ناول

ڌرتي ماءُ

هي ڪتاب روسي رياست ڪرغيستان سان تعلق رکندڙ ليکڪ چنگيز اعتماتوف جي ناول جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
چنگيز اعتماتوف جو هي ناول جنگ جي موضوع تي لکيل دنيا جي اهم ترين ناولن مان هڪ آهي ، جنهن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جو هر فرد قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هي نه فقط جنگ جي ڪهاڻي آهي ، پر ماءُ جي مامتا ، زال جي محبت ، ابهم ٻارڙن جي بُکَ ، مقصد خاطر لڳاتار جدوجهد ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان لازوال عشق جي ڪهاڻي به آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1814
  • 1233
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتي ماءُ

2

اسان صبح سان سوير ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ درياهه جي ڪناري وٽ رُڌل رهياسين . ڪناري وٽ ايتري ويڪر نه هئي، جو مشين هلي سگهي، پر اتي فصل تيار ٿي چڪو هو. اُس جي حد واري ٻني ۾ فصل جلدي تيار ٿي ويندو آهي . اسان اڃا ٿورو ڪم ڪيو هو، جو پريان زريچيه جي گهرن واري پاسي کان هڪ گهوڙِ سوار ايندو نظر آيو. هو ٻوڙن ڏانهن ايڏي تکائيءَ سان ڀڳو ڄڻ ڪوئي سندس ڪڍ هجي. درياهه جي پٿريلي ڪناري تي پهچي هن درياهه ۾ ٽپو ڏنو. اسان اچرج مان کيس ڏسندا رهياسين. گهوڙو درياهه ۾ لاهڻ بدران هن چند فرلانگن تي پل جو پاسو ڇو نه ورتو؟ گهوڙي سوار ، جيڪو هڪ نوجوان روسي هو ،پنهنجو گهوڙو هاڻي اونهي پاڻي ۾ وٺي پئي ويو. ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ درياهه کي انهيءَ نموني اورانگهڻ ڀوڳ نه هو. طوفاني لهرون گهوڙو ته ڇا، اٺ کي به لوڙهي وينديون هيون. ”اڙي او- چريو ٿيو آهين ڇا؟“ اسان واڪا ڪندا ڊوڙياسين. هن رڙ ڪري ڪجهه چيو ۽ ٻانهون لوڏيائين، پر ڇولين جي گوڙ ۾ اسان ڪجهه به نه ٻڌو، ڇوڪرو هاڻي گهوڙِي کي چهبڪ هڻي رهيو هو پر گهوڙو ٻڏندو ٿي ويو ۽ هاڻي فقط سندس مٿو ۽ پوئتي وريل ڪَنَ نظر اچي رهيا هئا. ڇوڪري جي ٽوپي سندس مٿي تان لڙهي وئي ۽ ڪُنَ ۾ ڦري ڦري هيٺ هلي وئي . اسان مٿانهين ڪناري تي لاچاريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا رهياسين ۽ سوار ۽ گهوڙو ڪشمڪش ۾ مبتلا رهيا، پر ٿوري دير کان پوءِ نوجوان پنهنجي گهوڙي جو رخ درياهه جي ويڪر ڏانهن ڦيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ائين لڳو ڄڻ هاڻي هو وهڪري مان نڪرندو ٿو وڃي، نيٺ گهڻو پري وڃي هو، پَن چَڪيءَ جي ويجهو پهچي، درياهه مان نڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. اسان مان گهڻن ئي ڇوڪري جي بهادري جي واکاڻ ئي، ڪئي . اهو سوچڻ لڳا ته نيٺ هن جي ڀڄڻ جو سبب ڪهڙو ٿي سگهيو ٿو؟ڪن چيو، مٿي ڦريو ٽرڙو ڇورو آهي، اسان جو ڪهڙو ڪم سندس پويان ڊوڙڻ جو! تنهن ڪري اسان سڀيئي وري پنهنجي ڪم کي جنبي وياسين . مون سوچيو، ڪو به سياڻو سيبتو ماڻهو پاڻ کي هيئن ٻوڙي نٿو سگهي، چرياڻ هو ڪو.
