ناول

ڌرتي ماءُ

هي ڪتاب روسي رياست ڪرغيستان سان تعلق رکندڙ ليکڪ چنگيز اعتماتوف جي ناول جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
چنگيز اعتماتوف جو هي ناول جنگ جي موضوع تي لکيل دنيا جي اهم ترين ناولن مان هڪ آهي ، جنهن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جو هر فرد قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هي نه فقط جنگ جي ڪهاڻي آهي ، پر ماءُ جي مامتا ، زال جي محبت ، ابهم ٻارڙن جي بُکَ ، مقصد خاطر لڳاتار جدوجهد ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان لازوال عشق جي ڪهاڻي به آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1814
  • 1233
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتي ماءُ

10

اهو رستو جنهن تي مان هلي رهي هيس ، مون کي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو رستو لڳي رهيو هو. مون کي خيال آيو ته هيئن جيئڻ کان موت چڱو آهي ، پر اهو ٻار ، جيڪو منهنجي ڇاتي سان لڳي گرمي حاصل ڪري رهيو هو ، ننڍڙي ڳنڍ جيان لُڏيو. مون کي اها به خبر نه هئي ته ڇوڪرو آهي يا ڇوڪري . هلندي هلندي مون کيس چيو، ”منهنجا بدنصيب ٻچڙا! تنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪيڏي عجيب ۽ ڏکوئيندڙ آهي ! پنهنجي روئڻ جي پهرين آواز سان تو پنهنجي ماءُ کي الله واهي چيو آهي !“ پوءِ ڪٿان پريان هڪ خيال منهنجي ذهن ۾ آيو... زندگي هڪدم ته ختم نه ٿي ويئي ، هڪ نئين مکڙي ڦٽي آهي ... پر اهو ساهه وارو ڪيڏو اڀاڳو آهي ، جنهن پنهنجي ماءُ جي ٿڃ به نه چکي ! هي ڇڇڙو گهڻا ڏينهن جيئرو رهندو ؟ مان انهيءَ ٻار جي زندگيءَ جي ايڏي گـُهرجائو هيس جو دعا گهريم، ”رب سائين ، هن کي وڏي ڄمار ڏجانءِ . کيس جيئڻ جو موقعو ڏي !“
انهيءَ نموني اميد ۽ نااميديءَ سان رستو طئه ڪندي رهيس . ڳوٺ پهچندي پهچندي ڏينهن ٿي ويو. برف ائين ئي خاموشِِءَ سان وسي رهي هئي ۽ اڌورن ٺهيل گهرن جا کنڊر انهيءَ سانت ۾ ائين لڳي رهيا هئا، ڄڻ گنڀير ۽ دکدائڪ خيالن ۾ گم هئا. قاسم ۽ عليما جو اڻ پورو گهر، سندن جواني ۽ اميدن جو يادگار ، ذري گهٽ ڊهي چڪو هو.
ڳوٺ پهچي بيڪتاش گاڏيءُ تان ٽپو ڏنو. موت جو اطلاع ڏيندڙ سندس ڳوڙهن ۾ هاڻي ڇوڪرائپ جو پاڇو نه هو پر منجهس اوچتو پختگي اچي وئي هئي . ماڻهو روئندا پنهنجي گهرن مان نڪتا ۽ اسان کي وڪوڙي ويا. عائشه سُڏڪندي اچي ٻار مون کان ورتو ۽ کيس پنهنجي گهر کڻي ويئي .
ٻئي ڏينهن اسان عليما کي دفنائي ڇڏيو. عورتن لاءِ مُقام تي وڃڻ اسان وٽ چڱو نه سمجهيو ويندو آهي ، پر مان مُقام تي ويس ۽ ڪنهن به اعتراض نه ڪيو. منهنجي گهر ۾ ڪهڙو مرد باقي بچيو هو ، جيڪو مقام تي وڃي ها ؟ مون عليما کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاٿو ۽ مٽيءَ جو پهريون ٻُڪ مون ئي وڌو. تنهن ڏينهن ڏاڍي برف وسي رهي هئي . ڳاڙهي مٽيءَ جو ڍير کن پل ۾ ئي برف هيٺان ڍڪجي ويو.
