ڪھاڻيون

عبادت

هي ڪتاب “عبادت” هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن.
Title Cover of book عبادت

7. تنهنجا نصيب کليا

آخر هن ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ قسمت جو وير هن سان ئي ڇو هئو ؟ هن ڪنهن جو ڇا بگاڙيو آهي ؟ هن ڪنهنکي رنجايو آهي ؟ ڏکايو آهي ؟ گهر ڦٽايو آهي ؟ ڪنهن جو برو چاهيو آهي ؟ پوءِ هيءَ مصيبت جا پهاڙ هن مٿان ڇو پيا ڪرن؟ هوءَ جڏهن کان ڪجهه سمجهڻ لائق ٿي آهي هن سک نه ڏٺا آهن، آخر ائين ڇو ٿيو هن سان ؟
هوءَ پهنجي گهر ۾ سڀني ٻارن کان پهرين ڄائي، ڌيءُ هوندي به هن جو سواگت ڪيو ويو. ڏاڏيءَ، پڦيءَ ۽ چاچيءَ خوب خوشيون ملهايون.
رجنيءَ کي ائين لڳو ته سڀ کان سٺو هو سندس ننڍپڻ، پيار ۽ قرب جي ڇايا ۾ ڏاڏيءَ جون آکاڻيون، پڦيءَ جو پيار، چاچيءَ جو موهه، پر هي ڇا ؟ ٻئين سال ديپڪ، ٽئين سال لتا، چوٿين سال جوتي، پنجين، ڇهين ۽ ستين سال رميش، هريش ۽ انيتا ! ۽ اُن کانپوءِ ٻه، چار ٻار ٻيا به جي ڌڻيءَ در پهچي ويا. ڏسندي ڏسندي هوءَ کٽ تان لاهي پٽ تي سمهاري ويئي ۽ پٽ کانپوءِ کٽ هيٺان.
ستين سالين جي عمر ۾ ڄڻ ته هوءَ ٻن ٽن ٻارن جي ماءُ بڻجي ويئي. راند ڪرائڻ، چانهه پيئارڻ، ڪپڙا مٽائڻ هن جو ننڍپڻ ته تمام ننڍو ٿي ويو. تون سڀني کان وڏي آهين. هر وقت اُهي اکر ٻڌڻ سان بي خبريءَ ۾ هوءَ جبل جيڏي وڏي ٿي ويئي.
گهر مان خوشي ڄڻ موڪلائي ويئي. ڪمائي نه وڌي گهر جا ڀاتي ويا وڌندا. پڦيءَ پڙهڻ سان گڏ ننڍي وڏي نوڪري شروع ڪئي.
رجنيءَ کي ياد اچڻ لڳو پڦيءَ ڪيتري ڪوشش ڪئي ته سڀ ٻار پڙهن پر سڀ ئي ننڍڙا ڇوڪرا هوٽل تي، نؤڪرن وانگر ڪم ڪري ڪجهه پئسا هٿ ڪري سئنيما جو شونق پورو ڪرڻ لڳا ۽ اسڪول وڃڻ تي دل نه ٿين.
گهر۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيل مان ئي هئس. پڦيءَ جي پيار، مار جي ڪري مئٽرڪ پاس ڪئي.
مونکي ڪنهن دوڪان تي سيلس گرل جي نؤڪري ملي ويئي.
گهر جو خرچ ويو وڌندو، پر دادا جي ڪمائي نه وڌي، پاڻ رستو وڌائڻ جي حڪم تي دوڪان جو اڌ به ڪٽجي ويو، هوٽل بدلجي، ننڍو چانهه جو اسٽال ٿي ويو. ڀائر بريءُ سنگت ۾ ڦاسندا ويا. ٽي ڀينرون ايتريون ته قد بت ۾ وڌنديون ويون جو دادا انهن کي ڏسي اکيون هيٺ ڪري ڇڏيندو هو. اهو شايد قدرت جو ڪمال آهي ته غريبن جو ڌيئر الائي ڇو، عقل، بدن، سڀني طريقن سان تمام وڏيون ٿي وينديون آهن، جنهن عمر ۾ شاهوڪارن جون ڌيئر اڃا بيبي چوائين !
