ناول

وطن جن وساريو

ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون، ناول ۽ مضمون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو ايندا رهن ٿا. ڪليم وٽ موضوعن جي ڪابه کوٽ ناهي ۽ وڏي ڳالهه ته هر ناول کي سنڌ جي تاريخ سان ڳنڍي ڄاڻي جنهن ڪري ناول پڙهندڙ هڪ ساهي ۾ ناول پڙهي پورو ڪندو آهي. سندس هي ناول به اهڙو ئي آهي جنهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ کي ڪيئن نه هڪ نانگ ڇڪي سنڌ ٿو آڻي ۽ اهو نوجوان جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي وساري ويٺو هو سو ٻيهر سنڌ جي تاريخ کي لکڻ شروع ٿو ڪري ۽ دنيا کي سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.
  • 4.5/5.0
  • 2338
  • 924
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪليم ٻُٽ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وطن جن وساريو

7

اها ڪراچي جي هڪ خوشگوار صبح هئي، روم سروس ناشتي سان گڏ انگريزي اخبارون به ڏئي وئي، جن ۾ ملندڙ جلندڙ خبرون هيون، اخبار کولي چانهن جي ڪپ تي پڙهڻ شروع ڪيم:
”اصغر خان ڪيس جي مڪمل رپورٽ اچي وئي،
سي جي پي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي اڄ ٻڌڻي ڪندو،
بلدياتي نظام سبب سنڌ بند،“ جڏهن ته سڀ کان اهم خبر: ”ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سبب 13 ڄڻا مارجي ويا،“ سنگل ڪالم ۾ هئي.
10.30 لڳي مونکي ٻڌايو ويو ته جمشيد آيو آهي ۽ لابي ۾ منهنجو انتظار پيو ڪري، هن مهل تائين نانگ جو ڪوبه نالو نشان ڪونه هو، مون ڪجهه اڇا پنا، موبائيل فون ۽ ڊجيٽل ڪيمرا کئين ۽ هيٺ لهي آيس، هو خوب سنگاريل ويٽنگ روم ۾ ويٺل هو، ڳاڙهي ڪالين تي هلندو هٿرادو گلن کي پار ڪندو هن وٽ آيس ته هو اٿي بيهي مونسان مليو، بنا وقت وڃائڻ جي اسان ٻاهر نڪري آياسين. پارڪنگ ۾ جمشيد سليٽي رنگ جي ڪلٽس گاڏي ڏانهن وڌي ويو، در کولي هو ڊرائونگ سيٽ تي ويٺو جڏهن ته آئون پاسي واري سيٽ تي ويٺس. گاڏي اسٽارٽ ٿي ۽ اسان هوٽل کان ٻاهر نڪري آياسين، هو ڪنهن ماهر ڊرائيور جيان گاڏي هلائيندو رهيو، ان وقت روڊ تي رش ڪافي هئي، هڪ دونهون ۽ دز ٻيو گاڏين جا هانءُ ڏاريندڙ هارن، ائين ٿي لڳو ته هتي ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي ۽ هر ڪنهن کي جلدي ڪٿي پهچڻو هو، گاڏي هلائيندي جمشيد ڳالهايو:
”عمران خان اجايو آمريڪي ڊورنن جي مزاحمت ڪندو آهي، ان کان وڌيڪ ماڻهو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪري مئا آهن.“ مون خاموشي سان سندس سياسي تجزيو ٻڌو، مونکي مس ڪيٿي ڪيٽل جي هدايت ذهن ۾ هئي ته هتان جي مسئلن تي ڪا به راءِ نه ڏيان، سو دريءِ منجهان گوڙ گمسان، ڪچري، گاڏين ۽ اوچين عمارتن سان ڀريل بي ترتيب اڏيل ڪراچي کي ڏسندو رهيس. جمشيد هارن کي زور سان دٻائيو ڄڻ هارن وڄائڻ هن جو بنيادي حق هجي.
”ڇا تون؛“ مون سگريٽ دکائيندي چيو: ”مونکي ڪراچي جي ٻيٽن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي سگهين ٿو؟“
”جي ضرور،“ هن فخريه انداز ۾ چيو: ”منگهو پير، مورڙو مير بحر ۽ واڳون جو قصو سنڌي لوڪ ادب ۾ اهميت وارو قصو آهي.“ ۽ پوءِ هن مونکي مورڙي ميربحر جي داستان ٻڌائڻ شروع ڪئي.

