي سڄي ڪٽنب کي سڃاڻندي هئي. ڳالهه ٻڌي چيائين، ”اَنوپا ٻالڪ پاڻ کي نڌڻڪو ٿو سمجهي. ماڻهنس ويم ڪيو آهي سو نئين ڄاول ٻار ۾ پوري آهي. پيءُ صبح کان شام تائين ڪم تي وڃي. ٻالڪ جي ماسيءَ کي خاص مٿرا مان گهرائي رهايو اٿن، هن ٻار جي سار سنڀال لاءِ ۽ گهر جي ڪم هاج لاءِ. پر اُها ڏاڍي تيز سڀاءَ جي آهي. سڄو ڏينهن پيئي هن ٻالڪي کي ڇڙٻي. هن ويچاري سان ڪوبه لاڏ ڪوڏ ڪونه ٿئي ٿو . ويچارو رلي ويو آهي. جنهن کي من جو گهُڻو لڳي تنهنجو تن ڪيئن چاق ٿئي؟
پڦيءَ جي اِها من جي گهُڻي واري ڳالهه منهنجي من ۾ گهر ڪري ويئي. پڦي پاڻ ته اَڻ پڙهيل هئي پر هن ڳالهه اهڙي چئي ڄڻ منو وگيان جي ڄاڻو آهي. هن جي اها ڳالهه ٻڌي سڄو وقت سوچيندو هوس ته اِنسان جي من جو علاج پهرين ٿيڻ گهرجي. اِهو ويچار سوداءُ بڻجي پيو ۽ اُهو سوداءُ مون کي نيٺ ڪروکشيتر يونيورسٽيءَ ۾ وٺي ويو!
ڪروکشيتر يونيورسٽي ڪرڻال کان ٽيهه کن ڪلوميٽر پريان آهي. اُتي ايم. اي. ۾ داخلا ورتم. Clinical Psychology جي وشيه کنيم. هڪوار وري شاگرد بڻجي ويس. اڌ ڏينهن ڪلينڪ هلائيندو هوس ۽ اڌ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ ويندو هوس.
ڪروکيشتر يونيورسٽي!
يونيورسٽيءَ جي عمارت... ڪلاس روم... لئبرري... وچ ۾ ٺهيل لان... سڀ اکين اڳيان پيو ڦريم. سڀ کان وڌيڪ ياد ٿي اچي سلڪشڻا! حقيقت ۾ هن جي ياد اچڻ جو سوال ئي ڪونهي، ڇو ته هوءَ ڪڏهن مون کان وسري ئي ناهي.
سلڪشڻا جو ميل قدرت جو کيل نه هو ته ڇا هو؟ هن مون کان هفتو کن اڳ ڪلنيڪل سائڪالاجي واري يونٽ ۾ داخلا ورتي هئي. هن سوڌو ڪيل نوَ شاگرد هئا ڏهون مان وڃي داخل ٿيس. 6 ڇوڪرا هئا چار ڇوڪريون... تن ۾ ڊاڪٽر مان هڪڙو ئي هوس. اِن ڪري مان ڄڻ خاص شاگرد هوس. ڪلاس ۾ پروفيسر کان جيڪي سوال پڇان، تن کان پروفيسر ڏاڍا متاثر ٿيندا هئا... ٻيا شاگرد به. پر سڀني کان وڌيڪ سلڪشڻا.
شروعات ۾ سلڪشڻا ۽ منهنجي ذهني سنگت هئي. اسان ٻنهين گڏ لئبرريءَ ۾ ڪيترن من وگيان جي ڪتابن جو اڀياس ڪيو. هڪ هڪ ٽاپڪ پورو ڪرڻ بعد، اسين پاڻ ۾ بحث ڪندا هئاسين. ۽ آخر ۾ نوٽس تيار ڪندا هئاسين مان چوندو ويندو هوس ۽ سلڪشڻا لکندي ويندي هئي. هن کي لکڻ جو ڏاڍو هنر هو. سلڪشڻا جي ان لکڻ جي هنر جي ڪري سٺا نوٽس تيار ٿيا. اسان شاگردن ۽ پروفيسرن جا سيمينار پڻ ٿيندا هئا، جن جا به سلڪشڻا اهڙا سٺا نوٽس تيار ڪيا هئا، جو اُهي پاڻ پروفيسرن لاءِ سٺا ريفرنس نوٽ بڪ ٿي پيا...
پروفيسر چترويدي جيڪو ڪلينيڪل سائڪالاجيءَ جو هيڊ هو، تنهن هڪ ڏينهن چيو ته جيڪڏهن ههڙا ٻه شاگرد... اَنوپ ۽ سلڪشڻا جهڙا ملندا رهيا ته اسانجي يونيورسٽيءَ جو ڪلينيڪل سائڪالاجيءَ جو يونٽ ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ منهنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويندو.
