ڪھاڻيون

عبادت

هي ڪتاب “عبادت” هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن.
Title Cover of book عبادت

9. فيصلو

“شنا تون تمام سهڻي، سٻاجهي آهين، آواز به تمام مٺو اٿيئي” مون سهڪندڙ آواز ۾ چيو. پنڌ ڪرڻ وقت، ڳالهائڻ مهل آواز ائين ئي ٿي ويندو آهي.
گهر جي پاسي واري باغ ۾ مان روز شام جو پنڌ ڪرڻ ويندي آهيان. باغ جي هڪ گيٽ کان ٻيءَ گيٽ تائين 15 منٽ لڳندا آهن. ڇهه چڪر لڳائڻ سان ڏيڍ ڪلاڪ جيترو پنڌ ٿي ويندو آهي. الڳ الڳ قسمن جا ماڻهو، ننڍڙا ٻار، ٻڍا، زالون، جوان، بيمار، سگهارا، صحت جو قدر ڪندڙ، سڀ اُن باغ ۾ گڏجندا آهن. ڄاتل سڃاتل چهرا، پنهنجائپ سان ڀريل سالن کان هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان به ڪٽنب جا ڀاتي لڳندا آهن. نيم جا پڪا پنهنجا پنهنجا پيا لڳندا آهن.
شنا منهنجي سوال جو جواب هلڪيءَ مرڪ ۾ ڏيندي چيو، “عمر چڙهي ويئي اٿم، چڱا وڏا پوٽو، پوٽي به اٿم، ته به توکي سهڻي ۽ سڊول پيئي لڳان. لڳي ائين ٿو شبنم تنهنجي اکين ۾ ئي سونهن ڀريل آهي، هر شيءِ توکي الائي ڇو ۽ ڪيئن سندر پيئي لڳي. پٿر، ٺڪر، ڪنڊا، سُڪل گاه، مرجهايل گُل، پنن کانسواءِ وڻ، بيمار ماڻهو، گهايل پسون پکي، سڀني کي تون سُندر چوندي رهندي آهين، سڀ سُندر ڪيئن ٿيا ؟ ”
“ ها، اها ڳالهه ته تو ٺيڪ چئي شنا، مونکي هر شيءِ، هر دک ۾ به خوبصورتيءَ جي جهلڪ نظر ايندي آهي. هر ڪؤڙو، مٺو، کٽو آزمودو به ڪو نهايت پيارو ۽ سندر تاثير ڇڏي ويندو آهي، ڪو نه ڪو نصيحت ڀريو سبق سيکاري ويندو آهي. ”
“شنا هن باغ ۾ اسين سالن کان گڏجنديون رهنديون آهيون، تون ڪافي ڪڇ پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي رهندي آهين. اچ هاڻ ٿورو وقت ويهي آرام ڪيون. ” اسين هڪ ڪنڊ واريءَ بينچ تي ويهي رهيوسين.
“شبنم، توکي ايترو ته ٻڌايو هوم ته منهنجا پيڪا وچولي حيثيت وارا هئا ۽ شادي هڪ سٺي وڏي گهر ۾ ٿي، جن جي ساک وڏي هئي.
جڏهن منهنجيءَ شاديءَ کي چار سال گذريا ۽ ڪوبه اولاد نه ٿيو، چؤڌاري سُس پُس ٿيڻ لڳي. وشال منهنجي سَسُ جو هڪ ئي سڪيلڌو پُٽ هو. پٽ جا ٻار ڏسڻ سندس وڏي ۾ وڏي خواهش هئي. ڌيري ڌيري روز روز گهر ۾ کِٽ پِٽ ٿيڻ لڳي ۽ اُن کانپوءِ ته ڪو ڪارڻ لڀي نه لڀي، سڄو وقت مون مٿان ڪٽ ـ ڪٽ ۽ اولاد نه ٿيڻ جا مهڻا.
جنهن بلڊنگ ۾ اسين رهندا هئاسين اُتي ئي ڇهه فلئٽ هئا. جتي سَسُ جون پنج ڏيراڻيون ۽ ٻيا مٽ مائٽ رهندا هئا. مهمانن جي اچ وڃ ته لڳي ئي پيئي هوندي هئي.
