1
ڏهاڙي ڀوريون ڀوريون، ٿلهيون رڍون اتان لنگهنديون هيون. سندن وزنائتيون پولهيون مٽِيءَ ۾ لڏنديون رهنديون هيون. ڳرن آوازن وارا سانورا ڌنار کين هڪليندا ويندا هئا. آسودن ڳوٺن مان وري ڊگها ڊگها قافلا ايندا هئا، جن ۾ اُٺَ ئي اُٺَ هوندا هئا. ڪاوڙيل گهوڙن تي سوار ڪنواريون ۽ نوجوان سهاڳڻيون باغن ۽ روشن ندين جا گيت ڳائينديون لنگهنديون هيون. مان جڳ جهان کان بي خبر ٿي کين ڏسندي رهندي هيس، تانجو اهي قافلا نظرن کان پري ٿي ويندا هئا. مان ٿڌو ساهه ڀري سوچيندي هيس، جيڪر مون وٽ به اهڙا لباس ۽ جهالر واري شال هجي پر منهنجي ڀلا حيثيت ئي ڇا هئي! هڪ هاريءَ جي نينگر، جنهن جي پيرن ۾ جُتي به نه هئي. ڏاڏو قرض ادا ڪرڻ لاءِ هاري ٿي ويو هو. اها هئي اسان جي گهراڻي جي حالت.
جيتوڻيڪ مون وٽ ريشمي ڪپڙا نه هئا، پر وڏي ٿي مان ڏاڍي منهن مهانڊي واري ٿي پيس . مون کي پنهنجو پاڇو به ڏاڍو چڱو لڳندو هو، هلندي هلندي مان پنهنجي پاڇي کي ڏسندي هيس، ته ائين لڳندو هو، ڄڻ آئينو ڏسندي هجان . ها، انهن ڏينهن ۾ مان ڏاڍي ڀوري هيس . مان سترهن سالن جي هيس، جڏهن سووان مليو. فصل کڻڻ جا ڏهاڙا هئا، هو اتي هاري جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ آيو هو . هاڻي به اکيون ٿي پوريان ته هو سامهون اچي ٿو بيهي، اصل ساڳئي ڍنگ سان جيئن انهن ڏهاڙن ۾ هو . هو اٽڪل اڻويهن سالن جو هو. هو ڏاڍو سانورو هو ۽ سندس ڳل ٽامي جيان چمڪندا هئا . پهرين ڏک ۾ هو سنهڙو لڳندو هو پر سندس ڇاتي مضبوط ۽ ٻانهون فولاد جيان هيون . هو ڏاڍو محنتي جوان هو . هو پنهنجي ڏاٽي سان ڪڻڪ ائين صفائي ۽ رواني سان وڍيندو هو، ڄڻ پاڻي وهي رهيو هجي . ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪم ڪندي ڏاڍا سٺا لڳندا آهن . سوان به انهن ماڻهن منجهان هو. مان به پنهنجي ڏاٽي جي ڦڙتيءَ سبب مشهور هيس، پر هو مون کي به پٺيان ڇڏي ويندو هو. هو موٽِي اچي منهنجو هٿ ونڊائيندو هو،”تو کان ڪير ٿو مدد گهري“ مان چوندي هيس،”تو جهڙن کان سواءِ ڄڻ مان ڪم ئي نٿي ڪري سگهان!“ پر هن ڪڏهن به منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪئي، کلي، ڪم کي لڳي ويندو هو.
ٻنيءَ تي اسان سڀ کان اڳ پهچندا هئاسين ۽ سج اڀرڻ شرط ڪم شروع ڪري ڏيندا هئاسين . سووان چاري جي ڪنڊ تي سدائين منهنجي انتظار ۾ هوندو هو. ”اچي وئينءَ!“ هو رڙ ڪري چوندو هو.
”مان سمجهيو هو، تون ٻنيءَ تي پهچي ويو هوندين.“ مان وراڻيندي هيس . جيتوڻيڪ مونکي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته هو سدائين منهنجي راهه نهاريندو آهي . تنهن کان پوءِ اسان گڏوگڏ ٻنين ڏانهن ويندا هئاسين . انهيءَ وچ ۾ آسمان روشن ٿي ويندو هو. برف وارن جبلن جون چوٽيون سڀ کان اڳ روشن ٿينديون هيون ۽ باغن جي شفاف هوا اسان جي جسمن کي ڇهندي لنگهندي هئي.
اونهاري جي مند وارن انهن صبحن ۾ اسان جي محبت جو سج اڀريو. جڏهن اسان گڏوگڏ ڪم ۾ مصروف هوندا هئاسين، سڄي دنيا اسان لاءِ پرستان ٿي ويندي هئي . اڻ کيڙيل ٻني به اسان کي دنيا جي سڀ کان سهڻي ٻني نظر ايندي هئي . اڪثر هڪ چنڊول پکي به اسان سان گڏوگڏ اڀرندڙ سج جي آجيان ڪندو هو . هي ڏاڍو مٿانهون اڏامندو هو ۽ مٿي وڃي هڪ نقطي ۾ بدلجي ويندو هو، اتي وڃي هو پولار ۾ بيهي رهندو هو ۽ اسان جي دلين جيان ڌڙڪي اٿاهه خوشين جا گيت پولار ۾ پکيڙندو هو.
