زيب سنڌي: هڪ منفرد مترجم
عام طور لفظي ترجما ڪن ڪن هنڌ اڻ ٽر ٿيو پون، خاص ڪري مذهبي ڪتابن جا ترجما، هوبهو ان ٻولي جي گرامر جي لحاظ کان ڪيا ويندا هئا (هاڻ انهن ۾ به تبديلي اچي چڪي آهي) ورنه علماءَ ۽ مذهبي پيشوا ان کي غلط سمجهندا هئا، مذهبي ڪُتب جي بي حرمتي ڄاڻندا هئا. هي ترجما ڪيترو وقت هلندا رهيا، ليڪن پوءِ ڪن ترجما نگارن همت ڪئي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي ضروريات کي آڏو رکي ترجما ڪرڻ شروع ڪيائون. بلڪ ان کي وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ، لکڻين کي ماخوذ به ڪرڻ لڳا، جنهن جو مثال مرزا قليچ بيگ جي ڪيل شيڪسپيئر جي ترجمن مان ملي ٿو، جنهن ڊرامن جي ڪردارن جا نالا بلڪ ڊرامن جا نالا ئي سنڌيءَ ۾ ڏنا. مثلاً شمشاد مرجانه، شهزادو بهرام وغيره. ٻئي طرف پوڪرداس جي ڇپايل شيڪسپيئر جي ڊرامن توڙي فرينچ اديبن جي ڊرامن ۽ ناولن جا ڪردار توهان کي ’ڀڳوان جو سوڳنڌ‘ کائيندي ملندا. جڏهن ته نالا هنن انگريزن وارا ئي برقرار رکيا. ليڪن ڪي ترجمه نگار جن جو پنهنجي ٻولي ۽ ترجمي ٿيندڙ لکڻيءَ جي ٻوليءَ تي هڪجيترو ئي عبور هئو، تن انگريزي ترجمن کي اهڙو سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي جو لڳي ٿو ته اهي ناول ۽ افسانا لکيا ئي سنڌيءَ ۾ ويا آهن. ”سون ورنيون دليون“ (Hearts of Soul) ”طلسم“ (Talisman) ”مصيبت مارايا سدائين سنواريا“ ۽ ٻيا ڪئين ناول ان جو بهترين مثال آهن.
سنڌي جديد ادب جو شروعاتي دور (20 صديءَ جي شروعات) ترجمن جو سونهري دور هو، جنهن ۾ بيڪن جا مضمون، شرلاڪ هومز جون ڪهاڻيون، شيڪسپيئر جا ڊراما، وڪٽر هيوگو، جين آسٽن، گورڪي جي ناولن ۽ ٻين ڪئين بين الاقوامي شاهڪارن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ جا مسلمان ۽ هندو ليکڪ ۽ مترجم گڏوگڏ شامل هئا. هنن ۾ ٻين اديبن سان گڏ امر لعل هنگوراڻيءَ جا ترجمو ڪيل ٻه افسانا Twice totd tale ۽ Moon light ٻڌائڻ اهم ٿو ڄاڻان جو پڙهندي بلڪل اصلوڪا معلوم ٿين ٿا. جيئن درياڻي جو ترجمو ڪيل ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ هو، ۽ شاهاڻي جو بلو کوکر جيڪو Mayor of the caster bridge جو ترجمو آهي. امر لعل جي افساني مان هڪ، نيٿنل هاٿورن جو افسانو Twice totd tale،
”آب حيات“ جي سري سان ته ٻيو موپاسان جو Moon light، هيءَ به ”رانجهوءَ سندي رمز“ هئو، جيڪي ٻيو دفعو طارق اشرف سهڻي رسالي ۾ شايع ڪيا هئا. ان کان اڳ موپاسان جو افسانو The neakles
