ناول

وطن جن وساريو

ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون، ناول ۽ مضمون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو ايندا رهن ٿا. ڪليم وٽ موضوعن جي ڪابه کوٽ ناهي ۽ وڏي ڳالهه ته هر ناول کي سنڌ جي تاريخ سان ڳنڍي ڄاڻي جنهن ڪري ناول پڙهندڙ هڪ ساهي ۾ ناول پڙهي پورو ڪندو آهي. سندس هي ناول به اهڙو ئي آهي جنهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ کي ڪيئن نه هڪ نانگ ڇڪي سنڌ ٿو آڻي ۽ اهو نوجوان جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي وساري ويٺو هو سو ٻيهر سنڌ جي تاريخ کي لکڻ شروع ٿو ڪري ۽ دنيا کي سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.
  • 4.5/5.0
  • 2338
  • 924
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪليم ٻُٽ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وطن جن وساريو

1

سين فرانسسڪو شهر مٿان سڄي رات بادل وسندا رهيا ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ آمريڪا مائيباپ هڪ ٻئي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ وارو هو، برسات جا ڦڙا دريءَ جي شيشي سان ڪنهن جنگ جي ميدان ۾ هلندڙ گولين جيان ٿي لڳا. راتوڪو وڏڦڙو منهنجي محبوبه عاليا لاءِ سٺو بهانو هو مونسان نه ملڻ جو ۽ هاڻي مونکي ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو ته جئين سومر اچي ۽ اسان وري ملي سگهون. گذريل سڄي رات مون هلڪڙي نشي واري بئير پيندي ۽ ڪتاب جيڪو هن وقت به کليل ۽ منهنجي صوفي ڀرسان رکيل ٽيبل تي پيل آهي؛ پڙهندي گذاري ڇڏي. آئون اڃان به ليٽيو پيو آهيان، ٻاهر آسمان صاف ٿي چڪو آهي ۽ سج جو گولو وچ آسمان ۾ مرڪي پيو. هڪ لمحي جو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ مون ٻيهر اکيون پوري ڇڏيون، مونکي اڃا پنهنجي ڊرامي جيڪو اسان ڪاليج ۾ ڪرڻ وارا آهيون، جو اسڪرپٽ پورو ڪرڻو آهي. تخليقي ادب جي شاگرد جي حيثيت ۾ مونکي ننڍي کنڊ جي سماجي مسئلن تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هميشه جيان عاليا ۽ سندس ٽن دوستن جيڪي ننڍي کنڊ جي گروپ تي ڪنهن آمر جيان راڄ ڪنديون آهن اهو فيصلو ڪيو ته هن ڀيري به ننڍي کنڊ ۾ عورتن تي ٿيندڙ گهرو تشدد تي لکان پر آئون هن موضوع منجهان مطمين نه هوس، ڇو جو 1948ع ۾ منهنجي خاندان ننڍي کنڊ کي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ اسان منجهان ڪوبه دنيا جي ان حصي ڏانهن نه وريو آهي. مونکي ٻڌايو ويو آهي ته اسان جي خاندان جو تعلق اهڙي ڌرتيءِ سان آهي جنهنکي سنڌ سڏجي ٿو ۽ جيڪا هاڻي پاڪستان جو صوبو آهي (تان جو ملڪ جي نالي جو مطلب پاڪ ماڻهن جو ملڪ آهي، پر هتي ڪو به پاڪ ماڻهو نظر نه ايندو)، مونکي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته اسان جو خاندان سومرن جي حڪمرانن منجهان آهي جن صدين تائين سنڌ تي جھڪومت ڪئي. منهنجي کنڊي، پوڙهي جهور پڙ ڏاڏي سندس زندگيءَ ۾ اڪثر اسانکي اهو ٻڌائيندي هئي ته سومرن وٽ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيتري اهميت هئي، اُتان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت بابت پئي ٻڌائيندي هئي، ڪهڙي شان ۽ شوڪت سان سومرن هن ڌرتي تي حڪومت ڪئي. اسان جي گهر ۾ اڪثر رات جي ماني گڏ کائبي هئي ان دوران هوءَ اسان کي سندن وڏڙن کان ٻڌيل ڳالهيون ۽ ڪٿائون ٻڌائيندي هئي، جن ۾ سومرا گهراڻي جون انوکيون ريتون رسمون جيڪي قديم زماني کان سنڌ ۾ رائڄ هيون. اهڙي هڪ اکاڻي مون پنهنجي کنڊي پڙ ڏاڏي کان 9 سالن جي عمر ۾ ٻڌي، اهو رات جو وقت هو، سڀ گهر وارا ماني لاءِ گڏ ٿيا، آئون پڦي نسرين جي ڪڇ ۾ ويٺل هوس، جيڪي منهنجي ڏاڏي جي ستن پٽن کانپوءِ هيڪلي ڌي هئي. اها ڪهاڻي اسلام کان اڳ واري سنڌ ۾ سومرن جي هڪ ڏاهي زال جي آکاڻي هئي.