مورڙي جو قصو:
هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا هي شهر نه اڏجيو هو، نه ڪو هن کي ڪراچي سڏيندو هو ۽ نڪو وري پراڻي زماني جو ڪولاچي. هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ جي سلطنت ايراضي ۾ وسيح هئي، ان جي ثقافت، ريتون رسمون ۽ تهذيب شاندار هئي، هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ جي سلطنت آزاد هئي ۽ شايد دنيا جي سپر پاور به هجي. هي اهو ئي زمانو هو جڏهن سنڌ سموري دنيا سان ڪاروبار ڪندي هئي، اهو سنڌ جي ترقي جو هڪ شاندار دور هو. ان زماني ۾ هي علائقو پٿريلو ميدان هو. ان زماني ۾ ٻروچن جو هڪ قبيلو ڪولاچ سندن سردار کان بغاوت ڪري کيرٿر جبل ڇڏي هنن ميدانن تي آباد ٿيو. ڪولاچ جي سردار جڏهن ڪاوڙ ۾ اچي هن قبيلي جي هر فرد کي مارائڻ جو اعلان ڪيو ته هو رات جي پيٽ ۾ ٻارن ٻچن ۽ مال متاع سميت هتي اچي ويا ۽ پنهنجا خيما هنيائون، سندن سردار اهو سوچي ته قدرت کين غرق ڪري ڇڏيو هن قبيلي کي وساري ويٺو. هاڻي هي قبيلو هتي سک سان رهڻ لڳو تان جو هڪ ٻيو ٻروچ قبيلو سفر ڪندو هتي آيو ۽ جڏهن پنهنجي علائقي ڏانهن واپس وريو ته چيائون هو ڪولاچ ويا هئا، اهڙي ريت هن گمنام علائقي کي پهريون نالو مليو. ڪجهه سال گذريا جو جوڳين جو هڪ ٽولو جيڪو سيهوڻ کان نڪتو هو ۽ هنگلاج وڃي رهيو هو تنهن هتي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون گذاريون، ڪولاچ انهن جوڳين جي خوب خدمت ڪئي. جوڳي جڏهن اُتان وڃڻ لڳا ته هنن ڪولاچ سان واعدو ڪيو ته هنن جي مهمان نوازي جي ڪري کين هڪ تحفو ڏيندا، جوڳي واپس وريا ته ڪولاچ قبيلي کي چيائون ته هنن سندن لاءِ خاص دعا گهري آهي، هي علائقو وڏي ترقي ڪندو ۽ هتي هڪ درويش جنم وٺندو جنهن جي زيارت لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا. اها ڳالهه ٻڌي هتان جي ماڻهن جوڳين جي رڍن جي کير ۽ ٻڪري جي گوشت سان خدمت ڪئي جوڳين ۾ هڪ روايت هئي ته هو علائقي جي نالي پٺيان اکر ”ي“ ضرور هڻندا هئا مثال لاهوت منجهان ”لاهوتي“ اهڙي ريت ڪولاچ جي علائقي کي ڪولاچي سڏيائون ته هن علائقي جو نالو ڪولاچي ٿي پيو.
پر اڃا به جوڳين جي دعا پوري ڪين ٿي هئي، ڪئي سال گذريا ۽ ڪولاچي اڪيلائپ ۾ رهندا آيا نه ڪو خوف ۽ نه ڪنهن حملا آور جو ڊپ، اهڙي نموني ڪجهه سال ٻيا گذري ويا ۽ پوءِ ڪجهه سنڌي ملاح جن جي زندگي ٻيڙين ۾ گذريندي هئي هن علائقي وٽان اچي نڪتا. اول ته ڪولاچين تي اهو خوف تاري ٿي ويو ته هي ملاح حملو ڪري زمين تي قبضو ڪندا ۽ کين غلام بڻائي ڇڏيندا، پر ماکڻ ميربحر جيڪو ملاحن جو چڱو مڙس هو، ٻيڙي تي بيهي ڪولاچين ڏانهن منهن ڪري وڏي واکي ڳالهائڻ لڳو:
”هن ڌرتي جا واسيو، اسان کي سنڌ امان جي هن حصي ۾ امن ۽ سک سان داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيو، اسان سنڌي ملاح آهيون ۽ هتي بهتر زندگي جي ڳولاءَ ۾ آيا آهيون، سنڌ جي ٻين حصن جي صورتحال ڪجهه عرصي کان خراب آهي ۽ بک سبب اسان جا ٻار مري رهيا آهن.“ ڪولاچين کي ملاحن جي حال تي رحم آيو، هنن کان ته اڃا سندن ڏکيو ماضي به ڪين وسريو هو ۽ ميربحرن کي ٻانهون کولي ڀليڪار ڪيائون ۽ اها پڻ آڇ ڪيائون ته هو زمين جي جنهن حصي تي خيما هڻڻ چاهين ڀلي هڻڻ، ڇو جو هو سنڌ ڌرتي جا اصل رهواسي آهن، اهڙي ريت هن علائقي ۾ ٻه وسنديون ٿيون، ٻئي قبيلا سندن ريتن رواجن موجب رهڻ لڳا، ٻورچن تي سنڌين جي ريتين رسمن جو ايترو ته اثر ٿيو جو هنن خوشي خوشي سندن ڪجهه رسمون اپنايون. ميربحرن جي روز شام جو گڏ ٿي ڪچهري ڪرڻ واري عمل ته ٻروچن کي موهي وڌو، ڏينهن جو سمنڊ ۾ مڇي مارين ۽ سج لهڻ کانپوءِ سڀ گڏجي ڪچهري ڪن. هو ميربحرن جي عورتن جن جو لباس ڪشادي شلوار قميض ۽ مڇي هڏن منجهان ٺهيل چوڙيون جيڪي کين ٺوٺ تائين پهريل هونديون، کي مختلف گانن تي رقص ڪندو ڏسي به خوش ٿيندا هئا، وچ ۾ باهه جو مچ پيو ٻرندو هو، هاڻي ٻنهي قبيلن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي ۽ هو امن، سک ۽ شانتي سان رهڻ لڳا، کاڌ خوراڪ جي ڪابه گهٽتائي نه هئي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ جوڳين جي ڪيل اڌ دعا قبول پئي. پر ڪولاچين جو اهو پختو يقين هو ته جوڳين جي دعا جو ٻيو حصو به ضرور قبول ٿيندو. انهيءِ سال ميربحرن وڏي انگ ۾ مڇي پڪتي، ايتري جيتري اڳ ڪڏهن نه پڪتي هئي، جڏهن ته لڳيتا ٻه مهينا برسات وسندي رهي، جنهن کانپوءِ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي. پوءِ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ وڏو واڇوڙو آيو، ان رات هر ڪو خوف وچان خيمن ۾ ئي رهيو. ٻئي ڏينهن جئين ئي سج نڪتو ته هر ڪو ڪم سانگي ٻاهر ويو، ميربحر ٻيڙين تي سمنڊ ڏانهن وڃڻ لڳا، ڪناري وٽ کين هڪ عورت بيهوش نظر آئي، سندس وار وکريل، پيرن تي مٽي جا تهه چڙيل وارن ۾ کڪ ۽ مٽي، هوءَ الف ننگي هئي ۽ سندس وات ۽ ناسن منجهان رت ٿي وهيو، اهو ڏسي ميربحر ڪولاچين جي ڇنن ڏانهن ڀڳا. