5
هڪ ڏينهن مون ائين ڪرڻ لاءِ عليما سان ڳالهه ڪئي ته هن چيو، ”مان به ائين ئي ڪرڻ چاهيان ٿي امان . سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ٻار اهو نٿا سمجهي سگهن ته کين بکون ڇو ٿيون ڪاٽڻيون پون . وڏا گهٽ ۾ گهٽ سبب ته ڄاڻڻ ٿا ۽ کين ڄاڻ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اهي حالتون ختم ٿي وينديون، پر هي ابهم ٻارڙا اهو نٿا ڄاڻن ، تنهن ڪري جيسين سندن پيئر جنگ تان واپس نه ورن، اسان کي سندن مانيءَ جو بلو ڪرڻو آهي. هاڻي منهنجو ۽ تنهنجوفقط اهو ئي فرض آهي . انهيَ کان سواءِ جيئڻ جي ڪابه معنيٰ ناهي.“
جنگ سڀ ڪجهه ڳڙڪائي وئي . زندگيون، محنت، ٻارن جو ڪَڇُ، سڀ ڪجهه ڳڙڪائي وئي . اَنَ جو ڪڻو ڪڻو جنگ جي کوري ۾ وجهڻو پيو ، پر ان جي باوجود ڪي ماڻهو اهڙا به هئا، جن جنگ لاءِ ڪابه قرباني نٿي ڏيڻ گهري ۽ انهن اسان جي مصيبتن جي بار ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو هو.
1943ع جي سياري جي وچ ڌاري يا شايد پڇاڙِ ۾ ، جڏهن ميدانن مان ٿوري برف ڳري وئي هئي پر رات جو دريون اڃا به برف هاڻيون ٿي وينديون هيون، هڪ اڌ رات جو ڪنهن ڏايان در کڙڪايو ، ”تولگو، ٽيم ليڊر، اُٿي ... اُٿي“
عليما ۽ مان جاڳي پيونسين ۽ هنڌ مان ٻاهر نڪري آيونسين . عليما اونداهه ۾ ائين ڀڻڪو ڪيو، ڄڻ ڪا چڱي خبر ٻڌڻ جي اميد هجي . دنيا سچ پچ اميد تي قائم آهي! منهنجي دل به خوشيءَ مان جهومڻ لڳي. شايد اسان جي پيارن مان ڪوئي جيئرو موٽي آيو هو! مون پنهنجو منهن دري جي شيشي سان چنبڙائي ڇڏيو.
”ڇا هي؟ ڪير آ؟“
”ٻاهر اچ تو لگو، گهوڙا چوري ٿي ويا آهن!“
عليما ليمپ ٻاريو ۽ مون بوٽ پائي، ڪلهن تي ڪوٽ رکيو. ٻاهر نڪري اسان ڊوڙندا طنبيلي ۾ پهتاسين، جتي چيئرمين ۽ ٻيا ماڻهو اڳ ئي گڏ ٿي چڪا هئا. اسان جا ٽي بهترين گهوڙا، جيڪي هرن ۾ جوٽڻ لاءِ اسان جو سڀ کان وڏو سهارو هئا، ڪو نامراد چوري ڪري ويو هو . طنبيلي جي چوڪيدار ٻڌايو ته هو گاهه کڻڻ لاءِ مٿي ويو هو، جڏهن موٽيو ته ليمپ وسايل هو ۽ طنبيلي ۾ اونداهه هئي. هن سوچيو ته ليمپ هوا سبب وسامي ويو هوندو . جڏهن هن ليمپ ٻاريو ته ڏٺائين، ٽي گهوڙا غائب هئا . انهيءَ وقت ٽن گهوڙن جو نقصان اسان لاءِ اڄ جي ڏهن ٽريڪٽرن جي نقصان برابر هو. ائين لڳو هو ڄڻ مهاذ تي وڙهندڙ هر سپاهيءَ جي وات مان سندس گراهه ڪڍيو ويو هو. اسان باقي بچيل گهوڙن تي لغام چاڙهيا، بندوقون کنيونسين ۽ چورن جي ڳولا ۾ نڪتاسين . انهي وقت جيڪڏهن اسان انهن چورن تائين پهچي وڃون ها ته مٿن ڪوبه رحم نه ڪيون ها.