ايتري ۾ قاسم جي مشين جو آواز اوچتو بند ٿي ويو، انهيءَ ڏينهن هو پَن چَڪيءَ جي ڀرسان لڻائي ڪري رهيو هو، پهرين ته مون ڪوبه خيال نه ڪيو، ممڪن آ مشين جو ڪو پرزو ٽٽي پيو هجي، پر انهي مهل ئي عليما زور سان رڙ ڪئي. ”امان!“ سندس رنگ مٽجي ويو هو، ڏاٽو سندس هٿ مان ڪري پيو.
”ڇا ٿيو؟ نانگ ته نه ڏنگي وڌئي!“ مان ڏانهس ڊوڙيس ، پر جڏهن مون سندس ڀرسان پهچي انهي پاسي نظر ڊوڙائي، جيڏانهن هوءَ ڦاٽل اکين سان ڏسي رهي هئي ته مان ڏڪي ويس . مشين واري پاسي کان طرحين طرحين جا آواز اچي رهيا هئا ۽ ماڻهو پنڌ ۽ گهوڙن تي اوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا، گاڏين ۽ ڇڪڙن ۾ ويٺل به، اٿي بيهي گهوڙن کي چهبڪ هڻي رهيا هئا، عليما مشين ڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ ڪنهن جي انهن لفظن تي منهنجو ساهه سڪي ويو ته، ڪو ئي مشين جي ڏاٽي هيٺان اچي ويو آهي . سڀئي عورتون عليما جي ڪڍ ڀڳيون . مون آسمان ڏانهن هٿ کڻي چيو، ”رب ! تون رحم ڪر.“ مان هڪ دُٻي کي اورانگهيندي ڪري پيس، پر هڪدم اٿي سڄي قوت سان ڊوڙيس”ترسو مان به ٿي اچان.“ مون ڇوڪرين کي چوڻ چاهيو پر آواز نڙي ۾ اٽڪي پيم. مشين وٽ ميڙ گڏ ٿي چڪو هو، سڀيئي زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا. مان منٿون ڪندي رستو ڪري مشين تائين پهتيس . اتي عليما ۽ قاسم گڏوگڏ بيٺا هئا. مون انڌي عورت جيان هٿ وڌائي، پنهنجي ٻچي کي ڇهيو ته قاسم تڪڙ ۾ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
”جنگ شروع ٿي وئي آهي امان“ سندس آواز ڄڻ پريان ڪٿان اچي رهيو هو، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو.
”جنگ؟ ڪهڙِ جنگ!“ مون حيرت مان اهو ڀوائتو لفظ ورجايو. پوءِ منهنجي سمجهه ۾ آيو ته انهيءَ منحوس خبر جي صدمي ۽ گذريل ڪجهه گهڙين جي پريشاني سبب مان سڏڪا ڀري روئي پيس . مون کي روئندي ڏسي ٻيون عورتون به روئڻ لڳيون.