بهار جي نئين مند ۾ مون قبر تي گلن جا ٻوٽا پوکيا. هاڻي مان هر سال ٻوٽا پوکيندي آهيان . عليما کي گلن سان ڏاڍو پيار جو هيو ...
پوءِ وري زندگيءَ جي گاڏي اڳتي وڌندي رهي . سڀ کان اڳ معصوم زانبوءَ کي جورو بيگ جي نُنهن ٿڃ ڏني . پوءِ مون کيس ٻڪريءَ جي کير تي هيرايو. انهيءَ ٻار به اسان جي ڏُکن ۽ ڳڻتين ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو ، پر ڪهڙو فرق ٿو پوي ! سندس قسمت جي ستارن کي سندس زندگي منظور هئي ، تنهن ڪري هو جيئرو رهيو.
هاڻي الله وڌائيس ، ٻارنهن سالن جو آهي . جنهن ڊاڪٽر ننڍپڻ ۾ سندس علاج ڪيو هو هاڻي اهو اسان جي تـَر جو ناليوارو ڊاڪٽر آهي. جڏهن به مون سان ملندو آهي ته پڇندو آهي، ”ڏاڏِي ، تو وارو پوٽو ڪيئن آهي؟“
”رب جا ٿورا آهن ، هاڻي ته مڙس ماڻهو ٿي پيو آهي.“
”ٿيڻ به کپي . ڏس خيال رکجائنس ، جيئن وڏو ٿي ڀلو ماڻهو ثابت ٿئي .“
زانبو ارڙهن مهينن جو هو ، جڏهن اسان کي انهيءَ ڊاڪٽر جي ضرورت پيئي هئي . زانبو ڏاڍو ڪمزور ٻه هو. هڪ دفعي زڪام ٿيس ۽ سخت بيمار ٿي پيو. چپ ڪارا ٿي ويس ، اکيون ٻوٽجي ويس ۽ ساهه مُنجهڻ لڳس . سخت سياري جي رات هئي . مون کيس هنج ۾ کنيو ۽ چيلهه جيترو درياهه پار ڪري کيس اسپتال کڻي ويس . اهو ڊاڪٽر انهيءَ وقت نوجوان ڇوڪرو هو ۽ تازو ميڊيڪل ڪاليج مان آيو هو. مون کي پاڻيءَ ۾ ڀنل ۽ سيءَ ۾ ڏڪندي ڏسي هن چيو، ”چري ٿي آهين ڇا، درياهه مان آئي آهين ! ٻار جا ماءُ پيءُ ڪٿي آهن؟“
”پٽ ! مان ئي هن ٻار جي ماءُ- پيءُ آهيان . هن کي مرڻ نه ڏجانءِ . هي مري ويو ته مان به مري وينديس.“
سڄي رات اهو ڊاڪٽر ٻار جي جان بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. هر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ کيس سُئي هڻندو رهيو. مون کي هن ٻيا ڪپڙا آڻي ڏنا ۽ پيئڻ لاءِ دوا ڏنائين ، پر صبح تائين مون کي هلڪو بخار ٿي پيو ۽ کنگهه ۾ رت اچڻ لڳو. گرم گرم ٻاڦَ مون کي وڪوڙِي ورتو ۽ نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ مون فقط ايترو ڄاتو ته ڊاڪٽر منهنجي نرڙ تي هٿ رکي چئي رهيو آهي، ”دل نه لاهه ، همت ڪر. تنهنجو پوٽو ته هاڻي ٻهڪي پيو.“
”جيڪڏهن هو ٺيڪ آهي ته مان به دل نه لاهينديس.“ مون جواب ڏنو.
شايد انهي سبب ڪري جو منهنجو پوٽو جيئرو رهيو ، مان به زندهه رهيس .
