5. هوءَ
اسٽاف جي طرفان اڄ پارٽي به هئي ته پريزيٽ به. تيج ۽ تپسيا ڪري پونم جو منهن ٻهڪي رهيو هو.
پڇاڙيءَ جي ٻن اکرن ۾ هن صرف ائين چيو “هن آفيس مان صبر جو سبق سکيم ۽ پنهنجي ارادي تي اٽل رهڻ سکيس. شڪر گذار آهيا اُنهن آزمودن جي.”
باس جي اکين ۾ ڪٿي ڳوڙها لڪل هئا ۽ مسز منسکاڻيءَ جو ڪنڌ جهڪيل.
گلي ۾ هار پيل، هٿن ۾ گلدستو، چهري تي تيج، ساکيات ديويءَ جيان هوءَ نظر اچي رهي هئي. پٽيوالا اڳتي وڌي کيس پيرين پوڻ لڳا. هوءَ مرڪندي مشڪندي اکين ۾ آنسون لڪائي کهيا جي مورتي آفيس مان هلي ويئي.
مان سندس ئي آفيس ۾ هڪ ڪلارڪ هيم ۽ مونکي ياد اچڻ لڳو آفيس جو نظارو . . .
“ باس توهان سڏايو آهي. ”
پٽيوالي جي اکين ۾ شرارت هئي ۽ پونم جي اکين ۾ ڊپ. اسان سڀني جا به ڪن سرلا ٿي ويا. پونم جا چپ ٿورا ڏڪڻ لڳا.
اسان جي سڄي آفيس جي اسٽاف کي خبر هئي ته هاڻي ڇا ٿيڻو آهي. مسز مايا منسکاڻيءَ جي چپن تي شرارت ڀري مرڪ هئي ۽ هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيندي، ٺاٺ سان هڪ پٽيوالي کي گولڊ اسپاٽ جو آرڊر ڏنو ۽ نفرت، حسد ۽ مڪاريءَ ڀري نظر سان شريمتي پونم واسواڻيءَ کي نهارڻ لڳي.
پونم گهرايل فائيل ميز تان کنيو. فائيل ٿيل پنا وري ٿورا ٺيڪ ڪيا، نرڙ تان پگهر جو آيل بوندون اُگهيائين، ٿورو ڍڪ پاڻي پي، بي مني اُٿي کڙي ٿي.
هاڻي ڇا ٿيڻو هو. اسٽاف جي هر هڪ ماڻهو کي خبر هئي، اسان اهو تماشو ور ور ڏسي چُڪا هئاسين. خبر آهي، پونم جي ڪيبن ۾ وڃڻ سان ئي صاحب تمام زور زور سان ڳالهائڻ شروع ڪندو. هُن جون نه ٿيل چڪون ڪڍندو. هن جي هرهڪ ڪم مان ويڪون ڪڍندو، هن کي دٻ ڪڍندي چوندو، “اکر ـ سڌاريو، ائين ٿو لڳي ڄڻ ته مڇر ٿا اُڏامن. توهين ڪم ايمانداريءَ سان ۽ من لڳائي ڇو نه ٿا ڪريو ؟ سڄو وقت ميڪ اپ ٺيڪ ڪندي، ڪولڊ ڊرنڪ ۽ گرم پيئندي پيا وڃايو. گهڻي ڳالهائڻ جي به بُري عادت آهي توهانکي. پوءِ ڪم ڪيئن ٺيڪ ٿيندو. ڏسو مسز منسکاڻيءَ کي، محنت جو مثال آهي ۽ ان ڪري توهان کان جونيئر هوندي پروموشن مليا اٿس. هُن جي ڪيتري عزت آهي اسٽاف ۾ . . . . . وغيره وغيره.” ۽ جڏهن هوءَ دٻون دڙڪا ٻُڌي چپ چاپ ٻاهر قدم وڌائيندي ته باس جو آواز ايندو، “ڀارت توهان جهڙن ماڻهن جي ڪري پُٺتي رهجي ويو آهي.”
اسان مان هر ڪنهن کي خبر هئي ته شريمتي پونم تي لڳايل هرهڪ الزام غلط هو. هن جي سڀني گڻن کي ناڪاري، هن کي ذليل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. پر سڀ ڪؤرون جي ڀريل درٻار ۾ دروپديءَ جي بي عزتي ڏسڻ تي هريل آهيون. هوءَ وقت جي پابند، ايمانداري، ميڪ اپ کان پري ڀڄندڙ، موتيءَ جهڙا اکر، ڪم صاف سُٺو، تمام سندر ۽ اوچ سيرت واري، گهٽ ڳالهائيندڙ هئي. اسٽاف ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڪم هوءَ ئي ڪندي هئي. باقي اسان مان گهڻي ڀاڱي وقت وڃائو هئا ۽ هن جي ڪم ڪرڻ جي لگن ڏسي شرمندا پيا ٿيندا هئاسين.