”هار“ جي نالي سان ڪيترن ليکڪن ترجمو ڪيو هو جن ۾ ممتاز مرزا به شامل هو. اهڙيءَ طرح ترجمن ۽ ماخوذ ڪيل ناولن ۾ پاڪستان ٺهڻ تائين تمام گهڻي ترقي ٿي، ليڪن 1947ع کان پوءِ جي اٿل پٿل واري دور ۾ سنڌ جو وڏو پڙهيل ڳڙهيل طبقو سنڌ مان لڏي وڃي هند واسي ٿيو ۽ سنڌي ادب خاص طور ترجمي کي ڏاڍو ڌڪ رسيو. تڏهن به مٿي ذڪر ڪيل ليکڪ جن ۾ فضل احمد بچاڻي جو ترجمو ڪيل ناول ”عاشي“ (she) شامل آهي. جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ برصغير ۾ منظم طور، سرڪاري سطح تي ترجمه نگاريءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي، جنهن جو مثال ڪلڪتي واري فورٽ وليم ڪاليج آهي، جنهن ۾ عربي فارسي، هندي، انگريزي، فرانسيسي ۽ روسي ادب کي اردوءَ ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ وڏو ڄاڻو عملو مقرر ڪيل هئو ۽ سنڌ ۾ به اوائلي ڪتاب جهڙوڪ راسيلاس، سون ورنيون دليون يا سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل چچ نامو وغيره کي به سرڪاري سرپرستي حاصل هئي ۽ ادبي ڪارناما سرانجام ڏيڻ تي ليکڪن کي پئسو ۽ لقب القاب به ڏنا ويندا هئا. حقيقت ۾ هي دور ان دور جي جهلڪ هئو، جڏهن بغداد جي عباسي خليفن دارالترجمه قائم ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا جي عظيم ڪتابن سان مالا مال ڪيو هو ۽ عربي ۽ فارسي جا ڪتاب يورپ ۽ ٻين کنڊن تائين وڃي پهتا هئا. عباسي دارالترجمه جو مثال هن وقت به اسان جي آڏو آهي.
ترجمي ۽ ادب ۾ اهميت جو اندازو هر ڪو لڳائي سگهي ٿو، ان ڪري جو وقت بدلجڻ کان پوءِ به ان ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي آهي. گذريل پنجاهه سٺ سالن تي نگاهه وجهبي ته اسان کي ڪيترائي اديب نظر ايندا جن ٿورو ڪي گهڻو، پوءِ ادب جي چاهه ۾ يا ڪنهن نظرياتي نڪته نظر کان انگريزي توڙي فارسي، عربي ۽ اردو ادب مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئين ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. خاص طور جديد افساني ۽ ناولن جا ترجما گهڻا ملن ٿا. هن ڏس ۾ علمي ترجمه نگارن ۾ محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، نياز همايوني، سومار علي سومرو، شيخ اياز، حنيف صديقي ۽ ٻيا ڪئين محقق ۽ عالم سرفهرست آهن ته ٻئي طرف ناولن ۽ افسانن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي، مراد علي مرزا، نجم عباسي، رسول بخش پليجو، راقم الحروف (قاضي خادم)، غلام نبي مغل، نذير شيخ، ولي رام ولڀ ۽ زيب سنڌيءَ جا نالا اچن ٿا، حالانڪ اڃا به وڌيڪ نالا آهن، جن مان ڪنهن جولس فيوچڪ جي ڊائري ته ڪنهن وري اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ’اور چراغ جلتا رها‘ جهڙن ڪتابن کي سنڌي ويس ڍڪرايو، جنهن ڪري سنڌي ادب بين الاقوامي فڪر سان به مالا مال ٿي ويو.
