ناول

آرسِيءَ آڏو

”آرسيءَ آڏو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪا ڪلا پرڪاش جو لکيل ناول آهي.
ڪلا پرڪاش جي لکڻين بابت، هند توڻي سنڌ جي نقادن وٽ اهو قبول ڪيل آهي ته؛ سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ نفي/ نيگيٽوِ ڪردار نه آهن ۽ اهڙي مثال مان سندس اندر جي اُجرائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1985
  • 764
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪلا پرڪاش
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آرسِيءَ آڏو

(ب)

هال ۾ سوفا تي ويٺي ويٺي اَڌ رات گذاري اَٿم. ڀرڀات جا چار وڳا وقت ٿيو آهي. ايترو ته ماضيءَ جي گهٽين ۾ ڀٽڪيو آهيان، جو اڄ جي حياتي مٿيا ٿي لڳي. پاڻ کي اڄ کان ايترو اوپرو ۽ الڳ پيو سمجهان جو لڳي ٿو ته روي شنڪر جي ستار رات نه پر ورهيه اڳ ٻڌي هئم... ڄڻ مان دبئيءَ ۾ نه آهيان. هي گهر منهنجو نه آهي. مان ”گرين گراس“ جو مالڪ نه آهيان. ڄڻ مان ننڍڙو بڻجي ويو آهيان...
هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن ڏهن يارهن ورهين جو هوس. بابا جي مار کائي گهر مان رفو چڪر ٿي ويو هوس. اُها منهنجي گهر مان ٻي ڀاڄ هئي. ڪوليواڊا ۾ ئي هڪ ننڍيءَ بيڪريءَ تي وڃي نوڪري ڪئي هئم. ماهوار ٽيهه رپيه پگهار جي ٻول ٿي هئي. بيڪريءَ جا ڪيڪ ۽ ڊٻروٽيون سويل صبح کان شام تائين گهر گهر وڃي وڪڻندو هوس...رات جي وقت ٻه ڪيڪ ٻه ڊٻروٽيون کائي بيڪريءَ جي ڪئبن ٻاهران هڪ ڪاٺ جي تختي تي سمهي پوندو هوس. بابا کي خبر به پيئي پر مون کي پرچائڻ، پرڀائڻ ڪين آيو...مهينو نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن بيڪريءَ واري مون کي ٽيهن جي بدران پنجويهه رپيا پگهار ڏنو تڏهن اهو اَنرٿ سهي نه سگهيس ۽ هن جي ڊٻروٽين جو ڇٻو کڻي ڀڄي ويس. بيڪريءَ واري پوليس ۾ رپورٽ ڪري مون کي چوريءَ جي اِلزام ۾ پڪڙايو...پوءِ پوليس اِسٽيشن تي بابا کي سوئ رپيه ڏنڊ ڏيڻو پيو ۽ مون کي جيل نه اُماڻين تنهن لاءِ پوليس اڳيان بابي جيڪي آزيون نيزاريون ڪيون! بابا جو اهو لاچار ۽ بيوس روپ ياد ڪري اڄ به دکي ٿو ٿيان. مون بابي کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ مان هڪ Problem Child هوس...پر اِهو دک اڃا تائين آهي ته بابا مون تي ڪڏهن ويساهه نه ڪيو. اُن وقت بابا رڳو مون تي ويساهه ڪري ها ته بيڪريءَ واري مون سان ڊوهه ڪيو هو...مان چور نه هوس. مون کيس گهڻو ئي چيو پر بابا اِهو نه مڃي نه مڃيو ته ڪو مان سچ تي هوس. جيڪر منهنجي چوڻ تي اِعتبار ڪري ها ته بابا جو اُهو ويساهه منهنجيءَ حياتيءَ ۾ روشني ڦهلائي ڇڏي ها. مان محنت مزوري ڪندو رهان ها. سچ جي راهه تي هلندو رهان ها. ڌڻيءَ مون کي غريب گهر ۾ پئدا ڪري هڪڙو سراپ ته ڏنو ئي هو پر ٻيو سراپ هو بابا جو اَوشواس.