ڳوٺ مان نڪري اسان مختلف جَٿن ۾ ورهائجي وياسين . منهنجو گهوڙو ڏاڍو ڪاوڙيل هو. مون روڊ تان لهي جبلن جو پاسو ورتو .ٻه ٻيا سوار مون سان گڏ هليا هئا پر جڏهن مون پوئتي ڏٺو ته اڪيلي هيس. اونداهه ۾ انهيءَ نموني وڇڙي وڃڻ اسان لاءِ سولو هو. چنڊ ڪنهن ڪنهن مهل بادلن مان جهاتي پاتي ٿئي نه ته چوڏس اوندهه هئي . منهنجي من ۾ فقط هڪڙي ڳالهه هئي ته ڪنهن نموني انهن ڌاڙيلن کي سوگهو ڪيان، تنهن ڪري اهو خيال به نه رهيم ته ڪيڏانهن پيئي وڃان . اوچتو منهنجو گهوڙو هڪ اونهي کاهي جي ڪپ وٽ بيهي رهيو.
چنڊ جابلو سلسلي مٿان لنگهي رهيو هو ۽ ستارا ڏاڍا مڌم هئا. سَرَ لُڏي رهيا هئا ۽ قبرستان ۾ چٻرن جو واسو هو. مان هيٺاهينءَ ۾ لهي پيس، جتي هڪ لومڙِ جي ڊوڙڻ جي آواز کان سواءِ مڪمل خاموشي هئي . مان واپس آيس ۽ هيٺاهينءَ جي ڪناري سان هلندي سوچڻ لڳيس ته ، هڪ اطلاع مطابق اسان جي ڳوٺ جو جيڪشن نالي شخص فوج مان ڀڄي آيو آهي ۽ هو ٻن ٻين ڀڳوڙن سان گڏ انهن جبلن ۾ ئي لڪل آهي . مون انهيءَ افواهه تي يقين نه ڪيو هو. ڀلا جڏهن ملڪ تي ههڙي آفت آيل هجي ته ڪوئي ڪيئن ٿو ائين ڪري سگهي؟ ڇا اهو ممڪن آهي ؟ اسان جي ڳوٺ ۾ ته ڪوبه گهوڙو چورائي نٿو سگهي . سڀئي هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻن ٿا ۽ هڪ به نه، ٽي گهوڙا ! انهن کي لڪائي ڪٿي ٿو سگهجي؟ چور کين يقينن پهاڙن ۾ يا کليل ميدانن ۾ وٺي ويا هوندا. جيڪڏهن جيڪشن فوج مان فرار ٿي سگهي ٿو ته پوءِ پڪ سان گهوڙا به چورائي سگهي ٿو ، پر مون کي يقين نٿي آيو ۽ ڪو اهڙو ثبوت به ته نه هو.
انهيءَ چوري کان پوءِ اسان چئن نون، ننڍن گهوڙن کي هَرَ هلائڻ جي ڪم سان لاتو ۽ انهن کان ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪم وٺندا رهياسين . پوءِ فصل پوکڻ جو زمانو اچي ويو ۽ اسان کي گهوڙن جي چور پڪڙڻ جي مهلت نه ملي . اها منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان ڏکي بهار جي مند هئي . ڳوٺ وارن تي الزام مڙهي نٿي سگهياسين ، هو ڪم لاءِ ڀڙ هئا، پر بکئي پيٽ سان محنت ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ تنهن ڪري هڪ ڏينهن جو ڪم اسان هڪ هفتي ۾مس پورو ڪري سگهندا هئاسين . پوءِ ٻج به ختم ٿي ويو. اسان گودامن جي ڪنڊ ڪڙڇ صفا ڪري، نيٺ فصل پوکي ورتو.