”سومرن؛“ منهنجي کنڊي پڙ ڏاڏي سڪل آڱرين سان اڇن چانورن جو گولو ٺاهيندي چيو: ”جي اها روايت هئي ته هو ڪنهن به ان عورت ڏانهن وري نه ويندا هئا جنهن هڪ ڀيرو پيٽان ٻار کي جنم ڏنو هجي، سندن خيال موجب ٻار ڄڻڻ کانپوءِ عورت ناپاڪ ٿي ويندي آهي ۽ اهو سومرن جي شان کي نه جوڳائي ته هو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي استعمال ڪن، اهڙي ريت هڪ ڀيرو تن تان لٿل ڪپڙا سومرا وري ڪڏهن نه پائيندا هئا. هڪ سومرو شهزادو سندس گهرواري کي دل ۽ جان سان چاهيندو هو، پر جئين ان عورت جي بطن منجهان پٽ ڄائو ته ان شهزادي زال کان منهن موڙي ڇڏيو، هوءِ دلي طور ڏکي رهڻ لڳي ۽ هر وقت ان ئي خيال ۾ رهي ته ڪنهن به صورت پنهنجي مڙس جو قرب ٻيهر حاصل ڪري سگهي. اسان جي نسل جي هڪ ٻئي اهم ڳالهه ته سومرن جون پاڪدامن عورتون مڙس کان سواءِ ٻئي ڪنهن مرد جي تصور کي به گناهه سمجهنديون هيون. هڪ ڏينهن جنهن ان شهزادي پنهنجي تن تان ڪپڙا لاهي اڇلايا ته سندس زال انهن کي ساڙڻ بدران، لڪائي رکيو ۽ چوري ڇپي ڪپڙا ڌوٻي اماڻي ڇڏيا. اُتان وريا ته انهن کي عطر عنبير هڻي الماڙي ۾ سجائي رکيو. جنهن شهزادي وري ڪپڙن جي گهر ڪئي ته جوڻس اهو ڌوتل وڳو ڏنس جنهن کي پائڻ کانپوءِ شهزادي خوش ٿيندي پڇيو:
هيڏا خوبصورت ڪپڙا ڪٿان آيا آهن؟
سرتاج؛ سندس زال کيس چيو: هي اهي ئي ڪپڙا آهن جيڪي اوهان ٻه هفتا اڳ جسم کان ڌار ڪيا، ساڙڻ بدران مون هنن کي ڌورايو ۽ اوهان کي ائين لڳو ته هي وڳو اوهان ڪڏهن ڪون پاتو آهي، اهڙي ريت هڪ عورت به ٻار کي جمنم ڏيڻ کانپوءِ ائين صاف ٿي ويندي آهي جئين هي ڪپڙا. اهو ٻڌي شهزادو زال جي ڏاهپ منجهان متاثر ٿيو ۽ سڄي رات ٻئي شاهي محل ۾ پيار ڪندا رهيا. ان کان پوءِ سومرن اهڙين ريتن رسمن کي ختم ڪري ڇڏيو.“
هاڻي آئون پاڻ کي ڪجهه سڪون ۾ ٿي محسوس ڪيو ۽ سوچيم ته راتوڪي شراب جو اثر ختم ٿي رهيو آهي، مون جئين ئي اکيون کوليون ته بُت بڻجي ويس، جسم منجهان ساهه ئي نڪري ويو ۽ خوف وچان هڪدم ٽپو ڏئي اٿيس، دل جو ڌڙڪو ۽ ساهن جو وهڪرو وڌي ويو، منهنجي نظرن جي سامهون هڪ اجگر نانگ جنهنجي ڪاري چمڙي چمڪي رهي هئي ڦڻ ڪڍيو ڪتاب مٿان ويٺو هو، اهو ايناڪونڊا جيترو وڏو ته ڪونه هو پر تنهن هوندي به وڏو ۽ مونکي خوف ۾ وجهندڙ، مون اهو ٿي چاهيو ته جلد کان جلد هي نانگ منهنجي اکين آڏو ٽري وڃي، پر ان مٿي ٿي وات کوليو.
