3
روز اسان جا مرد هڪ هڪ ڪري محاذ تي وڃي رهيا هئا. اسان سڄو ڏينهن ڪم ڪندا هئاسين ۽ جنگ کان سواءِ اسان وٽ ڪو موضوع ئي نه هو. سڀني کي پاڻيءَ جو ڏاڍو اوسيئڙو هوندو هو. قاسم جي وڃڻ کان هڪ هفتو پوءِ مسبيڪ جو خط آيو، هن لکيو هو ته کيس ۽ سندس ساٿين کي فوج ۾ گهرايو ويو آهي ۽ في الحال ساڳئي شهر ۾ رهيل آهن. ٻيو ته جيڪڏهن هو اسان کان موڪلائڻ لاءِ نه اچي سگهي ته اسان کي ڳڻتي نه ڪرڻ کپي . ڪنهن ڏک يا فڪر جي ضرورت ناهي، ڇو ته سوڀ نيٺ اسان جي ٿيندي . سندس ٻيو خط ”نووسي برسڪ“ کان آيو، جتي هو آفيسرز ٽريننگ ڪاليج ۾ شامل ٿي چڪو هو. هن پنهنجي تصوير پڻ موڪلي هئي . اها تصوير هاڻي ڌنڌلي ٿي وئي آهي پر فريم ۾ مڙهيل ، اڃا تائين منهنجي گهر ۾ رکي آهي . هو ڪيڏو وڻندڙ لڳي رهيو هو! پويان ورايل گهاٽا وار، ۽ اداس سوچيندڙ اکيون، منهنجي خوابن ۾ به هو ساڳئي انداز سان ايندو آهي.
عليما مسبيڪ کي فقط هڪ دفعو ڏٺو هو، جڏهن هو ڀاءُ جي شاديءَ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ گهر آيو هو. تصوير ڏسي هن چيو، ”اسان جو مسبيڪ ڪيڏو سهڻو ٿي پيو آهي! شادي واري ڏينهن، پردي جي پٺيان مون فقط سندس هڪ جهلڪ ڏٺي هئي ۽ بهرحال ڪنوار لاءِ غير مرد کي چتائي ڏسڻ به ته مناسب نه هو نه! موٽڻ تي کيس پاڻ جهڙي سهڻي ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري ملي پوي ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي!“
سياري جا پهريان مهينا خراب نه گذريا. منهنجا ٻيئي سپاهي پٽ لڳاتار خط لکي رهيا هئا، جنهن جي ڪري مان ڪجهه پرسڪون رهيس . پوءِ قاسم لکيو ته سندس يونٽ محاذ تي موڪليو ٿو وڃي، منهنجي دل ٻڏي وئي . ان کان پوءِ ئي سووان کي ڀرتي واري آفيس گهرايو وڃڻ لڳو. ڪڏهن طبي معائنو ته ڪڏهن رجسٽريشن آفيس جا چڪر ۽ ٽيم ليڊري جي محنت سبب هو بي حال ٿي پوندو هو، ڇو ته هڪ گڏيل فارم، ٽيم ليڊر کان سواءِ بيڪار ٿي پوندو آهي . پوءِ سووان به فوج ۾ شامل ٿي ويو. مون کي اها خبر تڏهن ملي، جڏهن اسان برف کان بچيل سچيل اَنُ ڳاهڻ ۾ رڌل هئاسين. خبر ڄاڻڻ شرط مان ٻياني بهه ۾ اٽڪائي انهيءَ جي ٿڌي لوهه تي مٿو رکي بيهجي ويس .