گذريل اونهاري ۾ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٿي . اسڪول مان موڪلن جا ڏينهن زانبوءَ ٻين ڇوڪرن سان کِلندي ڪُڏندي گهاريا پر هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته هو اسان جي ڇپري مان هڪ پراڻي سائيڪل ڪڍي گِهليندو اڱڻ ۾ کڻي وڃي رهيو آهي . اها قاسم جي سائيڪل هئي ۽ سالن کان ڇپري جي هڪ شهتير سان لڙڪيل هئي . اڳ ۾ ته زانبوءَ سائيڪل جي مرامت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مان به ڏسندي رهيس . لفظ به نه ڪُڇيم. مون سوچيو ڪا گهڙِي ٺڪا ٺوڪي ڪندو رهندو ۽ پوءِ کيس وساري ڇڏيندو. سائيڪل جي حالت اهڙيِ هئي جو مرامت ناممڪن ڳالهه هئي . سندس دوستن کِلي چيو، ”هيءَ سائيڪل ته شايد نوح واري طوفان جي زماني جي آهي !“ پر زانبو ڏاڍو ضديرو نڪتو. هو ٺڪا ٺوڪيءَ کي لڳو رهيو. بيڪتاش ، جيڪو هاڻي ٻارن ٻچن جو پيءَ آهي ، زانبو کي ڏاڍو ڀائيندو آهي . ضرورت پوڻ تي هو اسڪول وڃي سندس استادن سان به ڳالهائيندو آهي. بيڪتاش عائشه جي موت کان ٽي سال پوءِ ئي وفات ڪري وئي هئي . مون کي پنهنجي سهيليءَ جي موت جو ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان ٻيئي ڊگهي عرصي تائين گڏ رهيون هيونسين . بيڪتاش هڪ سنجيده ۽ محنتي نوجوان آهي . کيس ٽي ٻار آهن ۽ سندس زال گلشن منهنجي سٺي پاڙي واري ثابت ٿي آهي . بيڪتاش ڪيترن سالن کان فصل لـُڻڻ واري مشين جو ڊرائيور آهي .
خير- ته هڪ ڏينهن زانبو نئين چمڪندڙ سائيڪل کڻي اچي پهتو. سائيڪل کي هن چڱي نموني تيل ڏنو هو ۽ پاڻ به تيل ۾ ڀريو پيو هو.
”ڏاڏي-ڏاڏي ڏس ، بابي جي سائيڪل ڪيئن ٿي لڳي!“ سندس اهي جوش ڀريا لفظ ، ڏک ۽ خوشي ٿي مون تي ڪڙڪيا پر هو چوندو رهيو، ”مان هن کي هلائي به سگهان ٿو. ڏس-“ هو سائيڪل جي گديءَ تي ويهي نه سگهيو ، ڇو ته سندس پير پيڊل تي اڃا نٿي پهتا، تنهن ڪري سائيڪل جي فريم اندر ڪينچي هڻي هو ڀوائتي نموني لـُڏندو لَمندو ڀڄي ويو.
”ڪري پوندين هيٺ لهه.“ مون ڊڄي رڙ ڪئي پر هو روڊ تي پهچي چڪو هو. مان سندس ڪڍ ڊوڙيس . روڊ تي هن سائيڪل جي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ زور سان ڦهڪو اچي ڪيائين ! چڱا ڌڪ لڳس . مون ڊوڙي وڃي کيس کنيو.
”سر تان هٿ کنيو اٿيئي ڇا؟“ دڙڪو ڏنومانس، ”ڏس ته ڪهڙو حشر ڪيو اٿئي پنهنجو! وري نه چڙهجانءِ سائيڪل تي.“
”پر هاڻي مان اصل نه ڪرندس . اڃا ته مان لڙائي ڪري رهيو هئس انهي کان اڳ مون کي ڪِرڻ جو موقعو ئي نه مليو آهي.“
مون کي کِلَ اچي ويئي . پُٺِ ورائي ڏٺم ته بيڪتاش پنهنجي در تي بيٺو تماشو ڏسي رهيو هو. نه هن ڪجهه چيو ۽ نه مون پر اسان ٻيئي هڪ ٻئي جا خيال سمجهي وياسين.
لـُڻائي شروع ٿي ته هڪ شام بيڪتاش مون کان پڇيو، ”ماسي ، تنهنجي زانبوءَ کي مشين تي ڪم سان لڳائڻ ٿو چاهيان.“
”جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته ڪَري سگهندو ته ڀَل لڳائينس .“ مون اجازت ته ڏيئي ڇڏي پر اندر ۾ هورا کورا هيم. ٻن ڏينهن کان پوءِ مان پاڻ ٻنيءَ تي ويس. اڃا ٻار آهي، متان محنت نه ڪري سگهي.