مان پنهنجي زندگيءَ بابت ٿڌي دل سان سوچڻ لڳيس . اسان کي گڏيل فارم مان ڪابه پگهار نه ملندي هئي ۽ گهر جو رهيو کُهيو ڪڏهوڪو پورو ٿي چڪو هو . هاڻي ڇا ڪجي؟ ڇا هرڪو پنهنجي ڏيڍ سر جي مسيت ڌار جوڙي ؟ نه ، انهي جو مطلب هوندو ته اسان ڇِڙوِڇڙ ٿي ويا آهيون . پوءِ ڇا ڪيون؟ ممڪن آهي سرءُ يا ٻئي سياري تائين جهاڳي وڃون، پر ان کان پوءِ وري بهار جي مند ايندي ۽ وري هنن بکين انسانن کي ڪشالا ڪرڻا پوندا، پر محنت نه ڪرڻ به ناممڪن هو.
مان انهن مسئلن تي سوچيندي رهيس ۽ سڄي رات نه ستيس . پوءِ مون سوچيو ته هڪ اهڙي ٻني، جيڪا گڏيل فارم جي استعمال هيٺ ناهي، اها پوکي وڃي ۽ سڄو فصل سڀئي گهراڻا ورهائي کڻڻ . مون چيئرمين سان صلاح ڪئي ۽ ضلعي عملدارن ڏانهن ويس . مون کين سمجهايو ته اهو فصل پلان جي زراعت کان ڌار هوندو ۽ اسان گڏيل فارم جو ٻج به اتي استعمال نه ڪنداسين!
”تون گڏيل زراعت بابت اسٽالن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي ڪرين!“ هڪ آفيسر گجندي چيو.
”کڏ ۾ وڃي پون قانون“ مون ٺهه پهه جواب ڏنو، ”جيڪڏهن اسان بکيا رهياسين ته توهان جو پيٽ ڪيئن ڀربو؟“
”خبر اٿئي اها گفتگو تو کي ڪٿي پهچائيندي؟“
”خبر آهي ... جيڪڏهن چاهيو ته مون کي اتي موڪلي ڇڏيو پر اهو سويچ ڇڏيو ته محاذ تي وڙهڻ وارن لاءِ اَنُ ڪير اُپائيندو؟“
انهيءَ جهيڙي کان پوءِ مان ڊسٽرڪٽ پارٽي ڪاميٽيءَ جي آفيس پهتيس . قصو ڪوتاهه، هنن مون کي اجازت ڏئي ڇڏي پر چيائيون ته اهو فصل منهنجي پنهنجي ذميواري هوندي . هتي سوال ذميواري جو نه، پر بيلچن ۽ ٻج جو هو. گڏيل فارم ۾ ته ڪڻو به واڌارو نه هو، پوءِ مون سڄي ٽيم کي گهرائي صلاح ڪئي، ٻڌايو هاڻي ڇا ڪجي؟ گڏيل فارم مان ته اسان پنهنجي استعمال لاءِ ان به نٿا کڻي سگهون، ڇو ته سمورو ان محاذ تي ويندو اهي، جيڪو باقي بچندو آهي، اهو پوکڻ لاءِ محفوظ ڪيو ويندو آهي، هاڻي ڳوٺ جي وڏن گهرن، پوڙهن ۽ يتيمن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ توهان سڀ مون سان سهڪار ڪيو، جيڪو ان اسان گهرن ۾ بچائي رکيو آهي، اهو سڀ مون کي ڏيو، خفا نه ٿيو، مان ڄاڻان ٿي، اهو ان اسان جي آخري ميراث آهي، پر جيڪڏهن اهو ان اسان ٻج ڪري پوکي ڇڏيون ته هن وقت بک برداشٽ ڪرڻ جي اسان ۾ قوت آهي ۽ فصل لڻڻ تائين ڪنهن نه ڪنهن نموني زندهه به رهي سگهنداسين پر نئين فصل کان پوءِ، اسان وٽ جهجهو ان هوندو، همٿ ڪيو، پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻارن لاءِ، توهان کي پڇتائڻو نه پوندو، مون تي اعتبار ڪيو، هڪ ماءُ تي ڀروسو ڪيو، منهنجي مدد ڪيو، اڃا مهل آهي.“