هاڻي مان ڇا ڪيان؟ ڪيئن زندهه رهان؟ منهنجا ٻيئي پٽ ۽ منهنجو مڙس.... سووان گهوڙي تي سوار گاهه واري جاءِ تي آيو ۽ منهنجي ڀرسان پهچي چيائين، ”هل گهر هلون، گهڻا انتظام ڪرڻا آهن.“
مان گهوڙي تي سوار ٿيس ۽ هو اهو چئي مون سان گڏ پنڌ هلڻ لڳو ته ائين ڳالهائڻ ۾ سهولت ٿيندي پر ڳالهائڻ ڏاڍو اوکو هو. لفظ ڪٿي وڃائجي ويا هئا، منهنجي اندر ۾ ڄمي ويا هئا. آسمان تي گهاٽا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ برف وسڻ لڳي . ٻوڙا اداسي مان لڏي رهيا هئا، ۽ طوفان اچڻ وارو هو. ٻني غمگين اداس ۽ ويران هئي . سووان لڳاتار سگريٽ پئندو گڏ هلندو رهيو، پوءِ منهنجو هٿ هن پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو، ”سيءُ ٿو ٿيئي؟“ پر مان چپ رهيس. هن شايد ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. شايد اهو، ته هاڻي مان پنهنجي پٽن جي ڪڍ ٿو وڃان، اتان جو حال ڪهڙو هوندو؟ ڇا مان موٽي ايندس؟ يا موٽڻ قسمت ۾ ناهي؟ شايد اسان سدائين لاءِ ڌار ٿيڻ وارا آهيون. جيڪڏهن ائين ٿيڻو آهي، ته اڄ پنهنجي گذريل سرهي زندگي کي ياد ڪيون . خبر ناهي هن اهو چوڻ چاهيو ٿي يا نه، پر جڏهن هن ڪنڌ مٿي کنيو ته ڏٺم، هن جو پنهنجي چپ ۾ چڪ پيل هو ۽ مون اوچتو پهريون دفعو ڏٺو ــــ پهريون دفعو ته سندس مڇون اڇيون ٿي ويون هيون . عجيب ڳالهه آهي ته مون اڳ ڪڏهن به انهي ڳالهه تي ڌيان نه ڌريو هو! مون کي ياد آيو ته انهي ٻني تي اسان پهريون دفعو ڪيئن مليا هئاسين، ڪيئن ٻاويهن سالن تائين گڏ محنت ڪئي هئي سين، ٻارن کي پالي تاتي وڏو ڪيو هئوسين، فصل پوکيا هئاسين، منهنجي سڄي زندگي کن پل ۾ منهنجي اکين اڳيان ڦري آئي . منهنجي ذهن گمان ۾ به نه هو ته ڪڏهن هيئن ، شايد اسان سدائين لاءِ وڇڙي وينداسين. مون کي ياد آيو، ڪيئن پهرين اونهاري واري مند ۾ اسان شام جو گهوڙي ئي سوار، انهي رستي تان لنگهيا هئاسين ۽ هاڻي مون سوچيو ته ٻاهر نئون رستو ۽ اڻ پورا ٺهيل گهر ائين ئي نامڪمل پيا هوندا! عليما ۽ قاسم جي ٽڪري ۾ مون کي ڪچين سرن ۽ پٿرن جاڍير نظر آيا. مان گهوڙِي جي ڳچيءَ تي ڪِري سڏڪا ڀرڻ لڳيس، ڪا مهل روئيندي رهيس . سووان صبر ۾ رهيو، پوءِ چيائين، ”ها، تولگو، دل ڀري روءُ . هتي اڪيلي آهين پر ٻين جي سامهون نه روئجانءِ . هاڻي ڇڙو تون گهر ڌياڻي ۽ جينڪ ۽ عليما جي سنڀاليندڙ ئي ناهين، پر هاڻي تو کي منهنجي جاءِ تي ٽيم ليڊر به ٿيڻو پوندو. تو کان سواءِ اهو ڪم ڪوبه نه ڪري سگهندو.“