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هو ڪولاچي مرد ۽ عورتن سان موٽي آيا، عورتن ان مائي جي ننگي جسم کي ڪپڙي سان ڍڪيو ۽ کيس سندن خيمن ڏانهن کڻي آيون. اها عورت هوش ۾ آئي ته رڙيون ڪرڻ شروع ٿي وئي، هر دل انهن رڙين جي ڪري ڏڪي ويو، پنهنجي تن تي اوڙيل ڪپڙي کي ڦاڙي هوءَ رڙيون ڪندي ميدان ڏانهن ڀڄڻ لڳي، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي، عورتون هن جي پٺيان لڳيون ۽ جڏهن هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪن ته سندس وات منجهان ڪو به لفظ نه نڪري، سندس اکيون رت جيان ڳاڙهيون هيون، هوءَ نه ته ڪجهه کائي نڪو وري سمهي. هر ڪو کيس مستاني، مستاني سڏڻ لڳو، ٻنهي قبيلن جا ٻار ڏينهن جو کيس ستائيندا هئا هن کي ڊوڙائيندا هئا ۽ هن تي ڇٿرون ڪندا هئا، ڪجهه مهينا مس گذريا جو مستاني جو پيٽ اڀرڻ لڳو، ۽ افواهه هلي پئي ته مستاني حاملا آهي، هر ڪو هن خبر تي حيرت ۾ هو، ڪنهن کي به يقين نٿي آيو، ۽ هاڻي عورتون مستاني جو ويتر خيال رکڻ لڳيون. مستاني جا ڏينهن ڀرجي آيا ۽ هوءَ ويم جي سورن کان رڙيون ڪرڻ لڳي، هڪ رات هوءَ سمنڊ ڏانهن ڀڳي وچ ۾ هيٺ ڪري پئي، ٻار کي جنم ڏنائين ۽ پوءِ وري اٿي سمنڊ جي پاڻي ۾ گم ٿي وئي. صبح جو جڏهن علائقي وارا اٿيا ته ڪناري تي واڳون ڏٺائون جنهن جي ڪري هرڪو خوف ۾ ڏڪڻ لڳو، اُتي ئي هڪ سهڻو ٻار ريتي تي پيو کرڙيون هڻي، ٻار روئڻ شروع ڪيو ته واڳون ان جي مٿان آيو، ۽ ٻار جي وات ۾ پنهنجي اکين منجهان وهندڙ ڳوڙها وڌائين، واڳون ٻار کي ائين ئي ڳوڙها پيارئيندو رهيو تان جو ان جي بک پوري ٿي ۽ روئڻ بس ڪيائين، ان بعد ٻار کي وات سان کڻي سمنڊ ڏانهن هليو ويو. هاڻي هر سال ساوڻي جي مند ۾ اهو واڳون ٻار سان گڏ ورندو هو، واڇوڙو هن جي اچڻ جي نشاني هئي، جئين ٻار ڌرتي تي پير رکي ته علائقي ۾ سک ۽ شانتي اچي وڃي، هر سال واڳون هڪ خاص هند تي روڪندو هو، ٽن سالن کانپوءِ ان هند تي واڳون ۽ ٻار لاءِ آستانو اڏيو ويو، ٻنهي قبيلن وچ تي ڪاٺ جو پلر اڏيو، بهترين رڍن جي قرباني ڏني وئي ۽ ڇائون ڪرڻ لاءِ وڻ پوکيا ويا، هڪ سال واڳون نه آيو ته ان سال برسات نه پئي ۽ پنج ماڻهو مري ويا ته ٻئي قبيلا ان پلر ڏانهن ڀڳا، اُتي ڳاڙها، ساوا ۽ ڪارا ڌاڳا ٻڌي منٿون ڪرڻ لڳا ۽ اهو عهد پڻ ڪيائون ته جيڪڏهن هن سال واڳون آيو ته هو ٻيڻي قرباني ڪندا. ٻئي سال ڇوڪرو آيو ته هر ڪو سندس هٿ پير چمڻ لڳو، ان رات آسمان سڀ در کولي ڇڏيا ۽ ميهن ريلا ڪري وٺو، واڳون کي گوشت ڏنو ويو. عورتون ڇوڪري جي پيرن تي ڪري التجا ڪرڻ لڳيون ته هو پاڻي پير ڏانهن نه موٽي وڃي، عورتن جو ٻڏائڻ ڏسي ڇوڪري اُتي رهڻ جي حامي ڀري ڇڏي، واڳون کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ سندس پيرن ۾ ڦرڻ لڳو، واڳون جي بيچني ڏسي ڇوڪر چاهه وچان چيس:
”منهنجي امان هنن ماڻهن کي مون ۾ ڪا اميد نظر آئي آهي، ان ڪري آئون هنن سان رهڻ گهران ٿو پر سال ۾ هڪ ڀيرو تون سان ملندس ۽ ان ڏينهن هتي وڏو جشن ٿيندو.“ اهو ٻڌي واڳون جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ هو سمنڊ ڏانهن هليو ويو. ڏينهن گذرڻ لڳا ۽ ڇوڪر بنا ڪپڙن جي آستان تي ويٺو هوندو هو، علائقي وارن کيس منگهو پير سڏڻ شروع ڪيو مرڻي ۽ پرڻي تي هن کان دعائون وٺڻ ايندا هئا. ڪولاچي مرد توڙي عورتون هن جي زيارت لاءِ پيا ايندا هئا پر جئين ته ميربحرن کي سمنڊ ۾ مڇي پڪڙڻ لاءِ وڃڻو هوندو هو ان ڪري هنن زيارت گهٽائي ڇڏي ۽ هاڻي سال ۾ هڪ ڀيرو سندن عورتون منگهو پير جي حاضري تي اينديون هيون ۽ قرباني جو حصو ڏئي وينديون هيون. ڪئي سال گذريا منگهو پير ڇوڪر منجهان جوان مرد ٿي ويو.
