(پ)
صبح کان وٺي مامي جي ڪيل زيادتيءَ تي سوچي ڪڙهيو آهيان. هن کي ”آير ويدڪ“ ۾ وشواس هو اِن ڪري هرو ڀرو مون کي بي. ايم. آءِ. ايس. پاڙهي اِهو هن ڇو چيو؟ ڇو ڪيائين ظلم مون سان اِهو؟
طبيا ميڊيڪل ڪاليج مان ڊگري وٺي بمبئيءَ موٽيس ته ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر هئڻ جي باوجود به نوڪريءَ لاءِ ڪيڏا ڌڪا کائڻا پيا هئا! اِها ڊگري سڀني اِسپتالن ۾ recognised ڪانهي، مون کي ته اها ڄاڻ ئي نه هئي. پهريون دفعو واڊيا هاسپيٽل ۾ اِنٽرويو لاءِ ويو هوس، تڏهن خبر پيئي ته اُتي صرف ايم. بي. بي. ايس. ڊاڪٽر رکندا آهن. مان منهن لٽڪائي گهر آيو هوس، نه ڪلنڪ کولڻ لاءِ هڙ ۾ پئسو هو نه ئي ڪا نوڪري ملي رهي هئي. چار پنج مهينا ائين لنگهي ويا... ايڏي نراسائي ويڙهي ويئي جو صحت ئي جهري پيئي. روز بخار ايندو هو ۽ سڄو ڏينهن اجهر ڪندي گذرندو هو...
صبح جو وقت گهر جي ڇت تي چڙهي ويندو هوس. اُها ڇت چورس هئي. ان جي هڪ ڪنڊ ۾ پپر جي وڻ جي ڇانوَ هوندي هئي اُتي وڃي ويهندو هوس ۽ اخبار پڙهندو هوس. نوڪريءَ جا اِشتهار ٻه ٻه ٽي ٽي ڀيرا ڏسندو هوس. اُن کان پوءِ ڪجهه سجهندو ئي ڪين هو ته ڇا ڪريان. پپر جي پنن ڏانهن نهاريندو رهندو هوس ڄڻ اُهي منهنجا ڪي مٽ لڳن. ٻيو ته ڪير پنهنجو لڳندو ئي ڪين هوم.
اُنهن ڏينهن ۾ ڊائري لکڻ جي عادت پيئي. جيڪي من ۾ ايندو هو سو رهڙيندو هوس. اُها ڊائري اَڃا تائين سانڍي رکي اٿم. سامهون ڪنڊ ۾ بار آهي. اُن جي هيٺان هڪ ننڍڙو خانو ٺهرايو اٿم. پنهنجون ڪي پرسنل شيون اُن ۾ رکيون اٿم. جهوني ڊائري... سلڪشڻا جا ڪي فوٽا آهن...
بيئر جو ٻيو دٻو ٿو کوليان ۽ آُها ڊائري به ڪڍي اٿم. سال ٿيا آهن مون ڊائري نه پڙهي آهي. اُن ڪري خاص ڪجهه ياد ڪونهيم ته ڇا لکيو هوم. ڊائري اُٿلائيندي ڏسان ٿو ته ڪافي نراسائيءَ واريون ڳالهيون لکيل آهن. هڪ صفحي تي لکيل آهي:
غريب جي قسمت سدائين غريب ٿئي ٿي. ڊاڪٽر بڻجڻ بعد ڪا رڪشا ڪاهڻي پوندم يا سيلسمئن ٿيڻو پوندم... خبر نه آهي ڇا ٿيندو.
ڪن صفحن تي ڪوتائون به لکيل آهن. تنهن وقت سمجهڻ لڳو هوس ته سٺي شاعري ٿو ڪريان. ڪي ڪوتائون مخزن ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪليون هئم پر ڇپيون ڪين هيون... هاڻي اُهي ڪوتائون پڙهي سمجهان ٿو ته ادبي معيار جون نه آهن ۽ مون کي ڇپجڻ لاءِ موڪلڻ ئي نه کپنديون هيون. پر پنهنجون اُهي ڪوتائون پڙهڻ ۾ هاڻي به مزو پيو اچيم.