ڀينرن حالتن سان الائي ڪيئن پاڻ سان ٺهڪائي ڇڏيو. دادا، هنن کان سوال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنا هئا.
ڪپڙا، دوا درمل، گهر ۾ ڪا نئين شيءَ ڪيئن ٿي اچي ؟ ڪير اهڙن سوالن جي جوابن جي همٿ ڪري. مان ته صفا پيسجي ويس، زندگيءَ سان الائي ڪهڙا ٺاهه ڪرڻا پيا.
منهنجي عمر وڌڻ لڳي. ڏاڏيءَ ۽ پڦيءَ کي چنتا لڳي. پڦيءَ صاف صفا شاديءَ لاءِ پڇيو. دادا ۽ ڀاڀي اُٿي ويا. مان ڪيئن ها ڪريان ؟ گهر ۾ جا ٿوري گهڻي آمدني مان آڻيندي هئس، سا به بند ڪيان ؟ ٻيون ڀينرون ته پڙهيون ئي نه، ۽ ڪو ڪم به نه ڪنديون هيون. مان ئي ته هڪ ڪمائيندڙ هئس، مون انڪار ڪيو.
دادا جا ڀاڳ وڏا هئا، جو پڦيءَ ڪنهن سڄڻ جي مدد سان، ٽنهي ڌيئرن جي شادي ڪرائي ڇڏي. ڇوڪرا دال مانيءَ وارا هئا، سو منهنجيون ڀينرون پرڻجي ويون. ننڍي ۾ ننڍي انيتا جي به شادي ٿي وئي. مان هاڻي 32 سالن جي هئس.
ڀينرون گهوٽن سان گڏ اينديون هيون. فخر سان، کائي پي، گهر گندو ۽ باسڻن جو ڍڳ ڇڏي، 25 ـ 50 ڀاڀيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي وينديو هيون. ڀاڀيءَ جي طبيعت خراب ته رهندي هئي، ڪم ڏسي اڃان وڌيڪ خراب ٿيندي هئس. انگ انگ ڏکڻ لڳندو هئو. من جليل، آتما اُداس، شرير هڏائون، وڌندڙ عمر سان سڀاؤ به چڙچڙو ٿيندو پيو وڃي !
مان ڪٿي غلط هئس ؟ دادا ڀاڀيءَ جو دک ونڊڻ پئي چاهيم، بوج هلڪو ڪرڻ پي چاهيم. آخر مون چئي ڏنو، “ڀاڀي، مونکي به شادي ڪرايو.” گهر ۾ ڄڻ بم ڦاٽو. بي شرم، بي غيرت، الائي ڇا ڇا دادا چيو. ڀاڀيءَ ڀونڊو ڏيندي چيو، “اڳ ڪٿي هئينءَ ؟ ڀينرن سان پيئي ريس ڪرين. هاڻ ڇا ڪريون ؟ ”
پڦيءَ جو ڪن تي اها ڳالهه پيئي، هن هٿ پير هلايا. پر ڪچو ڪنوارو هيڏي وڏي عمر جو ڪٿان ملي ؟ منهنجو به چريو ضد، ٻارن وارو نه کپي. سڀ حيران ۽ پريشان. آخر پمپريءَ جي هڪ شادي ڪرائڻ واريءَ ڳولهي لڌو منهنجيءَ عمر جيترو. هو بنان ماءُ پيءُ جي هو. 900 روپيه پگهار هئس. ڪنهن هوٽل ۾ مئنيجر جي نؤڪري ڪندو هو. مون ها ڪئي.