اِن طرح اها ڳالهه اُتي مشهور ٿي ويئي ته اسين ٻه ذهين ۽ روشن دماغ شاگرد آهيون... ۽ اسان جي پاڻ ۾ سنگت به آهي... پهرين سنگت پوءِ افيئر... اهو سڀ ٻيا چوندا رهيا ۽ آخر اهو به سڀني هُلائي ڇڏيو ته اسين هم سفر ئي بڻباسين.
مون کي اِهو خيال ڪڏهن به نه آيو ته مان سلڪشڻا سان شادي ڪريان. ماڻهن کي اِئين چوڻ جو حق هو ڇو ته اڀياس مان فارغ ٿي پوءِ اسين لان ۾ ويهي خوب ڳالهيون ڪندا هئاسين. اندر ڪو سنٻنڌ بڻجي رهيو هو، گهٽ ۾ ڳهٽ مون کي ته اُن جي سُڌ به ڪانه پيئي... ها ايترو ضرور آهي ته ڪرڻال جي ٻُسيءَ حياتيءَ ۾ رونق اچي ويئي هئي...
ايم. اي. جو پهريون سال الائي ڪيئن اُڏامي ويو اَصل پتو ئي نه پيو. پهرين سال جي فائينل اِمتحان بعد، ڇهن هفتن جي موڪل ملي هئي. سڀ جيئن ٿيو هو تيئن ياد اچي رهيو آهي...
مان ۽ سلڪشڻا لان ۾ ڦرندي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين جو مون چيو هو، ”هي 6 هفتا صبح شام ڪلنڪ اَٽينڊ ڪندس. ڏوڪڙ ڪمائيندس. آمدنيءَ ۾ ڪتر پئجي ويئي آهي. بجيٽ ئي ڊانوان ڊول ٿي ويئي آهي.“
سلڪشڻا جواب ئي نه ڏنو. هن ڄڻ منهنجي ڳالهه ٻڌي ئي ڪانه. هوءَ مٿي آسمان طرف نهارڻ لڳي. ڏاڍي اُداس ۽ کوهيل کوهيل لڳي رهي هئي... مون کيس هٿ کان پڪڙي هيٺ گاهه تي ويهاريو. بس ڄڻ منهنجي هٿ پڪڙڻ جي دير هئي. سلڪشڻا منهنجو هٿ زور زور سان پڪڙي رکيو... سندس اکين مان برسات وسڻ لڳي. مون عجب مان پڇيو هو... ”ڇا ٿيو سلڪشڻا؟“
”مان توکي نٿي ڇڏڻ چاهيان.“ هوءَ سڏڪا ڀري رُني هئي.
”مطلب؟“
”تون سڄيءَ عمر لاءِ منهنجو هٿ پڪڙي رک...“
”پر مون ته تو کي ٻڌايو آهي ته مان مڱيل آهيان.“
”تڏهن به...“
”تڏهن به ڇا... سلڪشڻا... تڏهن به ڇا؟“
”جيسين هتي آهين تيسين...“
مان هن جو مطلب سندس نهارڻ مان سمجهي ويس. مون ڳالهه صاف ڪندي چيو هو، ”سلڪشڻا، منهنجي شادي سبيتا سان ئي ٿيندي. هوءَ پنجن سالن کان مون لاءِ ترسي ويٺي آهي. باقي جيسين هتي گڏ آهيون مون کي سنٻنڌ رکڻ ۾ اَعتراض ڪونهي. پر ڀڳوان جي واسطي ڪڏهن به اهو نه سوچجانءِ ته مان سبيتا کي ڇڏي زندگيءَ ڀر جو رشتو توسان جوڙيندس .“
سلڪشڻا کي عارضي سنٻنڌ به قبول هو! اُن شام يونيورسٽيءَ جي لان ۾ جيئن اسان هڪ ٻئي جا هٿ جهليا تيئن اسين مرد عورت جي سنٻنڌ ۾ جڪڙجي وياسين... اسان ان ڏينهن هڪ رشتي جي شروعات ڪئي جيڪو ڀلي دنيا کي قبول نه هو پر اسان جي انتر آتما کي منظور هو. سماج ڀلي اخلاق جا ڪهڙا به قانون ٺاهي پر هر هڪ اِنسان جا اخلاق جا پنهنجا قانون هوندا آهن. اُهي ڀلي سماج سان ٺهڪن نه ٺهڪن.