قدرت مون کي تيز دماغ ۽ حالتن سان ٽڪر کائڻ جي اَٿاهه شڪتي بخشي آهي. ننڍپڻ کان ، لڙاڪو ۽ نڊر رهيو آهيان. غريبيءَ سان ننڍپڻ ۾ ئي انيڪ نموني لڙيو هوس. مون ستن اَٺن سالن جي عمر ۾ بمبئيءَ جي لوڪل ٽرين ۾ کٽمٺڙا وڪيا آهن، رومال ۽ ڦڻيون وڪيون آهن. اهي سڀ راهون راس نه آيون پوءِ وڃي ابتين راهن تي پيس. ٻه ٽي سال ته زندگيءَ جي روشنيءَ کان بلڪل الڳ ٿي ويو هوس. پوءِ جڏهن بابا کي خبرون ملنديون هيون ته سندس پُٽ ڦلاڻي جا رپيه چوري ڪندي پڪڙجي پيو...يا سيان اِسٽيشن جي پٺيان ٽڪريءَ واري باغ جي هيٺان هڪ پاڪيٽ مار غنڊن جي ٽوليءَ ۾ شريڪ ٿي ويو آهي...ته اِهي سڀ ڳالهيون ٻڌي منهنجو اخلاق پسند پيءُ مون جهڙي بدڪار پُٽ کي ڏمرجي مار نه ڏئي ته ڇا ڪري؟ هو ڪو مون وانگر Psycho Analyst ته ڪونه هو، جو منهنجي بدڪاريءَ جا ڪارڻ کوج ڪري.
ننڍپڻ جون اِهي سڀ ڳالهيون مون هڪ ئي سانئڻ سان ونڊيون آهن ۽ اُها آهي پرميلا. هوءَ ڏاڍي چاهه سان منهنجون ڳالهيون ٻڌندي آهي. پهرين دفعي ملڻ سان ئي من سان ايڏي نزديڪي محسوس ڪئي هئم ڄڻ سالن کان سڃاڻانس جيتوڻيڪ پهريون دفعو سندس گهر هٻڪي هٻڪي ويو هوس. پر وڃڻ وقت هڪ عجيب راحت به محسوس ڪئي هئم. اِئين پيو سمجهان ڄڻ حياتيءَ جي اَفساني ۾ هڪ نئون باب شروع ٿي رهيو آهي. جڏهن سندس گهر پهريون دفعو وڃي رهيو هوس تڏهن مون کي ته سندس چهرو به خيال ۾ نه هو. صرف فون تي آواز ٻڌل هو. هن جي گهر جو ڊوربيل وڄائڻ مهل دل جي عجيب حالت هئي. اُهو جمعي جو ڏينهن هو. پرميلا جا ٻئي ٻار العين جو Fun City ڏسڻ ويا هئا. سندس گهوٽ ارجن به آفيس ويو هو. مون ڊوربيل وڄايو ته در هن پاڻ ئي کوليو. مون کي سوفا تي ويهاري پاڻ منهنجي سامهون واري سوفا تي ٿي ويٺي. مون کي ڏسندي ئي اِئين ڳالهائڻ شروع ڪيائين ڄڻ مدت کان ڪي ڳالهيون چوڻ لاءِ منتظر هجي. چيائين ”اَنوپ! تنهنجي مامي ۽ تنهنجي پيءُ کي اِها گهٽتائي پيئي لڳي ته تون رڪشا هلائين ... پر تون جيڪو اُن وقت ويهن ايڪويهن سالن جو هئين...۽ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ هئين توکي گهٽتائي نه پئي لڳي رڪشا هلائڻ! تنهنجي اِها ڳالهه ٻڌي مون کي اِئين لڳو هو ڄڻ تون ڪنهن آرٽ موويءَ جو نائڪ آهين ... يا منشي پريمچند ... ڪرشنچندر جي ڪنهن ناول جو نائڪ آهين!“
ملندي ساڻ ئي هن مون کي ستين آسمان تي پهچائي ڇڏيو. مون کي پنهنجي ساراهه ڏاڍي وڻي پيئي. پر سداچار جي خيال کان ٻه ٽي سوال سندس باري ۾ پڇيم ته هوءَ اُن زماني ۾ ڇا ڪندي هئي.