شاديءَ کانپوءِ مون نؤڪري ڇڏي ڏني. ديپڪ ڪمائيندو هو، مان ٺاٺ سان گهر جو ڪم ڪندي هيس. هڪ ڪمري واريءَ گرهستيءَ مان پاڻ کي راڻي سمجهندي هئس. باسڻ چمڪائي ڇڏيا، کاڌو ايترو سوادي ٺاهيندي هئس جو ديپڪ آڱريون به چٽي ڇڏيندو هو. پنهنجي وت آهر ديپڪ لاءِ مون سرڳ ڌرتيءَ تي لاٿو. راجا راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ راجڪمار جي ڪمي هئي، سو به اچي ويو. راجڪماري به اچي ويئي.
انهن ٻن ٻارن جي دنيا ۾ اچڻ ۽ چئن سالن جي عرصي ۾ رجنيءَ کي خبر پئجي چڪي ته ديپڪ پڪو پياڪ هوندو هو. شاديءَ کان اڳ يارن دوستن، مٽن، مائٽن جي سمجهائڻ تي، شادي ڪري گرهستي ٺاهڻ لاءِ هن ٿوري وقت لاءِ شراب کي ڇڏيو هو ته شادي به ٿي، ٻار به ڄائو، هاڻ رجني ڪيڏانهن ويندي ؟ ڦاٿي ري ڦاٿي ! رجني سوچيو ڦاٿي آهيان ته ڦٿڪڻ ڪهڙو ؟ بهادري ڏيکارين، هن آزي نيزاري ڪري پهرين کيس گهر ۾ مقرر ٿيل شراب پيئڻ جي اجازت ڏني. پر شرابي ڪٿي ٿو پاڻ لاءِ حدون ٺاهي. حد ڪاٽي بيحد ٿي وڃڻ ته هن جي فطرت هئي.
ديپڪ جي صحت جڏي ٿيندي ويئي. ايڪسري ڪرائڻ سان خبر پيئي ته سندس آنڊا، جيرا، بڪيون خراب ٿي چڪا هئا. هن جو جڏهن مٿو ڦرندو هو، يڪدم پاسي واريءَ گتيءَ ۾ وڃي بٺيءَ جو قاتل شراب پي متوالو ٿي، سڄي رات بڙ بڙ ڪندو رهندو هو. هوءَ کيس کڏن مان، گٽرن مان، گتن مان کڻي يا کڻائي گهر ۾ آڻڻ لڳي.
ديپڪ جو ڪم تي وڃڻ بند ٿي ويو هو. گهر ۾ غريبيءَ جو مرض ڦهلجي ويو. چئن سالن اندر جوڙيل هڪ هڪ سامان وڪامندو ويو.
هِن هُن اڳيان هٿ ٽنگيندي غيرتمند رجني ضمير اڳيان جهڪندي ويئي. شرمندي ٿيندي ويئي. سڀ سمجهي ويا شرابيءَ جي گهر جو انت ڪهرو ٿيندو ! قرض ڪنهن کي ڏجي ؟ هيءُ قرض ته نه دان ڏيڻ ٿيو جو واپس نه ملڻو آهي. دان ڪيستائين ڏجي ؟
رجنيءَ سڀني جي همٿ ٻڌائڻ تي وري ان دڪاندار وٽ ويئي. نؤڪري ملي ويس. ساڳي ئي 800 روپيه پگهار. هاڻ هن جون جوابداريون اڳي کان تمام وڌيل هيون. ٻه ٻار، ان جون جوابداريون، شرابيءَ جي خدمت ڪرڻ، پنهنجي سپنن جو اهڙو انت ٿيندو ڏسي هوءَ چڪناچور ٿي پيئي، هڪ زنده لاش. ڀينرن جو نصيب ڏسي، جيڪو هن قدم کنيو، ڇا مليو کيس ؟ آرام ۽ آسائش هن جي نصيب ۾ ڪٿي؟
سڪل ڏٻرو شرير، سخت محنت دڪان تي ۽ مڪان تي. هن جي گهوٽ جو روز شراب پي، شراب نه پيئڻ جو قسم کائڻ. روز روئڻ، پاسي واري ريل جي پٽي ڏانهن ڀڄڻ، سلسلو هلندو رهيو ۽ ڪمال آهي هوءَ زنده رهي.