”نو لگو، اسان جو چنڊول وري ڳائي رهيو آهي.“ سووان چوندو هو، ”اسان جي هن پرستان ۾ اسان جو پنهنجو ڳائڻو به موجود آهي.“
پوءِ هڪ چانڊوڪي رات آئي، اهڙي سهائي رات وري شايد ڪڏهن دنيا ۾ نه اچي . انهيءَ شام مان ۽ سووان ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ترسي پيا هئاسين . جڏهن جبل جي چوٽِ مٿان صاف سٿرو وڏو چنڊ نڪتو، تڏهن آسمان جي سڀني ستارن پنهنجون اکيون کولي مون کي ۽ سووان کي ڏسڻ شروع ڪيو . ٻنيءَ جي ڪناري جيڪيٽ وڇائي، سووان ۽ مان ليٽي پياسين . واهه جو ڪپ اسان جو وهاڻو ٿي پيو . اها اسان جي ميلاپ جي پهرين رات هئي . ان کان پوءِ اسان سدائين گڏ رهياسين . سووان ڏاڍي نرميءَ سان منهنجي ڳلن، نرڙ ۽ وارن تي هٿ ڦيرايا، هن جي سخت کهرن ۽ محنتي هٿ جي ڇهاءَ سان مون سندس خوشيءَ ڀرئي دل جي ڌڙڪڻ ٻڌي.
”سووان!“ مون چيو ،” ڇا اسان خوش رهنداسين! اسان جي مستقل ۾ ڇا هي؟“
”جيڪر زمين ۽ پاڻيءَ جو انصاف سان حصو ملي ۽ جيڪر اسان جي پنهنجي ٻني هجي، جنهن کي اسان پاڻ پوکي ۽ لڻي سگهون . اها ئي اسان جي خوشي هوندي . انهيءَ کان وڏي خوشي جي حاجت ڪونهي . هاري جي خوشي سندس ٻني ۽ سندس فصل ۾ لڪل آهي.“
نه ڄاڻ ڇو سندس انهن لفظن مون کي قناعت ۽ سڪون جي احساس ۾ ويڙهي ورتو، گهڻي دير تائين مان کيس پنهنجين ٻانهن ۾ ڀري پيار ڪندي رهيس ، پوءِ اسان واهه ۾ وهتاسين ، هڪ ٻئي کپي پاڻي جا ڇنڊا هنياسين ۽ ڏاڍا ٽهڪ ڏناسين. پاڻي تازو ۽ چمڪندڙ هو ۽ ان ۾ جابلو هوا جي مهڪ رچيل هئي . پوءِ اسان ليٽي ، آسمان تي ٽم ٽم ڪندڙ تارن کي ڏسڻ لڳاسين. انهيءَ رات ڪيڏا اڻ ڳڻيا ستارا روشن هئا! انهيءَ سهائي رات ۾ ڌرتي به اسان جي خوشيءَ ۽ سڪون جي احساس ۾ اسان سان شريڪ هئي .
۽ پوءِ مون اکيون کڻي، ڪهڪشان جي اَنَ جي ڀري کڻندڙ، انسان جي رستي کي ڏٺو ۽ سووان جا لفظ منهنجي من ۾ ٻُريا. شايد انهيءَ رات ئي ڪوئي عظيم هاري اَنَ جي وڏي ڀري کڻي آسمان تان لنگهيو هو ۽ چاندي رنگو بهه پنهنجي پويان ڇڏي ويو هو! ۽ مون سوچيو، ڪڏهن اسان جا خواب سچا ٿيندا ۽ منهنجو سووان انهي آسماني هاري جيان ان جي وڏي ڀري ٻار مان کڻي ايندو . اسان جي پنهنجي فصل جو اَنُ ۽ بهه سندس پويان پويان اڏامندو . جڏهن مان اهو سپنو ڏسي رهي هيس، تڏهن ستارن به مون سان گڏ اهو سپنو ڏٺو هو ۽ انهي سپني جي ساڀيان لاءِ ايڏي شديد سَڌَ منهنجي من ۾ پيدا ٿي، جو مان وڏي آواز سان ڌرتي ماءَ کي چئي ڏنو،” ڌرتي امڙ! تون اسان سڀني کي پاليندي آهين. جيڪڏهن تون اسان کي خوشي نٿي ڏئي سگهين ته اسان هتي ڇو آهيون؟ اسان ڇو پيدا ٿيا آهيون؟ دنيا ڇا لاءِ زندهه آهي؟ اسان تنهنجا ٻچا آهيون، پنهنجي ٻارڙن کي سک نصيب ڪر.“
جڏهن منهنجي اک کلي ته منهنجي پاسي ۾ ڪوبه نه هو. سووان سوير ئي اٿيو هو ۽ مون کي ان جون نيون ڀريون نظر اچي رهيون هيون . مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. جيڪڏهن مان به ساڻس گڏ اٿي چڪي هجان ها، ته هن مهل تائين اسان ڪيڏو ڪم ڪري وڃون ها!
سرووان! مون رڙ ڪئي،”تو مون کي جاڳايو ڇو نه؟“
منهنجي آواز تي هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. مون کي اڃا تائين ياد آهي، انهي صبح جو هو ڪيڏو وڻندڙ لڳي رهو هو ۽ سندس اُس ۾ مضبوط جسم پگهر سان ڪيئن چمڪي رهيو هو! هن پگهر اگهندي چيو ”مون چاهيو ٿي، تون چڱي طرح آرام ڪري وٺين.“
”۽ تون پاڻ؟“
”پر هاڻي ته مون کي ٻن ڄڻن جو ڪم ڪرڻو ئي آهي.“
مون کي ايڏو ڏک ٿيو، جو روئڻهارڪي ٿي ويس ، پر گڏوگڏ من خوشي سان به ڀرجي ويو . چيم، ”پر ياد اٿئي، تو رات ڇا چيو هو؟ اهو ئي نه، ته اسان سدائين برابري سان رهنداسين، هڪ جان.“
سووان ڏاٽو ڦٽي ڪري ڇڏيو . ڊوڙندو آيو ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي مٿي کنيائين ۽ مون کي چمندي چيائين، ”اڄ کان اسان ٻيئي هڪ آهيون. هر ڪم، هر ڳالهه گڏ ڪنداسين. منهنجي جان، منهنجي چڪوري....“ ۽ مون کي طرحين طرحين جي پيار ڀرين نالن سان سڏيندو رهيو، سندس ڳچيءَ سان لڙڪندي مون هوا ۾ پير لوڏيا ۽ ڏاڍا دل ڀري ٽهڪ ڏنم . سج هاڻي جبل جي پٺيان نڪري رهيو هو. سووان مون کي ڌرتيءَ تي بيهاريو ۽ سج سان مخاطب ٿيو، ”او ڀائو سج! هيءَ منهنجي زال آهي. هن جي رونمائي ڪر ۽ پنهنجي اس پکيڙ.“ ۽ مان اوچتو سڏڪا ڀري روئي پيس . ڇو ته خوشي کان منهنجي دل ڦاٽي رهي هئي.