منهنجي آزين نيزارين ڪرڻ کانپوءِ مان ۽ منهنجو گهوٽ ڊاڪٽر وٽ تپاس ڪرڻ وياسين. هڪ ڊاڪٽر جو رايو ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي گهوٽ رپورٽ مونکي نه ٻڌائي ۽ نه ڏيکاري. چئن پنجن ٻين ڊاڪٽرن وٽ به اسين وياسين. آهستي آهستي وشال جي اُداسي گهري ٿيندي ويئي ۽ مان به بي صبري ٿيندي ويم، آخر هڪ ڏينهن مون هنن کان همٿ ڪري پُڇي ئي ورتو، “ وشال آهي ڇا ؟ آخر ڊاڪٽر چون ڇا ٿا ؟ ڪجهه مون ۾ ڪمي هُجي ته علاج ڪرايان ؟ ۽ تو ۾. . . . مون جملو اڌورو ئي ڇڏي ڏنو. وشال نراسائپ ۽ اُداسيءَ واري سُر ۾ چيو، “ تو ۾ ڪا گهٽتائي ڪونهي.”
“ ڇهه، اٺ سال اڳ هڪ خطرناڪ حادثو ٿيو هو، اُن حادثي ۾ مان بچي نڪتس، پر جيڪو ڊاڪٽر هاڻ ٻڌايو آهي، اُن کان مان اڻ واقف هوس.”
“ ڊاڪٽر ڇا ٿا چون ؟” شنوءَ هٻڪندي پُڇيو.
“مان پيءُ ٿيڻ جي قابل نه رهيو آهيان ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ ته شاريرڪ سنٻنڌ رکڻ جي قابل به نه رهندس. هاڻ تون فيصلو ڪر، مون سان گڏ رهڻ چاهين ٿي يا . . . . .”
منهنجي بدن مان ڄڻ ته رتُ ستُ سُڪي ويو. مان ته وسامجي ويس، گلو گهٽجي ويو. خالي خالي نظرن سان هن طرف نهاريندي ئي رهجي ويم. هوُ به گهٽن برداشت نه ڪري سگهيو ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري ويو.
ٻه چار ڏينهن ته اسين روز مره جي ضروري ڳالهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڳالهائي نه سگهياسين.
هڪ ڏينهن هو گهر ۾ شام جو جلدي آيو ۽ چيائين، “شنو، هل ته هڪ هنڌ گهمڻ هلون، من بهلجي ويندو.” گهڻن ڏينهن کانپوءِ مون هن کي هلڪي هنيانءُ واري موڊ ۾ ڏٺو. مان جلد تيار ٿي ساڻس نڪري پيس. دل تان ڪو بوج هلڪو ٿي پيو.
وشال شهر جي ٻاهران هڪ لنبي Drive تي مونکي وٺي هليو. هڪ تلاوَ جي پاسي ۾ وڻن جي جهڳٽن ۾ ڪار بيهاري. مان خوش به ٿيس ۽ وائڙي به ته آخر هوُ ڇا ڪرڻ ٿو چاهي. هن پاٻوه وچان آهستي آهستي منهنجو هٿ پنهنجن ٻن هٿن ۾ جهليو ۽ چيو، “شنو، جيڪي مان ڪجهه توکي چئي رهيو آهيان، ڌيان سان ٻُڌ.”
“اسانجي گهر جو وايومنڊل، تنهنجي ۽ منهنجي هڪ ٻئي لاءِ بي پناه محبت، تنهنجا سنسڪار، انهن سڀني جي تقاضا آهي هڪ ننڍڙي ٻار جو گهر ۾ هئڻ. اسانجي رشتن جي پُل. ڪجهه ڏينهن سوچڻ کانپوءِ مان فيصلي تي پهتو آهيان، جو تو لاءِ ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ شايد تڪليف ديه ۽ دک پهچائيندڙ ٿئي، پر اهو سڀ ڪجهه عمل ۾ آڻڻ نهايت ضروري آهي. ”
مان کيس ٻڌندي ئي رهيس. ڇا ڪُڇان؟ ڇا پُڇان ؟ ڇا سوچيان ؟ وڻن جي جهڳٽن ۾ وشال جي گود ۾ سر رکي ليٽي پيس، پاڻ کي بهتر سمجهيم، ٿوري راحت، فرحت ۽ آڌار جو احساس ٿيو. هن جي مٺڙيءَ هنج ۾ آٿت ۽ همٿ ملي پيدا ڪئي، اهو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ جيڪي هو ڪجهه ٻڌائڻ پيو چاهي.