پنهنجي باري ۾ ٻڌايائين ته اُن وقت هوءَ تيرهن سالن جي هئي ۽ ڊگري ڪاليج جي پهرين سال ۾ هئي. سندس وشيه لٽريچر هو. پاڻ لاءِ چيو هئائين، ”اَلائي ڪهڙيءَ دنيا جي رهواسڻ هئس، سمجهندي هئس آسمان جا چنڊ ستارا ڌرتيءَ تي لاهڻ لاءِ ڪا جادوگر شهزادي بڻجي دنيا ۾ آئي آهيان.“
پر ٻاويهن سالن جي عمر تائين اُها شهزادي اَلوپ ٿي ويئي جڏهن سندس مائٽن کيس ارجن سان پرڻائڻ جو فيصلو ورتو تڏهن هوءَ نه شاديءَ کان انڪار ڪري سگهي ۽ نه خوش ئي ٿي سگهي هئي. چپ چاپ شادي ڪري دهليءَ کي الوداع ڪري دبئيءَ ۾ هلي آئي هئي...
سندس باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿوري دير هلي. هوءَ وري مون کي پڏائڻ لڳي. تڏهن مون کيس چيو، ”سو توهين مون کي ائين سڃاڻو ته مان هڪ رڪشا ڊرائيور آهيان.“
”نه...، صرف رڪشا ڊرائيور آهين ان طرح نه سڃاڻان توکي، اَنوپ! تنهنجي من اندر جيڪو اوچ انسان هو، تنهن سان منهنجي سڃاڻپ ٿي هئي. اُها روح جي سڃاڻپ هئي ۽ روح جا رشتا ڪڏهن نه ٽٽندا آهن.“
”اوچ انسان...۽ مان! مون کي ڪنهن به اوچ انسان ڪري نه سمجهيو آهي. پنهنجي ڪٽنب ۾ ته رواجي اِنسان به نه سمجهندا آهن...ڊاڪٽر بڻجڻ بعد مٽن مائٽن ۾ ٿورو مانُ ٿيو هو ۽ يار دوست به ٿورو ليکيندا آهن پر اوچ اِنسان؟ هن نئين، نرالي لقب کي دل جي ڪهڙي تهخاني ۾ سانڍي رکان؟“ پرميلا ڏانهن نهاري مرڪي پيو هوس ۽ چيو هوم، ”مون کي هيڏو مان ڏيئي رهيا آهيو، تنهن لاءِ گهڻي مهرباني.“
اُمالڪ وراڻيو هئائين، ”تون اُن مان جي لائق آهين...اَنوپ! Earn and Learn جو اُصول اڄ عام ٿي چڪو آهي پر ڪهڙو به ڪم ڪرڻ ۾ عار نه ڪجي...تون ملئين ته Dignity of Labour واريءَ ڳالهه جو بهترين مثال لڳو هئين تون.“
هوءَ ڪجهه وقت لاءِ رنڌڻي ۾ ويئي ته مان هنن جي هال جي سجاوٽ ۽ فرنيچر ڏسي سمجهي ويس ته هوءَ اَمير ماڻهوءَ جي پتني آهي. هال ۾ هڪ بوڪ شيلف به هو...مان بوڪ شيلف وٽ وڃي بيٺس ۽ شيشي مان ئي ڪتابن جا نالا پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس...گهڻا ڪتاب هندي شاعريءَ جا هئا. هرونش راءِ بچن جو ”مڌو شالا“ ته مان جلد ئي سڃاڻي ويس. ٿورڙا هندي ناول به هئا. مان اُتي بيٺو هوس ته فون جي گهنٽي وڳي. پرميلا جي گهوٽ ارجن جو فون هو. هن چيو ته کيس گهر ۾ اچڻ ۾ اڃا ڪلاڪ کن لڳندو. ”پرميلا کيس چيو، ”هي ڇا ٿو ڪرين. ڪيئن به ڪري پاڻ ڇڏائي اَچ. پليز ارجن...ڊاڪٽر اگروال پهچي ويو آهي.“
مون کي ان ڳالهه تان عجب لڳو ته پرميلا سامهون مون کي پيار پاٻوهه مان اَنوپ...اَنوپ سڏي رهي هئي پر گهوٽ سان فون تي ڳالهائيندي مون کي ڊاڪٽر اگروال ڪري سڏيائين...
پرميلا سنگترن جي رس جا ٻه گلاس کڻي آئي. اسان جوُس پيئڻ شروع ڪيو ته پرميلا چيو، ”مون کي توکان گهڻا ئي سوال پڇڻا آهن. پهرين ته تون اِهو ٻڌاءِ ته تو ڊاڪٽر بڻجڻ کان پوءِ هن دبئيءَ ۾ اچي دڪان ڇو کوليو آهي؟“
پرميلا جي هن سوال منهنجو من گائون مائون ڪري ڇڏيو. ڪير به مون کان پڇندو آهي ته ڊاڪٽر بڻجڻ کان پوءِ هت دبئيءَ ۾ اچي مان دڪاندار ڇو بڻيو آهيان ته مان ڏاڍو بي چين ٿي ويندو آهيان. مان خود پاڻ کان ڪنهن مهل اهو سوال پڇندو آهيان ته مون ڇو ڇڏي بمبئي؟ صبح واري ڪلنڪ ۽ شام واري ڪنسلٽنسيءِ ۾ پرئڪٽس ڌيري ڌيري وڌي ها...