هڪ هنڌ لکيو اٿم:
پيار نه مليو جنهن کي سو ڀٽڪيل پراڻي آهيان آءٌ ...
ٻران ٿو ڏيئي وانگر
پر وٽ سينهه جي تيل ۾ ٻڏل ڪانهي
بنا تيل تر تر ڪري مٽجي رهي آهي وٽ
ڇا سندم جيون سندو ڏيئو
ٻرندو رهندو هن ريت؟
پيار نه مليو جنهن کي، سو ڀٽڪيل پراڻي آهيان آءٌ...
عجيب ٿو لڳيم ته سال اڳ ۾ لکيل ڪوتا مان جيڪا من جي اِسٿتي ظاهر آهي اڄ به ساڳي آهي. اڄ به لڳيم ٿو ته مون کي پيار نه مليو آهي ۽ مان هڪ ڀٽڪيل پراڻي آهيان. مرندس، ته شايد ڪير منهنجي لاءِ ٻه ڳوڙها به نه ڳاڙيندو.
ڊائريءَ جا پنا ٿو اُٿلايان. هڪ ٻي ڪوتا لکيل آهي:
حقيقت ڪڏهن پنهنجو اَفسانو پڙهندي
دلاسا ڪڏهن اوءَ ڪتابن ۾ ڏسندي!
ڪڏهن ڪري بستري تي آهون ڀريندينءَ
ڪڏهن نمي وهاڻي تي روئي تون وجهندينءَ
اُداسي چنڊ جي جڏهن ستائيندي تو کي
فضا جي خاموشي ڏکوئيندي توکي
آسمان ڏي ڏسندينءَ نظرون خالي کڻي
ڪڏهن نه جيڪي سوچيئه سو سوچي ئي رهندينءَ!
ياد ٿو پويم ته هيءَ ڪوتا ڪنهن کي ڌيان ۾ رکي لکي هئم. پاڙي ۾ هڪ سسيءَ نالي ڇوڪري رهندي هئي. مون کان گهڻي ننڍي هئي. پندرهن سورهن سالن جي مس هوندي ۽ مان هوس اَٽڪل ٻاويهن سالن جو! سسيءَ کي خيال ۾ رکي هيءَ ڪوتا لکي هئم. ڏاڍو سڪندو هوس ته هوءَ مون ڏانهن ڌيان ڏي... نهاري... مرڪي!
ڪوتائن کان سواءِ ڪن صفحن تي وڏن ماڻهن جون چوڻيون لکيل آهن. ضرور ڪن ڪتابن مان پڙهندي اِهي وڻيون هوندم تڏهن ڊائريءَ ۾ لکيون هوندم. اُن وقت ۾ مهاتما گانڌي جي آتم ڪٿا پڙهي هئم ۽ سوامي وويڪانند جو هڪ ڪتاب پڙهيو هوم. ٻنهي ڪتابن منهنجيءَ دل تي گهرو اثر ڪيو هو. اُنهن ڪتابن مان ڪي ٽڪرا ڊائريءَ ۾ لکيل آهن.
ڊائري پڙهندي ماضيءَ ۾ کوهجي ٿو وڃان. توڻي جو بيروزگاريءَ ۽ مفلسيءَ جي ڪري ڏاڍا ڏکيا گذريا اُهي ڏينهن پوءِ به چاهيان ٿو ته جيڪر اُهي ڏينهن وري ملن...
طبيعت فيلسوفاڻي بڻجي ويئي هئي!
سبيتا چاٻيءَ سان در کولي اَندر ٿي گهڙي. هن کي ڏسڻ سان مون کان منهنجو ماضي ڇڏائجي ٿو وڃي. هونءَ جيئن ئي ايندي آهي تيئن ئي مان رنڌڻي ۾ وڃي ماني گرم ڪندو آهيان. هوءَ ڪپڙا مٽائي هٿ منهن ڌوئي ايندي آهي تيسين مان کاڌو ميز تي رکي وٺندو آهيان. پر اڄ اِهو سڀ ڪرڻ نٿو پڄيم.