هي ڪتاب ڌرتي ماءُ، زيب سنڌيءَ جو ترجمو ڪيل آهي. چنيگز اعتماتوف جو هي انقلابي ڪتاب ڪنهن به ريت پرل ايس بڪ جي ناول The Good Earth يا اروسڪن ڪالڊ ويل جي ناول This earth is mine کان گهٽ نه آهي، حالانڪ انهن کان پيجز ۾ تمام گهڻو ننڍو آهي. انقلابن جي دنيا جدوجهد جي دنيا ۽ ڏتڙيل غريب ۽ معاشري ۾ گهٽ پئسي يا بنهه غربت ۾ رهندڙ اربين انسانن جي زندگيءَ ۾ هر دم هر گهڙي جدوجهد جوئي احوال ملندو. ڀلي افريقي شيدين جا قصا هجن، جن کي زوريءَ غلام ڪري زنجيرن ۾ ٻڌي امريڪا جي بنيادن کي هنن جي رت ۽ هڏن تي قائم ڪيو ويو، جنهن جي نمائندگي جان اسٽين بيڪ جو ناول Grapes of wrath ۾ انڪل ٽامس ڪئبن ۽ How grean was my vellay جهڙا ڪئين عظيم ناول ملندا ته ٻئي طرف چين جي عظيم لانگ مارچ ۽ روس جي مزاحمتي ادب جا به اڻ ڳڻت ناول آهن، جن مان ڪي ته ترجمو ٿي انگريزي ٻولي ۽ اتان اردو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا پر اڃا به هڪ وڏو تعداد انساني جدوجهد ۽ ڏتڙيلن جي نوحن جو آهي، جيڪو پنهنجي ٻولين جي سرحدن ۾ ئي بند آهي. هي ننڍڙو ناول ’ڌرتي ماءُ‘، انهن مان هڪ لڳي ٿو، جنهن کي چونڊي زيب سنڌي پنهنجي ادبي پسند، انسان دوستي ۽ سچائيءَ سان پيار جو ثبوت ڏنو آهي.
هن ڪتاب جو ترجمو تُز سنڌيءَ ۾ نهايت روانيءَ سان ڪيل آهي، جيڪا هڪ اعليٰ ترجمه نگاريءَ جو مثال هئڻ گهرجي. ڪٿي ڪٿي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ هي ناول زيب جو ئي لکيل آهي، جو بعد ۾ هن جي نثري لکڻين، ناولن جي ٻوليءَ جو انداز به گهڻو تڻو اهڙو ئي آهي.
ناول جو شروعاتي پئراگراف ئي ترجمي جي خوبصورتي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
”ڏاڍو اڻ لَکي انداز سان مون کي ياد ٿو پوي ته، جڏهن مان ننڍڙي هيس ته لاباري جي وقت مون کي ٻار جي پاڇي ۾ وهاريو ويندو هو ۽ ڀرسان مانيءَ جو هڪ ٽڪر رکي ڇڏيو ويندو هو“
هن پئراگراف کي ڏسي ۽ ان کانپوءِ وارن حصن جي حسن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. هن ڪتاب جي ترجمي مان ڪي ٽڪرا ڏجن ٿا جيڪي ترجمي جي خوبين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
”جيتوڻيڪ مون وٽ ريشمي ڪپڙا نه هئا، پر وڏي ٿي مان ڏاڍي منهن مهانڊي واري ٿي پيس، مون کي پنهنجو پاڇو به ڏاڍو چڱو لڳندو هو.“
”پوءِ هڪ چانڊوڪي رات آئي، اهڙي سهائي رات وري شايد ڪڏهن به دنيا ۾ نه اچي.“
”انهيءَ سال قهر جي گرمي ٿي، اسان جي ساٿين مان ڪونه ڪو روز جنگ تي ويندو هو ۽ اسان جو ڪم وڌي ويندو هو. تکي اُس ۾ ڪم- رات جو لڪ لڳندي ڪم، لڳاتار ڪم.“
”انهيءَ ڏينهن کان مون سندرو کڻي ٻڌو ۽ ٽيم ليڊر جا فرض سنڀالي ورتم. اهو ڪم اڄ به سؤلو ناهي، پر ويڙهه جي ڏينهن ۾ اڃان اوکو هو.“
”اسان جي زندگيءَ جو ڍنگ بدلجي ويو، اسان کي بکيو رهڻ جي عادت پئجي وئي پر اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو گڏيل فارم هلائيندا رهياسين.“
”اڄ به اها ريل ڪڙڪا ڪندي منهنجي دماغ مان لنگهندي آهي ۽ ڦيٿن جي کڙکڙ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي آهي.“
”هر ڳالهه جي هڪ محل هوندي آهي، ڪابه ڳالهه جيڪڏهن وقت سر چئي ٿي وڃي ته ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي. مهل کان پوءِ ان جو اثر ختم ٿي ويندو آهي، پر دل تي اڻ چيل لفظن جو ڳرو بار رهجي ويندو آهي.“
”پنهنجي پاڙيسرڻ عائشه سان مون جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو تاحيات نه وسرندو. عائشه جو مڙس جيڪو جنگ کان اڳ رضا ڪري چڪو هو ۽ هاڻي پنهنجي پٽ بيڪتاش کانسواءِ سندس ڪوبه نه هو.“
”مون کي بهار جي اُها مند سدائين ياد رهندي جڏهن اسان جي سوڀ ٿي ۽ جڏهن سڄي ڳوٺ مورچي تان موٽندڙن جي آجيان ڪئي.“
”اڄ جڏهن مان انهيءَ وقت بابت سوچيان ٿي، ته مون کي احساس ٿو ٿئي، ته جيڪڏهن سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجين نيڪ خواهشن ۾ انهيءَ نموني متحد ٿي وڃن، جيئن ان وقت اسان پنهنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ مڙسن لاءِ گڏجي دعا گهري رهيا هئاسين، ته دنيا ۾ وري ڪڏهن جنگ جو ڀنڀٽ نه ٻري.