اهو ٻڌي مان اڃا وڌيڪ رنيس. ”کڏ ۾ وڃي پوي تنهنجي ٽيم ليڊري . هن مهل تو کي ڇڙو اهائي ڳالهه ٿي سجهي؟ هاڻي مان انهي سلسلي ۾ اکر به نه ٻڌنديس.“ پر انهي شام تي ئي مون کي گڏيل فارم جي آفيس ۾ گهرايو ويو. اتي اسان جي نئين چيئرمين بوسينبائي کان سواءِ ڳوٺ جا ڪيترائي بزرگ شخص به هئا. چيئرمين، جيڪو هڪ پراڻو فوجي هيو، بنا تمهيد جي مون کي چيائين، ” تو لگو! تون جيئن به چئين، پر هاڻي تون نئين ٽيم ليڊر آهين . همٿ ڪر، اسان جي گڏيل فارم جي زمينن، هارين ۽ آبپاشيءَ جي معاملن بابت تو کان وڌيڪ ڄاڻو ڪوئي ناهي . ٽيم ليڊري هاڻي تنهنجو فرض آهي، ڇو ته اسان کي تو تي ڀروسو آهي ۽ اسان جو ڀلوڙ ٽيم ليڊر، جنهن کي اسان ڏاڍي ڏک مان الوداع ٿا چئون، تنهن کي تو تي ڀروسو آهي . اسان کي ۽ تو کي اهو نئون فرض قبول ڪرڻو ئي پوندو، انهي کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي . سڀاڻي کان تون پنهنجو ڪم شروع ڪندينءَ.“
ڳوٺ جي وڏن چيئرمين سان ها ۾ ها ملائي ۽ مون کي نئون ڪم سنڀالڻ تي مجبور ڪري وڌائون . موجوده حالتن ۾ مان انهيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ تنهن کان سواءِ سووان جي مرضي به اهائي هئي . انهيءَ رات سووان سڄي رات نه ستو. مون کي صلاح مشورا ڏيندو رهيو. بهار جي مند لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏ. هرن، ٻيانين ۽ ڇڪڙن جي مرامت ڪرائي ڇڏ، ڳوٺ جي گهرن ۾ پوڙهن ۽ ٻارن جي سار لهندي رهه . سڄي رات ويچارو انهن ئي ڳڻتين ۾ ورتو رهيو ۽ ٻاهر برفاني طوفان گجندو رهيو، تيز هوا سيٽيون وڄائيندي رهي.
قاسم جيان اسان سووان کي به روڊ تي ئي الله واهي چيو. پوءِ هو پنهنجي عمر جي ڪجهه ساٿين سان گڏ جينڪ جي ڇڪڙي ۾ ويهي آنڌاري ۽ طوفان ۾ غائب ٿي ويو ۽ ڌنڌ جهڙي برف کيس اسان جي نظرن کان لڪائي ڇڏيو. تيز سرد هوا اسان جي جسم کي ڌوڏي رهي هئي . مان ڦري ڦري روڊ کي ڏسندي گهر هلي آيس. انهيءَ ڏينهن کان مون سندرو کڻي ٻڌو ۽ ٽيم ليڊر جا فرض سنڀالي ورتم. اهو ڪم اڄ به سولو ناهي پر ويڙهه جي ڏينهن ۾ ته اڃا به ڏکيو هو. ڳوٺ ۾ ڇڙو عورتون، ٻڍا ۽ ٻار وڃي بچيا هئا. سڀيئي مرد محاذ تي وڃي چڪا هئا. اسان جيڪو ان اپائيندا هئاسين، اهو محاذ تي موڪليو ويندو هو. ڇڪڙن جا ڦيٿا ٽُٽي چڪا هئا، گهوڙن جا لغام پراڻا ٿي چڪا هئا، لوهار خاني جي کوري لاءِ ڪوئلو نه هو، گند ڪچرو گڏ ڪري اسان کورو ٻاريندا هئاسين. اسان جي زندگيءَ جو ڍنگ بدلجي ويو. اسان کي بکيو رهڻ جي عادت پئجي وئي پر اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو گڏيل فارم هلائيندا رهياسين . مان ڪنهن کي پيار سان ڪم چوندي هيس ته ڪنهن کي دڙڪي سان. اڪثر اسان پاڻ ۾ اٽڪي به پوندا هئاسين . هر قسم جون مصيبتون اسان سٺيون، پر الله اسان کي سوڀارو ڪيو. هاڻي مان سوچيندي آهيان ته دل چوندي آهي، پنهنجي انهن ساٿين آڏو عقيدت مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيان . ڪيڏا دلير ماڻهو هئا اهي سڀ ! انهي زماني جون نيون پرڻيل ڇوڪريون اڄ جون پوڙهيون عورتون آهن، انهيءَ وقت جا ٻار اڄ پاڻ ٻارن وارا ٿي چڪا آهن. مون کي پڪ آهي ته هو سڀ، اهي ڏکيا ڏينهن وساري چڪا آهن پر مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اهي سڀ ان وقت چتين ۾ ويڙهيل، بکايل پر ڪيڏا محنتي مزدور هئا! ڪيئن فتح جا تمنائي هئا! ڪيئن روئي پوندا هئا ۽ ڪيئن بي ڊپائي ۽ همت سان هنن جدوجهد جاري رکي ! کين اهو احساس ناهي ته هو ئي اصل هيرا آهن، پر مون کي فخر رهندو ته مان سندن ٽيم ليڊر رهي چڪي آهيان. جيتوڻيڪ انهي ڪم جي محنت منهنجي چيلهه چٻي ڪري وڌي، مان پرڀات ويلي ٻني تي پهچي ويندي هيس، سڄو ڏينهن گهوڙي تي چڙهي جبلن ۽ ميدانن جا چڪر هڻندي هيس ۽ رات جو گڏيل فارم جي آفيس ۾ دير تائين ڪم ۾ مصروف رهندي هيس ۽ مون کي خبر به نه پئي ته ڏينهن پر ڪيون اڏامندا ٿا وڃن . شايد وقت جي تيز رفتاريءَ ئي مون کي بچائي ورتو. اڪثر منهنجي ٽيم جا ڪارڪن پنهنجي ڏکن ڏاکڙن کان بيزار ٿي، مون کي ڦٽ لعنت ڪرڻ لڳندا هئا، پر مان منهن نه گهنجائيندي هيس. اهڙن موقعن تي مان ٻين جي حصي جو ڪم به عليما ۽ جينڪ جي حوالي ڪري ڇڏيندي هيس. تنهن ڪري هو به محاذ جي وسوسن کان ڇُٽا پيا هوندا هئا. ٻه مهينا گذري ويا پر قاسم جي ڪا خبر نه ملي . عليما ۽ مان هڪ ٻئي کان نظرون چورائڻ لڳيونسين، ڇو ته پوءِ ساهه سڪائيندڙ انديشي جو ذڪر ڪرڻو پوي ها، تنهن ڪري اسان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهندا هئاسين ۽ ٻارن جيان اصل ڳالهه کان ڪن ناٽار ڪندا رهياسين.
هڪ ٿڌي صبح جو مان گهوڙن جي نعلن لاءِ لوهار خاني ڏانهن ڊوڙندي ٿي ويس، جو مون چيئرمين کي گهوڙِي تي سوار پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، ”تو لاءِ هڪ تار آئي آهي تولگو.“ هن رڙ ڪري چيو. منهنجي دل ڏڪي ويئي، فقط نهائينءَ تي ڪِرندڙ هٿوڙو منهنجي دماغ تي ڌڪ هڻندو رهيو.