اسان جي زندگي اسان جي سپنن جيان سهڻي ثابت ٿي. اسان ٻنهي پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگيءَ کي سونَ جيان گهڙيو ۽ سنواريو. اسان تتيءَ ٿڌيءَ لڳاتار محنت ڪندا هئاسين. پنهنجو رت- پگهر هڪ ڪري محنت ڪندا هئاسين. پوءِ اسان جا نوان ڏينهن آيا. اسان گهر اڏيو ۽ جانور خريد ڪيا ۽ اسان وٽ ٽن پٽن جنم ورتو.
اڪثر منهنجي ذهن ۾ هڪ تلخ ، چريائپ جهڙو خيال ايندو آهي ته ائين هڪ ٻئي پٺيان پٽ ڄڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٻين جي ٻارن جيان انهن جي وچ ۾ ٽن- چئن سالن جي وڇوٽي ڇو نه پيئي؟ پر ائين ٿئي ها ته جيڪي ڪجهه پوءِ ٿيو سو نه ٿئي ها. جيڪڏهن منهنجا اهي ٻار پيدا ئي نه ٿين ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها. منهنجا پيارا، منهنجي ساهه جا سهارا، هنن لفظن کي ڌيان سان ٻڌو، اهي هڪ ماءُ جي پيڙا جا ترجمان آهن، ڇو ته مان هڪ ماءُ آهيان- ماءُ. مون کي خاص طور تي اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن هو سڀئي منهنجا لاڏلا ٻنيءَ ۾ آيا هئا. انهي ڏينهن سووان هن علائقي جو پهريون ٽريڪٽر هلائيندو ٻني ۾ آيو هو. گذريل سال سياري ۾، درياهه جي ٻئي پار ٽريڪٽر اسٽيشن تي هو ٽريڪٽر هلائڻ سکندو رهيو هو، انهي وقت تائين اسان کي اها خبر به نه هئي ته ٽريڪٽر ڪهڙِي شيءِ آهي . انهن ڏينهن ۾ جڏهن هو سڄي ڏينهن جي سکيا کان پوءِ پنڌ ايترو پريان کان موٽندو هو ته مان ڪاوڙ جي به پوندي هيس، ”ڇا ٽيم ليڊر هئڻ ڪافي ناهي، جو تون وري ٽريڪٽر جي خفي ۾ به وڃي پيو آهين؟“
”تولگو، ڪاوڙ نه ڪر، بهار اچڻ ڏي، پوءِ رنگ ڏسجانءِ، ٿورڙو صبر ڪر.“
مان هن کان حقيقت ۾ ته ڪڏهن به نه ڪاوڙبي هيس پر اڪيلي سر ٻارن جي پرورش، گهرو ڪم ۽ گڏيل فارم ۾ ڪم، ايڏين مصروفيتن سان منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو هو ۽ هو ايترو پرتان پنڌ ڪري ايندو هو ۽ ٿڌ ۾ منهنجي سامهون اچي بيهندو هو ته مان ڪهڙِي دل سان کانئس ناراض ٿيان ها؟ تڏهن مان ٿوري ندامت سان چوندي هيس، ”اچ باهه جي ڀرسان ويهه، ماني ٿڌي پيئي ٿئي.“
مون کي خبر هئي ته هن جو اهو نئون ڪم ڏاڍو سخت آهي. انهيءَ وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوبه بيروزگار نه هو، جنهن کي ٽريڪٽر جي سکيا لاءِ موڪليو وڃي ها، تنهن ڪري سووان ٻٽي آڇ ڪئي، ”مون کي موقعو ڏيو ته مان ٻئي ڪم ڪيان، مان لکڻ پڙهڻ به سکندس ۽ ٽريڪٽر هلائڻ به. منهنجي غير حاضريءَ ۾ ٻيو ٽيم ليڊر چونڊي وٺو.“
سندس انهيءَ آڇ سبب، سندس پريشانين ۾ واڌارو ٿي ويو. اهو به ڪهڙو زمانو هو! ٻار پيئرن کي پڙهائي رهيا هئا. اسان جا ٻئي وڏا ڇوڪرا قاسم ۽ مسبيڪ اسڪول ۾ هئا ۽ گهر ۾ اهي ٻئي اسان جا استاد ٿي ويا! شام جو اسان جي گهر ۾ چڱو ڀلو ڪلاس کلي پوندو هو. تن ڏينهن ۾ اسان جي گهر ۾ ميز نه هئي. سووان فرش تي ويهي، ڏاڍي محنت ۽ ڏکيائيءَ سان ڪاپيءَ تي اکر لکندو هو ۽ اسان جا ٽيئي پٽ سندس چوڌاري مڙي هدايتون ڏيڻ شروع ڪندا هئا، ”بابا، پينسل سڌي جهل. ائين نه، هيئن! پنهنجو ساڄو هٿ ڪاپيءَ تي هيئن رک.“ پوءِ هو ٽيئي پاڻ ۾ بحث شروع ڪري ڏيندا هئا ۽ هر ڪو پنهنجي قابليت جهاڙائڻ جي ڪوشش ڪندو هو! ڪو ٻيو موضوع هجي ها ته کين پنهنجو پيءَ چپ ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ها، پر لکڻ جي مشق وقت هو ايڏي احترام سان پنهنجي پٽن جون ڳالهيون ٻڌندو هو، ڄڻ سچ پچ سندس استاد هجن . هڪ ئي لفظ لکڻ کان پوءِ سووان پگهرجي ويندو هو، ڄڻ اَنُ ڇڙڻ جي مشين هلائي هجئين. هو چارئي جاودگرن جيان ڪاپيءَ مٿان جهڪي ويندا هئا ۽ مان کلي کلي کيري ٿي پوندي هيس.