آخر جيري جي صفا خراب ٿيڻ ڪري ۽ لڳاتار شراب پيئڻ جي ڪري ديپڪ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ٻه ٻار ۽ ان جي جوابداري ۽ قرض رجنيءَ کي ڏيئي. رجنيءَ کي سمجهه ۾ نه پيو اچي هوءَ ڇا ڪري ؟ روئي ان شخص لاءِ جنهن کي خبر هئي ته هوُ دنيا ۾ ٿورو ئي زنده رهڻو هو ۽ شادي ڪري، ٻه ٻار، ذلت، دماغي پريشاني، بدنامي ڏيئي، پاڻ سڀني جوابدارين کان مڪت ٿي هلي ويو. کلي، خوش ٿي ته هڪ بوجهه کان هوءَ مڪت ٿي ويئي ؟ سماج ؟ تنهن کان خاموش رهڻ ئي بهتر. پر اُن خاموشيءَ کيس پٿر بڻائي ڇڏيو.
ڇا ڪنهن انسان لاءِ وڌاتا ايتري ڪنجوسي ڪندو آهي جو هن جا ننڍڙا سپنا، هڪ ننڍڙو ڪمرو، ٻارن جا ٽهڪ، پتيءَ جو پيار ۽ بس اهو به پورو نه ٿئي ؟
ها ننڍي هوندي کان دکن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رجني جيڪو قدم پيئي کڻي ڦاسجندي پيئي وڃي.
وڌندڙ مهانگائي، جڳهه جي مسواڙ، پڙهائڻ ٻن ٻارن کي، پڙهائڻ کان اڳ پالڻ، ڪير سنڀالي ٻن ٻچڙن کي ؟ هوءَ صبوح کان رات جو نوين بجي تائين ٻاهر. ڪنهن صلاح ڏنس مائي رکُ. مائي صبوح کان رات تائين ٻار سنڀالڻ ۽ نيپاج ڪرڻ لاءِ 500 روپيا گهريا، اُن ۾ هوءَ ٻارن کي کاڌو کارائي کير به پيئاريندي، هونءَ ديپڪ گهر ۾ هوندو هو ته ٻارن جي تات نه هوندي هئي. 150 رپيا. بس جو ڀاڙو ؟ کاڌو ؟’ڪپڙو؟ بيماري سيماري، 800 مان ڇا ڇا ڪريان ؟ قد وڏو چادر ننڍي. مٿي کي ڍڪ ته پير اگهاڙا، پيرن کي ڍڪ ته مٿو اُگهاڙو. ڇا ڪنديس ڪيتري حسرت هئي ماءُ بڻجڻ جي. ڪيترا بيت هن ماءُ ٻارن تي پڙهيا هئا. هاڻ هن کي پنهنجن ٻارن کي ڇڏي، سڄو ڏينهن ٽنگن تي بيهي، طرح طرح جون اٽڪلون سٽڪلون ڪري مالڪ جو مال کپائي، لکين ڪمائي، 800 وٺي گهر اچڻو آهي. پنهنجي پيٽ ۾ ڇا وجهي؟ پنجن سالن ۾ هوءَ، سهاڳڻ، ماتا، وڌوا سڀ بڻجي ويئي. يا ته زندگيءَ جو چڪر هڪ هنڌ بيهجي وڃي يا ايتري ته رفتار سان سڀ ڪجهه ٿيندو وڃي جو دماغ ۽ اکيون چڪرائجي وڃن.
رجنيءَ همٿ نه هاري، هوءَ هلندي رهي. ‘جوابداري’ ته نڀائڻي ئي هئس. ماڻهن جي چئي انوسار ماءُ به هوءَ هئي ته ٻارن جو پيءُ به هوءَ هئي. ‘جوابداري’ ته پوري ڪرڻي ئي هئس. هن ٻه چار دفعا ‘جوابداري’ اکر دهرايو، نه ڄاڻ ڇو پهريون دفعو هن کي ان اکر کان ڪراهت اچڻ لڳي، اهو احساس هن کي پهريون دفعو ٿيو. چوڏيهن سالين جي عمر ۾ هن پيڪي گهر جي جوابداري پنهنجو پاڻ کنئين هئي، پاڻ کي هندي سئنيمائن جي هيروئن پيئي سمجهندي هئي اُن وقت. پر هاڻ اهو اکر ڪيترو نه پراڻو ۽ بنا مطلب جي ٿي ويو هو ، هن لاءِ.