اهو ساليانا ميلي جو ڏينهن هو ۽ ميربحر عورتون پير تي حاضري ڀرڻ آيون، انهن ۾ هڪ 19 سالن جي جوان، جسم ۾ ڀريل، وڏن ڪارن وارن ۽ سهڻن نيڻن واري سڌوري به هئي، سندس چپ گلاب جي پڪڙين جهڙا هئا. هر ڪو پير کان دعا گهرندو اڳيان وڌندو ٿي ويو. جئين سڌوري منگهو پير جي سامهون اچي ويٺي ته پير جون نظرون هن تي ئي رهجي وئيون سڌوري جي سونهن ڏسي کيس ائين لڳو ڄڻ سندس دل سيني ۾ پهريون ڀيرو دڙڪي هجي، هن اهڙو حسن اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. ان ڏينهن کانپوءِ پير جي ننڊ اڏامي وئي، هو جنهن طرف به ڏسي کيس سڌوري جو مک ئي نظر اچي، دل سندس قابو کان ٻاهر نڪرڻ لڳي، عشق جي آتش ۾ سڙڻ لڳو، پير کان ته اهو به وسري ويو ته هو ڪير آهي، هاڻي سندس دل ۾ رڳو سڌوري کي حاصل ڪرڻ جي ئي خواهش هئي، ٻئي هر ڳالهه کيس بيمعني ۽ بي مقصد لڳي. هڪ ڏينهن صبح جي وقت جڏهن ٻارن ريتلي گهٽي ۾ راند ڪري رهيا هئا ۽ عورتون گهر جي ڪمن ڪارين ۾ هيون جو منگهو پير ڪولاچين جي وسندي جو رخ ڪيو، ٻارن جئين کيس ايندي ڏٺو ته رڙيون ڪري گهرن ڏانهن ڀڳا:
”پير سائين پيو اچي....... پير سائين پيو اچي.....“ اها خبر وڏڙن تائين پهتي ته تڪڙا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جيڪي ڪم ڪارين تي هئا سي اچي گڏ ٿيا، هر ڪنهن جي من ۾ اها خواهش هئي ته پير سائين سندس خيمي ۾ اچي.
”ڪولاچ قبيلا جا پيار انسانو؛“ پير صاحب ٿلهي آواز ۾ ڳالهايو: ”مون اڄ تائين اوهان کان ڪجهه نه گهريو آهي، جيڪڏهن اڄ اوهان کان ڪجهه گهران ته مونکي ڏيندو؟“ اتي بيٺلن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ وڏي واکي سڀني هڪ آواز ۾ ڳالهايو:
”اي پيرن جا پير، اسان غريب اوهان کي ڀلا ڇا ڏئي سگهنداسين.....!!“
”مونکي؛“ پير سندس ننگي جسم کي ڏسندي چيو: ”هن جسم لاءِ ڪپڙن جو وڳو گهرجي.“ اهو ٻڌي هر گهر جي عورت سندس مٿي جي پوتي لاهي پير صاحب جي قدمن ۾ رکي ڇڏي. منگهو پير سندس تن ڳاڙهي ۽ سائي ڪپڙي سان ڍڪي ميربحرن جي علائقي ڏانهن وڃڻ لڳو. سڀني حيرت ڀري نظرن سان هن کي ڏٺو تان جو هو سندن نظرن کان ڏور ٿي ويو.