”چڱو ٻارو، هاڻي پنهنجي پيءُ جي پچر ڇڏيو. ڇا توهان کيس صفا ملان ڪري ڇڏڻ ٿا چاهيو؟ سووان، تون به فيصلو ڪري وٺ، ته ملان ٿيندين يا ٽريڪٽر ڊرائيور؟“
سووان مٿو لوڏي سنجيدگيءَ، سان چوندو هو، ”اڙي تولگو! تون چرچا ٿي ڪرين ۽ هتي ساهه مٺ ۾ آهي. ڏاڍي ڏکئي لفظ سان پلاند اٽڪيو آ هن مهل.“ بهرحال، سووان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ لکڻ پڙهڻ سکي ورتائين.
بهار- مند جي شروع ۾، اڃا برف ڳرڻ شروع ڪيو هو جو ڳوٺ جي ٻاهران هڪ عجيب شيءِ گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. ڊنل گهوڙن جي هڪ ڌڻ ٽاهه کائي ڊوڙڻ شروع ڪيو، مان گهر کان ٻاهر آيس ته ڏٺم ته فولاد جو هڪ ڪارو پهاڙ دونهين جا بادل اڏاريندو پري کان اچي رهيو آهي. جڏهن اهو ڳوٺ جي روڊ تي پهتو ته ماڻهن جو ميڙاڪو ٿي ويو. ڪجهه ماڻهو گهوڙن تي آيا، ڪجهه پنڌ، چڱو ڀلو ميلو ٿي ويو. مان به پاڙي وارين سان گڏ اڳتي وڌيس ۽ سڀ کان اڳ منهنجي نظر پنهنجي پٽن تي پيئي، ٽيئي پنهنجي پيءُ سان گڏ ٽريڪٽر تي بيٺا هئا، هنن هڪ ٻئي کي سوگهو جهلي رکيو هو. ڳوٺ جا ڇوڪرا ٽوپيون لوڏي سيٽيون وڄائي رهيا هئا، پر منهنجي پٽن کي انهيءَ جي پرواهه نه هئي، فخر ۽ مسرت کان سندن منهن ٻهڪي رهيا هئا.
ٽيئي شيطان صبح سان سوير ئي درياهه جي ڪپ تي، پنهنجي پيءُ جي ٽريڪٽر تي وڃي پهتا هئا، بنا ٻڌائڻ جي ته متان مان ڊپ کان انڪار نه ڪري ڇڏيان ۽ سچ به مون کي ڊپ لڳي رهيو هو... خدا نه ڪري، ڪجهه ٿي نه پوي !
مون رڙ ڪئي، ” قاسم، مسبيڪ، جينڪ، هيٺ لهو، وارو ڪيو.“ پر انجڻ جي گوڙ ۾ منهنجو آواز دٻجي ويو. سووان مون ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي، ڄڻ يقين ڏياريائين ته ٻارن کي ڪوبه خطرو ناهي. سووان به ڊرائيور جي سيٽ تي ڪيڏو خوش ۽ نوجوان لڳي رهيو هو! انهيءَ وقت مون محسوس ڪيو ته ٽيئي پٽ پنهنجي پيءُ سان ڪيڏي نه هڪ جهڙائي رکن ٿا. هو پاڻ گهٽ عمر جو هيو ۽ پنهنجي پٽن جو وڏو ڀاءُ لڳي رهيو هو . وڏا ٻئي ته هوبهو پيءُ جهڙا هئا. منهنجو سڀ کان ننڍو پٽ جينڪ مون تي ويو هو، رنگ ڀورو ۽ اکيون ڪاريون.