”چپ ڪيو، هاڻي صبر ڪيو!“ هڪ مرد رڙ ڪري سڀني کي چپ ڪرائي وڌو، ائين پئي لڳو، ڄڻ اهو شخص ڪا اهم ڳالهه ڪرڻ وارو هجي، پر هن ڪجهه به نه چيو. سڀ چپ رهياسين ۽ انهي چپ چپات ۾ فقط درياهه گجندو رهيو، پوءِ ڪنهن وڏي آواز ۾ آهه ڪئي . هڪ وار وري سڀني ڪَنَ کڙا ڪيا، پر سڀئي ساڳي ريت چپ رهيا. خاموشي ايڏي شديد هئي جو موسم جي گرمائش کي محسوس ڪرڻ بجاءِ، ٻڌي سگهياسين ٿي، جيئن ڪن ۾ مڇر ڀڻڪندو هجي . پوءِ قاسم چئني پاسي سڀني ڏانهن ڏسندي آهستي چيو، ”انهي نموني ڪم نه هلندو، اسان کي برف پوڻ کان اڳ لڻائي پوري ڪرڻي پوندي.“ وري ٿوري ساهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي مددگار کي سڏ ڪيو، ”هل مشين اسٽارٽ ڪر ۽ باقي توهان سڀئي هتي وات پٽي ڇو بيٺا آهيو؟ جيڪڏهن لڻائي جلدي نه ٿي ته انهيءَ ۾ توهان سڀني جو نقصان آهي . شاباش، جلدي ڪم شروع ڪيو.“
ميڙ ۾ چرپر ٿي ۽ تڏهن مون کي اهو روسي سوار نظر آيو، هو پاڻي ۾ ڀنل، پنهنجي گهوڙي جي ڀرسان بيٺو هو. پاڻي ۾ ڀڄڻ ڪري گهوڙي جو رنگ وڌيڪ گهرو نظر اچي رهيو هو. جڏهن ميڙ ڇڙو ڇڙ ٿيو تڏهن ڄڻ هو خواب مان سجاڳ ٿيو ۽ زين جون پٽيون ڇڪڻ لڳو. هو منهنجي جينڪ جو سن هو، پر وڌيڪ ڊگهو ۽ سندس ڇاتي به وڌيڪ ويڪري هئي . ڀنل سونهري وار سندس چهري تي پکڙيا پيا هئا ۽ منهن تي رهڙون اچي ويون هئس . سندس اکين ۾ نوجوانيءَ جا پاڇا هئا پر هاڻي اهي اهڙيِ پڪي عمر جي ماڻهوءَ جون اکيون ٿي لڳيون، جيڪو ڪيترائي ڏک ڀوڳي چڪو هجي ۽ مون دل ۾ چيو، هي ڇوڪرو اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي ڇوڪرائپ کي الله واهي چئي چڪو آهي. هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ گهوڙي تي سوار ٿيندي اسان جي هڪ نوجوان کي چيو، ”هڪدم چيئرمين ۽ ٽيم ليڊرن کي وڃي چئو ته ستت ضلعي جي مرڪزي پارٽي ڪاميٽي جي آفيس پهچن. مان هلان ٿو، مون کي ٻن ٻين فارم وارن کي اطلاع ڪرڻو آهي.“
انهيءَ لمحي کان اسان جي نئين زندگيءَ جي شروعات ٿي ، جنگ جي زندگي . محاذ جو گوڙ گهمسان اسان تائين نه پهتو ، پر اسان پنهنجي دلين جي ڌڙڪڻ ۽ پنهنجي آهون جو چنگهڻ ته ٻڌي رهيا هئاسين.
انهيءَ سال قهر جي گرمي ٿي . اسان جي ساٿين مان ڪونه ڪو روز جنگ تي ويندو هو ۽ اسان جو ڪم وڌي ويندو هو. تکي اُس ۾ ڪم، رات جو لُڪ لڳندي ڪم، لڳاتار ڪم، جيئن جيئن اسان جا مرد محاذ لاءِ روانا ٿيندا ويا، اسان جو ڪم وڌندو ويو.
