9
”گلاب جوڳي.... گلاب جوڳي....“ هڪ جهپڙي اڳيان بيهي جمشيد رڙ ڪئي. اسان کي ان ڳالهه جو خوف هو ته ڪنهن ڪنڊ کان ڪتا نڪري اسان تي حملو نه ڪن، ٻارن جي روئڻ ۽ عورتن جي لولي جو آواز به آيو ٿي. جهپڙين ٻاهران مٽي جي چلهن ۾ باهه به ٻري رهي هئي. هي جوڳي سنڌ ڌرتي جا قديم رهواسي هئا، نانگ پڪڙڻ سندن هنر ۽ پيشو هو، جوڳي اڄ به جهر جهنگ لتاڙي لاهوت لامڪان ڏانهن پنڌ ئي نڪري پوندا آهن جتان هو مختلف پٿر ۽ ٻوٽيون هٿ ڪري ايندا آهن، هر طرف کان پيشاب جي ڌپ ٿي آئي، انڪري مون رکي رکي ٿي ساهه کنيو، جيڪڏهن عام رواجي حالتون هجن ها ته آئون هڪدم اُلٽي ڪري ڇڏيان ها، پر پاڻ تي قابو رکيم.
”گلاب جوڳي،“ هن ڀيري جمشيد ڪجهه تيز رڙ ڪئي. هڪ لمحي کان پوءِ اسان جي ڪنن تي ڪنهن عورت جي رڙ ڪري ته اسان جي لڱن منجهان ساهه ئي نڪري ويو، مون ڀانيو ڪو ان عورت تي گهرو تشدد پيو ڪري، پوءِ خبر پئي ته هن هڪ ٻار کي جنم ڏنو آهي. نيٺ گوڏ ٻڌل ۽ گنجي پهريل هڪ ٿلهو سانورو شخص جنهن جي ٻنهي ڪنن ۾ وڏيون واليون پهريل هيون جهپڙي منجهان ٻاهر آيو.
”گلاب جوڳي،“ جمشيد اُتساهه سان سندس نالو کنيو.
”جي،“ ٿلهي شخص نرم لهجي ۾ جواب ڏنو، ته جمشيد اڳيان وڌي هن سان هٿ ملايو ۽ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائنس:
”هي بابو ولايت کان آيو آهي کيس تنهنجي مدد گهرجي.“ هن حيرت منجهان اسان ٻنهي کي ڏٺو، سندس وڏين ڳاڙهين اکين ۾ ڏسي مونکي خوف ٿيڻ لڳو. تنهن هوندي به منهن تي مرڪ سجائي هن ڏانهن هٿ وڌايم.
”مهرباني ڪري اندر اچو“ هن جهوپڙي ڏانهن ويندي چيو ته اسان به هن جي پٺيان لڳي پياسين. جهپڙي ۾ ٻه کٽون پيل هيون، وچ ۾ هڪ ڪاٺ جو ڏنڊو لڳل جنهن جي ڪوڪي ۾ لالٽين لڙڪي رهي هئي، ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي صندوق رکيل، جنهن جي مٿان مرليون ۽ ڪپڙي جون ڳوٿريون پيل هيون.
”هي ڇا آهن؟“ مرلين ڏانهن اشارو ڪندي جمشيد کان پڇيم.
”مرليون آهن، هي ڪدو جي ٻج منجهان ٺهنديون آهن ۽ هنن جو آواز ٻڌي ئي نانگ ٻر کان ٻاهر ايندو آهي.“
”ڇا هو اسان کي مرلي ٻڌائي سگهي ٿو؟“ مون گلاب جي سانوري منهن ۾ ڏسندي چيو. جمشيد کيس مرلي وڄائڻ جو چيو.
”اسانجا؛“ گلاب نرم لهجي ۾ چيو: ”ڪجهه شاگرد تازا تيار ٿيا آهن، هنن جي مرلي ٻڌندئو؟“
”ٺيڪ آهي،“ جمشيد چيس تي هن جهپڙي کان نڪري رڙ:
”ساقو....لاکو.... مرليون کڻي هيڏانهن اچو.“ گلاب اسان کي کٽن تي ويهڻ لاءِ چيو ته اسان پير لڙڪائي کٽن تي ويهي رهياسين. به ڪارا ڪوجها پٺئن اگهاڙا ڇوڪرا اندر آيا ۽ جهڪي گلاب جي پيرن تي هٿ رکين ته هن سندن مٿي تي هٿ گهمايو، ٻئي ڇوڪرا کٽن جي وچ پٽ تي ويهي رهيا ۽ مرلي وڄائڻ لڳا، مرلي جو آواز منهنجي من کي موهڻ لڳو، منهنجي نظر گلاب ڏانهن وئي هو جهپڙي جي چئني ڪنڊ ۾ گهمندو ڪا شيءِ سنگهڻ لڳو، ڇوڪرا مرلي وڄائيندا رهيا. گلاب هيٺ گوڏن تي ويهي ڪاٺ جي صندق هيٺان هٿ ڪري هڪ سنهري نانگ ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، سندس هٿ ۾ نانگ ڏسي مون هوا ۾ بُل ڏنو، گلاب نانگ کي غور سان ڏسي جاچڻ لڳو.