سڄو ڳوٺ ٽريڪٽر جي ڪڍ هو. اسان کي حيرت هئي ته هيءَ مشين هر ڇا هلائيندي! پر جڏهن ٽريڪٽر جي ٽن مشيني ٿالهين صفائيءَ سان زمين کيڙي، مٽيءَ جا ڍير ڪري ڏيکاريا ته تاڙيون وڄي ويون. گهوڙِي سوارن پنهنجي گهوڙن کي چهبڪ هڻي، ٽريڪٽر جي پٺيان هڪ جلوس کڻي ترتيب ڏنو . نڄاڻ مون کي ڇا ٿيو، جو مان ميڙ کان ڌار ٿي، پاسائتي بيهي رهيس. ٽريڪٽر پري ٿيندو پئي ويو ۽ مان ٿڪل ٿڪل احساسن سان کيس ڏسي رهي هيس، الائجي مون کي ڪهڙي ڳالهه جي وڌيڪ سرهائي هئي . سووان ٽريڪٽر آندو هو، انهيءَ جي يا پنهنجي پٽن جي، جيڪي وڏا ٿي ويا هئا ۽ پيءُ تي ويا هئا. مان دنيا جي وڌ ۾ وڌ سَرهي عورت هيس . مون رئندي – کلندي دل ۾ چيو، ”ٻچڙا! سدائين پيءُ جي پاسي ۾ رهجو ۽ سندس پير تي هلجو.“
وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ۽ منهنجا پٽ وڏا ٿي ويا. قاسم پيءُ جيان ٽريڪٽڙ ڊرائيور ٿي ويو ۽ لڻائيءَ جي مشين هلائڻ سکيائين . هو جبل جي پاسي واري ڪانندا جي گڏيل فارم مان سکيا حاصل ڪري ڳوٺ موٽي آيو . مسبيڪ منهنجو لاڏلو پٽ هو. انهيءَ جو ڪارڻ شايد اهو هو ته هو ئي سڀ کان اڳ آکيرو ڇڏي اڏاڻو هو، تنهن ڪري مون کي سندس ياد ڏاڍو ستائيندي هئي. اسڪول ۾ سدائين سٺيون مارڪون کڻندو هو. ڪتابن جو عاشق هو ۽ هاڻي شهر وڃي ماستر ٿيڻ جي سکيا وٺي رهيو هو. سڀ کان ننڍو جينڪ ڏاڍو سهڻو جوان ٿي پيو هو پر گهر ۾ ته سندس پير ئي نه هوندو هو. گڏيل فارم جي هارين کيس ڪوم سومول جو آرگنائيزر چونڊي ڇڏيو هو، تنهن ڪري هو سڄو ڏهاڙو جلسن ۽ پڙهڻ ۾ گم هوندو هو. هڪ ڏهاڙي مان مٿس ڪاوڙجي پيس، ”تون اڳو پوءِ پنهنجو هنڌ- کٽولو ۽ پنهنجو هي واڄو، اڪارڊين کڻي ڪوم سومول جي آفيس ۾ ئي ڇو نٿو وڃي رهين!“
سووان پٽ جو پاسو ورتو ، ”ڪاوڙجين ڇو ٿي جينڪ ماءُ! کيس ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. جيڪڏهن مون کي خبر پيئي ته هي پنهنجو وقت ٿو وڃائي ته مان پاڻيهي سندس ڪَنَ مَهٽ ڪندس، تون الڪو نه ڪر.“
ان وقت سووان ٽيم ليڊريءَ جي پراڻي ڪم تي موٽي آيو هو. هاڻي نوجوان ڇوڪرا ٽريڪٽر هلائي رهيا هئا. پوءِ هڪ اهم وارتا ٿي، قاسم شادي ڪري ڇڏي ۽ منهنجي گهر ۾ ننهن اچي وئي. نه ڄاڻ اهو سڀ ڪيئن ٿيو پر شايد قاسم پنهنجي سکيا وارن ڏينهن ۾ ساڻس مليو هو. ڪنوار جو نالو عليما هو ۽ اها ڪانندا ڳوٺ جي هڪ سانوري جابلو ڇوڪري هئي . مون کي اها پياري ۽ مٺي سڀاءَ واري ڇوڪري ڏاڍو وڻندڙ لڳي . عليما ڏاڍي سگهڙ، محنتي ۽ پرخلوص ڇوڪري هئي . مان کيس پنهنجي ڌيءَ جيان ڀانئڻ لڳيس . مون کي خبر آهي ته سس ننهن جا جهيڙا ڇا ٿيندا آهن! پر عليما جهڙي ننهن ته ڀاڳ اسان کي ڏني هئي ۽ ڀاڳ مٿان ڇت ڦاڙي نه ايندو آهي پر خود توهان جي رويي ۽ ٻئي جي رويي جي بنياد تي، ڦڙي ڦڙي ٿي خوشين جو تلاءُ بڻبو آهي.
سرنهن ڦولارجي رهي هئي . اڃا باقائدي لڻائي شروع نه ٿي هئي پر اسان ڪناري کان ڏاٽي سان لڻڻ لڳندا هئاسين، جيئن مشينن کي ڦرڻ ۽ موٽڻ جي جاءِ ملي سگهي . مان ۽ عليما گڏوگڏ ڪم ڪنديون هيونسين ۽ عورتن جا طعنا تنڪا ٻڌنديون هيونسين، ”ننهن سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ گهر ۾ آرام ڇو نٿي ڪرين؟ ڪجهه ته پنهنجي عزت ۽ رعب رک!“ ۽ مان پنهنجو پاڻ کان پڇندي هيس، اها ڪهڙي قسم جي خود داري آهي ته گهر ويهي آرام ڪيو! خير، لڻائي ته مون لاءِ راحت هئي ، تنهن ڪري مان ننهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي ڪم ۾ رڌي رهيس.
هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته عليما سرنهن جي گلن جو گلدستو ٺاهي، امالڪ ٻني مان ڀڳي ٿي وڃي. مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڪيڏانهن ٿي وڃي. پوءِ مون ڏٺو ته، هن قاسم جي مشين وٽ وڃي، گلدستو مشين جي ڏاڪڻ تي رکيو ۽ هڪدم پوئتي ڀڄي آئي . مشين کڻائيءَ لاءِ ٻني جي ڪناري تي بيٺي هئي ۽ ان وقت اوسي پاسي ڪوئي نه هو. مون اهڙو ڏيکاءُ ڏنو، ڄڻ مون ننهن جي اها چوري نه پڪڙي هجي، ڇو ته عليما اڃا تائين ڏاڍي شريملي هئي ۽ مون کيس لڄائڻ نٿي چاهيو، پر مون دل ۾ چيو کيس قاسم سان ڪيڏي نه محبت آهي . شال وڏي ڄمار ماڻين منهنجي راڻي! اڄ به منهنجي تصور ۾ هوءَ انهيءَ ڏينهن جيان موجود آهي . خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چهرو، ٻانهن ۾ وڏو گلدستو جهليل، هاءِ جواني! جواني! عليما منهنجي پياري ڌيءَ!! هوءَ ٻارن جيان گلن تي عاشق هئي . بهار جي مهڙ ۾ جڏهن جبل برف سان ڍڪيل هوندا هئا، منهنجي عليما گهر کان ٻاهر نڪرندي هئي ۽ مند جا پهريان اڇا گل چونڊي ايندي هئي، منهنجي لاڏلي عليما!
ٻئي ڏينهن لڻائي شروع ٿي وئي . لڻائيءَ جو پهريون ڏينهن سدائين جشن جيان هوندو آهي . انهيءَ ڏينهن ڪڏهن مون ڪوئي اداس چهرو نه ڏٺو آهي . پهرين ڏينهن ڪوبه سنجيدگي سان ڪم نه ڪندو آهي . انهيءَ صبح تي به ٻنيءَ مان ٽهڪن جو آواز اچي رهيو هو پر ڏاٽي هلائڻ وارو جٿو سڀ کان وڌيڪ گوڙ ڪري رهيو هو، ڇو ته اهي سڀئي ڪنواريون ۽ نيون پرڻيل ڇوڪريون هيون. قاسم پنهنجي سائيڪل هلائيندو اچي اُتي پهتو. اها سائيڪل کيس سٺي ڪارردگيءَ جي موٽ ۾ مشين ۽ ٽريڪٽر اسٽيشن پاران انعام ۾ ملي هئي. ڇوڪرين سائيڪل جو هينڊل جهلي، سندس رستو روڪي ورتو، ”ادا قاسم! سائيڪل تان لهه ۽ فصل لڻڻ وارين کي جهڪي سلام ڪر! مشين هلائڻ تي گهڻي مڳي نه ڪر، جهڪي پئه، پنهنجي گهر واري ۽ اسان سڀني جي اڳيان....“ سڀئي کيس وڪوڙي ويون ۽ انهيءَ کان اڳ جو سندس زال، سندس پاران کائن معافي وٺي، انهن شرير ڇوڪرين قاسم کان سلام ڪرائي ورتو.
”معافي ڏيو سائين، معافي ڏيو. اڳتي مان ڪوهه پنڌ تان ئي سلام ڪندو ايندس.“ قاسم چيو ، پر هنن ڪٿي پئي مڃيو، هاڻي هنن ضد ڪيو، ته کين سائيڪل تي گهمايو وڃي. پوءِ هڪ ڇوڪري سائيڪل جي ڏنڊي تي ويهي رهي ۽ قاسم کي سندس ٽهڪڙن، کلندڙ وٽ کائيندڙ بار سبب سائيڪل هلائڻ ڏکي لڳي رهي هئي ۽ سڄو ميڙ جو ميڙ سائيڪل جي ڪڍ ڊوڙڻ لڳو. ”هاڻي مون تي رحم ڪيو....“ قاسم منٿ ڪئي پر هڪ ڇوڪري سائيڪل تان لٿي پئي، ته ٻي ٽپ ڏئي چڙهي ٿي ويهي رهي. هاڻ ته قاسم کي به ڪاوڙ اچي وئي،” اها ڪهڙِي مشڪري آهي! دير پئي ٿئي، مون کي مشين هلائڻي آهي، توهان ڪم ڪرڻ آيون آهيو يا کجڪو ڪرڻ؟ ٽرو ڏائڻيون!“
ها- لڻائي جو پهريون ڏينهن چمڪندڙ سج ۽ ڀرپور ٽهڪن جو ڏينهن هو . ان ڏينهن منهنجو من به ڏاڍو سَرهو رهيو . جيڪي ڪجهه مان ڏسي رهي هيس، ٻڌي رهي هيس يا محسوس ڪري رهي هيس، ڄڻ اهو وايو منڊل منهنجي خوشيءَ ۾ واڌاري ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو هو. قاسم پنهنجي اڳيان ايندڙ هڪ ماڻهوءَ کي خبردار ڪندو اسان ڏانهن آيو. عليما لسيءَ جو جڳ ڀري هڪدم ڏانهس وئي . مٿي تي ڳاڙهو رومال ويڙهيل، سفيد لباس اوڍيل ، ڦڙت جسم واري اها ڇوڪري لسي جو جڳ کڻي، ٻنيءَ جي چارن تان ويندڙ مڙس جي محبت ۾ واسيل عورت جي ڪيڏي سهڻي مورت لڳي رهي هئي! کيس ڏسي، مون کي لڳو سووان کي به لسيءَ جي خواهش هوندي . مون چئوطرف ڏٺو، پر هو ڪٿي به نه هو، لڻائي شروع ٿيڻ کانپوءِ ٽيم ليڊر لاءِ ڪنهن به هڪ هنڌ ويهڻ ممڪن ناهي هوندو، پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي، کيس پري پري تائين وڃي ڪم جي نظرداري ڪرڻي پوندي آهي.
رات جو جڏهن اسان ٻنيءَ جي ڪئمپ ۾ مانيءَ لاءِ گڏ ٿياسين، ته فصل جي پهرين ڪڻڪ جي ماني کاڌي سين. جيڪو ان اسان هفتو کن اڳ لڻيو هو. انهي جو اٽو تيار ٿي ويو هو. انهيءَ کان اڳ به، جڏهن مان نئين ڪڻڪ جي مانيءَ کي ڇهندي هيس، تڏهن مون کي لڳندو هو، ڄڻ مقدس موقعو هجي، انهي ڪارڙي، آليءَ ماني جو اٽو ڏاڍو سنهڙو ڳوهيو ويو هو، جنهن جي پنهنجي مٺاڻ ۽ سڳنڌ ۾ ڪو مٽ نه هو. هاڻي ڇڙو سووان ۽ جينڪ جو اوسيئڙو هو، جينڪ دستور موجب غائب هو. هو پنهنجي ڀاءُ جي سائيڪل کڻي، پوسٽر هڻڻ لاءِ ڪلب ويو هو.