قاسم، جيڪو آڻ مڃڻ سکيو ئي نه هو، سو اڪيلي سر لڳاتار ڪم کي جنبيو رهيو. ٻنين ۾ بيٺل فصل سندس لاءِ ڄڻ للڪار هئا. هو هيو ۽ سندس مشين . نٽهڻ اُس ۾، عقاب جيان اڻ لڻيل فصل تي اکيون کپائي هو ڪم کي جنبيو رهيو، سندس ٿڪل چهرو اُس ۾ ڪارٽجي ويو. کيس ڏاڙهي لاهڻ جي واندڪائي به نه هئي. منهنجو ٻچڙو ته اُس ۾ سڙي ويندو، مان دل ۾ چوندي هيس، پر کيس ڪجهه چوڻ جي همت نه ٿيندي هئيم، ڇو ته ڄاڻ هئم ته هو آخر تائين ڪم کي جنبيو پيو هوندو. نيٺ اهو وقت به اچي ويو.... هڪ ڏينهن عليما ڪنڌ جهڪائي مشين کان واپس آئي، ”قاسم کي فوج جو سڏ ٿيو آهي.“
”ڪڏهن؟“
”جهٽ سوا اڳ، ڳوٺ جي سوويت کان.“
مون کي خبر هئي ته قاسم کي هڪ نه هڪ ڏينهن فوج ۾ ضرور وڃڻو آهي. پوءِ ان وقت منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي . منهنجي ٿڪل ٻانهن مان اهڙي سٽ اڀري جو ڏاٽو منهنجي هٿن مان نڪري ويو. مان ضبط ڪندي، ڏڪندڙ چپن سان چيو، ”هن مهل هو ڪاٿي آهي؟ کيس سفر جي تياري به ته ڪرڻي آهي.“
”هن چيو آ، شام جو گهر ايندو.“ عليما چيو ”مان هاڻي وڃان ٿي، امان، تون بابا کي اهو اطلاع ڏيندينءَ؟ نڄاڻ جينڪ ڪٿي آهي؟“
”عليما، تون گهر وڃي اٽو ڳوهه ، مان اچان ٿي.“ مون چيو، پر هو ساڳيءَ ريت ڌرتيءَ تي ويٺي رهي . مون ۾ لوئي کڻي پنهنجي ڪنهن تي رکڻ جي طاقت به نه رهي هئي . ڪولين جي هڪ قطار پنهنجي ننڍڙي رستي تان لنگهي رهي هئي، ڪڻڪ جا داڻا کڻي، اهي سڀيئي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيون ۽ کين اها ڄاڻ نه هئي ته سندن جهڙو ئي هڪ ساهه وارو محنتي انسان، سندن ڀرسان ئي ڏک ۽ فڪر جي بار هيٺ دٻيو ويٺو آهي . مون کي انهن ننڍڙن مزورن تي ريس اچڻ لڳي . گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجو ڪم ته امن سان ڪري رهيون هيون. جيڪڏهن جنگ نه لڳي ها، ته مون کي انهن ڪولين جي زندگيءَ تي ريس نه ٿئي ها. ڪيڏي نه شرم جهڙِ ڳالهه هئي، جو هاڻي مان ڪولين سان به ريس ڪري رهي هيس . ايتري ۾ جينڪ پنهنجي گاڏي هڪليندو اچي پهتو. گذريل چند ڏينهن کان هو ڪوم سومول جي ٽيم سان گڏ ريلوي اسٽيسن تي ان پهچائڻ جي ڪم ۾ رڌل هو ۽ قاسم جي ڀرتي جي اطلاع تي مون کي گهر وٺي وڃڻ لاءِ آيو هو. هن گاڏي تان ٽپو ڏئي منهنجي لوئي کڻي مون کي ويڙهائي”هل امڙ! گهر هل.“ هن مون کي گاڏي ۾ وهاريو ۽ اسان چپ چپات ۾ روانا ٿي وياسين. جينڪ ڪجهه ڏينهن کان ايترو بدلجي ويو هو، جو اصل ٻئي شخصيت ٿي لڳو، کيس ڏسي، ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو ڇوڪرو ياد اچي ويندو هو، جيڪو جنگ جو اطلاع ڏيڻ آيو هو. هو به پنهنجي ڇوڪرائپ کي هڪدم الله واهي چئي ويٺو هو. پوءِ مون کي مسبيڪ جو خيال آيو، ڪجهه عرصي کان سندس خط نه آيو هو. ڇا کيس به فوج جو سڏ ٿيو هو؟ هو اسان کي اطلاع به ته ڏئي پئي سگهيو. ڇا هاڻي کيس ماءُ-پيءَ جي پرواهه نه رهي آهي؟ ويڙهه جي زماني ۾ پڙهائي جاري رکڻ ته ڏکي هوندي، کيس گهر واپس ورڻ کپي.