جڏهن هو ميربحرن جي وسندي پهتو ته سج لهي رهيو هو، آسمان سرمائي ٿي چڪو هو، طاقتور سنڌي ٻيڙين کي ڪلن سان ٻڌي ڪلهن تي مڇيون کنيو خيمن ڏانهن وري رهيا هئا. منگهو پير واري جي هڪ ڀٽ تي ويهي رهيو، مٿي تي سنڌي ٽوپي رکيل ۽ منهن تي چپٽي ڏاڙهي وارن مردن کي هو ايندي ويندي غور سان ڏسندو رهيو. ميربحرن جي چڱي مڙس وريام جيڪو 56 سالن جو پڪو مرد هو ۽ سائي پڳ پائي گهمندو هو، کي خبر پئي ته علائقي ۾ ڪو مسافر آيو آهي ته هو ڀٽ وٽ آيو ۽ ان شخص کان پڇا ڳڇا ڪري کيس وسندي ۾ وٺي آيو. وريام کيس سندس خيمي ۾ وٺي آيو جتي هن جي نظر سڌوري تي پئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي من ۾ عشق جي چڻنگ ٻري پئي، ان رات منگهو کي مردن واري حصي ۾ کٽ ڏني وئي، پر کيس ننڊ ئي نٿي آئي ۽ پاسا بدلائيندو رهيو، تان جو جسم ۾ سور جو احساس ٿيڻ لڳس، هر طرف اوندهه هئي ۽ آس پاس کونگرن جو آواز ٿي آيو. منگهو پير همت ڪري سندس کٽ تان هيٺ لٿو ۽ عورتن واري پاسي وڌيو ۽ سڌوري جي کٽ ڏانهن آيو، سڌوري جي منهن ۾ ڏسي ان کي چنڊ سان ڀٽڻ لڳو، سڌوري کي پنهنجي مٿان ڪنهن انسان جي هجڻ جو احساس ٿيو ۽ هن اکيون کوليون ته پنهنجي مٿان منگهو کي ڏسي واتان رڙ نڪري ويس جنهن تي سڀ ڇرڪ ڀري اٿي پيا. جڏهن وريام وارن مهمان کي سڌوري جي کٽ مٿان بيٺل ڏٺو ته هن تي مڇرجي پيا.
”حرام خور اسان توکي آجو ۽ ان ڏنو؛“ وريام هن کي ڪاوڙ منجهان ڌڪو ڏيندي چيو: ”۽ تون وري اسان جي عزتن ۾ هٿ ٿو وجهين.“ مرد هن کي مارڻ شروع ڪيو، کيس ايترو ماريائون جو سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا ۽ جسم منجهان رت وهڻ لڳس. منگهو پير ڪولاچين ڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر مارجي ويو، ميربحر سندس لاش کڻي سمنڊ جي ڪناري ڇڏي ويا.
ٻئي ڏينهن صبح جو ڪولاچين کي منگهو پير جو لاش مليو ته هو سنڌي ملاحن تي مڇرجي پيا ۽ پير جو پلاند ڪرڻ جو اعلان ڪيائون. سندن هڪ بزرگ هنن کي صلاح ڏني ته اول پير سائين کي دفنائي ان تي مزار اڏجي ۽ ٿيو به ائين ڪولاچين منگهو پيرجي تربت ٺاهي ان تي سائو مقبرو اڏيو.
ٻن هفتن بعد هنن ميربحرن تي حملو ڪيو ته سنڌي به هن سان وڙهيا، ٻنهي ڌرين جا اٺ جوان مڙس مارجي پيا ۽ هاڻي هن ويڙهه جو ڪو به خاتمو نٿي نظر آيو. ٻنهي طرفن جا وڏڙا ۽ سردار فڪرمند ٿي ويا ۽ ان ڳالهه تي پهتا ته هن ويڙهه منجهان جند ڇڏائجي. ٻنهي قبيلن جا سردار سمنڊ وٽ کليل ميدان تي مليا، ماڻهن جو انبار پڻ فيصلو ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيو.
”اوهان؛“ ڪولاچين جي سردار وڌو، جنهنجي منهن تي گهاٽي ڏاڙهي هئي ان ۾ آڱريون ڦيرندي چيو: ”اسان جي پير سائين کي شهيد ڪيو آهي جنهن جي معافي نه ملندي.“
”ها پر؛“ وريام نرم انداز ۾ ڳالهايو: ”ان غلطي ڪارڻ اسان پاڻ ۾ ويڙهه جي حالت ۾ اچي ويا آهيون، ٻنهي طرفن کان جوان مڙس مئا آهن، هاڻي هن جو ڪو حل نڪرڻ گهرجي.“ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي اچي وئي عوام سردارن کي تجسس سان ڏسڻ لڳو.
”ته پوءِ ٺيڪ آهي؛“ وڌو ڳالهايو: ”اوهان ڏنڊ ڀري ڏيو.“
”ڪهڙو ڏنڊ؟“ وريام حيراني منجهان هن کي ڏسندي پڇيو.
”اوهان سنڌي ملاح؛“ وڌو مُڇيون وٺندي چيو: ”پنج نسلن تائين اسان کي پنهنجون ڌئيرون ڏيندا ۽ اسان کان اهو سوال نه ڪندا ته اسين هنن سان ڪهڙو سلوڪ پيا ڪريون.“ سنڌي جوان جوش ۾ اچي ويا، وريام جو منهن به ڪاوڙ منجهان ڳاڙهو ٿي ويو. سڀني ملاحن جون نظرون سندن سردار ۾ هيون، هنن دل ۾ دعا ٿي گهري ته سردار هي شرط نه مڃي وٺي....... ٻئي طرف ڪولاچي مرد مڪاري جي مرڪ مرڪڻ لڳا. وريام گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو. نيٺ وريام سندس جاءِ تان اٿيو ۽ ڏک ۾ چيائين:
”اسان سنڌي ملاحن لاءِ؛“ سندس قبيلي جي غيرتمند مردن اکيون بند ڪري ڇڏيون، هن ڳالهايو: ”اهو بهتر رهندو ته اسان رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهون.“ ملاحن جي منهن تي مرڪ موٽي آئي ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا: ”ها ها اسان وڙهنداسين....“ ۽ پوءِ سالن تائين هي ويڙهه هلندي رهي. هڪ سال اهڙو آيو جو علائقي ۾ ڏڪار اچي ڪڙڪيو، ڪولاچين جو مال متاع، مرد، عورتون ۽ ٻار مرڻ لڳا، حالت اهڙي ٿي وئين جو هو ملاحن کان مدد وٺڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ جنگ بندي جو اعلان ڪيائون، سنڌي ملاحن کي ٻروچن جي هن حال تي رحم آيو ۽ سندن مدد ڪرڻ لڳا ۽ ڏڪار منجهان جان ڇٽن.