انهي گڏجاڻي ۾ سڀني منهنجو ساٿ ڏنو پر جڏهن ٻجَ لاءِ اَنُ ڏيڻ جي مهل ٿي ته ڄڻ قيامت ڪڙڪي پيئي، سڀئي بانءِ ٿي ويا. گهڻن ڀاتين وارن گهرن جون عورتون، پنهنجي اڱڻ ۾ بيهي مون کي پٽڻ ۽ گاريون ڏيڻ لڳيون، ”لعنت هجي جنگ تي، باهه لڳي اهڙي زندگيءَ کي، کڏ ۾ وڃي پون هي ٻار ۽ جهنم ۾ پوين تون تولگو!“ پر ان هوندي به ماڻهن پنهنجي وس آهر ان ڏنو، جيڪو انهن لاءِ سندن رت کان وڌيڪ اهم هو. ڪنهن پندرهن سير به ڏنو ته ڪنهن وري فقط مٺ کن. مون کي خبر هئي ته ماڻهو پنهنجو سمورو انُ منهنجي حوالي ڪري رهيا آهن، ان جي باوجود مون اهو سڀ قبول ڪيو. ڪيترن کان ته مون زوري وصول ڪيو ۽ ائين ڪڻو ڪڻو ڪري ڳوڻيون ڀريم. مان ڇڪڙي ۾ ويهي گهر گهر ويس، منٿ ميڙ ڪيم، قسم کنيم، ڦِٽَ لعنت ۽ ڦُر ڦُران ڪيم. مون کي فقط اهو ڀروسو هو، ته هڪ هڪ مٺ بدران کين ڇٽيهه پائونڊ ان ملندو ۽ تڏهن هي سڀ منهنجا ٿورا ڀائيندا. پنهنجي پاڙيسرڻ عائشه سان مون جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو سڄي حياتي نه وسرندم، عائشه جو مڙس ذاني جنگ کان اڳ وفات ڪري چڪو هو ۽ هاڻي پنهنجي پٽ بيڪتاش کان سواءِ سندس ڪوبه نه هو. جڏهن هو ڪجهه تندرست ٿيندي هئي ته گڏيل ٻنيءَ يا پنهنجي مختصر ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ پنهنجي ڳئونءَ جو کير وڪڻندي هئي. بس اهوئي سندس زندگيءَ جو سهارو هو. سندس ڇوڪرو هاڻي ڇَڪڙو هلائڻ جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ اسان سندس ڇَڪڙي ۾ اَنُ ميڙڻ لاءِ نڪتا هئاسين. بيڪتاش هڪ سمجهه ڀريو ڇوڪرو هو. جڏهن اسان سندس گهر پهتاسين ته مون کانئس پڇيو، ”تو وٽ ڪجهه آهي؟“
”چلهه جي پٺيان ٻوريءَ ۾ ٿورو ڪجهه هوندو.“
”وڃ کڻي اچ!“
عائشه دستور مطابق بيمار هئي ۽ لوئي ويڙهيون ويٺي هئي. چيم، ”عائشه، جيڪو ڪجهه اٿئي سو ڏي.“
”اسان جي سڄي ميراث هو اٿيئي!“ هن چلهه پٺيان رکيل ڳوڻ ڏانهن اشارو ڪيو.
”مون کي ڏي، انهيءَ ۾ تنهنجو نقصان ناهي.پر فائدو آهي.“
هن چپ کي چڪ هڻي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
”عائشه، اها ٻوري ته ڏهن پندرنهن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي! پوءِ سياري ۾ ڇا ڪندينءَ؟ ايندڙ سال ڇا ڪندينءَ؟ ڪجهه سوچ!“
”جيڪڏهن مان ڏيئي سگهان ها ته نه ڏيان ها؟“
شايد سندس انهن ڳالهين سبب منهنجو من ميڻ ٿي وڃي ها، پر وري مضبوطيءَ سان چيم، ”مان هتي تنهنجي پاڙي واريءَ جي حيثيت سان نه، پر ٽيم ليڊر جي حيثيت سان آئي آهيان ۽ عوام جي نالي تي مان اهو ان کڻان ٿي.“ ايترو چئي مون ٻوري کڻي ورتي. عائشه پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