وشال منهنجي نرڙ تي مٺي ڏيندي وارن ۾ آڱريون گهمائيندي چيو، “ ٻُڌ، آنند منهنجو عزيز، گهرو دوست آهي، همراز آهي. تون هن کي مٿاڇرو ڄاڻين سڃاڻين، پر هوُ منهنجو ويجهي ۾ ويجهو دوست آهي جنهن کي مان سڀ ڪجهه سلي سگهندو آهيان. ان سان مون پنهنجو اندر اوريو آهي. ڊاڪٽرن واري ڳالهه به مون کيس سربستي ٻڌائي آهي.” وشال هڪ اونهو ٿڌو ساه کنيو.
رفته رفته شبنم هو الائي ڪهڙيون ڳنڍيون کوليندو پيو وڃي. الائي وري هوُ ڇا چوندو ؟ الائي ڪهڙي ڳنڍ کُلندي ؟ الائي وري ڪهڙي وڄ ڪرندي ؟ مان اُڻ تُڻ سان ڀريل، پر خاموش هن جي چهري طرف ئي نهاريندي رهيم.
“شنو، ٻُڌ. مون هڪ رستو ڳولهي ڪڍيو آهي، نئين مهمان جي اچڻ جو، تنهنجي منهنجي نه وڇڙڻ جو، پنهنجي پيار کي ڳنڍي رکڻ جو. خاندان جي سلسلي کي قائم دائم رکڻ جو، وڏين ٻڍڙين جي اکڙين جو هڪ سپنو، سندس اُمنگن، آشائن ۽ اٺسٺن کي قائم رکڻ جو. تنهنجي منهنجي وچ ۾ هڪ خال ڀرڻ جو. ”
مون پُرزور آواز ۾ چيو، “ ڪهڙو رستو وشال”
“تنهنجو ۽ آنند جو شاريرڪ سنٻنڌ . شاسترن ۾ ۽ پراچين زماني ۾ اُن کي ‘نيوگه وڌي’ چئبو آهي. خاندان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ راجا، مهاراجائون اها وڌي ڪتب آڻيندا هئا.’‘ونش جي ول’ اڳتي وڌائڻ لاءِ آنند اڃان تائين ڪنوارو آهي.
هڪ بم ڦاٽو، ڄڻ ته بارود ئي بارود منهنجي اکين اڳيان ڇانئجي ويو. ان بم جي ڌماڪي سان ڪن ۾ ڄڻ ته سيٽيون وڄڻ لڳيون. مان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس. ماحول کان بلڪل بي نياز. منهنجو ته هنياءُ ڦاٽڻ لڳ. سميه جي سمڪ ئي نه رهي. الائي ڪڏهن مان روئي روئي ٿڪس، ٿڪاوٽ جي ڪري ڄڻ ته اک لڳي ويئي. نيم بيهوشيءَ واريءَ حالت ۾ الائي ڪڏهن ڪئين وشال ڪار ۾ کڻي مونکي آنند جي بنگلي تي آندو. الائي ڇا ڇا ٿيو. هوش ۾ اچڻ سان مون پاڻ کي آنند جي اجنبي ڪمري ۾ پلنگ تي شرير صرف چادر سان ڍڪيل ڏٺم.
باغ ۾ وڻن تي ويٺل پکين جو ڪولاهل بيحد وڌي رهيو هو. اونده به گهاٽي ٿيندي پيئي وڃي. شنوءَ جو آواز به ٻڏندو پيو وڃي. مون کيس ٿورو ڌوڏايو، “ شنو، اُٿ گهر هلون، دير پيئي ٿي، هل” مون لرزندڙ شنوءَ کي ٻنهي ٻانهن جو سهارو ڏيئي اُٿاريو. هن جا قدم ڌڏي رهيا هئا، اکيون دونهين سان ڀريل، “ چڱو شنو سڀاڻي وري باغ ۾ گڏجنديوسين” هوءَ ساڄي طرف سندس سنيءَ تي چڙهي گهر رواني ٿي ۽ مان کاٻي طرف گهر پنڌ پيس. پنجن ستين منٽن ۾ گهر پهتس.