ڪئي سال گذري ويا، اهي جيڪي ٻار هئا سي جوان مرد ٿي ويا، جيڪي جوان سي پوڙها ٿي ويا جڏهن ته پوڙها مري ويا. نئين نسلن پوراڻين جي جاءِ ولاري هاڻي ٻئي ڌريون گڏجي منگهو پير جي مزار تي حاضري ڀرينديون هيون، جنهن کانپوءِ وڏو ميلو لڳندو هو ۽ هر طرف خوشي ڦهلجي ويندي هئي.
وري هڪ سال اهڙو آيو جو مزار تي واڳون اچي ويا، ماڻهو انهن کي ڏسي خوف ۾ پئجي ويا ۽ ڪنهن ۾ به ايتري همت ڪونه هئي جو مزار تي وڃي، ٻنهي قبيلن وارا مزار ٻاهران روڄ راڙو ڪرڻ لڳا پر ڪو به فائدو نٿيو. واڳون ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مزار تي رهيا ۽ پوءِ گم ٿي ويا ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو.
هاڻي سنگار نالي ملاح ميربحرن جو چڱو مڙس ٿيو، هن کي ست پٽ هئا، سولو، جهولو، وچولو، جڏو، بينو، نابينو ۽ مورڙو. ستن منجهان ڇهه ڀائر سندن بهادري ۽ طاقت جي ڪري مشهور هئا، جڏهن ته مورڙو جسم ۾ ڪمزور هو، مورڙي جا ڀائر هن تي ڇترون ڪندا هئا ۽ هو ماءُ جي پٺيان وڃي لڪندو هو ته ڀائر چوندا هوس:
”ويچاري مورڙي کي لڪڻ لاءِ ٻئي ڪابه جاءِ نٿي ملي ۽ عورت پٺيان ٿو لڪي.“
”منهنجي ٻچڙي جي جان ڇڏيو؛“ ماءُ وڏن پٽن کي ڇڙٻ ڏيندي چوندي هئي. ان ته ڀائر کيس زن مريد سڏيندا هئا. سولو، جهولو، وچولو ۽ جڏو شادي شده هئا ۽ کين ٻار پڻ هئا، جڏهن 19 سالن جو بينو، 18 سالن جو نابينو ۽ 16 سالن جي مورڙي جي شادي نه ٿيل هئي. ننڍي هوندي کان ئي مورڙي تي ڪنهن به قسم جي جهل پل ڪونه هئي ۽ هو ٻين جي خيمن ۾ به ائين گهڙي ويندو هو ڄڻ سندن گهر ڀاتي هجي، ننڍي هوندي ته ڀيڻ ڪلمي ۽ نظيري سان ته گڏي راند به ڪندو هو، شايد تنهن ڪري ئي ٻنهي ڀيڻن جي شادي تي هو خوب رنو هو.
اها ڊسمبر جي هڪ سرد رات هئي، سنگار ۽ ميربحرن جا ٻيا وڏڙا باهه جي مچ تي گول ويهي ايندڙ سال واري ملهه مقابلي جي تياري بابت سوچي رهيا هئا، گذريل ٽن سالن کان هو ڪولاچين کان مقابلو هارائندا ٿي آيا ۽ هاڻي سندن ڪو به پهلوان ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار نه هو. سنگار جا ستئي پٽ به اُتي موجود هئا.
”هن ڀيري؛“ سنگار جي چوٿئن پٽ جڏو اٿندي چيو: ”آئون ملهه ۾ لهندس.“ وڏڙن کيس ڏٺو، جڏو ويڪري ڇاٿي، ڀريل ڏورن ۽ ڳاڙهين وڏين اکين وارو جوان مڙس هو، سڀني ان فيصلي جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن ٽي بزرگ ڪولاچين ڏانهن ويا ۽ ملهه لاءِ جڏو جو نالو ڏئي آيا. ڪولاچين طرفان ماجن جو نالو آيو، هي اهو ئي پهلوان هو جيڪو ٽن سالن کان کٽندو ٿي آيو.