هن جو ڪمزور شرير ڪم جي وڌڻ، جوابداريءَ جي وڌڻ ڪري سٽ ئي جهلي نه پيو سگهي. کنگهه، بخار، گهٽ کاڌو، سڄو بدن پيو ڏڪ ڏڪ ڪندو هئس. مٿو پيو ڦرندو هوس، شڪل ڀوائتي ٿيندي پيئي وڃيس. آخر هن، هن جي چوڻ تي خيراتي اسپتال ۾ ايڪس ري ڪڍايائين. سلهه ٽي.بي. نڪتي، سا به ڪافي وڌي چڪي هئي. ڊاڪٽر چيو، “ چنتا نه ڪريو. صرف سُٺي خوراڪ، قيمتي طاقت جون دوائون ۽ آرام سان توهين ٺيڪ ٿي سگهو ٿا، ۽ ڏسو ڪا به ̀چنتا ڪرڻ ̀ توهان لاءِ ٺيڪ ڪونهي. رجنيءَ کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو ۽ ڊاڪٽر کان ڇرڪ. “توهان نه سمجهندا ڊاڪٽر! ايئر ڪنڊيشن روم ۾ ويهي.”
ڪن آس پاس جي ماڻهن همدردي ڏيکاريس. پر ان سان ته مسئلا حل ٿيڻا نه هئا. جبل جيڏا دک هٽيا نه هئا، ڇا ڪريان؟ پئسا، ممتا تي به اميرن جو حق ؟ پيٽ ڀرڻ سان زندگيءَ ۾ لذت اچي ويندي. خالي پيٽ ۽ بيمار جسم، زخميل روح سان ؟ هوءَ خشڪ، ڪمزور چڙچڙي ٻڍي من ۽ تن واري ٿيندي پئي ويئي.
ڇا ڪريان ؟ ٻارن سان گڏ نديءَ ۾ ٽپو ڏيان ؟ ريل هيٺان ڪٽجان؟ ٽرڪ هيٺان اچي سڀ مرون؟ نه، نه ڇو مرون؟ گڏجي جيئڻ ڪيترو مشڪل ٿي پيو آهي ؟ مان هاڻ بيمار شرير ڪري ڪم به نٿي ڪري سگهان، ٻار بک مرندا، ڇا ڪريان؟
هن کي ننڍپڻ جي هڪ گهٽنا ياد اچي ويئي. گهر ۾ پاليل ڪتيءَ ٻار ڄڻيا هئا. سڄو گهر گندو ٿي ويو هو. بيزار ٿي ماڻس ڳوڻ ۾ ڀونگڙا بند ڪري هن کي ڏنا هئا، ڪٿي ڦٽي ڪري اچڻ لاءِ. ڏاڏنس تاڪيد ڪئي هئس، “ ڪتيءَ کي اهو ڏسڻ نه اچي ۽ خبر نه پئيس، پري پري ڦٽو ڪري اچين، جيئن گهر نه سڃاڻي سگهن. ماءُ کي آنڊي جي ڄر ٿيندي آهي. ٻارن کي ڦٽو ڪندي ڏسندي ته ڇتي ٿي پوندي.” هيترا سال ٿي ويا ته به هن کي ڏاڏيءَ جو هڪ هڪ لفظ چيل ياد هو، هن جي ياداشت ايتري تکي ڇو ٿي ويئي، ڄڻ هيءَ گهٽنا اڄ ٿي هجي ؟؟
يادگيريءَ جو به ڪنهن گهٽنا سان لاڳاپو ضرور هوندو آهي. اڄ اُها گهٽنا ايتري تکي ڇو ياد آئي آهي، اڳ ڇو نه؟ هن کي روئڻ اچي ويو، ٻارن کي تيار ڪيائين ۽ سڀني کي چيائين، “ آلندي ٿي وڃان، ياترين سان شامل ٿيڻ.”