”اهو توکي ڏنگهي ماري ڇڏيندو،“ مون خوف منجهان رڙ ڪئي، گلاب کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ نانگ کي ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ وجهي ڇڏيائين. ڪجهه گهڙين تائين ته منهنجو ذهن سُن ٿي ويو. نانگ ڏسي جمشيد به ڏڪي ويو هو، جيڏي مهل ذهن جاءِ تي آيو ته هوريان جمشيد کان پڇيم:
”هن کي ڪئين خبر پئي ته هتي نانگ آهي؟“ جمشيد گلاب کان پڇي چيو: ”هن کي نانگ جي خوشبو آئي، نانگ سندن اولاد جيان هوندا آهن انڪري کين آس پاس نانگ جي موجودگي تي خوشبو اچي ويندي آهي.“ آئون چپ ٿي اهو سوچڻ لڳس شايد ٽوڦڻ داس صحيح ٿي چيو. ايتري ۾ ٻاهر کان وري رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون جن جي ڪري اسان تي ٻيهر خوف تاري ٿي ويو، ٻه چار سانورا مرد جهپڙي ۾ آيا کين جوڳين جو خاص ويس پهريل هو، گلاب جوڳي کي هٿ ٻڌندي چيائون:
”استاد ڪم تيار آهي.“
”ها هلو،“ گلاب هنن سان ٻاهر ويندي چيو.
”ڇا ٿيو؟“ مون حيراني منجهان جمشيد کي ڏسندي پڇيو. جمشيد ٻڌايو ته هڪ جوڳي عورت پٽ کي جنم ڏنو آهي ۽ هاڻي گلاب ان کي سُتي پيارڻ پيو وڃي، جنهن کانپوءِ اهو ٻار اڳيان هلي جوڳي ٿيندو.
”ڇا پاڻ هنن سان نٿا هلي سگهون؟“ مونکي جوڳين جي ريتن رسمن ڏسڻ جو شوق جاڳيو سو جمشيد کي چيم. جمشيد گلاب کان پڇي ها ڪئي ته آئون هڪدم کٽ تان اٿي بيٺس. گلاب جي جهپڙي منجهان نڪري، چار جهپڙيون پار ڪري اسان هڪ جهپڙي ۾ آياسين، کٽ تي هڪ سانوري ٿلهي عورت ليٽيل هئي، سندس نرڙ تي پگهر جون بندون هيون ۽ سندس پاسي کان کرڙيون هڻندڙ تازو ڄاول ٻار هو. هر ڪو جهڪي گلاب سان مليو، ٻار جي پي کٽ تان ٻار کڻي گلاب کي ڏنو، گلاب هٿ تي رکيل ٻار کي آسمان طرف مٿي ڪيو پوءِ ٻار جي پيشاني تي ڪارو ٺڪو هنيو.
”هو ٻار کي ٿڃ ڇو نه ٿا ڏين؟“ مون هوريان جمشيد کان پڇيو.
”هن کي؛“ جمشيد به هوريان جواب ڏنو: ”پهريان سُتي پياريندا.“
”اهو ڇا آهي؟“ حيران ٿيندي پڇيم.
”نانگ جو زهر،“ جمشيد مونکي ڏسندي وراڻيو.
”ڇا؟“ ذري گهٽ مونکان رڙ نڪري وئي: ”ائين ته ٻار مري ويندو.....“
”جيڪڏهن مري ويو ته مري ويو، پر جيڪڏهن بچيو ته جوڳي ٿيندو.“ جمشيد بنا ڪنهن تاثر جي چيو. اهو ٻڌي منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، يقين نه آيم ته هن جديد دور ۾ اهڙا انسان به رهن ٿا جيڪي تازي پيدا ٿيل ٻار کي زهر ڏيندا آهن. گلاب جي اڳيان ڳاڙهي مٽي منجهان ٺهيل پيالو رکيو ويو جنهن ۾ نانگ جو زهر هو، هن منتر پڙهي پيالي ۾ ڦوڪ ڏني هڪ ٻانهن سان ٻار سنڀاليندي هن ٻئي هٿ ۾ پيالو کنيو ته مون اکيون بند ڪري ڇڏيون، ٻار جي روئڻ جو آواز ڪنن تي پيو. گلاب پيالي جو زهر ٻار کي پياريو، منهنجو سمورو جسم سُن ٿي ويو ڄڻ ٻار بدران مون زهر پي ڇڏيو هجي.....