ميلي جي پهرئين ڏينهن ميدان تي مرد، عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا، بزرگن لاءِ کٽون رکي انهن تي رليون وڇايون ويون. ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ ٻروچن ڪرتب ڏيکاريا، نيٺ اها گهڙي اچي وئي جنهن جو ٻنهي ڌرين سڄو سال انتظار ڪيو هو. 50 سالن جو بچايو جنهن جو پيٽ وڌيل، وڏيون مڇون ۽ مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل هوس ميدان جي وچ تي اچي بيٺو، هو ڪيترن سالن کان ملهه جو ريفري هو، سندس هٿ ۾ لٺ هئي، جنهن کي زمين تي هڻندي کهري آواز ۾ ڳالهايائين:
”ڀائرو آئون بچايو ميربحر ان ڳالهه ۾ اعزاز محسوس ڪريان ٿو ته ملهه جو هي مقابلو منهنجي نگراني ۾ ٿيندو، هاڻي آئون ميربحرن جي پهلوان جڏو کي ميدان ۾ اچڻ لا سڏيان ٿو،“ جڏو جو نالو ٻڌي ملاح تاڙيون ۽ سيٽيون وڄائڻ لڳا. بچائي هٿ هوا ۾ لوڏي ماڻهن کي چپ ڪرايو ۽ وري لٺ زمين تي هڻندي چيائين: ”سندس مقابلي لاءِ گذريل ٽن سالن کان هي مقابلو کٽيندڙ ڪولاچين جو پهلوان ماجن ميدان ۾ اچي.“ هن ڀيري ڪولاچين تاڙيون وڄايون، بچائي ٻيهر هٿ هوا هلائي ڳالهايو:
”اسان جو گواهه اسان جو پير سائين منگهو آهي، هي مقابلو پوري ايمانداري سان ٿيندو ۽ ٻنهي ڌرين کي ان جو نتيجو قبولڻو پوندو.“ ان کان پوءِ هن ٻنهي پهلوانن کي ڀاڪر پائڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ ٽي ڀيرا لٺ زمين تي هڻي مقابلو شروع ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. پهلوانن هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ماجن پهرئين ڌڪ ۾ جڏو کي کڻي گول ڦيرايو ته، جڏو جي زال اکيون بند ڪري ڇڏيو ته جڏو اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو. ڪولاچي خوشي وچان رڙيون ڪرڻ لڳا. وري ٻئي مقابلي جي تياري ٿي ڪولاچين جو هڪ ڇوڪرو وٺي ۾ تيل کڻي آيو ۽ بچائي کي ڏنائين، هنن ٻنهي پهلوانن جي سينن ۽ پٺئين تي تيل مکيو ، پوءِ ٻئي ملهه جو اعلان ڪيائين، جڏو کارن منجهان ماجن کي نهاريو ته ماجن هن ڏانهن طنزيه مرڪ اڇلائي، بچائي اشارو ڪيو ته ٻنهي ڄڻن هڪ ٻئي کي ٻک وڌي.
”کڻي ڦٽڪائنس ماجن... نه وڃي.......“ ٻروچ خوشي وچان رڙيون ڪرڻ لڳا، ملاحن جو ساهه مُٺ ۾ هو، جڏو طريقي سان ماجن کي انگڙي ڏئي هيٽ ڪرائي وڌو ته ملاح رڙيون ڪرڻ لڳا، ٽن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ٻئي ڌريون مقابلي ۾ برابر ٿي بيٺيون هيون. وري ٽيون مقابلو شروع ٿيو، ماجن جوش ۾ اُلر ڪئي پر جڏو هوش کان ڪم وٺي کيس ڪرائي وڌو. ڇهي ڀائر ميدان ڏانهن ڀڳا ۽ جڏو کي ڪلهن تي کنئن، ملاح خوش وچان نڄڻ لڳا، اها سڄي رات هنن جشن ڪيو، هر ڪنهن کي جڏو تي فخر هو.
ٻئي ڏينهن پاڻي ۾ مستي هئي وڏيون ڇوليون هيون، تنهن هوندو سولو ٻيڙي ڪڍي سمنڊ ڏانهن نڪتو ڪناري تي هڪ واڳون هن تي حملو ڪيو، سولو وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر واڳون کيس ڳڙڪائي ويو، هي اهو واڳون هو جنهن منگهو پير کي پاليو هو ۽ هاڻي هن جي موت جو بدلو ٿي ورتائين، جئين هي خبر وسندين ۾ پهتي ته خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ڪير به پاڻي ڏانهن نه ٿي ويو. جئين ته جڏو تازو ملهه کٽي هئي ان جوش ۾ اچي جهولو، وچولي، بيني ۽ نابيني کي ساڻ ڪري ڀاءُ جو پلاند ڪرڻ نڪتو ته واڳون هنن کي به ڳڙڪائي ويو. سنگار اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي هتي سندس خاندان لاءِ ڪجهه نه بچيو آهي ۽ هو هي علائقو ڇڏي رهيو آهي، سندس زال ڇهن پٽن جي موت جي خبر ٻڌي ته سندس دماغ جي رڳ به ڦاٽي پئي ۽ مري وئي، جڏهن ته جهولو، وچولي ۽ جڏو جون زالون چريون ٿي ويون. پوڙهو سنگار بيارومددگار ٿي ويو، ان وٽ هاڻي هڪ ڪمزور پٽ مورڙو کان سواءِ ڪجهه نه بچيو هو، ان رات هن پنهنجا ٽين ٽپڙ ٻڌڻ شروع ڪيا. جڏهن مورڙو کي سڏيائين ته کيس ڪوبه جواب نه مليو، هن کيس ٻيهر سڏيو، هن ڀيري به ڪو جواب نه مليس ته من وسامڻ لڳس ۽ پريشان ٿي ٻاهر ڀڳو، ايندڙ ويندڙ کان پڇي ته ڪنهن مورڙي کي ڏٺو آ، پر کيس انڪاري جواب ئي مليا.