ڪتيءَ ۽ سندس ڀونگڙن جو قصو دهرائڻ. ميلي ۾ ڀيڙ ۾ ٻنهي ٻارن کي ڇڏي آئي. گهر اڪيلي موٽي آئي، پر هوءَ ڪتيءَ وانگر ڇتي نه ٿي. آتما ڇڏي آئي، جڏو جسم کڻي آئي. ماڻهن جي پڇڻ تي جواب ڏنائين، “ گم ٿي ويا ميلي ۾.”
ٻن ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڌارمڪ سنسٿا کان هن مدد گهري، هن جي حالت تي رحم کائي ٽي سوَ مهني جي مدد منظور ڪئي ويئي. 150 روپيا ڀاڙو ۽ 5 روپيا روز چانهه ۽ ٻه ويلا مانيءَ لاءِ ٺيڪ هئا، هن من ئي من ۾ حساب ڪيو. هڪ عجيب زندگي، ڦاٽل ساڙهين، ٽٽل جوُتن لاءِ، پراڻن ڪمبل، هڪ ڪلو چانور، هڪ ڪلو ڪڻڪ لاءِ هوءَ به ان ۾، مهني ۾ هڪ دفعو شامل ٿي ويندي هئي. ‘پنڻ’ لاءِ نه، پنڻ اکر غيرشانائتو آهي، مدد لاءِ.
هاڻ ته آرام ئي آرام هو، صبح جو اُٿي چانهه پي ٻن وقتن جي هڪ ئي وقت پاڻ اڪيليءَ لاءِ ماني ڀاڄي ٺاهي، ڌارمڪ سنسٿا مان مليل دوائون وٺي، هوءَ سمهندي رهندي هئي. بس ماني ۽ ضروري ڪم لاءِ اُٿڻ. جنم ڀر جي ٿڪاوٽ مٽائڻ لاءِ سمهڻ، ڪنهن جي به چنتا نه، ڪنهن جي به جوابداري نه، ڪنهن لاءِ به نه سوچڻ، ‘پنهنجي لاءِ جيئڻ’ جيئن وڻي تيئن ڪرڻ.
رجني ڪنهن سان به نه ڳالهائيندي هئي. کائيندي، سمهندي، دوائون وٺندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ائين محسوس ٿيندو هو، هوءَ مري ويئي آهي ۽ ڪمرو هن کي نرم، ٿڌي قبر لڳندو هو، پر وقت سر، بک لڳڻ ۽ اُڃ جو احساس هن کي جيئري هئڻ جو يقين ڏياريندا هئا.
زور زور سان ڪوئي در کڙڪائي رهيو هو، رات جو وقت، گهڻن ئي ماڻهن جا آواز پئي آيا. چڱو ئي وقت رجنيءَ، سستيءَ ۽ ڪمزوريءَ وچان دروازو ئي نه کوليو . . . آخر هوءَ ڌڏندڙ ٽنگن سان اُٿي کڙي ٿي، دروازو کوليائين. موتيءَ ماءُ هئي. چيائين، “مائي واڌايون هجني ! تنهنجا ٻئي ٻار لڌا. پنهنجي پاڙي ۾ تڪارام اُتي ويو هو، کين سڃاتائين ۽ پاڻ سان وٺي آيو.”
ٻئي ٻار هن جي سامهون هئا، ڀاڪر پائڻ لاءِ اُتاولا.
رجني مٿان ساڻائي طاري ٿيندي پئي ويئي. هوءَ غشي کائي ڪري ڪرڻ تي هئي ۽ موتيءَ ماءُ چئي رهي هئي . . . .
“ مائي، تنهنجا نصيب کليا . . . . . ! ”