”ريلوي يارڊ ۽ جنگ بابت ڪا نئين خبر ٻڌئي؟“ مون جينڪ کان پڇيو.
”نه امڙ! جنگ جلدي ختم نه ٿيندي . اسان جي حالت هيڻي آهي ۽ جرمن اڳتي وڌندا ٿا اچن. جيڪڏهن سندن پير ڪنهن هڪ هنڌ بيهن ته جنگ جو نقشو بدلجي سگهي ٿو. شايد ائين ٿي وڃي.“ هن خاموش ٿي گهوڙن کي چهبڪ هنيو، ”امان ! ڇا تون ڊڄين ٿي؟ ڊپ نه ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
ڀورو ڇوڪر! مون کي آٿت ڏيڻ هليو آهي! لڙائيءَ بابت مان طرحين طرحين جي وسوسن کان ڪيئن ٿي بچي سگهيس؟
گهر ۾ عليما سڏڪي رهي هئي. هن اٽو به نه ڳوٿو هو. مون کي ڪاوڙ لڳي . دل چاهيم، کيس چوان ، تون ٻين عورتن کان مٿاهين آهين ڇا؟ ڇڙو تنهنجو مڙس ٿو محاذ تي وڃي ڇا؟ پر مون کي مٿس رحم اچي ويو ۽ مان چپ رهيس، شايد مان ئي غلطي تي هيس . مان ڇا چوان، ڇا ڪيان؟ قاسم شام جو گهر آيو. عليما چلم دکائي اٿي ڀڳي ۽ ڦاٽڪ وٽ وڃي ساڻس چنبڙي پئي، ”قاسم مون کي نه ڇڏ، مون کي اڪيلو نه ڇڏ، مان مري وينديس، مان هتي اڪيلي نه رهي سگهنديس!“
قاسم جا ڪپڙا مٽي ۽ تيل هاڻا هئا. هن نرمي سان عليما کي ڌار ڪيو، ۽ چيو، “ عليما، صابڻ ۽ ٽوال کڻي اچ، مان درياهه تان وهنجي اچان.“
عليمان ڦري جن نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، مان سندس مطلب سمجهي ويس . مون کيس هڪ بالٽي ڏيندي چيو ”تون به هلي وڃ، مون لاءِ پاڻي ڀريو اچجانءِ.“
هو ٻئي رات جو دير سان موٽيا. چنڊ آسمان جو چڪر ڪاٽي چڪو هو. جينڪ جي مدد سان مون گهر جو ڪم پورو ڪري ورتو هو پوءِ سووان به اچي ويو.
صبح جو سڄو گهراڻو ضلعي جي ڀرتي واري آفيس ڏانهن روانو ٿيو. قاسم ۽ سووان گهوڙي تي ويا ۽ مان ۽ عليما جينڪ سان گڏ گاڏي ۾. انهيءَ ڏينهن سڀ ڇوڪرا محاذ تي وڃي رهياهئا ۽ روڊ تي ڏاڍي رش هئي، ماڻهن جو جلسو افق تائين نظر اچي رهيو هو. ڏورانهن ڳوٺن کان ماڻهو گهوڙن، گهوڙي گاڏين يا ڏاند گاڏين تي سوار ٿي ضلعي هيڊ ڪوارٽر پهتا هئا. پوڙهي عورتن ۽ ٻارن جا ميڙ رنگروٽن سان گڏ هلي رهيا هئا. ڪيترا ماڻهو روئي رهيا هئا، ڪيترا نشي ۾ هئا، ڪيترائي نوجوان اعتماد ۽ فخر مان گهمي رهيا هئا ۽ پنهنجي روئندڙ مائٽن کي آٿت ڏيڻ ۽ اڪارڊين سان گڏ نچڻ ڳائڻ ۾ مصروف هئا. روسي گيت ۽ ڪرگيز جا گيت واري واري سان ڳايا ٿي ويا پر ڪيتوشا گيت سڀئي گڏجي ڳائي رهيا هئا. انهيءَ ڏينهن مون اهو گيت پهريون دفعو ٻڌو هو، جيڪو پوءِ ڏاڍو مشهور ٿيو!