پوڻا ٽي وڳا وقت ٿيو آهي. ٿانوَ کڙڪڻ جي آواز مان سمجهان ٿو ته سبيتا ماني ميز تي رکي رهي آهي. مان هٿ ڌوئي ميز تي اچي ماني کائڻ ٿو ويهان. هونءَ چپ چاپ ماني کائي هال ۾ سوفا تي وڃي ليٽان ها پر سبيتا کي سندس ماءُ جو نياپو ڏيڻو هو سو ڳالهائڻو ٿو پوي.
مانيءَ جو گرهه وات ۾ وجهندي سبيتا کي چوان ٿو، ”تنهنجي ماءُ جو ”گرين گراس“ تي ٽرنڪ ڪال آيو هو.“
سبيتا منهنجي منهن ۾ نهاريو پر ڪڇيو ڪين. چپ چاپ ماني کائي اُٿي. سندس منهن مان پڌرو آهي ته راتوڪي ڪاوڙ گهٽي نه اٿس. هيڪاري وڌيڪ ڪاوڙيل ٿي لڳي.
ميز تان اُٿڻ مهل پڇيائين، ”ڇا چيو مميءَ؟“
مون وراڻيو، ”چيائين ته وزٽ ويزا موڪليو. ٽي مهينا دبئيءَ اچي آرام ڪرڻ ٿي چاهيان.“
”مميءَ جي پاسپورٽ جا تفصيل تو وٽ آهن نه؟“
”ها... اُهي ته ”گرين گراس“ تي رکيا هوندا...“
”ته ڪڏهن اَپلاءِ ڪندين ويزا لاءِ؟“
”مان چاهيان ئي نٿو ته تنهنجي ماءُ هتي اچي.“
”تون ڪيئن چاهيندين؟ منهنجيءَ ماءُ تنهنجي ٻلي ماري آهي نه! “
”ڪانه ماري اَٿائين، ٻلي؟ مارچ ۾ آئي هئي ته اسان جو ڪهڙو حال ڪيو هئائين؟“
”مميءَ ڇا ڪيو؟ اسان جو اڳي ئي حال خراب آهي.“
”ته هن جي اچڻ سان وڌيڪ خراب ٿو ٿئي.“
”Nonsense “ ، سبيتا وڏي واڪي چوي ٿي، ”مان توکي چئي ٿي ڇڏيان. مان مميءَ کي وزٽ تي ضرور گهرائينديس.“
”ڀلي گهرائينس“ ، مون پاڻ تان ضابطو وڃائي چيو، ”تون مون کي ڇڏيندينءَ پر ماءُ کي ڪانه ڇڏيندينءَ... ماءُ کي ڇڏي الائي مون سان شادي ڪيئن ڪيئي“
”اَلائي ڇو ڪيم شادي توسان. تنهن کان ته ڪنواري ويٺي هجان ها.“
”ته ويٺي هجين ها. پنج سال بمبئي ڇڏي هليو ويس تڏهن به منهنجي پچر ڪانه ڇڏيئي...“
”مان تو کي ڇڏيان ها ته تون خوش ٿي هان جيڪر... ڪرڻال ۾ سلڪشڻا سان شادي ڪري ويهي رهين ها...“
”سچي ڳالهه آهي.“
”منهنجو ڀاڳ ڦٽو...“ سبيتا روئيندي روئيندي ميز تان ٿانوَ کڻي رنڌڻي طرف ويئي. مان هال ۾ هليو آيس. جڏهن هن جي روئڻ جو آواز بند ٿيو تڏهن سمجهيم ته بيڊروم وڃي سمهي هوندي. مان باٿ روم ۾ وڃي گرڙي وغيره ڪري واپس هال ۾ اچي مان سوفا تي ليٽي ٿو پوان. نه مٿن کان رکڻ لاءِ وهاڻو آهي نه پاڻ کي ڍڪڻ لاءِ بلئنڪيٽ. پر اَهي شيون بيڊ روم مان وڃي کڻي اچان اِهو اصل نٿو پڄي. سوچان ٿو ته آخر وارو ننڍو ڪمرو جيڪو پٺين در سان لڳو لڳ آهي اُن ۾ وڃي ٺڪاڻو ڪريان. سبيتا ڀلي ماءُ کي گهرائي. کيس پاڻ سان بيڊ روم ۾ سمهاري. جيئن وڻيس تيئن ڪري. مان پٺيئن در کان ئي ايندس ويندس ۽ وس پڄندي هنن ماءُ ڌيءُ جي منهن ئي نه چڙهندس!