عليما گاهه مٿان دستر خوان وڇايو، گرم گرم نان ۽ تازا صوف رکيائين، قاسم واهه مان هٿ ڌوتا ۽ دستر خوان جي پاسي ۾ ويهي آرام سان نان جا ٽڪرا ڪرڻ لڳو، ”اڃا ڏاڍي ڪوسو آهي امان! سڀ کان اڳ ۾ تون گرهه کڻ.“ مون بسم الله چئي، پهريون گراهه کنيو. مشين هلائڻ واري جي هٿن، نئين ڪڻڪ، گرم فولاد ۽ پيرافين جي تيل جي خوشبو هر هڪ گراهه ۾ مون محسوس ڪئي ۽ انهي کان وڻندڙ ماني مون اڄ تائين نه کاڌي هئي! اها منهنجي پٽ جي هٿن سان اپايل فصل جي ماني هئي، اها عوام جي محنت سان اپايل فصل جي ماني هئي، متبرڪ ماني! فخر مان دل ڀرجي آيم ۽ دل چاهيو، وڏي آواز سان پنهنجي پٽ جي ساراهه ڪيان، پر ڏاڍي ڏکيائي سان صبر ڪيم. جيئن پاڙ مان ٻوٽو جنم وٺندو آهي، تيئن ئي هڪ ماءُ جي خوشيءَ مامتا جي خوشي مان پيدا ٿيندي آهي. جيڪڏهن عوام جي زندگي جي ڪا معنيٰ نه هجي ته ماءُ جي زندگي به بي معنيٰ آهي. اڄ به، انهن سڀني ظلمن جي باوجود جيڪي مون سٺا آهن، مان انهيءَ حقيقت تي ايمان رکان ٿي ته مامتا زندهه آهي، ان ڪري مان به زندهه آهيان.
اونداهه ٿي وئي هئي پر سووان اڃا نه پهتو هو. نوجوانن درياهه جي ڪپ تي باهه ٻاري گيت ڳائڻ شروع ڪيا هئا جينڪ جو آواز سڀ کان ڌار سڃاڻي سگهبو هو، سدائين هو گيت جا ٻول اڳ ۾ کڻندو هو ۽ اڪارڊين به وڄائيندو هو. جڏهن هو ڳائي رهيو هو، تڏهن مان سوچڻ لڳيس، ڳاءِ منهنجا پٽ! اڃا تون جوان آهين، ڳائيندو رهه. گيت روحن کي ملائي، انسانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندو آهي. سالن کان پوءِ جڏهن تون اهو گيت ٻڌندين، تڏهن تو کي درياهه جو هي ڪپ، هي باهه ۽ پنهنجا نوجوان ساٿي ڏاڍا ياد ايندا.پوءِ هر ماءُ جيان مان پنهنجي ٻارن لاءِ سوچڻ لڳيس . قاسم هاڻي پنهنجي پيرن تي بيٺل هو ۽ ايندڙ بهار ۾ هو ۽ عليما پنهنجو ڌار گهر وڃي وسائيندا. کين ٻارڙا ٿيندا. نه، قاسم لاءِ مون کي ڳڻتي نه ڪرڻ کپي، هو پنهنجي محنتي پيءُ تي ويو آهي، رات ويلي به هو تيز ليمپن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي لڻائيءَ جي مشين تي ٻنيءَ جو آخري چڪر هڻندو. عليما ساڻس گڏ هوندي، فصل لڻڻ جي مصروف ڏينهن ۾ کين ڇڙو ايتري واندڪائي مس ملندي هئي، جو ٿورو وقت گڏ گهاري سگهندا هئا. پوءِ مسبيڪ جي سار دل ۾ چپي ويم. گذريل هفتي سندس خط آيو هو ته گرمين جي موڪلن ۾ گهر نه اچي سگهندو، ڇو ته هڪ سکيا وٺندڙ استاد جي حيثيت سان کيس ”ايسڪ ڪل“ ڍنڍ جي ڪناري ڪئمپ ۾ موڪليو ٿي ويو، انهي زندگي جي چونڊ هن پاڻ ڪئي هئي، خير جتي به هجي، شل سکيو هجي، ڪوسو واءُ نه لڳيس.
سووان رات جو دير سان آيو. هن وارو وارو ڪري ماني کاڌي ۽ اسان گهر روانا ٿياسين. صبح جو مون کي گهڻائي گهرو ڪم ڪار ڪرڻا هئا. شام جو مان پنهنجي پاڙي واري عائشه ۽ سندس ننڍڙي پٽ بيڪتاش کي پارت ڪندي ويس ، ته اسان جي جانورن جي نظر داري ڪن. ويچاري عائشه ڪنهن زماني مرض ڪارڻ چيلهه جي سور ۾ ورتل رهندي هئي. کيس هڪ ڏينهن گڏيل فارم تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٻه ڏينهن گهر منجهه آرام ڪرڻو پوندو هو.