ڀرتيءَ واري آفيس جو اڱڻ ننڍو هو، تنهن ڪري رنگروٽن جي قطار روڊ تائين پهچي وئي هئي. جڏهن فهرست مان نالو کڻي سڏيو ٿي ويو ته سڄو ميڙ سانت ٿي پئي ويو. جڏهن مون محاذ تي وڃڻ وارن ڇوڪرن کي ڏٺو ته منهنجو من ڀرجي آيو. اهي سڀئي ڏاڍي گهٽ عمر وارا هئا، پر فخر مان سندن منهن ٻهڪي رهيا هئا. جڏهن قاسم سووان ڪو لوف سڏيو ويو ته هڪ چڀندڙ، جلندڙ درد منهنجي اکين ۾ ڀرجي آيو. عليما منهنجو هٿ جهلي ”امان“ چيو ڄڻ مون کان مدد گهرندي هجي پر مان کيس ڇا ٿي چئي سگهيس؟ ويچاري عليما کي به خبر هئي ته سندس ڏک، سڄي ملڪ جو دک آهي، پر عليما جهڙي، مڙس پوڄيندڙ عورت مون سڄي ڄمار نه ڏٺي!
اسان کي خبر پئي ته فوجي ريل چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ ويندي، تنهن ڪري اسان ڳوٺ واپس ورڻ جو ارادو ڪيو. قاسم اسان کي سمجهايو ته، هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ رهڻ اسان لاءِ تڪليف جو ڪارڻ بڻبو، موقعو ملڻ شرط هو موڪلائڻ لاءِ پاڻيهي ڳوٺ ايندو. اسان جو ڳوٺ ضلعي هيڊ ڪوارٽر کان ريلوي اسٽيشن وڃڻ واري رستي جي ويجهو ئي هو. اسان سووان جو گهوڙو عليما لاءِ ڇڏيو، جيڪا اتي قاسم سان ترسي پيئي هئي. اسان ڪنهن دوست جي گاڏي ۾ ويهي ڳوٺ پهتاسين. جينڪ پنهنجي گاڏي سوڌو اتي ترسي پيو ، ڇو ته رنگروٽن کي ريل تائين پهچائڻ ۾ کيس مدد ڪرڻي هئي.
گهر پهچڻ شرط مان ٻارن جيان روئڻ شروع ڪري ڏنو. سووان چانهن ٺاهي مون کي پياري، ۽ منهنجي ڀرسان ويهندي چيائين، ”پاڻ بابت ايڏو نه سوچ تولگو. اسان جي قوم اسان سان گڏ آهي، اسان پنهنجي قوم کان سواءِ ڪجهه به ناهيون، اسان ڏک سک ۾ ٻين سان گڏ آهيون. سکين ڏينهن ۾ اسان خوش هئاسين.هاڻي ڏکين ڏينهن ۾ ڇا اسان پنهنجو پنهنجو پٽڻو پٽڻ ويهي رهون؟ اسان کي ڇا رڳو پاڻ بابت سوچڻو آهي؟ اها ڏاڍي بي انصافي جي ڳالهه ٿيندي، تولگو صبر جو ڍڪ ڀر. عليما روئڻ لڳي ته ٻي ڳالهه آهي پر تون ۽ مان زماني جي تتي ٿڌي ڏسي چڪا آهيون ۽ هاڻي تون هڪ ماءُ آهين، اهو ڪڏهن نه وسارجانءِ ۽ ياد رک! جنگ ڊيگهه ورتي ته مون کي به محاذ تي وڃڻو پوندو، مسبيڪ ويندو، جيڪڏهن ضرورت پيئي ته اسين سڀ وڙهڻ لاءِ وينداسين. فولاد جيان مضبوط ٿيءُ تو لگو، هيڻائيءَ جو اظهار نه ڪر.“