ٻه ٽي ڏينهن هوءَ باغ ۾ مونکي نه گڏجي، مان پنهنجي روز مره جي نيم موجب پنڌ تي وڃڻ لڳس. اڪثر منهنجيون اکڙيون شنوءَ کي ڳولهينديون رهنديون هيون.
هڪ شام هوءَ مونکي نظر آئي. هوءَ منهنجي چونڊيل گول گول واري رستي تي تڪڙو تڪڙو پنڌ ڪري رهي هئي. نيلي رنگ جي سلوار قميص ۾ هوءَ بيحد خوبصورت نظر اچي رهي هئي. چڱن ڏينهن کانپوءِ گڏجڻ ڪري ازخود ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو. هلڪو ڀاڪر پائي گڏجيونسين. گڏجي پنڌ ڪرڻ لڳيونسين.
ڳالهائڻ مون شروع ڪيو. شنو باغ ۾ هيترا سڌا ڏامر جا رستا آهن تون هن گول گول ڏامر جي رستي تي ئي ڇو پنڌ ڪندي رهندي آهين ؟ ڪڏهن ڪڏهن هيئن گول گول گهمڻ سان چڪر ايندا اٿم، ته به الائي ڇو ائين ئي ڪندي رهندي آهيان. لڳندو آهي سڌا رستا مون لاءِ ٺهيا ئي ڪونه آهن. ڏاڍا ڏکيا لڳندا اٿم اُهي سڌا سنواٽا رستا.
“ اڄ موڊ ٺيڪ نه اٿم” شنوءَ چيو.
“ ڇو ڇا ٿيو وري اُن موڊ کي ؟ ” مون پڇيو
“ اڄ نُنهن پُٽ سان ٿيل جهڳڙا، سندن ورتاءُ ياد ٿا اچن. منهنجي پٽ منهنجي بيحد گهڻي بي عزتي ڪئي. هن منهنجي ممتا ۽ موهه جو ذرو به قدر نه ڪيو. منهنجي گهايل من کي مرهم پٽي ڪرڻ جي بدران زخم ڏيئي ڏيئي ناسور ڪري ڇڏيو. پاڻ ته وشال سرڳواس ٿي ويو، مونکي ڦٽي ڪري ويو هن ڪنڀي نرڳه ۾.”
مون سوالي نگاهن سان کيس نهاريندي چيم، “وشال گذاري ويو؟ ڪڏهن ؟ ڪيئن؟ تو ته ان جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي. ”
“ها اُن رات آنند جي گهر مان ٿي اچڻ کانپوءِ مونکي ڏينهن چڙهيا. بيبو ڄائو. وشال جي چوڻ مطابق سچ پچ بدلجي ويوگهر ۾. گهر ۾ واڌايون ورائجي ويو. خوشيون ڇانئجي ويون پنج سال اسانجي زندگيءَ جا بهترين ۽ يادگار گذريا.
پر . . . . ” پر اکر ڳنهڻ کانپوءِ هن جو آواز ڪنبڻ لڳو. “ پر ڇا ؟ ” مون آتر ويلا واري سُر ۾ پڇيو.
اُن ڏينهن ببلوءَ جو پنجون جنم ڏينهن هو. آنند کي به وشال دعوت ڏني. کيس خاص بئنگلور مان گهرايو هئائين. ها، توکي ٻڌائڻ وسري ويو، اُن رات جي گهٽنا کانپوءِ آنند بئنگلور هليو ويو هو ۽ اسان سان گڏيو به نه هو ۽ جنم ڏينهن کانپوءِ ٻن ٽن ڏينهن ۾ هو هميشه لاءِ آمريڪا ۾ لڏي وڃڻ وارو هو.
سڄو گهر ۽ خاص ڪري هڪ ڪمرو ته ماڻهن، ٻارن، جوانن، ٻڍن، ٻڍڙين سان ڀريو پيو هو. وايومنڊل ۾ شهنائيءَ جو سُرُ وڄي رهيو هو، کل کل، ٽهڪڙن سان گهر جو واتاورڻ وڻندڙ پيو لڳي. آنند ببلوءَ کي سڏيو، کيس هنج ۾ وهاريائين، ڀاڪر پائي، خوب چُميون ڏنائي. هڪ بيحد قيمتي تحفو ڏنو ۽ وري ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايائينس. اصل ڇڏيس ئي نه، سندس اکين ۾ آنسو اٽڪيل هئا.