منهنجو زانبو بـُهه ڍوئڻ واري ڇوڪري جي حيثيت سان مشين تي ڪم ڪري رهيو هو. مون کي ڏسي اهڙي زور سان رڙ ڪيائين ڄڻ جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو هجي ، ”ڏاڏي ! ڏس مان ڪٿي آهيان !“
مان هڪ وڻ هيٺان ويهي رهيس ۽ شام تائين لُڻائي ڏسندي رهيس . اَنُ ڍوئڻ واريون لاريون رستي تان لنگهيون پئي . جڏهن سج لهي ويو ته مشين تي ڪم ڪرڻ واري ٽيم آرام لاءِ منهنجي پاسي هلي آئي . بيڪتاش جي اَهلَ ڪندڙ زانبو به ٿڪل ٿڪل پر ڏاڍي ناز مان هلندو ٿي آيو ، پر جڏهن منهنجي هٿ واري ڳنڍڙيءَ تي اک پيس ته ٻارن جيان وٺي رڙ ڪيائين،”ڏاڏي ڇا آندو اٿيئي ! صوف ؟“
”ها.“
هو ڊوڙندو مون ڏانهن آيو ۽ منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي چُمي ڏنائين.
”هاڻي تون پنهنجي گهٽ عمر جو ثبوت ڏئي رهيو آهين . هاڻي جون تون وڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئين ، هي روپ انهيءَ کان گهڻو بهتر آهي . موج ڪر پٽ ، اڃا ٻار آهين . اڳتي هلي اهڙي بي فڪريءَ جي مهلت نه ملندئي.“
اسان مال کڻڻ وارين گاڏين جي ويجهو ڇٻر تي ماني کائڻ ويهي رهياسين . زانبو نان جا ٽڪرا ڪيا ۽ چيو ،”ڏاڏي ، بسم الله ڪر.“ مون بسم الله ڪري پهريون گرهه کنيو ته ان ۾ مشين ڊرائيور جي هٿن جي ڄاتل سڃاتل بوءِ محسوس ڪيم. مانيءَ ۾ تيل بُهه ۽ تازي اَنَ جي خوشبو هئي ، گذريل زماني جي مانيءَ جيان ! اکين ۾ ڳوڙها ڀَري مان گرهه ڳهندي رهيس ۽ سوچيم ، ماني لافاني آهي . ٻڌو تو قاسم منهنجا پٽ ! زندگي امر آهي ، محنت آمر آهي . مون ليٽي ليٽي سوچيو ، اڄ هڪ ٻيو هاري ڌرتيءَ تي آيو آهي . خدا ڪري سندس ڄمار وڏي ٿئي ۽ سندس اُپايل اَنَ جا داڻا آسمان جي تارن جيان بي حساب هجن .
ٽيم وارن جي ڪم ۾ رنڊجڻ کان بچڻ لاءِ مان صبح سان سوير ئي اٿيس ۽ گهر هلي آيس .
مون پهاڙن جي مٿان اڀرندڙ اهڙو صبح مدتن کان نه ڏٺو هو. چنڊول پکيءَ جا اهڙا فرحت ڀريا گيت عرصي کان نه ٻڌا هئم. چنڊول آسمان ۾ مٿانهون ٿيندو ويو ۽ روشن ٿيندڙ آسمان ۾ ڦِرڻ لڳو. سندس ننڍڙا ننڍڙا پـَرَ انسان جي دل جي ڌڙڪڻ جيان لُڏي رهيا هئا. سندس گيت جي لئه وڌندي ويئي ۽ ميدانن جي وُسعتن ۾ ڦهلجي وئي . سووان چوندو هو، هي اسان جو پنهنجو چنڊول آهي. ڪيڏي وڻندڙ ڳالهه هئي ، اسان جو پنهنجو چنڊول- !
۽ تون منهنجا چنڊول! تون به غير فاني آهين .