انهي ٻوريءَ ۾ اٽڪل پندرنهن سير ڪڻڪ هئي. منهنجي همت نه ٿي ته سڀ کڻي وڃان، تنهن ڪري اڌ خالي بالٽي ۾ اوتيندي چيم، ”ڏس عائشه، مون اڌ ڪڻڪ کنئي آهي، ڪاوڙ نه ڪجانءِ.“
هن غريب مون ڏانهن ڏٺو. سندس اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا. مان سندس گهر کان ٻاهر نڪري آيس. جيڪر مان سندس ٻوري نه کڻان ها، پر ان وقت مون کي خبر نه هئي، ته انهيءَ ٻج جو ڪهڙو حشر ٿيڻ وارو آهي ... هاڻي اسان وٽ ٻج جون ٻه ٻوريون هيون، جن کي اسان ڏاڍي ڌيان سان صاف ڪيو ۽ ٻنيءَ ۾ کڻي وياسين. جيڪر مان ايڏي تڪڙ نه ڪيان ها، پر ٻني تيار هئي ۽ مون کي ٻج ڇٽڻ جي تڪڙ هئي. هاڻي منهنجي منصوبي مطابق سڄو انتظام مڪمل هو. مون طئه ڪيو ته صبح سان سوير پاڻ اٿي ٻجُ ڇٽينديس. شام جو گهر موٽي مون ڪجهه بيچيني محسوس ڪئي. ڏينهن جو مون بيڪتاش ۽ هڪ ٻئي ڇوڪري کي چيو هو ته ٻجَ جي نظر داري ڪن پر هو اڃا غير ذميوار ٻار هئا، تنهن ڪري مان وري گهوڙو ڊوڙائيندي ٻنيءَ تي پهتيس. اونداهي ٿي رهي هئي ۽ ڏاند جوٽيل بيٺا هئا. مون کي َهرُ هلائڻ واري تي ڪاوڙ لڳي. هن مهل ته ڏاندن کي به آرام ڪرڻ کپي. مون طئه ڪيو ته هَرَ واري کي سخت سزا ڏينديس. پوءِ مون ڏٺو ته ڇڪڙا بيٺا آهن پر ٻجُ ۽ ڇوڪرا گم آهن! مون کين سڏ ڪيا، پر ڪوبه جواب نه مليو. گهوڙو ڊوڙائيندي ڇپري وٽ پهتيس ۽ اندر وڃي تيلي ٻاريم. ٻيئي ڇوڪرا رسي سان ٻڌا پيا هئا ۽ کين چڱو ماريو به ويو هو. جسمن مان رت وهي رهيو هئن. ڪپڙا ڦاٽي چڪا هئن ۽ وات ۾ ڪپڙا پيل هئن. مون بيڪتاش جو وات کوليو، ”ٻج ڪٿي آهي. ٻج!؟“
”ڌاڙيل کڻي ويا ۽ اسان کي ڏاڍو ماريو اٿائون.“سندس آواز ويجهي ويو هو. هن مٿو لوڏي انهيءَ پاسي اشارو ڪيو، جيڏانهن ڌاڙيل ويا هئا. ان کانپوءِ جو ڪجهه ٿيو، اهو مون کي ڌُنڌ ۾ ويڙهيل وارتا جيان ياد آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گهوڙي کي انهيءَ ڏينهن جيان ناهي ماريو. رات ڏاڍي اونداهي هئي پر قبر جي اونداهي به ان رات منهنجي راهه نه روڪي سگهي ها. جيڪڏهن منهنجو گهر سڙي وڃي ها ته مان خاموش رهان ها، جيڪڏهن گڏيل فارم مان ڏهه ٻوريون چوري ٿي وڃن ها ته مان برداشت ڪري وڃان ها، ڇو ته ڪوئا به ته نيٺ چور ئي آهن، پر مون معصوم ٻارڙن جي چورن کي پنهنجي هٿن سان گهٽو ڏيڻ ٿي چاهيو. شايد منهنجو گهوڙون چورن جي رستي سان ئي ڊوڙي رهيو هو. چور پهاڙن ڏانهن وڃي رهيا هئا، جو مون کين ڏسي ورتو. سندن گهوڙن جي نعلن مان چڻنگون نڪري رهيون هيون، ٽن جو جٿو هو . مون رڙ ڪئي،” اَنَ جون ٻوريون ڦٽي ڪيو، انهن ۾ ٻج آ- ٻج!“