”مبارکون....مبارکون..... نئين جوڳي جي ڄمڻ تي مبارکون.....“ اُتي بيٺل هڪ ٻئي کي خوشي وچان ڀاڪر پائڻ لڳا. مون جمشيد کي ڏٺو ته هن مرڪندي چيو:
”ٻار بچي ويو ۽ هاڻي هو وڏو ٿي جوڳي ٿيندو.“
اسان گلاب جي جهپڙي تي موٽي آياسين جمشيد کيس منهنجو سمورو قصو ٻڌايو، ان دوران هو هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندو رهيو.
”سڀ کان پهريان؛“ گلاب هوريان چيو: ”مونکي نانگ کي پاڻ وٽ گهرائڻو پوندو.“
”هو نانگ کي ڪئين گهرائندو؟“ مون بي يقيني ۾ جمشيد کان پڇيو.
”ان لاءِ“ جمشيد چيو: ”هو پوڄا پاٽ ڪندو.“ گلاب اٿي ڪاٺ جي صندق ڏانهن ويو، ان منجهان نارنگي رنگ جو جوبو ڪڍي پاتائين، پوءِ مٿي تي نارنگي ڪپڙي جو پٽڪو ٻڌيائين، ان کان پوءِ صندوق منجهان 10 12 منڊيون ڪڍي هٿن جي آڱرين ۾ پاتائين ۽ آخر ۾ مُرلي کنيائين. ان کانپوءِ ڳوٿري منجهان هڪ دٻلي ڪڍيائين جنهن ۾ ڳاڙهو پائوڊر هو هن پائوڊر سان کٽن جي وچ ۾ گول ٺاهيو. آئون حيراني ۽ تجسس سان سموري ڪاروائي ڏسندو رهيس، هن وڏي واکي رڙ:
”پيران پير دستگير..... هي تنهنجو ڪڙو آهي، بندن جي مدد ڪجان.....“ پوءِ ڳوٿري منجهان ساڳيو سنهري نانگ ڪڍيائين ان وقت نانگ کل مٽائي رهيو هو، نانگ کي ڏسندي ئي مونکي ڏڪڻي وٺي وئي.
گلاب وري رڙ ڪئي:
”پيران پير دستگير هن چلي تي تنهنجي نالي جي ڪڙي چاڙهيان ٿو.....“ مون ويران نظرن سان جمشيد کي ڏٺو ته هن ٻڌايو دستگير بادشاهه سنڌ جو تمام وڏو بزرگ هو،هن کي نانگ تي حڪم هلائڻ جو اختيار هو، سواءِ لونڊي بلا جي........ ان دستگير بادشاهه ته ننڊ ۾ حملو ڪيو ته بزرگ ان کي قيامت تائين لعنت ڏئي ڇڏي. گلاب پٽ تي ويهي مرلي وڄائڻ شروع ڪئي ته ان جي آواز تي منهنجو روح نچڻ لڳو، نانگ گول ۾ ڦڻ هڻڻ لڳو، گلاب هڪ هٿ سان مُرلي وڄائيندي ٻئي هٿ سان نانگ مٿان ڳاڙهو پائوڊر اڇلايو ۽ اکيون بند ڪري مرلي وڄائيندو رهيو، هن ٽيون ڀيرو پائوڊر اڇلايو ته نانگ اڀو ٿي ويهي رهيو، گلاب اکيون کولي ان کي ڏٺو ۽ وڏي واکي رڙ ڪئي:
”حق دستگير....“ نانگ وڪوڙجي ويهي رهيو، ڪجهه گهڻين تائين جڏهن نانگ ڪا به چر پر نه ڪئي ته مون تجسس وچان پڇيو:
”نانگ مري ويو ڇا؟“ ڪجهه گهڙين ۾ نانگ جو رنگ بدلجڻ جو لڳو ۽ مڪمل ڪارو ٿي ويو، اسان کي پنهنجي اکين تي يقين ئي نه آيو:
”بابو هي اهو ئي نانگ اٿئي جيڪو چار ماڻهو ماري آيو آهي.“ گلاب چيو، منهنجو جسم ٿڙڪڻ لڳو. پر نانگ ۾ ڪنهن به قسم جي چر پر نه آئي. گلاب گول ڏانهن هٿ وڌايو ته نانگ ڦڻ ڪڍي کيس ڏنگهيو، مون هڪدم خوف وچان جمشيد جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو هو پڻ سمورو ڏڪي ويو، گلاب اکيون بند ڪيون ته ڳوڙها وهڻ لڳس.