مون پرميلا کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ته ڪيئن مجمودار نالي هڪ شخص سان ملاقات ٿيڻ سبب منهنجي زندگي اوچتو بدلجي ويئي. هن جي پتني مانسڪ مرض ۾ مبتلا ٿي پيئي هئي، هو کيس منهنجي ڪنسلٽنسيءَ ۾ علاج لاءِ وٺي آيو هو... منهنجي اِها ڳالهه اڃا ختم نه ٿي هئي ته ارجن اَچي ويو. اوچتو ارجن جي اَچڻ سبب پنهنجو داستان ٻڌائڻ بند ڪيم.
اَرجن ايندي سان پنهنجي خوش طبع انداز سان هٿ ملائي چيو، ”هيلو ڊاڪٽر صاحب. معاف ڪجو مون کي موٽڻ ۾ دير ٿي ويئي. نالي ۾ مئنيجر آهيان. پر حقيقت ۾ سيٺ جو ڪلارڪ به مان ئي آهيان ته ٽائيپسٽ به. ٽيليفون به مان سنڀاليان ته ٽيليڪس به مان آپريٽ ڪريان. هن جي پٽيوالي به مون کي ڪرڻي پوي. هفتي ۾ هڪ جمعو به سڄي موڪل نٿي ملي...“
اَرجن اَچڻ سان وايو منڊل ئي بدلائي ڇڏيو. هن جي پرپٺ مون ۽ پرميلا ڳنڀير ڳالهيون پئي ڪيون. پر اَرجن ڳنڀير ڳالهين مان ڄاڻي ئي ڪونه. هن اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون جو ڄڻ محسوس ٿيو ته زندگي معنيٰ جيئڻ ۽ دوست معنيٰ کل خوشي ورهائڻ. هن منهنجي ڏاڍي خاطرداري ڪئي. پنجن منٽن جي اندر سوفا اڳيان رکيل ميز تي بيئر جا دٻا اچي ويا ۽ سڄي ميز کاڌي جي شين سان ڀرجي ويئي. کاڄا پستا...گانٺيا.. پاپڙي.. چيز بالس، ويفرس... ۽ هو ٻاهران ڪباب وٺي آيو هو سي اوون ۾ گرم ڪري کڻي آيو. پوءِ بس کائڻ پيئڻ ۽ کل ٽهڪڙو هو. پرميلا بابت چيائين، ”منهنجيءَ شريمتيءَ کي شل نه ڪو دهليءَ جو ماڻهو گڏجي. مان ته کيس چيڙائيندو آهيان ته ٻن ٻارن جي ماءُ ٿي ويئي آهين اڃا تائين دهلي ۽ پيڪا ائين ٿي ياد ڪرين ڄڻ دبئيءَ ۾ نٿي رهين! هن جو اڃا من دهليءَ ۾ آهي. توهين ئي ٻڌايو، ڊاڪٽر اگروال! جيڪڏهن منهنجي سڪيلڌي زال جو اِهو حال رهيو ته مون غريب جو ڇا ٿيندو؟“
اَرجن جي زنده دلي ۽ بي حجابيءَ واري وهنوار مون کي ايڏو متاثر ڪيو جو من ۾ جيڪو کٽڪو هوم ته پرميلا جو گهوٽ الائي ڪهڙي قسم جو ماڻهو هوندو...نه ڄاڻ هو سڪ ڏيندو يا نه، سو کٽڪو لهي ويو. هو منهنجي جواب لاءِ به نه پئي ترسيو. ويو پئي صرف ڳالهائيندو. مان صرف کلي رهيو هوس. بيئر جو ٻيو دٻو کوليندي چيائين، ”پرميلا کي توهان جي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ ڏاڍو آرٽسٽڪ لڳو.“
تنهن تي مون چيو هو ته ”مسز پرميلا خود آرٽسٽڪ طبيعت جي هوندي...“
مونکي اڌ ۾ ئي ڪٽي چيو هئائين، ”هوندي، يار...“ هو ڏاڍي چاهه مان بيئر پي رهيو هو ۽ ڪباب کائي رهيو هو. ڪباب وات ۾ وجهندي چيائين، ”پاڻ ته آرٽ وغيره مان نه ڄاڻون. هاڻي شام ٿيندي ته هن بوڪ شيلف مان ڪوتا جو ڪو ڪتاب ڪڍي ويهي پڙهندي. مون کي چوندي تون به ويهه ته توکي ڪوتا ٻڌايان. مون کي ڪير ڪوتا ٻڌائي معنيٰ رڍ اڳيان رباب ٿو وڄائي...“
هن جي ان ڳالهه تان ته مان کل ۾ اونڌو ٿي ويو هوس.