“ اُن رات وشال آتم هتيا ڪري ڇڏي.”
سناٽو . . . . هڪ گهرو سناٽو ڇانئجي ويو. سڄي وايوُمنڊل ۾ کن پل لاءِ ته منهنجو ڄڻ ته ساهه ئي رڪجي ويو. شنا پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. بينچ تي سر ٽڪائي شانت پٿر جو بُت بڻجي ويهي رهي. مون ۾ به هڪ اکر ڪڇڻ جي طاقت نه رهي. هيڏو وڏو درد مان ڪيئن گهٽايان ؟
باغ جي گڻيش مندر جي آرتي آرنڀ ٿي ويئي هئي. مون هٿ کي ڇهيو، پڪڙيو، کيس سهارو ڏيئي اُٿاريو ۽ مندر ۾ وٺي ويس جتي پوتر گڻيش جي آرتي آرنڀ ٿي ويئي، ̀ سک ڪرتا، دک هرتا ̀ هلي رهي هئي. جهانجهه، اگربتيءَ جي سڳنڌ، آرتيءَ جي لئه ته تاڙين جو آواز، گڻيش جي پوتر مورتي، شرڌا، وشواس. منهنجي رڳ رڳ ٺري ويئي. ڏيئن جي مڌيم روشنيءَ ۾ ڏٺم ته شنا جو وساميل چهرو جو ڪجهه منٽ ڪاراٽيل هو، شانت ۽ ٻهڪڻ لڳو. آرتي پوري ٿي. “ شبنم، مون سني نه آندي آهي، مونکي اڄ تون گهر ڇڏي اچ، پوءِ گهر وڃ.” مون ڪنڌ سان ‘ها’ ڪئي.
پنڌ ڪندي شنو مون طرف مخاطب ٿي چيو، بس شاديءَ کانپوءِ نوين ڏهين سالين ۾ مان وڌوا ٿي پيس. مون ۽ آنند ته سندس فيصلي کي عمل ۾ آندو. پر وشال پنهنجي فيصلي کي دليان قبول ڪري نه سگهيو هو. ڀاڄوڪڙ بڻجي سچائيءَ کي نه سويڪاري، اُن سچائيءَ جي حقيقت کي سهي نه سگهيو. پنهنجو ڪيل فيصلو مون مٿان مڙهي هميشه لاءِ مُنهن موڙي ويو. اهو به نه سوچيائين ته مان پهاڙ جيڏي زندگي ڪيئن ڪاٽينديس. سندس ڪيل فيصلي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ شڪتي ڪٿان آڻيندس ؟ سندس آتم هتيا واري قدم مونکي ڀڃي ڀوري ڇڏيو.
منهنجو پُٽ ساگر، ننڍي هوندي کان ئي ضدي، جلدباز، جذباتي، غصي وارو هو. شاديءَ ٿيڻ کانپوءِ ته هو ۽ سندس زال مون سان بلڪل ٺهڪي نه سگهيا. منهنجي گهڻي مٺ محبت جي وهنوار ۽ ٻاڏائڻ کانپوءِ به هوُ ٻئي الڳ وڃي رهيا. منهنجو منجهس بيحد موهه هو، هن کانسواءِ مان ائين تڙڦڻ لڳس جيئن پاڻيءَ بنان مڇي. گهڻوئي سمجهايومانس، آزيون نيزايون ڪيونمانس، پر هو مونکي لڇندو ڇڏي ويو. منهنجو ڄڻ ته ڪرنگهو ٽُٽي پيو. گهر ڇڏڻ وقت ، هن مون مٿان منهنجي هٿ سان لکيل ڊائري ڦٽي ڪئي جنهن ۾ مون سندس جنم جو اتهاس لکيو هو. الائي ڪهڙي غفلت جي گهڙيءَ ۾ هن جي هٿ چڙهي هئي ۽ هن چلائي چيو، “ٻڌ منهنجو فيصلو. ‘تون چرترهيڻ آهين’ تنهنجو فيصلو غلط هو. پاڻ ستي ساوتري نه سڏاءِ ڪُلٽا ! ”
