6
”جيڪو ٿيو سو ڇُٽو ڀيڻ. منهنجي وقتي ڪمزوريءَ کي وساري ڇڏ ، منهنجي دل صاف اٿئي . تنهنجي لاءِ منهنجو سِرُ به حاضر آهي . مان ته پنهنجي پُٽَ بيڪتاش کي به توتان گهوري ڇڏيان .هاڻي تنهنجي گهر جو سماءُ به اُهو ٿو ڪري. هو توکي پنهنجي سڳي ماسيءَ جيان ٿو سمجهي . مان خوش آهيان ته بيڪتاش ايڏو سمجهه ڀرو ٿيو آهي .وڏو ٿي هو ضرور نرم دل انسان ثابت ٿيندو.“
”مهرباني عائشه ، مهرباني .“ مان فقط ايترو ئي چئي سگهيس .
ٻئي صبح تي منهنجي طبيعت ۾ چڱو فرق اچي ويو هو. مون ٿورو گهڻو ڪم نه ڪيو ، پر جلد ئي ٿڪجي پيس ۽ ساهيءَ لاءِ دريءَ جي ڀرسان ويهي رهيس . عليما اڱڻ ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي. مون کيس چيو ته ڪم تي هلي وڃي، پر هن جواب ڏنو ته کيس سندس سنڀال لاءِ چيئرمين هڪ ڏينهن وڌيڪ موڪل ڏني آهي.
انهي بهار جي مند ۾ اسان جي صوفن جي وڻ (جيڪو سووان پوکيو هو) ۾ مُکڙيون نڪتيون. جڏهن ميوي جي وڻ تي گل ٽڙندا آهن ته هوا ڪيڏي نه وڻندڙ لڳندي آهي! ماحول ايڏو شفاف ٿي ويندو آهي، جو پري پري جون شيون پڻ چِٽيون ڏسڻ ۾ ايندون آهن. مان اُسَ ۾ ويهي انهيءَ وڻندڙ مندَ مان لطف حاصل ڪري رهي هيس ، جو اسان جو پوڙهو ٽپالي تيمر اچي نڪتو. تيمر کي ٻين ٽپالين جيان، ٽپال ورهائڻ جي تڪڙ نه هوندي هئي. هو مون وٽ اچي بيهي رهيو. سلام ڪيائين، خير عافيت پڇيائين ۽ ڪجهه ٻيو چوڻ لاءِ وات کوليائين ته کنگهه جو دورو پئجي ويس. جڏهن کنگهه ٿورو گهٽيس ته ٻڌايائين ته گذريل هفتي کيس زڪام ٿي پيو هو، تنهن کان پوءِ هن پنهنجي ٿيلي مان هڪ خط ڪڍي منهنجي هٿ ۾ ڏنو.
”ڪنهن جو خط آهي؟“ مون پڇيو.
”شايد مسبيڪ جو آهي.“ هن وراڻيو.
خوشيءَ منجهان مون اهو خيال به نه ڪيو ته لفافو جنگ جي ميدان کان ايندڙ لفظن جهڙو ٽڪنڊو ناهي . اهو لفافو سفيد ۽ سخت ڪاغذ جو هو ، جنهن تي منهنجي ايڊريس ٽائيپ ٿيل هئي. سابق فوجي ”بيگ ترسون“ اسان جو پاڙيسري هو. اهو پنهنجي گهوڙين تي منڊڪائيندو اڱڻ ۾ داخل ٿيو. سندس زخمي ڄنگهه جي حالت شايد خراب ٿي وئي هئي ، ڇو ته هلڻ ۾ کيس ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي رهي هئي. هن مون کي ۽ ٽپالي کي سلام ڪرڻ کانپوءِ مون کان خط ورتو ۽ چيو،
”مسبيڪ جو آهي.“
”تون ڪنبي رهيو آهين ، مون کي ويهي خط پڙهي ٻڌاءِ.“
هو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ويٺو، ڏڪندڙ هٿن سان لفافو کوليائين ۽ پڙهڻ شروع ڪيائين ... هئي منهنجا پٽ! مان ته پهرين لفظ کان ئي سڄو مطلب سمجهي ويئي هيس . هن لکيو هو، ”امڙ، وقت گذرڻ سان گڏ تون مون کي سمجهي ويندينءَ، تو کي احساس ٿيندو ته تنهنجي پٽ مڙسيءَ سان پنهنجو فرض نڀايو، پر انهي يقين جي باوجود تنهنجي ذهن جي اونهاين ۾ هڪ اڻ چيو سوال دٻيو رهندو. تون سوچيندينءَ منهنجا پٽ! هن جرڪندڙ دنيا کي ڇڏڻ لاءِ ڇو تيار ٿي وئين؟ مون تو کي ڇو جنم ڏنو؟ تو کي ڇو وڏو ڪيم؟ تون ماءُ آهين ۽ اهي سوال پڇڻ جي حقدار آهين ، پر تو کي پنهنجن سوالن جو جواب ملي ويندو امڙ. تاريخ تو کي سوالن جو جواب ڏيندي . هن مهل مان فقط اهو ئي چئي سگهان ٿو ته جنگ جي خواهش اسان نه ڪئي هئي. جنگ اسان نه شروع ڪئي آهي . جنگ هڪ هاڃو آهي ۽ انهيءَ شيطانيت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي رت جي قرباني ڏيڻي آهي . جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته پوءِ اسان انسان چوائڻ جا حقدار ناهيون . مون ڪڏهن به جنگ ۾ سورهيائيءَ وارا ڪارناما انجام ڏيڻ جا خواب ناهن ڏٺا. مان لکڻ پڙهڻ جي مقدس ڌنڌي ۾ شامل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هوس ، پڙهڻ منهنجي زندگي جو مقصد هو پر قلم بجاءِ مون کي بندوق هٿ ۾ کڻڻي پيئي آهي! ڇا اهو منهنجو ڏوهه هو؟ نه ، وقت مون کان اهو مطالبو ڪيو ته مان سپاهي ٿيان . منهنجي ڀاڳ ۾ نه هو ته ڪنهن ڪلاس روم ۾ ٻارن کي سبق پڙهايان . هڪ ڪلاڪ کان پوءِ مان اهو فرض نڀائڻ لاءِ روانو ٿي ويندس، جيڪو وطن منهنجي حوالي ڪيو آهي . جيئرو موٽڻ جي اميد مون کي گهٽ آهي . مان جيڪو فرض ادا ڪندس ، انهيءَ جي ڪري مون کان پوءِ اڳتي وڌندڙ ڪيترن جوانن جي حياتي بچندي . مان عوام خاطر، فتح خاطر ۽ انسانيت جي اعليٰ مقصدن خاطر موت جي منهن ۾ وڃي رهيو آهيان . هي منهنجو آخري خط آهي، هي منهنجا آخري لفظ آهن امڙ! جيڪڏهن مان هزار دفعا به تنهنجو نالو کڻان تڏهن به مان تُنهنجي مامتا جو بدلو چُڪائي نٿو سگهان . مون کي معاف ڪجانءِ امڙ، جو مان تو کي وڏو ڏُک ڏيڻ وارو آهيان، پر ايترو يقين ضرور ڪجانءِ ته جيڪا قرباني ڏيڻ لاءِ مان وڃي رهيو آهيان، انهي ۾ ڪنهن به تڪڙ ۽ اڻ ڄاڻائي جو دخل ناهي . مون کي زندگيءَ سيکاريو آهي ته ڪيئن زندهه رهجي. انهن ٻارن لاءِ هي منهنجو پهريون ۽ آخري سبق آهي، جن کي مان پڙهائي نه سگهيس. مون کي فخر آهي ته مان قوم لاءِ پنهنجو اعليٰ فرض ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان . روءُ نه امان، مون لاءِ ڪوبه نه روئي . توهان سان سدائين لاءِ الله واهي ... منهنجا پهاڙو ، مون کي توهان سان بي انت محبت هئي ...
تنهنجو پٽ
مسبيڪ سووان ڪولوف
(لفٽيننٽ فرنٽ لائين)
مان پنهنجي پٽ جي آخري خواهش پوري ڪرڻ لاءِ خاموش رهيس . نڄاڻ عليما ڇا محسوس ڪيو ... هوءَ ٻانهون ڦهلائي مون ڏانهن وڌي . منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺائين ۽ پوءِ پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪائي موٽي ويئي ... مسبيڪ وڃائجي ويو، پر مسبيڪ جي فوجي ٽوپي مون وٽ موجود هئي.!