پرميلا ميز تي ماني رکي ته اَرجن هلڪو ميوزڪ هلائي اچي ماني کائڻ ويٺو. مون پهريون گرهه وات ۾ وجهندي چيو، ”هي جيڪو ميوزڪ هلايو اٿوَ ان مان ته لڳي ٿو توهين به آرٽسٽڪ سڀاءُ جا آهيو.“
”اَري نه يار نه– ميوزڪ پوئٽري وغيره مان نه ڄاڻان.
بمبئيءَ ۾ جنهن اِسڪول ۾ پڙهندو هوس نه...اُن اِسڪول جو پرنسيپال شاعر هو. هن جون ڪوتائون ڇپبيون هيون ته صرف اُن خيال کان پڙهندو هوس جو اُنهن جو لکندڙ اسان جو پرنسيپال آهي.“
اَرجن جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي بدن جا وار کڙا ٿي ويا...ڪٿي هو سائين هر چنداڻيءَ جي ڳالهه ته نٿو ڪري؟ مون يڪدم کانئس پڇيو، ”بمبئيءَ ۾ توهين ڪهڙي اِسڪول ۾ پڙهيا هئا؟“
”ڪي. جي. کلناڻي هاءِ اِسڪال مهيم ۾ پڙهيو آهيان.“
”سچ پچ؟“ مون اَرجن جي منهن ۾ غور سان نهاريو. اَرجن به منهنجي منهن ۾ چتائي نهارڻ لڳو.
مون کانئس پڇيو، ”توهان ڪهڙي سال مئٽرڪ پاس ڪئي؟“
”2 5 9 1 ۾“
”او...ساڳئي سال ساڳئي اِسڪول مان مون به...“
اَرجن بانولو بڻجي ويو. چيائين، ”تون اُهو ئي اَنوپ آهين ڇا جيڪو پرنسيپال جو لاڏلو هو؟“
اُن کن مون به کيس سڃاتو. کيس چيم ته تنهنجي گروپ جا ڇوڪرا مون کي پرنسيپال جو چمچو ڪري سڏيندا هئا...
پوءِ هو اُٿي بيٺو ۽ ٻانهون ڦهلائي چيائين، اَچ ڳلي لڳ يار. مان اجايو تو کي وڏو ماڻهو سمجهي رهيو آهيان ڊاڪٽر اَنوپ اگروال ... گرين گراس جو مالڪ... ۽ مون کي اِئين کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين ڄڻ مان ڪو سندس ڀاءُ آهيان.
اُها منجهند ڏاڍي سُٺي گذري. پر رات پاسا ورائيندي گذاري هئم. حياتيءَ جا اُهي ڏينهن اکين آڏو ڦري ويا هئا جن ڏينهن ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول ۾ پڙهندو هوس. اُن اِسڪول ۾ داخل به عجيب نموني ٿيس. اڄ به مان اُن ڳالهه کي قدرت جو ڪرشمو ٿو سمجهان. جيڪڏهن قدرت اُن اِسڪول جي پرنسيپال وٽ نه پهچائي ها، ته مان شايد اَڻ پڙهيل رهجي وڃان ها...
هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مان يارهن ٻارهن سالن جو هوس. منهنجو پڙهڻ تان اَرواح کڄي ويو هو. پيءُ جي نظرن ۾ ايڏو ڪِري پيو هوس جو هن کي اِهو چوڻ ۾ شرم ايندو هو ته مان سندس پٽ آهيان. هڪ ڳنڍي ڪپ ٽوليءَ ۾ شامل ٿي ويو هوس. بمبئيءَ جي لوڪل ٽرين ۾ يا بس اِسٽاپ تي. جتي به ڀيڙ هجي اُتي...ماڻهن جا کيسا ڪتري شام جو ٽولي جا سڀ ميمبر سيان جي ٽڪريءَ تي اَڏيل باغيچي ۾ ملندا هئاسين ۽ سڄي ڏينهن جي پڪ پاڪيٽ ڪيل رقم ونڊيندا هئاسين. ڳنڍي ڇور بڻيس ته ٻِيون به ڪيتريون بريون علتون پرايم. پان ٻيڙي...مارا ڪُٽي ڪرڻ ته اسان جو مرڪُ هو. جيڪو پٺتي پوي سو گيدي سڏائي.
ٺيڪ اُنهن ڏينهن هڪ ڪرشمو ٿيو. بابا کي اَلائي ڪيئن خبر پيئي ته مهيم ۾ هڪ اِسڪول آهي اُن جو پرنسيپال هڪ قابل اُستاد آهي ۽ هڪ خدا ترس ماڻهو آهي. هڪ تمام کريل ڇوڪري کي سڌاري ڇڏيو هئائين. بابا مون کي ائڊريس هٿ ڪري ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول مهيم ۾ وٺي هليو.
مون کي اڄ به اِهو نظارو چٽو ياد آهي. بابا پرنسيپال جي پيرن تي ڪِري پيو هو. کيس روئي چيو هئائين، ”منهنجو پٽ صفا هٿن مان نڪري ويو آهي. توهان جي حوالي ٿو ڪريان.“
اُن فرشتي سمان اِنسان مون ڏانهن نهاري پڇيو، ”نالو ڇا اَٿيئي؟“ چيم ”اَنوپ“
خوش ٿي چيائين، ”ههڙي سٺي نالي وارو ڇوڪر ڪيئن خراب هوندو؟“
پوءِ مون کي ڀر ۾ سڏيائين. پيرن کان مٿي تائين جاچيندي چيائين، ”تون ڏاڍو صاف سٿرو نينگر آهين جهڙو گُل گُل...تنهنجا ڪپڙا ڪير ڌوئندو آهي؟“
مون ٻڌايومانس ته مان پاڻ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو آهيان ۽ استري به پاڻ ڪريان تڏهن خوش ٿي مون سان هٿ ملايائين. اُن بعد مون کي ٻه حساب ڪرڻ لاءِ ڏنائين. مون پنجن منٽن ۾ ٻئي حساب درست ڪري ڏيکاريامانس. هو اُتساهه ۾ ڀرجي ويو. منهنجي پيءُ کي چيائين، ”سائين...توهين بي فڪر ٿي وڃو. توهان جو ڇوڪر پڙهي ڳڙهي وڏو ماڻهو ٿيندو. منهنجو صرف هڪ شرط آهي ته هن کي صبح جو اَٺين وڳي اِسڪول موڪلجو. مان هن کي سڄو ڏينهن اِسڪول ۾ وهاريندس. شام جو اٺين وڳي کيس گهر موڪليندس.“
منهنجي پيءُ کي اُهو شرط منظور هو...
مون کي حال پنجين درجي ۾ داخلا ملي. صبوح جو اٺين کان هڪ تائين پنهنجي ڪلاس ۾ هوندو هوس. اُن کان پوءِ پرنسيپال مون کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو هو ۽ پنهنجي ٽفن مان ماني کارائيندو هو. ماني کائڻ بعد مون لاءِ وري ڪم شروع ٿيندو هو. پهرين پنهنجو هوم ورڪ ڪندو هوس پوءِ اِسڪول جا ننڍا وڏا ڪم ڪندو هوس. سائين هرچنداڻيءَ جي پرسنل لئبرريءَ جا ڪتاب ڇنڊي ڦوڪي رکڻ...سائينءَ جي آفيس جو فرنيچر صاف ڪرڻ...ستين درجي ۾ ويس ته نقشن جي چارج به مونکي ملي. سائين منٽ به واندو ويهڻ ڪين ڏيندو هو. ڪن ننڍن ڪلاسن جي ٻارن کي ٽيوشن به ڏنم.
شام جو ٿڪجي فنا ٿي اَٺين وڳي گهر پهچندو هوس. بک ۾ پاهه ٿيندي به پهرين يونيفارم ڌوئيندو هوس، ٻئي ڏينهن لاءِ ڪتاب ٺاهيندو هوس. پوءِ ماني کائي سمجهندو هوس ته اَلوٽ ننڊ کڻي ويندي هئي.