”مورڙا... او پٽ مورڙا،“ هن گهٽي ۾ ڀڄندي رڙ ڪئي: ”پنهنجي پوڙهي پيءَ تي رحم ڪر ۽ مون ڏانهن موٽي اچ.“ ٻنهي قبيلن جا مرد اچي گڏ ٿيا ۽ مورڙو کي ڳولهڻ لڳا. نيٺ مورڙو کين سمنڊ ڪناري وٽ بيٺل نظر آيو، سنگار هن ڏانهن ڀڄندو آيو ۽ کيس نرڙ تي هٿن تي ۽ منهن تي چميون ڏيڻ لڳو.
”پٽ؛“ سنگار سڏڪو ڀريندي چيو ته مورڙو سندس جهوني منهن ۾ ڏٺو ۽ پنهنجن نرم هٿن سان پيءَ جا ڳوڙها اگهيائين. هو سندن خيمي ڏانهن وريا. گهر جا ٽين ٽپڙ ٻڌل ڏسي پيءَ کي چيائين:
”ابا آئون هتي ئي رهندس ٻيو ڪيڏانهن ڪين ويندس.“
”ٻچا؛“ سنگار سمجهائندي چيس: ”هاڻي اسان لاءِ هتي ڪجهه نه بچيو آهي.“
”ابا؛“ مورڙي سندس اکين ۾ ڏسندي چيو: ”اسان سنڌي ڪڏهن به پنهنجو پلاند ڪين ڇڏيندا آهيون.“
”پر پٽ؛“ سنگار فڪرمندي وچان چيس: ”اسان ڪنهن سان وڙهنداسين؟“
”ادا وارن جي دشمن سان،“ هن اعتماد سان پيءَ کي جواب ڏنو.
”ٺيڪ آهي؛“ سنگار ڪاوڙ منجهان چيس: ”جيڪڏهن توکي خودڪشي ڪرڻي آهي ته پوءِ وڃي ڪر.“ مورڙو ٻاهر نڪري ويو، وڏي ڀاڄائي هن کي روڪڻ لاءِ ٻاهر ڀڳي، سنگار ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويهي رهيو.
ٻئي ڏينهن کان مورڙو کليل ميدان ۾ ويهي لوهه کي هٿوڙي سان ڪٽڻ لڳو منجهد ويل سندس ڀاڄائي ماني کڻي آيس. ڏينهن هفتن ۾، ۽ هفتا مهينن ۾ بدلاجي ويا پر مورڙو پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهيو، ساوڻي تائين هن لوهه جو پڃرو، تکيون شيخون ۽ چاقو ٺاهي ورتا. هڪ شام جو اوچتو آسمان تي بادل گڏ ٿيا ۽ ڪڙڪاٽ سان وسيا، مورڙو پيءَ وٽ آيو، سندس پيرن تي هٿ رکي چيائين:
”ابا هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آئون ادا وارن جو پلاند ڪريان.“ اهو ٻڌي سندس پيءَ غم وچان اکيون بند ڪيون ته ڳوڙها ڳلن تي اچي ڪريس.
”آئون مورڙو،“ پيءَ کي چيائين: ”توکي وچن ڏيان ٿو ته پنهنجي ڀائرن جو پلاند وٺي موٽندس.“ ۽ ڪلهي تي رسي رکي ٻاهر نڪري ويو، لوهه جي پڃري ۾ رسي ٻڌي ان کي ڇڪڻ لڳو ۽ ڇڪيندو ڇڪيندو پاڻي تائين کڻي آيو، هن ڀيري به پاڻي موجن ۾ هو. مورڙي پڃري ۾ تازي گوشت جا ٽڪر رکيا، ۽ تکين شيخن واري در ۾ رسي ٻڌي ڪجهه پرڀرو ٿي ويٺوواڳون جئين ئي پڃري منجهان گوشت جا ٽڪر کائڻ شروع ڪيا ته مورڙي اک ڇنڀ ۾ رسي ڇڪي ته تيز شيخون مٿان کان هيٺ آيون ۽ واڳون کي چيري ويون، مورڙو اٿيو ۽ پڃري ڏانهن ڀڄندو آيو. واڳون کي مئل ڏسي رسي ڪلهي تي رکي پڃرو ڇڪڻ لڳو ۽ وسندي وٽ اچي وڏي واکي چوڻ لڳو:
”ڏسو ڏسو مورڙو پنهنجي ڀائرن جو پلاند ڪري موٽيو آهي،“ سنگار خيمي منجهان نڪري هن ڏانهن آيو ۽ اچي پٽ کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ان رات ٻنهي قبيلن اهو فيصلو ڪيو ته هن تر جو سڀ کان طاقتور جوان مورڙو آهي ۽ کيس علائقي جي محافظ جو منسب ڏنو ويو. اهڙي ريت هي داستان پورو ٿيو.
آئون مڪمل طور هن داستان ۾ ٻڏي چڪو هوس جو جمشيد مرڪندي چيو:
”منگهو پير اچي ويو.“ اسان هيٺ لٿاسين هن گاڏي پارڪ ڪئي، ٻه ٽيڪٽون وٺي اسان منگر منڇ جا تلاءُ گهمڻ لڳاسين، منگهو پير جي مزار تي به آياسين اڄ به وڻن ۾ ڪيترا ئي ڌاڳا ٻڌل نظر آيا، هر مذهب جو ماڻهو هتي اچي حاضري ڀريندو آهي ۽ ڪير ڪنهن کان نفرت نه ڪندو آهي، شايد اهو ئي سنڌ جو صوفيزم آهي..... سوچيم.