يا خدا...! ذري گهٽ رڙ ڪندي پاڻ سان ڳالهايم: هي نانگ هتي ڇا پيو ڪري ۽ آخر آيو ڪٿان آهي...؟؟ آئون اٿي دريءِ ڏانهن ڀڳس پردو هٽائي تاڪ کولي گهٽيءِ ۾ نهاريم، ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. ڪارن ڪپڙن ۾ رستي ويندڙ هڪ جوڙو نظر آيو ته رڙ ڪندي کين چيم:
”مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو...“ هنن مون ڏانهن ڏٺو ته چيومان: ”منهنجي فليٽ ۾ هڪ نانگ اچي ويو آهي، مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو.“ ان جوڙي هٿ سان مون ڏانهن اشارو ڪيو، منهنجي جسم منجهان پگهر وهڻ لڳو، مون دريءِ وٽان ئي نانگ جي ڊڄاريندڙ اکين ۾ ڏٺو ۽ ترت ئي ٻيهر گهٽيءِ ۾ ڏٺم اهو جوڙو اُتان وڃي چڪو هو، نانگ صوفا ڏانهن ٽپو ڏنو.
”نه....“ نانگ کي ڏسندي رڙ ڪيم، ان جون اکيون سڌيون منهنجي اکين ۾ هيون. اي خدا! دل ۾ دعا گهريم: منهنجي لاءِ ڪو مددگار موڪل، مون پينٽ ۾ ئي پيشاب وهندي محسوس ڪيو جو فليٽ جي در واري گهنٽي وڳي، جيڪا مونکي ويتر ڊڄاري وئي.
”اسان تنهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيون؛“ در جي ٻاهران کان هڪ مرد جو آواز آيو: ”تون رڳو در کول آئون نيشنل زو جو گيمڪيپر آهيان، گهٻرائي جان نه.....“
”هڪ منٽ ترسو آئون اچان ٿو،“ خوف ۾ ٻڏل منهنجو آواز نڪتو ۽ بنا نانگ منجهان نظرون ڪڍڻ جي صوفا کان هٽي در ڏانهن وڌڻ لڳس، نانگ به ساڳي نموني چريو.
يا خدا...يا خدا....!! مون ڀڻڪيو.
”جلدي ڪر....“ ٻاهران مرد جو سخت آواز آيو.
”آئون اچان پيو،“ هلڪڙي رڙ ڪندي چيم، هلندي هلندي ڪتابن جي ڪٻٽ سان ٽڪرايس ۽ ذري گهٽ ڪرڻ وارو هوس، پر حواسن تي قابو رکيم ۽ در ڏانهن ڀڳس، نانگ صوفا کان ڪارپيٽ تي ٽپو ڏنو، منهنجو ساهه نڙي ۾ اٽڪي پيو. ان کي ڏسندي پتل جي گول لاڪ ۾ هٿ وجهي ڦيريم ته در کلي ويو ۽ ڪارا ڪپڙا پاتل جوڙا اندر داخل ٿيو، هنن کي چمڙي جون جيڪٽون پهريل هيون، هاڻي نانگ اسان ٽنهي کي ڏسڻ لڳو.