گهر جي رستي ۾ هوا جي نرم جهوٽن تي ڪڻڪ جي فصل ۾ سر سر ٿي رهي هئي، اها رات ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو منهنجو من ئي ڄاڻي ٿو. مان گهوڙي تي سووان جي پٺيان زين تي ويٺي هيس. هو سدائين چاهيندو هو، ته مان سندس آڏو ويهان، پر مون کي سندس چيلهه جهلي پويان ويهڻ وڻندو هو. سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کانپوءِ هن ڪنهن ڪنهن مهل جهوٽو کائي، وري سجاڳ ٿي گهوڙي کي پئي هڪليو. ڪيڏا نه قيمتي پل هئا اهي! مون پنهنجو مٿو سندس ڪلهي تي رکي دل ۾ چيو هوته پوڙهائپ اچڻ واري آهي سووان، پر وقت جي گاڏي کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟ وقت اڳتي نڪري ويندو آهي، پر اسان گهٽ ۾ گهٽ بيڪار زندگي نٿا گهاريون. اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي جو مان ۽ تون جوان هئاسين پر اڃا وقت باقي آهي، دل نه لاهڻ گهرجي ، اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ۽ مان تو سان گڏ جڳن تائين جيئڻ ٿي چاهيان...پراڻيون يادون ٻوڏ جيان ڌوڪينديون آيون......اسان جي محبت جي پهرين رات، اسان جي جواني جا ڏينهن، ڌرتي جي عظيم طاقتور هاريءَ لاءِ منهنجا سپنا. منهنجا سڀئي سپنا سچا ثابت ٿيا هئا. زمين ۽ پاڻي هاڻي پنهنجو هو. اسان پنهنجو ذاتي ان پوکيندا ۽ لڻندا هئاسين. انهي وقت جڏهن اسان اهي خواب ڏٺا هئا، اسان کي ڪَلَ نه هئي ته اسان جا سپنا ساڀيان ٿيندا ۽ اسان جي ديس کي هڪ نئين زندگي ملندي. پر هڪ معمولي هاري ۽ سندس زال جي انهن سپنن کي وقت، تاريخ ۽ انصاف سچو ڪري ڏيکاريو هو.
مان چپ چاپ اهو سوچي رهي هيس جو اوچتو سووان مون ڏانهن منهن ڪري چيو، ”ننڊ ٿي اچيئي تو لگو؟ ڏاڍي ٿڪجي پيئي هوندينءَ. منهنجو به هڏ هڏ ڏکي رهيو آهي پر اجهو ٿا گهر پهچون.“ وري هن ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ پڇيو، ”نئين رستي ڏانهن هلون؟“
”ڀلي.“ مون چيو. نئون رستو ڳوٺ جي ٻاهران غير زرعي زمين تي ٺاهيو ٿي ويو. اڃا ڇڙو پيڙهه رکي ويئي هئي. انهي بهار مند ۾ ئي نون پرڻيل جوڙن جي جاين لاءِ زمين ماپي وئي هئي. هيڏانهن هوڏانهن ڀتيون به کنيون ٿي ويون، قاسم ۽ عليما کي به انهيءَ هنڌ هڪ ٽڪرو مليو هو ۽ انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ ئي اسان نئين رستي کان وڃي رهيا هئاسين. مارچ ۽ اپريل ۾ قاسم، عليما ۽ جينڪ ڪچيون سرون ٺاهيون هيون، جيڪي هاڻي سڪي رهيون هيون. پاڙ کوٽجي چڪي هئي ۽ گذريل هفتي منهنجا ٻارڙا درياهه تان پٿر به ڍوئي آيا هئا. خوش قسمتي سان اهو ڪم ٻوڏ کان اڳ پورو ٿي ويو هو ۽ هاڻي انهي ٽڪري جي وچ تي پٿرن جو ڍير پيو هو. ”ڏاڍو چڱو.“ سووان خوش ٿي چيو، ”اهي پٿر واڙي لاءِ به بچندا. لڻائيءَ کان پوءِ ڀتيون ۽ ڇت ٺاهي وٺبي، وڌيڪ ايندڙ سال. سياري کان اڳ جوڙ جڪ پوري ڪرڻ جي ڪوشش اجائي آهي، ڪيئن تو لگو؟“
”ها.“ مون سندس راءِ سان اتفاق ڪيو. پوءِ مون کي جينڪ جي هڪ ڳالهه ياد ڪري کل اچي وئي. اسان جو جينڪ ڪيڏو بي صبرو آهي! چئي رهيو هو ته، ڪوم سو مول جي گڏجاڻيءَ ۾ طئه ڪيو.ويو آهي ته هن گهٽيءَ جو نالو ڪوم سومول گهٽي رکيو ويندو ته عليما کلي ڏير کي چيو، ”تون اصل پراڻي زماني جي مسخري ملان نصير الدين جيان آهين. ڄمڻ کان اڳ ٻار جو نالو ٿو رکين.“ عليما جي راءِ هئي ته، جڏهن سندس جاءِ ٺهي راس ٿئي ۽ رستي جي ٻنهي پاسي ٻيا گهر به ٺهي وڃن تڏهن ئي رستي جو نالو رکيو وڃي. پر جينڪ کيس چيو ”اڙي ڀاڄائي! تو کي ڪهڙي خبر انهن ڳالهين جي!”
سووان مرڪندي چيو، ”جينڪ سدائين بي صبرو هوندو آهي، پر نالو هن واهه جو چونڊيو آهي! نيٺ اهي جايون نون پرڻيلن لاءِ ئي ته ٺهي رهيون آهن. اسان جو ڳوٺ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. ڏسجانءِ، جڏهن هي رستو ٺهي راس ٿيندو، تڏهن تون چوندينءَ ته جينڪ سچ ٿي چيو.“
جنهن مهل اسان زال مڙس اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، اسان جو خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته اها رات اسان جي زندگي لاءِ سڀ کان منحوس رات ثابت ٿيندي.