4
عليما گاڏي مان ٽپو ڏيئي جينڪ کي ڇڪيندي مون ڏانهن ڀڳي، ”امڙ! تنهنجو وات گلاب.“ هن اهو چئي خط مون کان ڦري ورتو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا، خوشيءَ مان هو خط پڙهي به نه سگهي، ڇڙو اهو ورد ڪندي رهي، ”قاسم جيئرو آهي.... قاسم جيئرو آهي.....،“
ٻيون عورتون به ڊوڙنديون آيون ۽ عليما کي ورائي ويون، ”خط پڙهه عليما. اسان کي به ٻڌاءِ، متان قاسم اسان جي مڙسن جي به ڪا خبر چار لکي هجي.“
”ٿوري ساهي ته پٽڻ ڏيو ڇوريون، منهنجو هوش ته جاءِ ٿئي.“ پر عليما پوءِ به اکر به نه پڙهي سگهي.
هاڻي جينڪ صبر ڪري نه سگهيو، ”هيڏي ڪر، سڀني کي پڙهي ٻڌايان.“ هن خط پڙهڻ شروع ڪيو ۽ عليما جهڪي برف کڻي پنهنجي نراڙ تي رکڻ لڳي . جڏهن جينڪ خط پورو ڪيو ته هوءَ سڌي ٿي ۽ ڳرندڙ برف سندس ٻهڪندڙ منهن تان ٽمڻ لڳي. پوءِ عجيب پرسڪون آواز ۾ هن چيو، ”هلو هاڻي پنهنجي ڪم ڪيون.“ ۽ برف تي هلندي هڪ پاسي وڌي وئي.
جڏهن هو ٻنهي پاسي ڏسندي ڇڪڙي ڏانهن وڃي رهي هئي ته مون سندس جذبن جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. شايد هوءَ انهيءَ ڏينهن کي ياد ڪري رهي هئي، جڏهن ساڳئي ٻني ٽپي، هو مڙس لاءِ لسي کڻي وئي هئي يا شايد انهيءَ وقت کي، جڏهن قاسم مشين وٽ کيس الله واهي چيو هو. ڪڏهن سندس اکيون مرڪي ٿي پيون ته ڪڏهن گنڀير پئي ٿي ويون . ڪا مهل هو روڊ کي ڏسندي رهي، جنهن تي ڊوڙندڙ گهوڙو قاسم کي محاذ تي کڻي ويو هو. جينڪ کيس چيڙائڻ شروع ڪيو، ”هاڻي سجاڳ ٿيءُ ڀاڄائي! سڄو ڳوٺ تو تي کلندو. اها ڇوڪري، جيڪا خط به نه پڙهي سگهي . مان ته قاسم کي لکڻ وارو آهيان ته تو کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي، جيئن الف. ب ته سکي وٺين!“
عليما ڏير جي پٺيءَ تي مڪون هنيون، ۽ ٻيئي ڊوڙندا ڇڪڙي ڏانهن هليا ويا.
منهنجي پٽن جهڙن بهادرن کان وڌيڪ قوم جي بچاءُ لاءِ ڪير ٿي وڙهي سگهيو؟ جيڪر هو سڀ جيئرا جاڳندا موٽي اچن ۽ اسان جي محنت سڦل ٿئي . جيڪڏهن محنت ڪندي ڪندي اسان هڏن جو پڃرو به ٿي وڃون ته ڪهڙي پرواهه آهي! اسان کي سوڀ جو ڏينهن ته ڏسڻ نصيب ٿئي، پر جلد، تمام جلد ! اهائي منهنجي ۽ سڄي عوام جي خواهش هئي.
جينڪ، جيڪو اڃا ارڙهن سالن جو به نه هو، جڏهن محاذ لاءِ روانو ٿيو ته مون ڏاڍي صبر کان ڪم ورتو. سياري جي پڇاڙيءَ ۾ کيس پاڻ جيڏن ڇوڪرن سان گڏ ڀرتيءَ جي آفيس ۾ گهرايو ويو، جتي نوجوان ڇوڪرن کي ڏهن ڏينهن جي ابتدائي سکيا ڏيڻ کان پوءِ گهر واپس موڪليو ويندو هو. اهو هڪ دستور هو، جنهن مون کي پريشان نه ڪيو، پر هڪ دفعي جينڪ ٻئي ڏينهن ئي موٽي آيو.