”پٺيان ٿيو.... پٺيان ٿيو ۽ گهٻرايو نه،“ همراهه ڪنهن پهلوان جيان هوا ۾ ٻانهون ڦهلائي مونکي ۽ هن سان آيل عورت کي در ڏانهن ڌڪيندي چيو، هن جون اکيون نانگ تي هيون، نانگ ڦڻ ڦڙڪايو.
”وڏي عرصي ۾ اهڙو نانگ نه ڏٺو اٿم،“ هن چيو، منهنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿيڻ لڳو.
”مهرباني ڪري ان کي هن فليٽ تان ٻاهر ڪڍ،“ مون بي صبري منجهان چيو ته عورت منهنجي ڪلهي تي ٿپڪي هڻندي چيو:
”فڪر نه ڪر.“ مون خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري، همراهه نانگ طرف وڌڻ لڳو، ان همراه طرف ڏسي ڦڻ ڦڙڪايو.
”هيري؛“ عورت پريشاني منجهان ڳالهايو؛ ”خيال سان.“
”جانم فڪر نه،“ هن چيو، سندس ٻانهون اڃا به ڪنهن پهلوان جيان ڦهليل، هيري ٻه قدم اڳيان وڌيو ته نانگ اڇل ڏني، هن جي پٺيان بيٺل عورت رڙ ڪئي، خوف منجهان مونکان به رڙ نڪري وئي، نانگ هن کي ڳيچي وٽ ڏنگهي اک ڇنڀ ۾ صوفا هيٺيان غائب ٿي ويو. هيري هيٺ اچي ڪريو ۽ سندس واتان گف وهڻ لڳي، آئون ۽ عورت هن ڏانهن ڀڳاسين، هيري جا حواس اڳئي کتا ٿي چڪا هئا، اسان گوڏن تي هن وٽ ويهي رهياسين.
”هيري....هيري....“ عورت هن جي تري مهٽيندي روڻهارڪي لهجي ۾ چيو: ”خدا جي واسطي اکيون کول“ سندس لهجي ۾ ڏک جي هڪ لهر هئي، مون هوريان همراهه جي ڪلين شوءِ منهن تي ٿپڪيون هنيون پر هو ڪونه چريو. اوچتو نانگ صوفي وٽان نڪتو ۽ عورت تي حملو ڪيائين، هن ڀيري به ڳيچي وٽ ڏنگ.
”آ...“ هن جي واتان هڪ آهه نڪتي ۽ هيري جي ڀرسان ڪري پئي، مون تي خوف تاري ٿي ويو، هڪدم اٿي کليل در کان ٻاهر ڀڳس ۽ ٽپا ڏيندو ڏاڪڻ لهي ويس. صبح جي پهرين پهر ۾ اکين آڏو ٻن انسانن کي ڏنگجندو ڏسي، سو به پنهنجي ئي فليٽ تي هڪ اهڙي ڳالهه هئي جنهنجو آئون ڪڏهن تصور به نٿي ڪري سگهس، منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون، هر شيءِ تان جو سين فرانسسڪو پل جا اوچا ڳاڙها برج به دنڌلا دنڌلا ڏسڻ ۾ آيا، آئون فون بوٿ ڏانهن ڀڳس، ان ۾ هڪ سڪو جلد کان جلد وجهي ايمرجنسي نمبر ملايم، ٻين گهنٽي تي ڪنهن فون کنيو ۽ مون ڪنهن عورت جو مٺڙو آواز ٻڌو: ”هيلو.“