سبيتا ڏاڍي ياد آئي هئي اُن ڏينهن. هوءَ نرالي نموني جي آهي. سماج جي بڻايل قاعدن جي پڪي پابند. جڏهن بامبي هاسپيٽل ۾ گڏ ڪم ڪندا هئاسين، تڏهن ڊاڪٽرن جي پڪنڪ ٿي هئي. مئٿيران ۾. اُتي مون سبيتا کان ان سنٻنڌ جي طلب ڪئي هئي. پر هن اِنڪار ڪيو هو. ڏاڍيءَ فهميدگيءَ سان چيو هئائين، ”اَنوپ! شاديءَ کان اڳ هي سنٻنڌ رکڻ مون کي پاپ ٿو لڳي.“ مون کلي چيومانس... ڊاڪٽر ماڻهو ٿي ڪري ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين؟... پر هوءَ پنهنجي اِرادي تي محڪم رهي. رات جو دير تائين مون سان ڳالهيون ڪندي رهي پوءِ وڃي پنهنجي ساٿياڻين سان سمهي پيئي.
مان هن سان ناراض ڪين ٿيو هوس. هن جي عزت ڪئي هئم. اَڄ به هن جي ويچارن جي عزت ڪريان ٿو پر مان هن جهڙو نه آهيان.
سلڪشڻا سان سنگ ٿيو ته سوچيندو هوس ته سبيتا سان شاديءَ جو قول آهي ته به هن جسماني سنٻنڌ اِنڪاريو... ۽ سلڪشڻا کي صاف چيو اٿم ته ساڻس شادي نه ڪندس... ٻيو به ڪو لوڀ لالچ ڪو پئسو ڏوڪڙ... ڪا مڻئي ڪپڙي جي اُميد هن کي مون مان نه هئي. هن کي خبر هئي ته مان مسڪين ماڻهو آهيان ۽ کيس ڪجهه به ڏيئي نه سگهندس... پوءِ به هن مڪمل طرح پنهنجو پاڻ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو... هڪ اُميد شايد اَندر ۾ هجيس ته ممڪن آهي ته مان اڳتي هلي فيصلو بدلايان... سبيتا کي ڇڏي کيس هميشه لاءِ اپنايان... ڪجهه به هو... مون سلڪشڻا جي به عزت ڪئي هئي ۽ اَڃا تائين هن جي عزت ڪندو آهيان. ڪير چريتر جو ڪهڙو به مفهوم رکي... ڪير ڪنهن کان ننڍو وڏو نٿو بڻجي.
۽ سلڪشڻا ڪا پهرين عورت نه هئي جنهن سان مون سرير جي اُڃ مٽائڻ لاءِ سنگ جوڙيو هو. مان رولاڪ شخص آهيان. جيئن پاڻيءَ جي پياس مٽائڻ لاءِ مان جنهن به هنڌ هوندو آهيان اُتي پاڻي پيئندو آهيان، تئين سرير جي اساٽ مٽائڻ لاءِ جنهن به نديءَ ۾ ٽٻي هڻڻ جي روڪ نه هوندي آهي... مان اُن وٽ ويندو آهيان. مون کي ڪڏهن به محسوس نه ٿيو آهي ته مان ڪو پاپ ٿو ڪريان. آهي به ڇا ان ڳالهه ۾؟ هڪ مرد ۽ هڪ عورت هڪ ٻئي سان ڪهڙي به قسم جو سنٻنڌ رکڻ ۾ راضي آهن ته اُن ۾ ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ جو ڇا وڃي؟
جڏهن ڊاڪٽري پڙهندو هوس تڏهن لئبارٽريءَ ۾ اِنساني بدن کي چيريندو هوس. اُهو چاهي مرد جو جسم هجي يا عورت جو... اُها وڍ ڪٽ ڪرڻ مهل اِنسان جو جسم مون کي ڪي ڪم... ڪريائون ڪرڻ لاءِ هڪ مشين ڀاسندو هو...
باقي آتما بلڪل ٻي شئي آهي... بنهه الڳ! سبيتا کي هيءَ ڳالهه سمجهائي نٿو سگهان ته منهنجي آتما نرليپ آهي... جسم به مون کي آهي. ان جون پنهنجون گهرجون آهن، طلبون آهن. جيڪڏهن جسم آزاد گهمڻ چاهي ٿو ته ڀل گهمي. آتما به ته ڪڏهن آزاد گهمڻ چاهيندي آهي. سرير ۽ آتما جي آزادي ۽ مڪتي! ڪيتري نه وچتر اوستا آهي. جيڪڏهن ڪي رشي مُني اُها اوستا...