”هن دفعي تو کي هنن ايترو جلدي ڇو موڪلي ڏنو؟“ مون پڇيو.
”مان سڀاڻي وري ويندس. ان کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين اتي ئي رهندس. تون ڳڻتي نه ڪر.“ هن چيو.
مون چرين جيان سندس ڳالهه تي اعتبار ڪيو. مون کي سندس رويي مان اندازو ڪرڻ گهربو هو، ته هو ڊگهي عرصي تائين ٻاهر رهڻ وارو آهي. هو هٿوڙو ۽ ڪوڪا کنيا ۽ سڄي گهر جي مرامت ڪندو رهيو. ڇپري مٿان سڪل بهه کي هيٺ مٿي ڪيائين ۽ ڍير ڪياٺين جو به ڪري آيو. جڏهن مان رات جو گهر موٽِس ته ڏٺم، هو اڱڻ صاف ڪري چڪو هو ۽ بندوق جي نال جي مرامت ڪري چڪو آهي.
”هي ڇا ٿو ڪندو وتين؟“ مون پڇيو.
”جيترو ڪم ئي وڃي سو چڱو. ٿي سگهي ٿو، پوءِ واندڪائي نه ٿئي.“ هن جواب ڏنو، پر ان وقت به مون کي شڪ نه پيو.
جڏهن هو محاذ تي هليو ويو تڏهن اسان کي خبر پيئي ، ته ڪوم سو مول جي اپيل تي هن پاڻ فوجي خدمت جي آڇ ڪئي هئي . اسٽيشن تان هن پنهنجي هڪ دوست هٿان خط موڪلي اسان کي اهڙو اطلاع ڏنو هو. منهنجي پيارو چالاڪ جينڪ ! جنهن اسان کي خط وسيلي الوداع ڪيو، بنا ڪجهه چوڻ ٻڌڻ جي. هيئن گهر ڇڏبو آهي؟ ڀل کڻي مان ڳڻتين ۾ چري ٿي پوان پر تون مون کي ٻڌائين ته ها. خط ۾ هن مون کان ۽ عليما کان معافي گهري هئي، هيئن چپ چپات ۾ وڃڻ جي معافي! هن لکيو هو ته انهي نموني اسان کي گهٽ صدمو ٿيندو ۽ موڪلاڻيءَ واري وقت جي پيڙا کان اسان بچي پونديونسين ۽ کيس اميد هئي ته اسان سندس فيصلي سان متفق هونديونسين . ٿي سگهي ٿو، هو درست چوندو هجي، الله واهي چوندي مهل ، متان مان کيس چوان ها، ته مورچي تي نه وڃي.
جينڪ! منهنجي ڳالهه ٻڌ! ڪوشش ڪر ته تنهنجو ضمير تو کي نه ستائي . مان تو کان ناراض ناهيان، مون تو کي هڪدم معاف ڪري ڇڏيو هو، منهنجا ٻچڙا. مٺا، ڇا مان نٿي ڄاڻان ، ته تون بنا موڪلاڻيءَ جي هليو وئين . پنهنجي ڇوڪرائپ، پنهنجي بهترين عمر کي تو چپ چاپ الله واهي چئي ڇڏيو. تون ڏاڍو شرارتي ۽ گوڙ ڪرڻ وارو ڇوڪرو هئين ۽ اها حقيقت سڀني نٿي ڄاتي، ته تون ايڏو گنڀير، نرم دل ۽ محبت وارو به آهين . تون اسان جي پيڙا برداشت ڪري نه سگهئين، تنهن ڪري خاموشيءَ سان هليو وئين . تو انسانن کي سچو ۽ صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائڻ ٿي گهريو، جيئن جنگ انسانن جي روح کي زخمي نه ڪري سگهي، نيڪيءَ جي جذبن کي ختم نه ڪري ۽ پنهنجي وس آهر تو انسانيت لاءِ اهائي ڀلائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . دنيا ۾ ڇڙو نيڪي ۽ سچائي زندهه رهندي آهي، باقي سڀ فاني آهي . تنهنجيون نيڪيون زندهه آهن، جڏهن ته تو کي مئي ورهه گذري ويا آهن ! تو لکيو هو ته تون دشمن جي مورچي پٺيان ٽي دفعا پنهنجي پيرا شوٽ وسيلي هيٺ لٿين. 1944ع جي هڪ اونداهي رات ۾ تون پنهجي ساٿين سان گڏ، پنهنجن سپاهين جي مدد لاءِ هيٺ لٿين ۽ ان کان پوءِ تنهنجي ڪا خبر چار ڪانهي! تون وڙهندي شهيد ٿئين يا ڪنهن اتفاقي گوليءَ جو نشانو ٿي وئين؟ ڪا خبر ناهي، يا جنگي قيدي ٿي وئين؟ جيڪڏهن تون جيئرو هجين ها ته ڪڏهن نه ڪڏهن اسان کي تنهنجو ڪو اطلاع ملي ها، سو تون مون لاءِ ته وڃائجي چڪو آهين..... تون اڃا ارڙهن سالن جو به نه هئين، جو هتان ويو هئين، پر ماڻهن جي دلين ۾ تون اڻمٽ يادون ڇڏي وئين . تو کي مون سان ڏاڍو پيار هو، تنهن ڪري تون مون کي صدمي کان بچائڻ لاءِ موڪلاڻيءَ بنا هليو وئين . مون کي اهو به ياد آهي ته اسٽيشن تي تو پناهه گيرن جو خاندان ڏٺو هو، هڪ ماءُ ۽ چار ٻار. سڀ کان وڏو ڇوڪرو پنهنجي سنهڙن ڪپڙن سبب تڙڪي رهيو هو ته تو پنهنجو ڪوٽ کيس ڏيئي ڇڏيو هو ۽ پاڻ ڏڪسندو گهر پهتو هئين . ٿي سگهي ٿو، اهو ڇوڪرو هاڻي هڪ جوان شخص هجي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تو کي ياد ڪندو هجي، پر سندس ذهن ۾ تون هڪ ارڙهن سالن جي ڇوڪري جي حيثيت سان محفوظ آهين، ڇو ته سندس جيان تون وڏو ٿي نه سگهئين! تون سندس رهنما هئين . درمندي ۽ مهرباني وڻڻ ۾ نه ڦٽندي آهي، انسان همدردي جو سبق ٻئي انسان کان ئي حاصل ڪندو آهي، پر لفظ آٿت لاءِ ڪيڏا ناڪافي آهن! جنگ ڪيترن انسانن کي موت جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ جيڪڏهن جنگ نه لڳي ها ته اڄ تون ڪيئن.شاندار سچي موتيءَ جهڙي انسان جي حيثيت سان زندهه هجين ها منهنجا جينڪ!
پٽ! منهنجا مٺا پٽ!! مان سوچيندي آهيان، زندگيءَ جي ڪيترين خوبصورت نعمتن کي تو چکيو به نه. تنهنجي زندگيءَ جي ته اڃا شروعات هئي، تو ته شايد اڃا ڪنهن ڇوڪريءَ سان پيار به نه ونڊيو هو!
منهنجي روح ۾ آخري ڏياٽي ٻري رهي آهي ۽ سگهوئي اجهامڻ واري آهي، پر منهنجي ذهن تان ڪابه ساروڻي ميسارجي نٿي. مون کي اهو منحوس ڏينهن به چڱي طرح ياد آهي، جڏهن ڳوٺ جي هڪ وڏڙي مون کي سڏيو، بهار- مند جي شروعات هئي، سفيد گل ٽڙي رهيا هئا، هوا گرم هئي، سياري وارو ڪڻڪ جو فصل خشڪ ٿي ويو هو، هر طرف هر ڪاهجي رهيا هئا. مان گهوڙي تي ٽريڪٽر جي پٺيان پٺيان هلندي سوچي رهي هيس ته سووان ۽ قاسم جي خطن کي آئي چڱو وقت گذري ويو آهي، نڄاڻ ڇا ڳالهه آهي! ايتري ۾ هڪ پوڙهو ڳوٺاڻو گهوڙي تي سوار مون ڏانهن آيو. ائين، ڄڻ ڪو خاص ڪم نه هجيس.