”هيلو؛“ هڪ ساهي ۾ چيم؛ ”مهرباني ڪري ڪنهن کي مين اسٽريٽ لين ٿري ڏانهن موڪليو هتي هڪ حادثو ٿي پيو آهي.“
”ٺيڪ آهي؛“ مونکي ٻڌڻ کانپوءِ عورت نرم لهجي ۾ جواب ڏنو: ”پنڌرهن منٽن اندر پوليس اُتي پهچي ويندي.“ اهو ٻڌي مونکي مڙئي ڪجهه سڪون مليو، ۽ نڪري فون بوٿ وٽ بيهي انتظار ڪرڻ لڳس. پنڌرهن منٽن اندر پوليس جي گاڏي مون واري گهٽيءِ ۾ داخل ٿي جنهن ۾ ٻه پوليس سرجنٽ هئا، آئون تڪڙن قدمن سان هنن ڏانهن آيس ته هنن موکان پڇيو:
”ڇا تو ئي فون ڪيو هو؟“
”جي سر؛“ فليٽ جي عمارت ڏانهن اشارو ڪندي چيم: ”منهنجي فليٽ ۾ هڪ وڏو نانگ آهي جنهن ٻن ماڻهن کي ڏنگهي ماريو آ.“
”ڇا....؟“ هڪ سرجنٽ حيرت منجهان چيو، جنهن بعد اسان اندر طرف ڀڳاسين، فليٽ تائين پهچندي پهچندي آئون سمورو سهڪي رهيو هوس، در اڃا به کليل هو، اسان اندر داخل ٿياسين، ٻنهي سرجنٽن هٿن تي رٻڙ جا اڇا دستانا پاتا ۽ لاشن وٽ گوڏن ڀر ويهي رهيا.
”ڇا هي تنهنجا دوست آهن؟“ هڪ ڄڻو جيڪو عورت کي چڪاسي رهيو هو تنهن پڇيو.
”نه،“ مون جواب ڏنو ته ٻنهي حيرت ڀري نظرن سان مونکي ڏٺو.
”هو رستي ويندڙ هئا؛“ چيم: ”اٿڻ شرط مون فليٽ تي نانگ ڏٺو ته مدد لاءِ دريءِ وٽ آيس هو هيٺان لنگهي رهيا هئا جو مون سڏيومان، عورت هن کي هيري جي نالي سان ٿي سڏيو ۽ هن جو چوڻ هو ته هو نيشنل زو جو گيمڪيپر آهي.“ ٻنهي غور سان مونکي ٻڌو، هڪ ڄڻو اٿيو ۽ کليل در ڏانهن آيو، بيلٽ ۾ لڳل وائرليس ڪڍي ڪو نمبر ملائي چيائين:
”مهرباني ڪري مين اسٽريٽ لين ٿري ڏانهن ايمبولنس موڪليو ايمرجنسي آهي.“ ان دوارن منهنجون نظرون پردي ڏانهن ويون ۽ نانگ ڏسي جسم ٿڌو ٿي ويو.
”آفيسر،“ رڙ ڪيم ته هنن مون ڏانهن ڌيان ڌريو، بنا ڪجهه چوڻ جي گلابي پردي ڏانهن اشارو ڪيم.
”يا خدا...“ ٻنهي هڪ ئي ساهي ۾ چيو ۽ هوا ۾ ٻه انچ مٿي ٽپو ڏنو. اسان هڪدم ٻاهر نڪري آياسين ۽ در بند ڪري ڇڏيو، ڏهن منٽن اندر سڄي پاڙي کي خبر پئجي وئي ته هتي ڇا ٿيو آهي ۽ افواهون ڦهلائيندڙن افوهون شروع ڪري ڏنيون. پاڙي ۾ رهندڙ هندون هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سُس ڦس ڪئي.
”لڳي ٿو ڀڳوان شيوا گناهگار کان بدلو پيو وٺي،“ ڪنهن چيو.