”گهٻراءِ نه تولگو.“ چيئرمين چيو، ”مسبيڪ ، نو ووسي برسڪ کان تار موڪلي آهي . ڊڄ نه .“ هن جهڪي، ڪاغذ مون کي ڏنو، ”هڪدم اسٽيشن هلي وڃ، هو هتان لنگهي رهيو آهي ۽ توکي اسٽيشن تي سڏايو اٿائين. مون تو لاءِ ڇڪڙي جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. وڃ جلدي ڪر.“
خوشِيءَ جي شدت مان منهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو ته لوهر جي مدد ڪيان يا ڌنوڻ واري جي، پر هنن ٻنهي مون کي ڀڄائي ڇڏيو، ”وڃ وڃ. دير ٿي ويندئي“ تنهن ڪري مان گهر پهتيس . منهنجو مٿو اڃا تائين ڦري رهيو هو. سخت ٿڌ جي باوجود مان پگهرجي ويس ۽ چرين جيان سوچڻ لڳيس، هن مون کي اسٽيشن تي ڇو گهرايو آهي؟ ”منهنجا ٻچڙا، مان ته تو سان ملڻ لاءِ ڪوهن تائين پنڌ ڪري سگهان ٿي.“ مون هڪ چري ماءُ اهو به نه سوچيو ته هو ڪيڏانهن ٿو وڃي . گهر وڃي مون هن لاءِ قسمين قسمين کاڌا تيار ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. گهڻو ناشتو ٺاهيان، جيئن سندس ساٿي به کائي سگهن.
ناشتو زين جي ٿيلي ۾ وجهي، عليما ۽ مان روانا ٿي وياسين . مون جينڪ کي به ساڻ ڪرڻ چاهيو، پر هو گهر جي نظر داري لاءِ ترسي پيو. پوءِ مون کي خيال ٿيو ته هن ڪيڏي سمجهه واري ڳالهه ڪئي آهي . هو طنبيلي مان عليما کي وٺي آيو. مون ننهن کي ڪيترن ڏينهن کان ايڏو سرهو نه ڏٺو هو، ”وارو ڪر امڙ، هي وٺ پنهنجو ڪوٽ، هي لوئي ويڙهي ڇڏ، وارو ڪر وارو!“ رستي ۾ گاڏي واري کي به هوءَ تڪڙ ڪرڻ لاءِ چوندي رهي . ڇڪڙو آرام سان هلندو رهيو. هوا بند هئي ۽ هلڪي ڌنڌ ڇانيل هئي . عليما جي ڪوٽ، ڳلن ۽ شال مٿان برف چنبڙيل هئي ۽ سندس سانورو رنگ، گلابي ڳل، چمڪندڙ ڪاريون اکيون ۽ اڇا اڇا ڏند ڪيڏا سٺا لڳي رهيا هئا. هن مون کي چيو ته مان سندس ڏير کي ڪجهه نه ٻڌايان، ڏسجي هو ڀاڄائيءَ کي سڃاڻي ٿو يا نه ! هن سَٽَ سَٽي ته پٺيان وڃي، سندس اکين تي هٿ رکندي .هو ڊڄي وڃي ۽ شايد چوي، ”هي وري ڪهڙو مشڪرو آهي؟“
اڙي عليما، منهنجي ٻچڙي! سندس خيال هو ته مون کي سندس انهيءَ غير معمولي خوشي جي سبب جي ڄاڻ ناهي، پر هن پاڻ ئي ته راز کولي وڌو هو!
کلندي کلندي هن ترسي آهستي چيو، ”مسبيڪ اصل قاسم جهڙو آهي نه! ٻيئي ايڏا هم شڪل آهن، جو جاڙا ڀائر لڳندا آهن!“ مون سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. پوءِ هوءَ چپ ٿي ويئي ۽ لغام ڇوڪري کان وٺي، گهوڙن کي تڪڙو هلائيندي چهبڪ هنيائين.