ٻار ڄمڻ جي موقعي تي چيل لفظن جو ترجمو، ”الله وڌائيس، وڏي ڄمار ماڻي. پٽ تنهنجا به لک لائق، تو مون کي اها چڱي خبر ٻڌائي.“
هي چند مثال ئي هن ڪتاب جي ترجمي جي خوبي ۽ ٻوليءَ جي تُز استعمال جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن.
زيب سنڌيءَ جي هڪ سٺي مترجم هجڻ جو وڏو ثبوت سندس ڪتابن جي چونڊ به آهي. هن پنهنجي هڪ مخصوص پسند قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ انقلابي ۽ فڪري لکڻين کي هن سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ جو سوچيو آهي. ليليٰ خالد ۽ خليل جبران جا ترجما سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيگور ۽ شرت چندر جي بنگالي لکڻين کان گهٽ ناهن، جن جديد سنڌي ادب تي تمام وڏو اثر وڌو هو. مون کي پنهنجو ئي تجربو آهي، جو آءٌ فڪشن يعني ناول ۽ افساني کي گهڻو پسند ڪندو آهيان. ڪئين ڏهاڪا اڳ سنڌ جي نهايت وڏي نقاد ۽ دانشور رسول بخش پليجي جن مون کي هڪ ويتنامي ناول A narrow strip of land ۽ ڊاڪٽر نجم عباسي کي Red lentren ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهي ڪتاب به پاڻ اسان کي ڏنائين، جيڪي ان وقت چيني انقلاب ۽ ويٽنام ۾ امريڪي ڏاڍاين جو مقابلو ڪندڙن جي باري ۾ هئا ۽ ڏاڍا مقبول هئا. خود مون کي به اهي ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ايندو هو، ليڪن ان وقت مون ان ڪتاب جي بدران دوستووسڪي جو ناول The gambler (جواري) ترجمو ڪرڻ پسند ڪيو ۽ ان کان اڳ البرڪامئو جو ناول The fall (زوال) پيري لوئيءَ جو Aefrodite (سونهن جي ديوي) جميز هلٽن جو ناول Good by to mr. chips (مسٽر چپس کي سلام) ۽ سارتر جو طويل ناوليٽ Intimacy (پيار) ترجمو ڪيا. اهڙيءَ طرح مراد علي مرزا پنهنجي سوچ جي معيار تي لهندڙ ناول ترجمو ڪيا ته ولي رام پنهنجي پسند جا اردو، هندي ۽ انگريزي ڪتاب ترجمو ڪيا. هن دور جي ترجمن ۾ ٽيگور، ڪرشن چندر، قرة العين حيدر، سارتر ۽ ڪامئو جا ڪتاب شامل آهن.
هيءَ هڪ ليکڪ/ترجمه نگار جي خاص خوبي آهي ته هو ڪنهن صنف سان خاص سڃاتو وڃي ۽ زيب سنڌي هڪ مترجم جي حيثيت سان پنهنجي وطن پرستي ۽ رومانوي پسند جو اظهار جيئن ڪتابن جي چونڊ ۾ ڪيو آهي، اها سندس خاص خوبي آهي.
قاضي خادم
2014-9-3