شبنم ننڍي هوندي کان وٺي، ڀاءُ، پيءُ، ماءُ جا فيصلا مون قبول ڪيا، ڪپڙو، کاڌو پڙهائي، شادي هر فيصلو ٻي ڪنهن جو ڪيل پنهنجي پسند، ناپسند، پنهنجي شخصيت جو احساس به مان ڪري نه سگهيم. شاديءَ کانپوءِ وشال جو هر فيصلو اکين تي رکيم. اهڙو ناجائز فيصلو جنهن جو اهڙو آُگرو انت ۽ اڄ منهنجو رت، منهنجو پُٽ به پنهنجو فيصلو سُڻائي هليو ويو. جنهن کي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ سندس پتا اهڙو فيصلو مون مٿان مڙهيو. زندگيءَ جي ڪورٽ ۾ مان اڪيلي گناهگار آهيان، جنهن کي صرف هڪ طرف فيصلي جي عادت وڌي ويئي آهي. مان ڇا ٿي چاهيان شبنم ؟ مونکي ڇا کپي ؟” هوءَ هنياءُ ڦاڙي روئڻ لڳي. “ڇا ڪنهن به استريءَ کي پنهنجي فيصلي ڪرڻ جي اجازت نه آهي ؟ مان اهڙي ڪمزور ڇو آهيان ؟”
مان هن کي سنڀالي کيس سندس گهر تائين اُماڻڻ لاءِ نڪري پيم.
هُن جو گهر اچي چڪو هو. مان کيس گهر ٻاهران اُماڻي، ڳؤري من سان گهر ۾ پهتيم.
گهر جو رڌيو پچايو ڪري، ٻارن ۽ گهوٽ سان گڏ ٽي. وي ڏٺم. ٿورو ڳالهائڻ ٻولائڻ ٿيو. من هلڪو ٿيو. ڪجهه لکڻ پڙهڻ ويٺيم من ٻيءَ ٿيو.
ڪجهه ڏينهن پنهنجين ئي مشعولين ۾ گذري ويا. پنڌ ڪرڻ جي روزمره جي نيم ۾ ٿوري وٿي پئجي ويئي.
هڪ ڏينهن ‘يوگا’ جو ڪلاس سيکاري واپس وريم. گهر ۾ ڪم ڪندڙ مائيءَ نياپو ڏنو، “شنا ديدي ڪا فون آيا ٿا. آپ ڪو جلدي گهر ۾ بُلايا هئه.”
مون هڪدم رئو پاتو، چمپل پاتي، مائيءَ کي ڪجهه رڌڻ پچائڻ لاءِ ٻڌائي، گهروارن لاءِ پني تي نياپو لکيم، ‘دير ٿي وڃي ته اون نه ڪجو’ نياپي تي شنا جو فون نمبر لکيم. شنا جي گهر پهتس. شنا گهر ۾ اڪيلي هئي. “ڇا ٿيو ؟ ايترو جلد اچڻ لاءِ نياپو ڇو موڪليئه ؟ طبيعت ته ٺيڪ اٿيئي ؟ گهر ۾ ڪير به ڪونهي ڇا ؟” مون تڪڙ ۾ ٽي چار سوال پُڇي ورتا.
“شبنم طبيعت ٺيڪ اٿم. پاڻيءَ ڊڪ پيئهُ ” هن پاڻي آڻي ڏنو، مون پيتو. “ چانهه پيئندينءَ؟” مون ڪنڌ هلائيندي نه ڪئي. هوءَ پاسي ۾ اچي ويٺي. منهنجي گوڏي تي ڪنڌ رکي، اکيون پوري ڇڏيائين. اُن وقت هوءَ مونکي ننڍڙو ٻار لڳي رهي هئي. مون سندس مٿي تي لولي ڏيڻ وانگر ٿڦڪيون ڏيڻ شروع ڪيون.
“شبنم، تو جهڙي پنهنجائپ ۽ پيار ڀري، همدرد، وشواس جوڳي ۽ درد چوسي وٺڻ واري ساهيڙي ملڻ کانپوءِ توسان من سلڻ کانپوءِ، منهنجن زخمن جا ٽاڪا اُکلجي پيا آهن، ماضيءَ جون ڪؤڙيون يادگيريون تکيون ٿينديون ويون. مان توسان اندر اورڻ لڳس. آٿت ملڻ لڳ. هاڻ ته توکان ڪجهه به لڪائڻ تي من نٿو ٿئي هيءُ به نه.”