سج لٿي مهل اسين اسٽيشن تي پهتاسين ۽ ڇڪڙي تان لهي، ائين پٽڙين ڏانهن ڀڳاسين ڄن اک ڇنڀ ۾ مسبيڪ اچي پهچندو! اسٽيشن سنسان هئي، اسان کي اچرج لڳو. هوا ٽيليگراف جي تارن ۾ سر سر ڪري رهي هئي ۽ پٽڙين جي وچ ۾ برف وکري پيئي هئي . هڪ انجڻ مال گاڏيءَ جي گاڏن کي هيڏانهن هوڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيڪي برف سب ڄمي پيا هئا. نه مان ۽ نه عليما اڄ تائين ڪنهن سان اسٽيشن تي ملڻ لاءِ ويا هئاسين، تنهن ڪري اسان کي خيال نه ٿيو ته ريل جي اچڻ جو وقت پڇي وٺون. ايتري ۾ سيٽيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هڪ ريل ايندي نظر آئي، ”امان ! امان! ريل اچي ويئي !!“ عليما رڙ ڪري چيو.
مان ڊپ مان ڏڪي ويس . انجڻ دونهون ڇڏيندي اسان جي ڀرسان لنگهي پليٽ فارم تي اچي بيٺي . دٻن ۾ عورتون ۽ ٻار ڀريل هئا، پر ڪيترائي سپاهي به هئا، ڪهڙين ڪهڙين مائرن جا تارا هئا اهي ۽ سندن ماڳ ڪهڙو هو؟ اسان هر هڪ گاڏي اڳيان بهيي پڇندا رهياسين، ” مسبيڪ سووان ڪولوف هتي آهي؟ مسبيڪ سووان ڪوف! توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته هو ڪٿي آهي؟ وڏي مهرباني ٿيندي.“ ڪنهن چيو ”خبر ناهي.“ ڪو چپ رهيو ڪو ڇڙو مرڪي پيو. اسان اڃا ڳولا ۾ ئي هئاسين جو ريل هلي پئي . اها ڇڙو ٽي منٽ اتي بيٺي هئي، ۽ اسان کي لڳو، ڄڻ اسان جو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجي. هڪ پوڙهو روسي گارڊ اسان وٽ آيو، کيس رڍ جي کل جو ڪارو ڪوٽ پاتل هو. هن اسان کان پڇيو ته اسان ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيون؟ اسان تار سندس هٿ ۾ ڏني . هن عينڪ چاڙهي، چپ لوڏي تار پڙهي.
”توهان جو ڇوڪرو فوجي ريل ۾ ايندو. اهو نٿو ٻڌائي سگهجي ته فوجي ريل ڪنهن مهل ايندي . شايد اڄ رات اچي يا سڀاڻي صبح جو يا ممڪن آهي، اچي هلي به ويئي هجي. نڄاڻ ڪيتريون فوجي گاڏيون هتان لنگهي رهيون آهن، انهن مان ڪيتريون ته هتي بيهنديون به ناهن.“ اسان ٻنهي ڏک مان ڪنڌ هيٺ ڪيا، ته هن چيو، ”اوهه ! جنگ ! جنگ !! هر شيءِ هيٺ مٿي ٿي ويئي .... پر توهان هتي پاري ۾ ڇو بيٺيون آهيو؟ ويٽنگ روم هليون وڃو، ريل جي وقت ٻاهر نڪري اچجو.“
ويٽنگ روم ۾ ڏهاڪو مسافر بينچن تي ليٽيا پيا هئا. ائين ٿي لڳو، ڄڻ زندگيءَ جي ڏاکڙن هڪ ويٽنگ روم کان ٻئي ويٽنگ روم تائين کين اهڙو نستو ڪري وڌو هو، جو هاڻي کين انهي نموني جيئڻ جي عادت ٿي وئي هئي . ڪي آرام سان ستا پيا هئا، ڪي سگريٽ ڇڪي سستيءَ سان ڳالهائي رهيا هئا. هڪ جوڙو ڪنڊ ۾ ويهي، ٽين جي مگن مان ڪوسو پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ٻيئي زال مڙس انهي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڦوڪون به ڏيندا ٿي ويا. هڪ ٻيو شخص گٽار وڄائي، جهونگاري رهيو. ڪمري ۾ پراڻي چمني واري تيل جي هلڪي روشني ڦهليل هئي . مان ۽ عليما چئني پاسي ڏسي، هڪ بينچ جي ڪنڊ تي ويهي رهيونسين. ڪجهه دير کان پوءِ اسان هڪ ٻئي ريل جو گوڙ ٻڌو ۽ پنهنجون لويون سنڀالينديون ٻاهر ڀڳونسين.