”مهل سان آيو آهين.“ چيم، ”ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ مون کي تنهنجيون دعائون گهرجن .“
گهوڙي تان لهڻ کان سواءِ، دعا لاءِ هٿ کڻي. ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائيندي هن چيو، ”هارين جو محافظ، ويڪان بابا تنهنجي حفاظت ڪري ۽ فصل ڀلو ٿئي ... ۽ ها تولگو! ضلعي مرڪز جو هڪ وڏو آفيسر، فارم جي آفيس ۾ تنهنجي انتظار ۾ آهي. مان تو کي سڏڻ آيو آهيان.“
”اجهو ٿي هلان.“ مون جواب ڏنو. تنهن کان پوءِ مون هر هلائيندڙ ٽيم کي چيو، ته مان شام جو اچي سندن ڪم ڏسنديس ۽ پوءِ مان پوڙهي سان گڏ ڳوٺ رواني ٿي ويس . ضلعي آفيسر سان ملاقات ڪائي خاص ڳالهه نه هئي، ڇو ته انهن ڏهاڙن ۾ نئين موسم جو ڪم شروع ٿي رهيو هو. مان ۽ پوڙهو آهستي هلندڙ گهوڙن تي هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ رڌل هئاسين، پوءِ ٿورو ترسي، هن احتياط سان چيو، ”اسان سڀ تنهنجا ٿورائتا آهيون تولگو، هنن ڏکين ڏينهن ۾ تو اسان جي مدد ڪئي آهي . جيڪڏهن ضرورت پيئي ته اسان سڀ تنهنجي ڪم اينداسين، تنهنجي زندگي آسان نه گذري آهي . انسان جي زندگي به ڇا هي! جابلو رستو، جيڪو ڪڏهن مٿي ويندو آهي، ڪڏهن هيٺ لهندو . سخت مصيبت جي وقت جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيون ته مصيبت اڌ ختم ٿي وڃي. اسان جي هن فاني زندگي جو اهو ئي ته ڍنگ آهي!“
هاڻي اسان ڳوٺ جي روڊ تي پهچي ويا هئاسين ۽ اسان جي گهر جي سامهون ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي رهيو هو. ڪچي ديوار پٺيان مون کي ماڻهن جا فقط مٿا نظر اچي رهيا هئا. مون انهي ڏيک کي ڪابه اهميت نه ڏني، پوءِ اوچتو پوڙهي منهنجي گهوڙي جي لغام ۾ هٿ وڌو. هن مون ڏانهن منهن ڪري چيو ، ”هيٺ لهه تو لگو، هتان پنڌ هل. هاڻي تو لاءِ گهوڙي تي سوار رهڻ مناسب ناهي.“
مون اچرج منجهان ڏانهس ڏٺو. هو پڻ پنهنجي گهوڙي تان لهي چڪو هو. منهنجو هٿ جهليندي چيائين.” هيٺ لهه تولگو.“
منهنجي سمجهه ۾ اڃا به ڪجهه نه آيو، پر دل ڏڪي ويم. مان هيٺ لٿيس . مون عليما کي ٽن عورتن سان گڏ گهر ۾ ويندي ڏٺو. عليما کي ڪلهي تي بيلچو هو. هڪ عورت بيلچو کانئس وٺي، پري رکي ڇڏيو. اوچتو حقيقت منهنجي اڳيان واضح ٿي وئي ... مون رڙ ڪئي، ”ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ مون کي ٻڌايو؟“
منهنجي رڙ ٻڌي پاڙي واري عائشه جي گهران عورتون نڪتيون ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتائون. ”همٿ ڪر تولگو، بهادر ٿيءُ. اسان جا پيارا سووان ۽ قاسم قربان ٿي ويا.“