سوفا تي ليٽئي اَک لڳي هئم. فون جي گهنٽيءَ تي جاڳي ٿو پوان.
”اَنوپ هيئر“ رسيور کڻي چوان ٿو.
”ڀائو...“، مدن جو فون آهي. چوي ٿو، ”اڄ چئين وڳي توهين وڃي دڪان کوليو. مون کي صبح جو لوڪل پارٽنر ڪين گڏيو. هينئر ساڻس ملڻ لاءِ وري ”جمعيرا“ وڃڻو اٿم.“
”ٺيڪ آهي“ چئي مان جيئن رسيور رکڻ تي آهيان تيئن بيڊ روم واري فون جي رسيور رکڻ جو آواز ٻڌان ٿو. سو سبيتا بيڊ روم وارو فون کنيو هو. هن وقت به بيڊ روم ۾ ئي آهي ۽ گهنٽي ٻڌي شايد ننڊ ڦٽي هجيس پر جيڪڏهن رنڌڻي ۾ هوندي آهي ته به ڪم ڇڏي ڊڪون پائيندي وڃي بيڊ روم ۾ فون کڻندي آهي. مان ڪنهن سان ٿو ڳالهايان ڇا ٿو ڳالهايان سو سڀ ٻڌندي آهي. اسان سهوليت لاءِ ٻه ڪنيڪشن رکيا آهن جيئن هال مان توڻي بيڊورم مان ٻنهي هنڌان ٽيليفون تي ڳالهائي سگهجي پر هيءَ سهوليت منهنجي ۽ سبيتا جي وچ ۾ جهڳڙي جو ڪارڻ ٿي پيئي آهي.
ٿورا ڏينهن اڳ پرميلا جو فون آيو هو... هن ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي هئي سا سبيتا بيڊ روم واري فون تان ٻڌي. پرميلا جون ڳالهيون ٻڌي سبيتا ايڏي جلي پڄري هئي جو ڏاڍو گوڙ ڪيو هئائين. مان به مٿس خوب ڏمريو هوس ته هن طرح مون تي جاسوسي رکڻ جو ڪهڙو حق آهي؟
هيءَ ڳالهه ڪنهن سڀيا ماڻهوءَ جي منهن تي پوي ٿي؟
؟Isn,t it rubbish really
پرميلا جي ڳالهين جو سبيتا ايڏو اونڌو مطلب ڪڍيو هو جو سمجهڻ لڳي ته دهليءَ کان وٺي منهنجو هن سان اَفيئر آهي. پرميلا جي ڳالهائڻ جو ڪير به شايد اِهو مطلب ڪڍي پر جيڪو کيس سڃاڻندو هوندو اهو صرف ائين سوچيندو ته ڏاڍي معصوم آهي هوءَ. اُن ڏينهن فون تي ڳالهائيندي ڪاليج جي زماني جون ڳالهيون ڪڍي ويٺي ته ڪيئن سپنن جي دنيا ۾ رهندي هئي. حقيقي دنيا سان ڄڻ ڪو واسطو ئي نه هوس! اهڙيون ڳالهيون ڪندي چيائين، ”اَنوپ... جيڪڏهن تون مون کي دهليءَ ۾ ٻيو دفعو گڏجين ها ته منهنجا جذبا شايد لفظن جو روپ وٺن ها... شايد توکي چوان ها ته تون منهنجي خوابن جي سونهن آهين...“
پرميلا جون ان قسم جون ڳالهيون منهنجي من ۾ ڪابه هلچل پيدا نه ڪنديون آهن. مون کي خبر آهي هوءَ ناول ۽ ڪوتائن جا ڪتاب خوب پڙهندي آهي ۽ پاڻ کي ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ جو ڪردار سمجهندي آهي. شاعراڻي نموني گفتگو ڪرڻ سان کيس سڪون ملندو آهي.
پرميلا بابت هي سڀ ڳالهيون سبيتا کي ڪيئن سمجهايان؟