سال اڳ اسانجو باس هن جي ڪم ڪرڻ جي لگن ۽ طريقي کي، فضيلت ۽ سڀاوَ کي ساراهيندو هو. هڪ ننڍو پروموشن به کيس مليو. اسٽاف به خوش ٿيو ته ڪنهن لائق ۽ صحيح انسان جي ڪم جو قدر ٿيو. هوءَ بيحد سندر، سٻاجهي، فضيلتمند ۽ پُرڪشش شخصيت جي مالڪڻ هئي، پر مغرور نه هئي.
اسين آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مرد هن جي صرف جسماني سندرتا جي ساراهه نه ڪندا هئاسين پر هُن جي مؤجودگيءَ ۾ فاحش خيال ايندا به نه هئا. نوراني تيج، پوڄڻ جهڙي هئي هوءَ، روحاني پوترتا هئي هن ۾.
ڪجهه مهينا اڳُ هڪ منحوس گهٽنا ٿي هئي. اسان ٻه ٽي ڄڻا، آفيس ۾ اور ٽائيم ڪري رهيا هئاسين. پٽيوالو آيو ۽ مسز واسواڻيءَ کي ڪجهه چئي هليو ويو. هن هڪ فائيل هٿ ۾ کنيو ۽ باس جي روم ۾ وئي. پر ٿوري وقت کانپوءِ ڪيبن مان هڪ آواز آيو جو چماٽ جو پئي لڳو. ڪجهه سيڪنڊن لاءِ سناٽو ڇانئجي ويو. آفيس مان پونم ٻاهر نڪتي، اکيون ڳاڙهيون، وار ٿورا ڊٺل، شڪل تمام غصي ۾ ڳاڙهي، مونکي ته ساکيات درگا پيئي لڳي. هوءَ سڌو ئي آفيس جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويئي
هفتو کن هوءَ نه آئي. اسان سمجهو نؤڪري ڇڏي ڏني اٿائين. پر جنهن ڏينهن هوءَ آئي، هوءَ بلڪل بدليل هئي، چهرو زرد، اُداس. اسان مان ڪنهن جي به همٿ نه ٿي ته هن کان ڪجهه پڇون. ائين پئي لڳو ته هوءَ آئي آهي ڪنهن مجبوريءَ کان، شايد روزي روٽيءَ جي چڪر ۾ يا شايد سهن شڪتيءَ جو مثال بڻجڻ لاءِ يا شايد هڪ پاپي ڪُرسيءَ تي ويٺل پرش کي سندس ڪيل خطا جو احساس ڏيارڻ لاءِ هوءَ آئي هئي. خبر نه پئي پوي.
بس ان ڏينهن کان ان شرارت جو سلسلو شروع ٿيو، هن مان ۽ هن جي ڪم مان وڏون ڪڍڻ جو.
اسان جي اسٽاف ۾ مسز منسکاڻيءَ کي اُن گهٽنا کانپوءِ تمام گهڻي اهميت وڌي ويئي. هوءَ پونم کان تمام پوءِ اسٽاف ۾ شريڪ ٿي هئي. پر هن کي پروموشن ملندا ويا. هن جي شرارت ۽ شوخي وڌندي ويئي. هوءَ هر اُن موقعي جي تلاش ۾ رهندي هئي ته ڪيئن به پونم جي بي عزتي ٿيندي رهي، جيئن سندس اهم کي سنتوش ملي. افسوس ! ائين ڇو زالون ئي زالن کي ڪيرائين! آد کان اهو سلسلو ڪڏهن نه بدليو آهي، نه بدلجڻ جو ڪو آثار نظر ٿو اچي.
مان من ئي من ۾ شيلا منسکاڻيءَ کي نفرت ڪرڻ لڳو هوس، چرترهيڻ ناري هڪ بي داغ، پوتر استريءَ کي ڪيئن نه ستائي ۽ اپمانت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سچ چيو آهي ڪنهن ته هر ڪنهن جي زندگيءَ جا ملهه الڳ آهن. گڻ هيڻ ۽ چرترهيڻ شيلا پد ۽ پئسو ماڻي رهي هئي ۽ آفيس ۽ باس تي راڄ ڪري رهي هئي ۽ مٺي سٻاجهي پونم چپ چاپ پنهنجي نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڀوڳي رهي هئي.
هيءُ سڀ ڪجهه ڪيستائين هلندو؟ ڇا پونم هيءَ بي انصافي ڏسي ٿڪجي شيلا بڻجندي ؟ يا . . . ساڳئي رستي تي هلندي رهندي ؟؟
وقت گذرندو ويو. ۽ اڄ هوءَ هن آفيس مان رٽائر ڪري ويئي. ٿورن ڏينهن کانپوءِ مان به آفيس مان رٽائر ٿيڻ وارو هوس، پر کانئس وڏي عهدي تان. مان سندس خالي خالي ڪرسيءَ طرف ڏسڻ لڳم.