ٻئي ڏينهن منجهند جو رنگروٽ روانا ٿيڻ وارا هئا. قاسم ۽ عليما گهوڙن تي سوار سڀ کان اڳيان هئا. قاسم کي ڌار اسٽيشن تي وڃڻ جي خاص اجازت ڏني وئي هئي. گهوڙي تان لهندي ئي هن چيو ته اسان کي اسٽيشن تي وڃڻ جي ضرورت ناهي . هو يا ته شايد انڪري چئي رهيو هو، جيئن عليما الله واهي چوڻ جي درد کان بچي سگهي يا شايد هو سچ پچ سرڪاري اطلاع اسان کي ڏئي رهيو هو. بهرحال، هن اسان کي چيو ته ممڪن آهي، کيس اسٽيشن تان ڳوٺ واپس موڪليو وڃي، ڇو ته اهو طئه ڪيو ويو آهي ته لڻائيءَ کان اڳ ٽريڪٽر ۽ لڻائيءَ واري مشين جي ڊرائيورن کي محاذ تي نه موڪليو ويندو. اهو سرڪاري حڪم جيڪڏهن ريل جي وڃڻ کان اڳ پهچي ويو ته سڀني ڊرائيورن کي واپس موڪليو ويندو. پوءِ مون کي خبر پيئي ته هن اها ڳالهه ڇڙو عليما ۽ منهنجي دل رکڻ خاطر چئي هئي. ڇڪڙي وسيلي اسٽيشن تي وڃڻ ۾ سڄو ڏينهن لڳي وڃي ها ۽ رات جو موٽندي عليما ۽ مان روئي روئي اڌ مئا ٿي پئون ها. انهي وقت ته قاسم جي اها ڳالهه مون کي ٻڏندڙ کي ڪک جو سهارو لڳي، پر جڏهن اسان روڊ تي پهتاسين، جتان قاسم کي رنگروٽن جي جلوس ۾ شامل ٿيڻو هو ته انهي مهل مون کي وسوسا ويڙهي ويا. ٻنيءَ مان لنگهندي قاسم پنهنجي ساٿين کان موڪلايو. ماڻهو کيس چئني پاسن کان ويڙهي ويا. لڻائيءَ جي مشين وٽ قاسم پنهنجي مددگار کي الله واهي چيو. چوندا آهن ته جنگ تي ويندي لوهر پنهنجي هٿوڙي کان ضرور موڪلائيندو آهي، قاسم به ته هڪ ماهر ڪاريگر هو.
جيئن ئي مشين سندس ڀرسان لنگهي، قاسم جي نظر روڊ تان لنگهندڙ رنگروٽن تي پيئي . ڳاڙهو جهنڊو سندن اڳيان هو ۽ پويان ڇڪڙن تي سندن سامان سٿيو پيو هو. ڇڪڙن جي قطار روڊ جي پاسي کان ظاهر ٿي، ته قاسم گهوڙي جو لغام هڪدم پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڏنو، ۽ مشين وٽ وڃي، سندس چوڌاري ڦيرو ڏنائين، هر طرف کان ڏٺائينس ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي ڊرائيونگ سيٽ تي چڙهي ويٺو.