پوءِ مون عليما جون رڙيون ٻڌيون، جن ۾ ”اسان جا ڀائر..... اسان جا ڀائر.......“ جون رڙيون به گڏجي ويون. پوءِ مون ڪجهه به نه ٻڌو، منهنجين پنهنجين رڙين ۾ منهنجا ڪن مائوف ٿي ويا هئا روڊ ڦِرڻ لڳو، وڻ ۽ گهر نچڻ لڳا ۽ ڪري پيا ! انهيءَ موت جي خاموشِيءَ ۾ آسمان جا ڪڪر ۽ انساني چهرا منهنجي اکين سامهون ترڻ لڳا ... مون هڪ عورت جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي . مون کي فقط عليما نظر اچي رهي هئي، هن پنهنجي نَنهن سان پنهنجو منهن ڇلهي رتو رت ڪري ڇڏيو هو. وار پٽِي ۽ ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئائين. عورتن سندس هٿ پويان ٻڌي ڇڏيا هئا، پر هوءَ انهن کان پاڻ ڇڏائي مون ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي . هوءَ ڀوائتي نموني رڙيون ڪري رهي هئي . مون ڏانهنس وڃڻ چاهيو پر لڳم ڄڻ صديون وهامي ويون هجن. نيٺ جڏهن هن پنهنجون ٻانهون منهنجي ڳچي ۾ وڌيون، تڏهن سندس زخمي رڙيون منهنجي سمجهه ۾ آيون، ”امڙ! اسان جا پيارا مارجي ويا! اسان جي زندگي اونداهي ٿي ويئي!!“
اسان ٻه بيواهون هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري روئنديون رهيونسين، پر گهڻي عرصي تائين اسان کي ڳوڙها ڳاڙڻ جي اجازت نه ملي . جڏهن ستين ڏينهن جي رسم لاءِ پاڙي وارا اسان جي گهر آيا ته هنن اسان کي چيو، ”مرحومن لاءِ سال کن جو سوڳو بيڪار آهي. سندن ياد اسان جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي، پر زندگيءَ کي جاري رکڻ به انتهائي ضروري آهي. جيڪي ڏينهن سووان ۽ قاسم کان ڦر جي ويا، شل اُهي مسبيڪ ۽ جينڪ جي زندگين جو حصو بڻجي وڃن . (ان وقت تائين مسبيڪ ۽ جينڪ جا خط هر هفتي لڳاتار اچي رهيا هئا.) شال هو سوڀارا ٿي موٽن، ڌرتي ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندي . دل تي پٿر رکي، اسان سان گڏ ڪم سان لڳي وڃو. دشمن کان اسان انهيءَ نموني ئي انتقام وٺي سگهون ٿا.“
عليما ۽ مون صلاح سان اها ڳالهه مڃي ورتي . صبح جو جنهن مهل اسان ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيون هوسين ته چيئرمين بوسينبائي سرڪاري اطلاع پڻ آڻي اسان کي ڏنو. اسان کي خبر پيئي ته قاسم جي موت جي خبر گڏيل فارم ۾ پندرهن ڏينهن اڳ پهچي چڪي هئي . هو ماسڪو جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ وڙهندي مئو هو. آفيس ۾ اڃا اهو طئه ڪيو پئي ويو، ته اسان کي اهو اطلاع ڪهڙي ريت ڏنو وڃي، جو ايتري ۾ سووان جي موت جي خبر به پهچي ويئي . سووان به ماسڪو جي محاذ تي ماريو ويو هو.