”ها سچ ۽ ڀڳوان شيوا جي ڳيچي ۾ هميشه نانگ هوندو هو.“ هيڊي ڪپڙي جي گوڏ ٻڌل ۽ ننگي ڇاتي واري پنڊت راءِ ڏني، سندس ڇاتي جا اڇا وار اُڀا ٿي ويا.
”ها ملحدن کي پرآتما ۾ وشواس ڪرڻو ئي پوندو.“ اڃا ڪنهن ٻئي چيو، ۽ اهڙيون ئي بڪواس قسم جون ڳالهيون گهٽيءِ جي شروعات کان آخر تائين هلنديون رهيون. هر ڪو خوف ۾ ورتل، حيرتزدا ۽ پريشان ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ڄڻ حشر جو ميدان سجي چڪو هجي ۽ هو حساب ڪتاب لاءِ بيٺل هجن، سڀني جون اکيون منهنجي فليٽ ۾ کٿل، پاڙي جون سڀ هندو عورتون پڪيون، پوڙهيون، اڇيون، سانوريون، ڪاريون ڪوجهيون، سنهڙيون سپڪڙيون، ٿلهيون متاريون، بندريون ۽ ڊگهيون سڀ تلسي ديوي جي وڻ وٽ گڏ ٿيون جيڪو هندو واپارين جي مارڪيٽ جي وچ ۾ لڳل هو، وٽ ڀجهن ڳائڻ ۾ شروع ٿي ويون. اهڙي مسخري ۽ سوچ ڏسي منهن تي طنزيه مرڪ اچي وئي ۽ سوچيم: واهيات مذهبي جنوني، هنن وٽ هر موقعي ۽ حادثي جي مناسبت سان هڪ عبادت تيار پئي آهي.....!!
ايمبولنس اچي وئي، لاشن کي اتحاط سان ان ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ سائرن وڄائيندي هلي وئي.
”ڪبير؛“ هڪ پوليس واري منهنجو نالو کنيو ته هن کي ڏٺم: ”معاف ڪجو پر هاڻي کان اوهان کي ان فليٽ ۾ وڃڻ جي اجازت نه آهي.“
”ڇا...“ مون حيرت منجهان چيو: ”ته پوءِ آئون ڪيڏانهن ويندس....!!“
”معاف ڪجو؛“ ساڳي پوليس واري چيو: ”پر اوهان پنهنجن اکين سان ٻه قتل ٿيندي ڏٺا آهن ان ڪري جستائين اسان کي پوري پڪ نه ٿي ٿئي تيستائين هن فليٽ ۾ ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه ڏبي.“ مون بيزاري منجهان مٿو کنيو، سرجنٽ وائرليس تان هڪ ٻئي ڪال ڪري نانگ پڪڙيندڙ ماهرن کي گهرايو. 20 منٽن ۾ هو اچي ويا، اهي ٻئي ٿلها اڇي چمڙي وارا مرد هئا، هو منهنجي فليٽ تي ويا، ڪجهه ئي لمحن ۾ فليٽ تان اوچي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي، نانگ هنن ٻنهي تي حملو ڪيو. مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ نيٺ پوليس وارن ان فلور کي ئي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سخت هدايتون جاري ڪيون ته ان فلور تي ڪير به نه ويندو، دريون 24 ڪلاڪ بند رکيون وڃن، ٻارن جو خاص خيال رکيو وڃي، سڄي پاڙي ۾ خوف جي هڪ لهر هلي پئي، مونکي فليٽ تان سامان کڻڻ جي اجازت به نه ڏني وئي. پوليس وارا مونکي ٿاڻي تي کڻي آيا، بک سبب پيٽ منجهان گڙ گڙ جا آواز نڪرڻ لڳا، مون ته اڃا منهن به ڪونه ڌوتو هو، هڪ سرجنٽ مونکي سرڪاري فنڊ منجهان 50 ڊالر ڏنا ۽ اسٽيٽمنٽ تي صحيح ورتي ته جئين مون وٽ پنهنجا پيسا آيا ته اهي 50 ڊالر واپس جمع ڪرائيندس ۽ ڇڏي ڏنو.