”شاباس، پوري رفتار سان مشين هلاءِ.“ هن پنهنجي مددگار کي چيو، هڪدم مشين گجگوڙ ڪيو. لوهي زنجيرن جي ڇمڪي سان مشين ڪڻڪ جا ٻوٽا ڳهڻ شروع ڪيا. مٽيءَ ۽ بهه جو هڪ ڪڪر اٿي کڙو ٿيو. قاسم پنهنجا ڪلها سڌا ڪري ائين ٽهڪ ڏنو، ڄڻ دنيا جا سڀ ڏک ڏاکڙا وساري ويٺو هو. هن ۽ سندس مددگار دستور موجب نعرا هنيا ۽ مشين ٻنيءَ جي ڪناري سان لڻائي ڪندي پوئتي موٽي. کن پل لاءِ اسان سڀيئي جنگ کي وساري مرڪڻ لڳاسين، عليما خاموشيءَ سان مشين جي ڀرسان پهتي . هو اسان کان وڌيڪ فخر محسوس ڪري رهي هئي . مشين بيهي رهي ۽ هڪ وار وري نراسائيءَ جا بادل ڇانئجي ويا. منهنجي پاڙي واري عائشه جو تيرهن سالن جو پٽ بيڪتاش، جيڪو مشين تي بهه اڏارڻ جو ڪم ڪندو هو، روئندو وڃي قاسم سان چنبڙيو. منهنجي دل چاهيو، رڙيون ڪري روئان پر سووان جو حڪم ياد ڪري، مون چپ کڻي ڀيڪوڙيا. قاسم ڇوڪري کي مٿي کڻي پيار ڪيو ۽ کيس هينڊل جي ڀرسان بيهاري، پاڻ ٽپو ڏئي هيٺ لهي آيو اسان سڀئي چئني پاسن کان کيس وڪوڙِي وياسين. رنگروٽن جو جلسو هاڻي اسان جي ويجهو پهچي ويو هو. جڏهن قاسم جي وڃڻ جو وقت آيو ته ويچاري عليما ننڍي وڏي جو خيال ڪرڻ بنا قاسم سان چنبڙي پئي ۽ ٻارڙن جيان سڏڪا ڀري روئڻ لڳي . سندس منهن ڦڪو ٿي ويو هو ۽ فقط اکيون ڪنهن وحشياڻي روشنيءَ مان چمڪي رهيون هيس . اسان کيس قاسم کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ هر هر وڃي ٿي ساڻس چنبڙي . ضديري ٻار جيان هوءَ قاسم کي رڪاب ۾ پير وجهڻ کان جهلي رهي هئي.
”اڃا نه، اڃا نه. هڪڙو منٽ ٻيو به ترس!“ هوءَ منٿ ڪندي رهي.
قاسم کيس پيار ڪري آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ” روءُ نه عليما، مان سڀاڻي ئي اسٽيشن تان موٽي ايندس. اعتبار ڪر.“
تڏهن سووان چيو، ”عليما، قاسم سان گڏ روڊ تائين هلي وڃ، اسان کانئس هتان ئي موڪلايون ٿا. سندس رستي روڪ نه ڪر.“ وري هن قاسم جو هٿ جهلي چيو، ”منهنجي اکين ۾ ڏس پٽ!“ هو ٻيئي ڪي کن هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا، ”تون ڄاڻين ٿو، مان ڪهڙيون اميدون ٿو رکان پٽ؟“
”ها بابا.“
”چڱو، ته پوءِ وڃ، الله واهي .“ ايترو چئي سووان پنهنجي گهوڙِي تي ويٺو ۽ پوئتي منهن ورائڻ بنا اتان هليو ويو.
مون کان موڪلائڻ مهل قاسم چيو، ”جيڪڏهن مسبيڪ جو خط اچي ته مون کي سندس ايڊريس موڪلي ڏجو.“
گهوڙِي جي رڪاب جهليو، قاسم ۽ عليما روڊ ڏانهن هليا ويا. مان پنهنجون نظرون ٻنهي تان پري ڪري نه سگهيس. ان وقت تائين نوجوان رنگروٽن جو جلوس چڱو اڳتي نڪري ويو هو. جڏهن قاسم گهوڙي تي ويٺو ته عليما پري تائين گهوڙِي جو لغام جهليو ساڻس گڏ هلندي رهي . پوءِ قاسم جهڪي، کيس آخري دفعو پيار ڪيو ۽ گهوڙي کي لت هڻي اڳتي وڌي ويو. پويان اڏندڙ مٽِيءَ سان گڏ عليما پري تائين ڊوڙندي وئي، مان سندس پٺيان وڃي، کيس گهر وٺي آيس.