هنن پٺ ورائي ڏٺو به نه . جڏهن مان سندن ڀرسان پهتيس ته ڏٺم، انهن مان هڪ گهوڙو به اسان جو هو. مون وري رڙ ڪئي، ”بيهي رهه، جيڪشن! هن دفعي تون نه بچي سگهندين!“ جيڪشن پٺ ورائي مون ڏانهن ڏٺو. اوندهه ۾ هڪ چمڪو ٿيو ۽ هڪ ڪڙڪيدار آواز اڀريو. انهي مهل مون کي خبر نه پيئي ته اهو بندوق جو آواز هو. مون سمجهيو شايد اوندهه ۾ منهنجي گهوڙي ٿاٻو کاڌو آهي. جڏهن مون کي هوش آيو ته مون کي پٺي ۾ ڏاڍو سور ٿي رهيو هو، منهنجي مٿي مان رت وهي، ڪنڌ جي پٺيان ڄمي ويو هو، منهنجي ڀرسان ئي منهنجو گهوڙو پوين پساهن ۾ پيو هو ۽ بي وسيءَ مان ٽنگون لوڏي رهيو هو. پوءِ سندس نڙگهٽ مان کر کر جو آواز نڪتو، سندس مٿو ڌرتي سان وڃي لڳو ۽ ٿڌو ئي ويو. اها سانت چوڏس ڦهليل هئي. مان بيهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ پئي رهيس. هاڻي مون لاءِ هر ڳالهه بي معنيٰ هئي. مان فقط اهو سوچي رهيس هيس ته پنهنجو انت ڪيئن آڻيان؟ جيڪڏهن اوسي پاسي کاهي هجي ها ته مان رڙهي وڃي پاڻ اڇليان ها. هاڻي مان ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙي به نه رهيس مون نظرون کڻي آسمان ۾ ڪهڪشان کي ڏٺو ۽ مون کي عائشه جا لڙڪ ياد اچي ويا. لڙڪن جي سار مون کي مجبور ڪيو ته مان اٿي کَڙِي ٿيان. مان گوڏن ڀر اٿيس ۽ پوءِ اٿي بيهي رهيس. لوڏو کائي وري ڪري پيس ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳيس.
”تو تي اسان جي شهيدن جي لعنت هجي ڪمينا جيڪشن. سڀئي شهيد جاڳي تو مٿان ٿُڪندا جيڪشن. اسان جا معصوم ٻارڙا تو کي پٽيندا. ملعون. -لعنت- لعنت –“ روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ سبب مان وڌيڪ نستي ٿي پيس ۽ ڪا مهل اُن بيابان ۾ بنا آسري پئي رهيس. پوءِ مون کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”ماسي! ماسي تولگو... ڪٿي آهين؟“
مون جواب ڏنو ۽ بيڪتاش ڊوڙندو اچي مون وٽ پهتو. گوڏن ڀر ويهي منهنجو مٿو مٿي ڪيائين، ” ڇا ٿيو ماسي؟ ڪو ڌڪُ لڳ ويو ڇا؟“
”نه ... مان ته ڪِري پئي هيس پر هنن موذين منهنجي گهوڙي کي گولي هڻي ماري ڇڏيو!“
”ڳڻتي به ڪر ماسي. الله جو شڪر آهي جو تون بچي وئينءَ.“
ڇوڪرن مون کي ڇڪڙي ۾ ويهاري گهر پهچايو ۽ مان پٺيءَ جي ڌَڪَ سبب ٽي ڏينهن کٽ تي پئي رهيس. مان ٿورائتي آهيان جو سڄي ڳوٺ منهنجي سار لڌي ـــــ پر انهيءَ کان وڌيڪ سندن انڪري ٿورائتي آهيان جو ڪنهن به اَنَ جي شڪايت نه ڪئي. اَنَ جي ڌاڙي جو ڪنهنذڪر به نه ڪيو. کين خبر هئي ته مان انهيءَ واقعي سبب ڪيڏي مونجهه محسوس ڪري رهي آهيان. جڏهن مان سوچيندي آهيان ته ٻني خالي پيئي آهي ۽ اُهو اَنُ، جيڪو ٻارڙن جي وات مان ڪڍي پوکڻ لاءِ کڻي آئي هيس، اهو ڪميڻا ڏاڙيل کڻي ويا آهن ته منهنجي اڳيان دنيا اوندهه ٿي ويندي آهي .