ڪھاڻيون

عبادت

هي ڪتاب “عبادت” هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن.
Title Cover of book عبادت

• سچ ۽ سونهن جو شعاع

ست سال اڳ “اندرا شبنم” جي ڪوتائن جي پهرين سنگرهه “شبنمي قطرا” جو پاٺڪن طرفان سٺو سواگت ٿيو هو. مونکي سندس هڪ شعر جي ٻن مصرائن بيحد موهيو هو.
هيا زخم ڌرتيءَ جا نظر جي سامهون
اسان ته به ڪڍيون، چنڊ تارن جون ڳالهيون !

واقعي هر ڪو ڪلاڪار زندگيءَ جي هن چهنبدار بي ڊؤلي پٿر کي گهڙي تراشي اسان لاءِ سونهن جو سرجن ڪري ٿو.
هن “عبادت” ڪهاڻي سنگرهه ۾ شامل “فيصلو” ڪهاڻيءَ ۾ شنو پنهنجي ساهيڙي شبنم کي چوي ٿي، “عمر چڙهي ويئي اٿم. چڱا وڏا پوٽو، پوٽي به اٿم. ته به توکي سهڻي سڊول پئي لڳان. لڳي ائين ٿو شبنم، تنهنجي اکين ۾ ئي سونهن ڀريل آهي. هر شيءِ توکي الائي ڇو ۽ ڪيئن سندر پيئي لڳي. پٿر، ٺڪر، ڪنڊا، سڪل گاهه، مرجهايل گُل، پنن کانسواءِ وڻ، بيمار ماڻهو، گهايل پسون پکي، سڀني کي تون سندر چوندي رهندي آهين. سڀ سندر ڪيئن ٿيا ؟ ”
شبنم کيس جواب ڏئي ٿي، “ ها، اها ڳالهه تو ٺيڪ چئي شنا، مونکي هر شيءِ، هر دک ۾ به خوبصورتي جي جهلڪ نظر ايندي آهي. هر ڪؤڙو، مٺو، کٽو آزمودو به ڪو نهايت پيارو ۽ سندر تاثر ڇڏي ويندو آهي. ”
اندرا شبنم سرجن ڪريا جو اهو راز اسان سان سليو آهي. هر ڪلاڪار جي اکين ۾ سونهن سمايل هوندي آهي. هو عام انسانن کان وڌيڪ شعوري هوندو آهي. پنهنجي ذهني ولوڙ ذريعي، زندگيءَ جي هر تلخ آزمودي مان اسان لاءِ سچ ۽ سونهن جو امرت خلقيندو آهي ۽ ان مان نڪتل وِههُ پنهنجي گلي ۾ سانڍي رکندو آهي.
“گهر” ڪهاڻي وڻ تان لٽڪندڙ سگري پکيءَ جي آکيري جو عڪس اکين اڳيان تري اچي ٿو. ڪيئن نه اهي پکي جهنگل مان گاهه جو تنڪو تنڪو ميڙي، ڪوريءَ جيان پنهنجو آکيرو اُڻندا آهن. اهو آکيرو جيڪو پاڻ ۾ پيار ونڊڻ لاءِ کين نويڪلائپ ميسر ڪري ٿو. جنهن آکيري جي گرمائش ۾ مادا پکي آنا لاهي، انهن تي آرو ڪري ٿي. پنهنجي چوزن کي کاڌو کارائي تاتي پالي ٿي، جيستائين اُڏامڻ لاءِ هنن جا پر نڪرن.
هن ڪهاڻيءَ ۾ وندنا جي دل اندر به اهڙي ئي گهر اڏڻ جي تمنا آهي، جيڪو رڳو چار ديواريون ۽ ڇت نه هجي، بلڪ اُن کان گهڻو گهڻو وڌيڪ. جنهن گهر ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس حجي، هوءَ ڇاتي ڦنڊائي فخر سان چئي سگهي ̀ هيءُ منهنجو گهر آهي ! ̀
هڪ آدرش ڀاتي ناريءَ کي زندگيءَ ۾ ٻيو سڀ ڪجهه حاصل هوندو آهي کيس رڳو پنهنجو گهر ڪونه هوندو آهي، شاديءَ کان اڳ اهو سندس پيءُ جو، شاديءَ بعد اهو سندس مڙس جو، ۽ هن جي مرڻ بعد اهو سندس پُٽ جو هوندو آهي. هوءَ سندن ئي رحم ڪرم تي جيئندي آهي.
̀ رشتا ̀ ڪهاڻي جي ليکڪ ڪردار کي ڀرم ٿو پيدا ٿئي ته ڪهاڻي جي ليکڪا ڪردار کيس پيار ڪري ٿي ۽ هو اهو پيار وصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن ليکڪا جي گهر ۾ گهڙي ٿو اچي. ليکڪ مهاشيه جي ويچار موجب،‘پيار ۾ من، آتما سان گڏ سرير به شامل آهي.’ ۽ هو کانئس سرير جي به طلب ٿو ڪري. ليکڪا البت کيس ڇينڀيندي چوي ٿي، “ ڇا استري ۽ پرش جي وچ ۾ من ۽ خيالن جا رشتا ممڪن ناهن. استري ڇا صرف هڪ سرير ئي آهي ؟ ”
اڄ جي جديد فڪر موجب ته آتمڪ پيار(Platonic love) هڪ مٿ (Myth) آهي. سرير کان ٻاهر من ۽ آتما جو الڳ وجود ڪونهي. البت پنهنجي انڀؤ مان اسان سڀني ڄاتو آهي ته بنان من جي ميلاپ جي سريري ميلاپ محض ڪتڪتائي پئدا ڪندڙ هڪ مشني ڪريا آهي. شراب، سگريٽ ۽ نشيلي دوار جيان اها به پوءِ ماڻهوءَ جي نگري عادت ٿي بڻجي وڃي. سڪون ڏيندڙ ترپتيءَ بجاءِ عذاب ڏيندڙ دائمي اترپتي ۾ بدلجي، جيئڻ زهر ٿي ڪري ڇڏي.
́‘ٽڙيل پکڙيل’ ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي اڄ ڪيئن نه تيزيءَ سان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن، ان حقيقت جو اثرائتو بيان آهي. اندرا اسان سڀني کان هڪ جائز سوال پڇيو آهي. “انگلش ماڌيم ۾ سڀني جاتين جا ٻار پڙهن ٿا، اُهي ته پنهنجي ٻولي ڳالهائين ٿا. مون ته ڪنهن مراٺي، گجراتي يا ڏکڻ ڀارت جي مائٽن کي ٻارن سان هندي يا انگريزي يا ٻي ڪا ڌاري ٻولي ڳالهائيندو ڪونه ٻڌو آهي. مراٺا ماءُ کي‘آئي’پيءُ کي‘بابا’چون . . . . اسان ڇو ائين ڪيو ؟”
́‘هوءَ’هڪ اهڙي خوددار عورت جي ڪهاڻي آهي جنهن زندگيءَ جا سک سهنج، عيش آرام ماڻڻ لاءِ پنهجو پاڻ کي نه وڪيو. موٽ ۾ هن دنيا جون تمام ذلتون ۽ ڦٽ لعنتون صبر سان سٺيون.
اندرا شبنم جي هن ڪهاڻي سنگرهه ۾ ٻيون به ڪي سٺيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي اسان سان پنهنجو اندر اورڻ چاهين ٿيو، اسانکي سوچڻ لاءِ آماده ڪن ٿيون.

لکمي کلاڻي
11 نومبر 1998ع