اها هڪ مال گاڏي هئي، جنهن ۾ ڪوبه سپاهي نه هو پر ان سان گڏ ڊڪندي مسبيڪ سووان ڪولوف! مسبيڪ سووان ڪولوف!! جون رڙيون ڪرڻ کان پوءِ جڏهن نراس ٿي ويٽنگ روم ۾ آيونسين ته هڪ سمهڻ جي جاءِ خالي هئي. ”امڙ تون سمهي پئو، مان گاڏين جو خيال رکنديس .“ عليما چيو، مون سندس ڪلهي تي مٿو رکيو، پر ننڊ ڪنهن کي ٿي آئي ! پيرن جي ترين زمين کي ڌڏڪندي ٿي محسوس ڪيو ته مان هوشيار ٿي پئي ويس . ٻنهي پاسن کان گاڏيون اينديون ۽ وينديون رهيون ۽ اسان ٻئي ٿيلهو کڻي ٻاهر ڀڄنديون رهوسين . هڪ دفعي اسان ايترو گهٻرائجي ويونسين، جو اوچتو ريل جي ٻن پٽڙين جي وچ ۾ پاڻ کي بيٺل ڏٺوسين . ٻنهن پاسن کان گاڏيون لنگهندي اسان ڏانهن وڌي رهيون هيون . جڏهن اهي اسان جي ڀرسان کڙڪا ڪنديون لنگهڻ لڳيون ته هوا ۽ برف اسان کي موت جي منهن تائين ڇڪي روتو. عليما مون کي ڪلهن کان جهلي هڪ ٿنڀي سان ٽيڪ ڏياري ڇڏي ۽ پنهنجي سڄي طاقت سان مون کي جهلي بيٺي . مان ريل جي درين کي ڏسڻ لڳيس، جيڪي تيزي سان اسان جي ڀرسان لنگهي رهيون هيون . جيڪڏهن مسبيڪ اندر هوندو به ته مون کي ڏسي نه سگهندو. ڦيٿن هيٺان پٽڙيون چنگهي رهيون هيون ۽ پنهنجي ٻچڙي جو خير گهرندي منهنجي دل انهن سان گڏ چنگهي رهي هئي . گاڏيون لنگهنديون رهيون، برف اڏندي رهي ۽ اسان ليمپ هيٺان ٿنڀي کي جهليون بيٺيون رهيونسين. سڄي رات ائين اسان فوجي گاڏين سان گڏ ڊوڙندي گذاري.
