(ث)
هاڻي ته آس پاس ۾ هڪ به ماڻهو ڪونهي. مان اڪيلو آهيان. اَڪيلائي دل کي وڻي ٿي. هٿن جي ترين جو آڌار ڇڏي واريءَ ۾ پُٺيءُ ڀر ليٽي ٿو پوان. واري ڏاڍي ٿڌي آهي. پٺيءَ جي ڪنڊي مان ڄڻ سيسراٽ ٿو اُڀري پر ٿوريءَ دير ۾ ئي واريءَ جي ٿڌاڻ سان ٺهي ٿو وڃان.
مون کان ڪير پڇي ته مون زندگيءَ جو بهترين عرصو ڪٿي گذاريو آهي ته مان چوان بئنگلور ۾. بئنگلور... گارڊن سٽي! اُن جي رام باغ ايراضيءَ ۾ آهي
National Institute of Mental Health and Nehro Science
Hospital for Neurological Diseases مکيه عمارت کان ٿورڙو پرڀرو آهي. مون ٻه سال اِنهن ٻنهين عمارتن جي اندر ئي زندگي گذاري. اُها ئي اسان شاگردن جي دنيا هئي. ڏينهن جو پل پل سجايو گذرندو هو. سڄو ڏينهن ڳتيل پروگرام هو. صبح جو ستين کان نائين تائين پهرين بيٺڪ ٿيندي هئي. اُن بيٺڪ ۾ ”من وگيان“ جي تازين ڇپيل مخزنن ۾ جيڪي اهم مضمون هوندا هئا، تن بابت راين جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. پوءِ نائين کان هڪ وڳي تائين هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن وارڊ ۾ ڊيوٽيءَ تي هوندو هو. هڪ وڳي اسين سڀ ڪچن هال ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسين. اُن وقت اُتي ڏاڍو گوڙ ٿيندو هو اسين سٺ ستر شاگرد ۽ شاگردياڻيون هڪ ۽ ٻئي جي وچ ۾ اُتي منجهند جي ماني کائيندا هئاسين.ٻين کان ٽين تائين هر ڪو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو. وري پوري ٽين وڳي ڄڻ اِنسٽيٽيوٽ جاڳي پوندو هو. ٽين کان پنجين تائين ٿيئري ڪلاسز ٿيندا هئا ۽ پنجين کان ستين تائين ”ڪيس هسٽري“ واري بيٺڪ. سڄو ڏينهن ذهني پورهيو هوندو هو پوءِ به مجال آهي جو ٿڪ ٿئي. اُهي ڏينهن به ڏينهن هئا... ٻه سال اَلائي ڪيئن گذري ويا. ڄڻ دنيا کان دور ڪنهن تپسيا ۾ مگن هئاسين.
اُنهن ٻن سالن ۾ به وري هڪڙا 6 هفتا خاص نموني گذاريا. اُهي 6 هفتا، سمجهندو آهيان، ڄڻ قدرت طرفان تحفو مليو هو. هڪ نرالي قسم جو اَنڀو ٿيو...
اِنسٽيٽيوٽ ۾ ويانا نالي هڪ عورت آئي هئي. هوءَ ”American Psychologist “ مخزن جي ايڊيٽوريل بورڊ تي هئي. کيس
American Psychological Association طرفان ڇهن هفتن لاءِ موڪليو ويو هو ته انسٽيٽيوٽ جي ڪاروبار ۽ حاصلاتن بابت رپورٽ تيار ڪري. جنهن ڏينهن هوءَ اِنسٽيٽيوٽ ۾ پهتي هئي، تنهن ڏينهن سندس سڊول گوري جسم، موهيندڙ اکين ۽ گهائيندڙ چال جي هاڪ سڄي انسٽيٽيوٽ ۾ ڦهلجي ويئي... هن کي ليڊيز هاسٽل ۾ هڪ ڪمرو ڏنو ويو هو.
هوءَ صبح جو نائين وڳي کن آئي هئي. مان اُن ڏينهن هاسپيٽل فار نيورا لاجيڪل ڊزيز ۾ ڊيوٽيءَ تي هوس. هڪ وڳي ڊيوٽيءَ تان فارغ ٿي، لنچ کائڻ بنان پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو هوس ڇاڪاڻ ته اُن ڏينهن منجهند جو ٽين وڳي مون کي پيپر پڙهڻو هو. اِنسٽيٽيوٽ جي دستور موجب مون کي اڳواٽ رٿيل وشيه تي پيپر تيار ڪرڻ لاءِ ٽي مهينا وقت ڏنو ويو هو... ڪچن هال ۽ سيمينار هال جي پوءِ واري ڪاريڊار ۾ لڳل بورڊ تي ٽن مهينن کان منهنجو نالو لکيل هو. اَڪثر ان قسم جي پيپر ۾ منوõوگيان تي نڪتل نئين (Latest) ڪتاب تي سمالوچنا ڪبي هئي– مون تياري ڪئي هئي پر مڪمل نه. اِن ڪري ڏاڍو گهٻرائجي رهيو هوس. خاص ڪري جو ٻڌم ته نئين آيل مهمان ويانا به اُن بيٺڪ ۾ شريڪ ٿيندي، سو منجهيل هوس.