نماز جو آواز ڪنن تي ٿو پوي ته ڇرڪ ٿو ڀريان. اوچتو ياد اچي ٿو ته دبئيءَ ۾ آهيان. نه ته ڪيتريءَ دير کان ڄڻ بمبئيءَ پهچي ويو هوس مهيم ۾ ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول ۾.
مان سيءَ ۾ ڏڪندي سوفا تي ليٽي ٿو پوان پر ننڊ ڪٿي ٿي اچي. ٻوٽيل اکين سان ڏسي رهيو آهيان ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول جي عمارت!
هڪ غير رواجي واقعو ٿو ياد اچي. مان تڏهن اَٺين درجي ۾ هوس. هڪ ڏينهن هڪ ڪلاس جي هڪ ڇوڪري سان گڏ مان نقشن جي ڪمري ۾ ويو هوس. نقشا ترتيب ڪندي اسان کي ڪلاڪ کن لڳي ويو. اُن بعد اسان کي اَلائي ڇا سجهي جو ڪمري جو در اندران بند ڪري اُتي ويهي رهياسين. ٿوريءَ دير بعد پرنسيپال کي مون ۾ ضروري ڪم پئجي ويو. مون کي ڳولهيندي پنهنجي چاٻيءَ سان نقشن وارو ڪمرو کوليائين ته ڏٺائين اسين ٻئي ڪپڙن بنا زمين ۾ ليٽي هڪ ٻئي کي چهٽيا پيا آهيون.
اُن ڏينهن سائينءَ مون کي ڏاڍي بيدرديءَ سان مار ڏني. هن ٻئي ڇوڪري کي به مار ملي پر هن جو پيءُ هيڪاري پرنسيپال تي ڏمريو ته توهان اَنوپ جهڙي لفنگي کي اِسڪول ۾ داخلا ڇو ڏني آهي...هو اسان جهڙن شريف خانداني ڪٽنبن جي ٻارن کي بگاڙي ڇڏيندو. هن کي اِسڪول مان رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو. اِسڪول ۾ ڏاڍو چوٻولو ٿيو هو. ڪن مائٽن پرنسيپال کي ڌمڪي ڏني ته هو پنهنجا ٻار اسڪول مان ڪڍائي ويندا پر پرنسيپال هنن کي سمجهائي ٻجهائي ڳالهه ٽاري ڇڏي هئي.
پرنسيپال جي اڳيان منهنجو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. هن جا مون تي ڪيترا اَحسان هئا! پر سائينءَ جي اُن ڏينهن جي وهنوار کي ياد ڪري اڄ به هن جي اڳيان سر ٿو نوايان. پاڻ مون کي مار ڏنائين، پر بابا جي مار کان بچايائين.مان ته خوف کان اُن ڏينهن گهر ئي نه وڃان ها...شايد وري وڃي ڳنڍي ڪپ يارن وٽ پهچان ها...ڇاڪاڻ ته ڊپ ورائي ويم ته جيڪڏهن بابا کي منهنجيءَ هن حرڪت جي خبر پوندي ته منهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو. پر پرنسيپال مون کي اُن ڏينهن پنهنجي گهر وٺي هليو. بابا کي چوائي موڪليائين ته اَنوپ سڀاڻي گهر ايندو. پرنسيپال پنهنجي گهر ۾ مون سان بلڪل ساڌارڻ وهنوار ڪيو. سمهڻ کان اڳ رڳو ايترو چيائين ته تنهنجو ڏوهه مون معاف ڪيو. صرف انجام ڪر ته وري اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪندين. منهنجيءَ دل ان گهڙيءَ جيڪي ٽپا ڏنا هئا...منهنجي ڏوهه جي سزا اها ته سائينءَ مون کي پنهنجي گهر هلي رهايو. مون پرنسيپال سان واعدو ڪيو ته وري ڪڏهن به ائين نه ڪندس. ٻئي ڏينهن ائين اسڪول ويس ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو!