بهرحال، مان وري سندرو ٻڌي وڃي ٽيم ليڊري جو ڪم سنڀاليو. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪيان به ڇا ها! جيڪڏهن مان روڄ راڙو لايون ويٺي هجان ها ته عليما تي ڪهڙو اثر ٿئي ها؟ سندس حال ته اهڙا هئا، جو ڪنهن ڪنهن وقت مون کي سندس دماغي حالت تي شڪ ٿين لڳندو هو. مون کي پڻ کانئس گهٽ ڏک نه هئو، مون مڙس ۽ پٽ گڏوگڏ وڃايا هئا، پر نڄاڻ ڇو انهيءَ ساهه سڪائيندڙ هاڃي جو مون تي مختلف اثر ٿيو هو. سواون ۽ مان ورهين تائين گڏ رهيا هئاسين، ڏک سک گڏ ڏٺا هئاسين، جيڪڏهن جنگ نه لڳي ها، ته باقي سڄي ڄمار پڻ گڏ گهاريون ها، پر عليما ۽ قاسم! سندن ته اڃا سڄي حياتي باقي هئي، اڃا ته سندن سندر سپنا به پورا نه ٿيا هئا، جو جنگ جي نانگ سندن خوشين کي ڏنگي وڌو! پر وقت عليما جا گهاوَ ڀري ڇڏيندو. مون پنهنجو پاڻ کي چيو، دنيا سٺن، مهربان انسانن سان ڀري پيئي آهي . ٿي سگهي ٿو، کيس ڪو ٻيو نوجوان ملي وڃي . ممڪن آ عليما کيس پنهنجو پيار ڏئي سگهي ۽ زندگي کيس واپس ملي وڃي . ڪيتريون اهڙيون ڇوڪريون، جن کي جنگ وڌوا ڪري ڇڏيو، تن شادي ڪري ڇڏي هئي . ڪي سُکيون هيون، ڪي ڏکيون پر گهٽ ۾ گهٽ هو تنهائيءَ جون شڪار نه هيون . هاڻي هو زالون ۽ مائرون هيون پر سڀ ماڻهو هڪ جهڙا ناهن هوندا. ڪي ماڻهو پنهنجو غم جلد وساري ڇڏيندا آهن، ڪي وري ڏکوئيندڙ يادن سان چنبڙيا رهندا آهن ۽ ماضيءَ کان پنهنجو سڱ ڇني نه سگهندا آهن . عليما به انهن ماڻهن منجهان هئي، جيڪي پنهنجي ڏک کي شڪست ڏيئي نه سگهيا. سندس اهڙي حالت جي گهڻي قدر ذميوار مان هيس ۽ منهنجو اهو ڏوهه معافي لائق نه هو. مون کي سندس حالت تي ايڏو ڏک ٿيندو هو، جو منهنجي سمجهه ۽ ساڃاهه به انهن رحم وارن جذبن کي روڪي نه سگهي .
انهيءَ بهار جي رت ۾ منهنجي ٽيم آبپاشيءَ لاءِ نوان کوهه کوٽي رهي هئي . هڪ ڏينهن جلد ئي اسان ڪم پورو ڪري سج لٿي کان اڳ گهر روانا ٿياسين . مون کي اڃا هارين جي ڪم جي نگراني ڪرڻي هئي، تنهن ڪري مون عليما کي چيو ته منهنجو انتظار نه ڪري . هارين جو ڇپرو گهڻو پري نه هو. هو سڀ کاڌو کائڻ ۾ مصروف هئا. مان ساڻن ڳالهائڻ کانپوءِ گهوڙي تي چڙهي رهي هيس، جو مون کي عليما نظر آئي . هوءَ گل چونڊڻ ۾ رُڌل هئي . اڃا تائين کيس گلن سان موهه هو، هئي عليما..... عليما، منهنجي ٻچڙي!