”نانگ،“ اکيون کولي اسان کي ڏسندي چيائين: ”روپ مٽائي ڳالهائڻ گهري ٿو.“ اسان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. گلاب ڪڙو لاهي نانگ هٿ ۾ کنيو ان کي ڳوٿري ۾ بند ڪري ٻاهر هليو ويو. گلاب ٻاهران موٽيو ته سندس سمورو جسم پاڻي ۾ پسيل هو، هن ڳوٿري منجهان هڪ ٻئي دٻلي ڪڍي جنهن ۾ هيڊي رنگ جو پائوڊر هو ان سان دستگير جي نالي جو گول ٺاهيائين ۽ پوءِ نانگ ڪڍي اچي ان ۾ رکيائين، وري پٽ تي ويهي ڪجهه منتر پڙهڻ لڳو ۽ پوءِ نانگ کي ڏسي وڏي واکي ڳالهايائين: ”تون ڪير آهين ۽ هن ولايتي بابو جو پيڇو ڇو پيو ڪرئين؟“ ائين ڄڻ سچ هن کي نانگ بلائن سان ڳالهائڻ جي طاقت هجي. ڪجهه گهڙين ۾ هر طرف روشني ٿي وئي، اها ايڏي ته تيز هئي جو مون ٻئي هٿ اکين تي رکي ڇڏيا ائين محسوس ڪيم ڄڻ جسم منجهان روح نڪري رهيو آهي اسان جئين اکيون کوليون ته وري سُن ٿي وياسين، جهپڙي ۾ اسان کانسواءِ اڇي لباس ۾ پوڙهو بيٺل هو، سندس ڏاڙهي، ڀرون ۽ مٿي جا وار کير جهڙا اڇا، هڪ هٿ ۾ لٺ هوس، جوڳي ان شخص کي ڏسي سندس پيرن وٽ سجدي ۾ ڪري پيو جمشيد ۽ مون تي رڦڻي تاري ٿي وئي، پوڙهي ڳالهايو:
”هن مسافر جي منزل عمر ڪوٽ آهي.“ گلاب سجدي ۾ ئي هو جو اوندهه ٿيڻ لڳي ۽ بزرگ غائيب ٿي ويو.
پرهه ڦٽڻ ۾ اڃا ٻه ڪلاڪ کن هئا، اسان کٽن تي ليٽي ڪجهه آرام ڪيو، جئين ئي آزان آئي ته ان سان گڏ ٻارڻ جون رڙيو ۽ ڪڪڙن جون ٻانگون به شروع ٿي ويون، عورتون مٿي تي دلا رکي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪري ويون، سڄي رات چوڪيداري ڪندڙ ڇتن ڪتن جي ڳيچن ۾ پٽا وجهي ڪلن ۾ ٻڌو ويو، جوڳي چانهن جي پيالي پي، ڳوٿريون ۽ مرليون کڻي شهر ڏانهن نڪري ويا. اسان اٿياسين ته گلاب جوڳي ٻاهران کان اندر آيو ۽ جمشيد کي چيائين:
”هڪ عورت هن نانگ جو روپ ورتو آهي.“ جئين ئي جمشيد مونکي ٻڌايو ته منهنجو وات ڦاٽي پيو ۽ ذهن ۾ ٽوڦڻ داس جي ٻڌايل ڪٿا ترڻ لڳي، معني آئون گذريل ڪنهن جنم ۾ زاني هوس يا هڪ اهڙو ظالم شهزادو جيڪو پنهنجي رايا تي ظلم ۽ جبر ڪندو هو.
”ڇا هن عورت کي پاڻ ڏٺو؟“ جمشيد کان پڇيم، هن گلاب کان ساڳيو سوال ڪيو ته گلاب هاڪاري ۾ ڪنڌ دوڻيو.
”ان جو،“ جمشيد خشڪ چپن تي زبان ڦيرندي چيو: ”چوڻ آهي ته سومرن جي صاحب کي عمر ڪوٽ وٺي اچو.“
سج اڀري آيو ته اسان ويگن تي چڙهي ٽنڊو الهيار آياسين، هوٽل تي ناشتو ڪري عمر ڪوٽ لاءِ ٽيڪسي ڪرائي، گلاب جوڳي به اسان سان گڏ هو.