ان کان به ننڍي هوندي جو هڪ واقعو ٿو ياد اچي. مان تڏهن ستن سالن جو مس هوندس! اسان جي ڪوليواڊا واري گهر جي ڀرسان هڪ مٺائيءَ واري جو دڪان هو. هو کوپي جي مٺائي ٺاهيندو هو. مون کي هن جي مٺائي ڏاڍي سوادي لڳندي هئي. هڪ دفعي مٺائي کائي پوري ڪيم ته دڪاندار پڇيو، ”ٻي به مٺائي کائيندين؟“ مون کيس چيو ته مون کي ٻيا پئسا ڪونهن. هن مون کي مٺائيءَ جو ٻيو دونو مفت ڏنو هو ۽ چيائين ته پيٽ ڀري مٺائي کاءُ. ڀلي پئسا نه ڏجانءِ. رڳو مٺائي کائڻ کان پوءِ ٿوري دير اندر هلجانءِ. مان مٺائي کائي رهيو هوس ته هو مون ڏانهن نهاري مشڪي رهيو هو. جڏهن مون دونو خالي ڪيو ۽ اُهو اُڇلڻ تي هوس ته دڪاندار منهنجو هٿ پڪڙي پنهنجي دڪان جي پٺئين ڪمري ۾ وٺي ويو. اُهو اونداهو ڪمرو هن دڪاندار جو گهر هو. ڪمري ۾ پهچندي ئي هن پهرين مون کي ننگو ڪيو پوءِ پاڻ کي...ان بعد ڇا ڪيائين اُهو ياد ٿو اچي ته سمجهان ٿو ته ڪنهن ٻرندڙ سگريءَ تي ويٺو آهيان. اُن وقت سمجهه ۾ ڪين آيم ته ڇا ٿي رهيو آهي. گهر پهتس ته وائڙن وانگر پٽ تي ليٽي پيس بابا جي تيز نظر سڀ ڀانپي ويئي. هن مون کان سچي ڪرائي ته ڪيڏانهن ويو هئين ۽ حقيقت ٻڌڻ بعد بابا جيڪا مار ڏني...بابا جي اُها مار ياد ڪري هينئر اکين مان پاڻي پيو ڳري.
حقيقت ۾ مان پنهنجي قسمت تي روئي رهيو آهيان. مفلسيءَ ۽ مار بنان مون کي مليو ئي ڇا هو؟...اڄ پنهنجو مقدر مٽائي چڪو آهيان. دبئيءَ ۾ پهريان ٻه سال ڏاڍا ڏکيا گذريا پر پوءِ ڌنڌو ڄمي ويو. هاڻي ته پئسو ئي پئسو آهي. پوءِ به ستن سالن جي عمر ۾ غريب هجڻ ڪري جيڪو مٺائيءَ واري جو وحشي روپ ڏٺم سو ڪٿي ٿو وسري؟
هال مان نڪري منوج جي بيڊروم جي دروازي وٽ اچي بيٺو آهيان. پنهنجي اونداهي ماضيءَ کي وسارڻ لاءِ پنهنجي روشن مستقبل کي ڏسڻ چاهيان ٿو. در وٽ بيهي پٽڙي کي جيءُ ڀري ڏسان ٿو. مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته منهنجو پٽ ڪنهن غريب پيءُ جو پٽ ڪونهي.
منوج ٽن ساڍن ٽن سالن جو هو تڏهن کان مون کيس الڳ ڪمري ۾ سمهڻ سيکاريو آهي. منهجي پٽ کي ايڏڙي ننڍڙيءَ عمر کان ئي الڳ بيڊروم آهي. سبيتا اعتراض ورتو هو ته اڃا ننڍو آهي، ڀلي اسان سان سمهي...پر مون پيءُ بڻجڻ وقت قسم کائي ڇڏيو هو ته جيڪي دک مون پاڻ ڀوڳيا آهن ۽ جيڪي ذلتون مون سٺيون آهن...اُنهن کان پٽ کي پري رکندس. مان ته ويهن سالن جي عمر تائين اُن ساڳئي ڪمري ۾ سمهندو هوس، جنهن ۾ منهنجا ماءُ پيءُ سمهندا هئا...
ڪوليواڊا جي هڪ گندي بستيءَ ۾ هڪ ئي ڪمري مان منهنجا ڀائر ڀينر ماءُ پيءُ سڀ سمهندا هئاسين. رات جي وقت جڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ جو جسماني ميلاپ ڏسندو هوس تڏهن جلي خاڪ ٿي ويندو هوس. مون اندر جيڪو شخص آهي تنهن کي زندگيءَ ڪيڏا ڳجها چهبوڪ هنيا آهن. ننڍپڻ ۾ منهنجي معصوم من تي اُنهن چهبوڪن جيڪي نيل ڪيا، سي ڪٿي ٿا ميسارجن؟