جڏهن مون کيس گل کڻندي ڏٺو، تڏهن منهنجي من کي ڪيتريون ئي ڏکوئيندڙ يادون ويڙهي ويون . مون کي ياد پيو، جڏهن عليما جهنگلي هولي هوڪس جو گلدستو ٺاهيو هو، تڏهن سندس مٿي وارو رومال ڳاڙهو ۽ گل سفيد هئا ۽ اڄ سندس مٿي تي ڪارو رومال ٻڌل هو ۽ هٿن ۾ ڳاڙها گل هئا! سوڳ جو ڳاڙهو ۽ ڪارو رنگ !! منهنجو اندر اڌ ٿي ويو. عليما ڪنڌ کڻي چوڏس ڏٺو، پوءِ دک مان گلن مٿان نِمي ويئي، ڄڻ چوندي هجي، ”هاڻي انهن گلن جي ڪنهن کي ضرورت آهي؟“ اوچتو هو ڪنبي، ڌرتيءَ تي ڪري ٻيئي . هن گلن کي پٽي، پتيون ڪري وکيري ڇڏيو. پوءِ هنٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ لڳي. مان ڇپري پٺيان بيٺي هيس . روئي وٺ عليما! ممڪن آ ڪجهه اوٻر نڪري وڃي . مون سوچيو پر هوءَ چريائپ جهڙِي حالت ۾ اٿي ۽ روڊ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي . مون گهوڙي تي سوار ٿي سندس پٺ ورتي . ڪاري رومال سان مٿو ويڙهيل، ڳاڙهن گلن جي جهومندڙ ٻني مان کيس ڊوڙندي ڏسي مون کي وڍ پئجي ويا. انهيءَ کان اڳ جو مان کيس روڪي سگهان، هوءَ رستي تي پهچي ويئي، جتان قاسم محاذ لاءِ روانو ٿيو هو. جڏهن مون سندس ويجهو پهچي گهوڙي جي لغام کي سٽ ڏني ته هن منٿ ڪئي ته مان خاموش رهان . گهوڙي تي هٿ رکي هن پنهنجو مٿو منهنجي گوڏن تي رکيو ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي . پوءِ ڳوڙهن ڀنل چهرو مٿي کڻي چيائين، ”امڙ! ڏس سج ڪيئن پيو چمڪي، آسمان ڏس، ميدان ڏس، ڪيڏا گل ٽڙيا آهن! پر قاسم ته موٽي نه ايندو نه؟ قاسم هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو!“
”نه ٻچڙي ! هو سدا لاءِ هليو ويو، هاڻي هو ڪڏهن نه ورندو!“
عليما ٿڌو ساهه کنيو، ”مون کي معافي ڏي امڙ ... مان چاهيان ٿي اڏري وڃي ساڻس گڏ جان.“
مان چپ چاپ روئيندي رهيس . جيڪڏهن مان سمجهه واري ماءُ هجان هجان هان ته سختي سان چوان ها، ”عليما، تون ننڍڙي ٻارڙي ناهين! ڏک جو ڏونگر فقط تو مٿان ئي نه ڏريو آهي . اڻ ڳڻيون ڇوڪريون تو جيان وڌوائون ٿي ويون آهن، صبر ڪر. اهي ڏاڍا بي رحم لفظ آهن، جيڪي مان تو کي چوڻ ٿي گهران ... پر قاسم کي وساري ڇڏ، ڀُلائي ڇڏ ... موت هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي . هڪ وقت اهڙو به ايندو، جڏهن تون ڪنهن ٻئي نوجوان سان محبت ڪندينءَ - پر جيڪڏهن تو پاڻ کي هٿ نه ڪيو ته چري ٿي پوندينءَ . پاڻ کي هيئنءَ ختم نه ڪر، اڃا تون جوان آهين، سڄي ڄمار پيئي اٿئي!“ جيڪر مون ۾ ايتري همٿ هجي ها، جو مان اهي کهرا ۽ بي رحم لفظ کيس چئي سگهان ها. ڪيترن موقعن تي اهي لفظ منهنجي چپن تي اچي موٽي ويا، ڄڻ ڪنهن وڏي طاقت منهنجي چپن تي تالا چاڙهي ڇڏيا ۽ عليما اهي لفظ ٻڌڻ کان ٻوڙي ٿي ويئي هئي !
هر ڳالهه جي هڪ مهل هوندي آهي، ڪابه ڳالهه جيڪڏهن وقت سر چئي وڃي ته ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي، مهل کان پوءِ ان جو اثر ختم ٿي ويندو آهي، پر دل تي اڻ چيل لفظن جو ڳرو بار رهجي ويندو آهي . مان هيترا سال گذرڻ کانپوءِ اها نصيحت ورجائي سگهان ٿي، پر انهي وقت ڏکن ڏاکڙن جي برسات ۾، مان اها نصيحت عليما کي ڪري نه سگهيس. انهيءَ وقت سموريون اميدون، سمورا خيال فقط هڪ نقطي تي بيٺل هئا، فتح جنگ ۾ سوڀ حاصل ٿي وڃي، باقي پوءِ ڏٺو ويندو. سڀني جيو خيال هو ته سڀ ڪجهه پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو پر اهو خيال به غلط ثابت ٿيو!