پر پيپر پڙهيم ته حاضرين کي ڏاڍو پسند پيو. هنن جي ذهن کي ڪافي جهنجهوڙيائين. ڪيترن ئي پروفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ شاگردن مون کان سوال پڇيا. ويانا سوالن جوابن ۽ بحث مباحثي ۾ شرڪت ڪئي. مان سڀني سوالن جا سٺا ۽ سلجهيل جواب ڏئي سگهيس. منهنجيءَ اِن ڪاميابيءَ کي چار چنڊ لڳايا ويانا. جڏهن فارمل بيٺڪ پوري ٿي تڏهن هوءَ مون طرف وڌي آئي. هن پهرين ”ههڙو لاثاني پيپر پڙهيو اَٿيئي“ چئي مبارڪون ڏنيون پوءِ منهنجي پيشاني چمي چيائين، ”تون سائڪ ائنلسيز ۽ سائڪو ٿيرپي جي کيتر ۾ ڏاڍو چمڪندين، مون کي پڪ آهي.“
مون کي اُن گهڙيءَ پاڻ تي عجب لڳو ڏاڍو... ويانا جهڙي سهڻيءَ عورت جي ڇهاءَ منهنجي سرير ۾ ڪو سرگم ئي نه ڇيڙيو، هن جي ڇهاءَ سان مون کي پنهنجي روح ۾ ڪو راڳ آلاپجندو محسوس ٿيو. ويانا کان اڳ جيڪي به عورتون منهنجي زندگيءَ ۾ آيون هيون... هنن جي ڇهاءَ سان سرير ۾ ٽانڊا تپي پوندا هئا. مان ته مرد ۽ عورت جي وچ ۾ اِن هڪ ئي رشتي کي سڃاڻندو هوس... پر ويانا؟ هن منهنجي دل جون کڙڪيون کولي ڇڏيون. هن منهنجي آتما کي ڇهيو هو...
هوءَ اِنسٽيٽيوٽ ۾ 6 هفتا رهي. 6 هفتا ئي مون کي سندس ڪافي صحبت نصيب ٿي. هوءَ نيرن، منجهند ۽ رات جي ماني مون سان گڏ کائيندي هئي. ساڳيءَ ميز تي ويهي. ڪنهن ڪنهن ڏينهن هوءَ سويل تيار ٿي ويندي هئي ته ساڍي ڇهين کن مون وٽ هاسٽل جي ڪمري ۾ هلي ايندي هئي. ڪاغذ ۽ ڪپڙا جيڪي بي ترتيب پيا هوندا هئا، سي ٺاهي رکندي هئي. ڪتاب سهيڙيندي هئي. ڪمري کي اهڙي ترتيب ڏيندي هئي، جو ڪمرو چمڪي پوندو هو... پوءِ پوڻي ستين وڳي ڪچن هال ۾ وڃي نيرن کائيندا هئاسين. ٺيڪ ستين وڳي ڏينهن جي پهرين بيٺڪ ۾ وڃي حاضر ٿيندا هئاسين.
ويانا کي مينٽل هاسپيٽل جا عام توڻي خاص ۽ نيورالاجيڪل هاسپيٽل جا سڀ وارڊ وزٽ ڪرڻا پوندا هئا. هن پنهنجي ڇهن هفتن جي عرصي کي ٽن حصن ۾ ونڊيو هو.
سائڪياٽري– سائڪو ائنلسز ۽ سائڪو ٿيرپي.
هوءَ ڊائريءَ ۾ سڄو اَحوال تفصيلن سان لکندي هئي. سندس ٿيئري ڪلاسز ۾ چاهه گهٽ وڌ هو. ڪن ڏينهن تي هوءَ ٽين کان پنجين تائين ٻاهر هلي ويندي هئي پر پنجين کان ستين واري ”ڪيس هسٽري“ واري بيٺڪ هن هڪ ڏينهن به نه گسائي. ڪن ڪن ڏينهن تي جيڪا ڊاڪٽرن جي جماعت ”ڪيس هسٽري“ پيش ڪندي هئي، ڊاڪٽرن کي پنهنجي مريضن کي به گهرائڻو پوندو هو. ويانا اُن مريض کي ڏسندي هئي ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هوس... ڏاڍي نرم دل هئي هن جي!