ائين چئي شنو منهنجي هٿ ۾ هڪ چٺي ڏني ۽ چيائين ته، “ پڙهه ”.
مون کائنس آترويلا مان پڇيو، “ خط ڪنهنجو آهي ؟ ”
“هيترن سالن کانپوءِ آنند جو مون ڏانهن پهريون دفعو لکيل خط، آمريڪا مان آيو آهي.”
مون خط پڙهڻ شروع ڪيو، شنو، وشال جو ڪيل فيصلو، زبردستي، لحاظ، دوست جي دل نه دکائڻ جي ڪانئرتا بس هڪ کڻ جي ڪمزوري جنهن منهنجي ضمير تي ايتري ملامت ڪئي، جو اُن ڪڌي ڪرتوت ڪرڻ کانپوءِ، مون شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ توهان سڀني جي سامهون مرڻ تائين نه اچڻ جو قسم کاڌو هو. پر ببلوءَ جي جنم ڏينهن تي وشال جي ڪوٺڻ تي قسم ڀڃي آيس پر پنهنجي جذبات کي روڪي نه سگهيس. منهنجي هلت وشال کي الائي ڪهڙو ڏنگ هنيو جو هُن آتم هتيا ڪئي. مان ڏوهاري ڀاونا ۾ گرفتار ٿي ويس. وري مون پنهنجو منحوس منهن توهان کي نه ڏيکاريو.
“ شنو، تون هيءُ خط ڏسي وائڙي ٿي ويئي هوندينءَ. توهان جي پاسي ۾ رهندڙ هڪ ڪٽنب هتي تازو آيل آهي. حال احوال وٺڻ کانپوءِ خبر پئي ته هو توکي چڱيءَ طرح سڃاڻن. اُنهن کان خبر پيئي ته ٻن سالن کان تون اڪيلي رهندي آهين. جنهن اؤلاد لاءِ تو هيتريون قربانيون ڪيون، هو به توکي اُن وقت اڪيلي ڇڏي وڃي الڳ رهيو آهي، جنهن عمر ۾ توکي سهاري، پيار، سيوا جي سخت ضرورت آهي، نالائق ڪٿان جو. شنا، تون هر طرح اڪيلي آهين. مون به هيل تائين اڪيلي زندگي گذاري آهي. الائي زندگيءَ جا گهڻا ڏينهن، مهينا، سال رهيا آهن، ڇا تون باقي بچيل زندگيءَ جا ڪجهه پل اڪيلائپ جا مونسان ورهائيندينءَ ؟ هتي اچي مون سان گڏ رهندينءَ . اسان ٻنهي جي هن اڪيلائپ واريءَ زندگيءَ کي هڪ نئون موڙ ڏينديءَ؟ منهنجو مانسڪ آڌار ٿيندينءَ؟ منهنجي ٻڍاپي جو سهارو بڻجندينءَ ؟ مونکي پنهنجي ضمير جي مار کان بچڻ جو هڪ موقعو ڏيندينءَ ؟ مونکي تنهنجي آٿت ۽ آڌار جي سخت ضرورت آهي. خاص ڪري هن بي ڀروسي واريءَ عمر ۾.
خط پڙهي مون پورو ڪيو. هن سوالي نگاهن سان مون ڏانهن نهاريو. موٽ ۾ مون سامهون ٽنگيل گهڙيال ۾ ڏٺو. وقت ڏاڍو وڌي ويو هو. مون سندس وارن تي هٿ گهمايو ۽ آهستي آهستي اُٿي کڙي ٿيم. “شنا وقت تمام گهڻو ٿي ويو آهي. ٻڌ، پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو پهريون دفعو تون پاڻ ٿي ڪندينءَ. تنهنجي انترآتما، تنهنجو سونهون بڻجي، توکي رستو ڏيکاريندي، اها مونکي پڪ آهي.” هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئي رهي هئي. مون سندس نرڙ تي هڪ مٺي ڏني. منهنجي چهري تي مونالسا واري ڳجهارت ڀري، معنى ڀري مُرڪ هُئي.