صبح ٿيو ۽ اسان گهر واپس ورڻ جو ارادو ڪيو. متان مسبيڪ جي گاڏي اڃا نه آئي هجي؟ اسان دير تائين اهو ئي سوچيندا رهياسين ۽ همٿ نه پئي ٿي ته سڄي رات جي اوسيئڙي کان پوءِ هيئن موٽي وڃون . اهو ڏينهن به سرد ۽ طوفاني هو. اوچتو ڪڪرن مان سج اڀريو. ڇا ائين ئي منهنجو چنڊ مسبيڪ به منهن ڏيکاريندو؟ انهيءَ پل ئي ريل جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ آئي، ڪوڪ فضا ۾ اڀري، اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي ڌڏڻ لڳي ۽ پٽڙيون ڪجهه جهونگارڻ لڳيون. ڳاڙهن ڦيٿن واريون ٻه ڪاريون انجڻيون دونهين ۽ ٻاڦ جا بادل اڏارينديون اسان جي ڀرسان لنگهي ويون . انهن جي پٺيان توپون ڪرمچ جي پال سان ڍڪيل هيون ۽ وڏا وڏا اوور ڪوٽ پهريل سپاهي انهن تي پهرو ڏيئي رهيا هئا. ان کان پوءِ سپاهين جا گاڏا هئا، جن جا در اڌ کليل هئا. سان کي چهرن ۽ وردين جون جهلڪيون نظر آيون . ڪجهه نوجوان ڏاڍيان ڳالهائي رهيا هئا، گيت ڳائي رهيا هئا ۽ اڪارڊين ۽ بيلاليڪا وڄائڻ ۾ مصروف هئا. اسان هيڻائي مان بيهي کين ڏسي رهيو هيونسين، جو ايتري ۾ گارڊ اسان وٽ آيو ۽ چيائين ”پري ٿي بيهو، هيءَ گاڏي هتي نه ترسندي“ انهي وقت ئي هڪ ٻيو آواز ڪن پيو“ ”امان ! عليما!!“
منهنجو مسبيڪ انهي مهل اسان کان نڪتو پئي ويو! هو در تي بهيي، گهڻو ٻاهر نڪري هڪ هٿ سان ٽوپي لوڏي رهيو هو ۽ ٻئي هٿ سان در جو هينڊل جهليو هئائين.
”مسبيڪ! مسبيڪ!! مسبيڪ!!!“ مون رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ انهي کن پل ۾ مون پنهنجي ٻچڙي کي ڏٺو.... هوا ۾ اڏندڙ وار ۽ ڦڙڪندڙ ڪوٽ. خوشي، ڏک ۽ اداسيءَ جي گڏيل ڪيفيت سان ٻهڪندڙ سندس چهرو. کيس ڏسندي مان ريل سان گڏ ڊڪيس، آخري گاڏو به اڳتي نڪري ويو ۽ مان پٽڙيءَ ۾ لڳل ڪاٺ جي ڪنڍي سان ٿاٻو کائي ڪري پيس ۽ چنگهڻ لڳيس . منهنجو ٻچڙو لڙائيءَ تي وڃي رهيو هو ۽ مان لوهه جي سرد پٽڙي سان چنبڙي سڏڪي رهي هيس . ڦيٿن جي کڙڪي جو آواز گهٽبو ويو ۽ نيٺ ختم ٿي ويو.
اڄ به اڪثر اها ريل ڪڙڪا ڪندي منهنجي دماع مان لنگهندي آهي ۽ ڦٿين جي کڙ کڙ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي آهي.
عليما ڊڪي اچي مون کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي . سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ سڏڪن سبب سهڪي رهي هئي . هڪ روسي عورت، جيڪا ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ هئي، ڊوڙي مون وٽ آئي . مون کي امان چئي سڏيائين ۽ روئڻ لڳي . هوءَ ۽ عليما مون کي اسٽيشن تائين وٺي ويون، عليما هڪ سپاهي جي ٽوپي منهنجي هٿ ۾ ڏني ۽ ٻڌايو ته جڏهن مان ريل جي ڪڍ ڊوڙي رهي هيس، تڏهن مسبيڪ پنهنجي ٽوپي مون ڏانهن ڦٽي ڪئي هئي . سڄي رستي ۾ اها ٽوپي مان پنهنجي ڇاتي تي رکي ، اڄ به اها ٽوپي منهنجي گهر جي ڀت تي لڳل آهي . هڪ معمولي خاڪي رنگ جي فوجي ٽوپي، جنهن تي اڳيان ڳاڙهو ستارو لڳل آهي، اڪثر مان اها ڀت تان لاهي پنهنجي منهن تي رکندي آهيان، ۽ پنهنجي پٽ جي سڳنڌ ان ۾ محسوس ڪندي آهيان.