شام جو ستين وڳي کان پوءِ هرڪو آزاد هو. ڪي بئڊمنٽن کيڏندا هئا ته ڪي ٽيبل ٽينس... ڪي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪجهه پڙهندا هئا يا خط پٽ لکندا هئا... مان ۽ ويانا جيڪو مينٽل هاسپيٽل ۽ نيورالاجيڪل هاسپيٽل جي عمارتن وچ ۾ گاهه جو ٽڪنڊو لان هو، اُتي وڃي ويهندا هئاسين. ڪنهن ڪنهن ڏينهن لائبرريءَ جي ڏاڪن تي ويهي رهندا هئاسين. اَڪثر چپ چاپ آڪاس تڪيندا هئاسين يا آکيرن طرف موٽندڙ پکين کي ڏسندا هئاسين. منهن اونداهي ٿيندي هئي ته فضا ڏاڍي سانت ۽ سرهي لڳندي هئي. اُنهن گهڙين جي سڳنڌ اَڃا ساهه ۾ سمايل آهي...
ويانا اُهي 6 هفتا مون کي سنگ ساٿ ڏنو اُهو سندس مون تي اَحسان آهي. پر پوءِ هڪ ٻيو به اَحسان هن مون تي ڪيو!
بئنگلور مان جڏهن ڊپلوما حاصل ڪرڻ بعد بمبئيءَ وڃڻ وارو هوس تڏهن خبر هئم ته پئسي ڏوڪڙ جو حال وري به ساڳيو هوندو جيڪو دهليءَ مان پڙهي بمبئي موٽڻ وقت هو... تن ڏينهن سبيتا پنهنجي اَڌ پگهار ماءُ کي ڏيندي هئي. مون کي بمبئيءَ پهچي نوڪري ڪرڻ جو اِرادو ڪين هو. مون اِئين رٿيو هو ته سيان واري گهر جي اڳئين حصي ۾ بالڪني ۽ ڪمرو گڏي ڪلنڪ ٺاهيندس. رات جو اُن ڪلنڪ کي بيڊروم ۾ بدلائي سبيتا ۽ مان اُتي سمهي پونداسين. اِن طرح جي تياري ڪري ڇڏي هئم. ٻيو اِرادو اِهو ڪيو هوم ته شام جو ڪنهن پالي ڪلنڪ ۾ مسواڙ تي هڪ ڪمرو وٺي سائڪو ائنلسٽ ۽ ٿيرپسٽ جي حيثيت ۾ ڪنسلٽنسي شروع ڪندس. پر اُن ڪنسلٽنسيءَ لاءِ ڏوڪڙن جو بندوبست ڪٿان ڪريان اِهو سمجهه ۾ نه پئي آيو.
اِهي پور پچائيندي ويانا جي يادگيري آئي هئم. مون کيس بئنگلور مان ئي خط لکي پنهنجي حال کان واقف ڪيو هو. جيئن ئي بمبئيءَ پهتس هن جو 5 2 هزار رپين جو ڊرافٽ مليو ۽ هڪ خط به لکيو هئائين...
اَگروال!
هي ڊرافٽ مون طرفان تحفو سمجهين ته تحفو سمجهه، جي توکي هرو ڀرو قرض کپي ته قرض سمجهه. هڪدم ”ڪنسلٽنسي“ شروع ڪر. هڪ ڪامياب سائڪو اَئنلسٽ بڻجي وڃ... جلدي کان جلدي. مون کي اُن ڏينهن جو انتظار رهندو جڏهن مان بمبئيءَ اينديس ۽ اچي ٻڌنديس ته بمبئيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو عمدي کان عمدو من– وگيان جو ڊاڪٽر آهي ته اي. اي. اَگروال.
ويانا
هن جي شڪر گذاري ڪيئن مڃان؟ هن جا موڪليل پنجويهه هزار مون کي دعا ٿي لڳا هئا... ڪنسلٽنسي شروع ڪئي هئم ۽ چڱي هلي رهي هئي جو اُتي مجمودار سان ملاقات ٿي! ڪيئن مجمودار معرفت دبئيءَ هليو آيس ۽ دڪاندار بڻيس اِها خبر ويانا کي ڪانهي.
ويانا جي ياد آئي آهي ته ڄڻ دل ۾ ڪا ڪوتا پيو رچيان... سڀاڻي هن کي خط لکندس... پر کيس ڇا لکندس؟ خط نه لکندس، ڪوتا لکندس... جهڙي به لکڻ ايندي، لکندس...
ويانا!
تنهنجيءَ پيشانيءَ تي ”پريت“ لفظ لکيل آهي تنهنجي اکين ۾ ”انسانيت“ جي شمع ٿي ٻري. تنهنجا هٿ نازڪ اَحساس جيان نرم آهن تنهنجا پير پسڻ سان دل پوتر ٿئي ٿي او اِنساني گڻن جي زبورن سان جهنجهيل ويانا، توکي ڏسي ڪرتار ۾ ويساهه ڪرڻ تي دل ٿي ٿئي.
۽ سوچيان ٿو پنهنجيءَ تقدير کي بي درد سڏڻ ڇڏي ڏيان!