ڪھاڻيون

عبادت

هي ڪتاب “عبادت” هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن.
Title Cover of book عبادت

2. چڪر ويوه

مونيڪا جڏهن پنهنجي سيٽ ڇڏي اُٿي بيٺي ته مان وائڙي ٿيس. ڇاڪاڻ جو چڱو وقت بيهڻ کانپوءِ بس ۾ اسان ٻنهي کي ويهڻ لاءِ سيٽ ملي هئي. مون ان بس جي سيٽ ڏانهن نهاريو جتان هوءَ چڙي ۽ وياڪل ٿي اُٿي بيٺي هئي. ٽيويهن ـ چوويهن سالن جو هڪ ڇوڪرو اُتي ويٺل هو، جو پنهنجن خيالن ۾ ئي گم ٿي لڳو. هو دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. لڳ ڀڳ اُن عمر جو پُٽ مونيڪا ديديءَ کي هجي ها ! هو مونيڪا جي رد عمل کان بلڪل اڻ ڄاڻ پنهنجن ئي پورن ۾ پيو لڳي. مونيڪا اشاري سان ڏيکاريو ته اهو ڇوڪرو کيس ڇُهڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
چار پنج منٽ گذريا ته وري مونيڪا جو آواز آيو، “سريتا، اچ ته ايندڙ اسٽاپ تي لهي پئون.” هوءَ آس پاس بيٺل مردن ڏانهن خونخوار اکين سان نهاري رهي هئي. ڄڻ ته سڀ مرد کيس ڪچو کائي وڃڻ جي سازش ڪري رهيا هئا. مون هن جي ڳالهه مڃڻ ۾ ئي پنهنجي سلامتي سمجهي. مان من ئي من ۾ سوچڻ لڳيس ته 55 سالن کي به پار ڪندڙ مونيڪا هيءُ غير رواجي وهنوار ڇو ڪري رهي آهي ؟ هوءَ اُتاولي ٿي ڳالهائيندي پئي ويئي. “مان انهن مردن جي ذات کي خوب سڃاڻان” ۽ هوءَ تيستائين مردن جون بُرايون ڪندي رهي جيستائين اسين اچي پنهنجيءَ مقرر ٿيل جڳهه تي پهتيوسين.
مونيڪا سان منهنجي ملاقات پهريون دفعو عجيب نموني ٿي هئي. مان شام جو ڪجهه خريد ڪرڻ ۽ پنڌ ڪرڻ جي خيالن کان گهر مان نڪتي هئس ۽ فوٽ پاٿ تي هڪ عورت کي پاڻ ڏانهن لڳاتار گهوريندي ڏٺم. وچولي قد، سانوري رنگ سندر اکين واري، سنهري، هلڪي رنگ جا ڪپڙا پهريل، هٿ ۾ ٻه سونيون چوڙيون، گلي ۾ ننڍو منگل سوتر پيل. هن اڳرائي ڪندي چيو، “هئلو ! مان مسز مونيڪا آهيان. توهانجا وار تمام سٺا ڪٽيل آهن. توهان ڪٿان وار ڪٽايا آهن ؟ ڇا توهين وقت ڪڍي مونکي وٺي هلندا؟” مون صاف دليءَ سان کيس پنهنجي بيوٽي پارلر جو نالو ٻڌايو ۽ کيس ائڊريس ٻڌائي. هن چيو، “مان هن شهر ۾ نئين آيل آهيان، چند مهينا ٿيا آهن، هن شهر ۾ آيا آهيون. منهنجو گهوٽ فئڪٽريءَ ۾ وڏي عهدي تي آهي. هلندا مون سان گڏ سڀاڻي ؟ ” ۽ مون ‘ها’ ڪئي.
اهڙي نموني هن پهرين ملاقات ۾ ئي منهنجي گهر، گهر جي ڀاتين، پاسي وارن، نؤڪرن، نؤڪريءَ ۽ منهنجو روزانو ٽائيم ٽيبل ڄاڻي ورتو.
ٻئي ڏينهن مقرر ٿيل وقت، ٺيڪ پنجين بجي منهنجي گهر اچي پهتي. پر هاڻ هوءَ روز به روز ڪو نه ڪو ڪارڻ ڳولهي، منهنجي گهر اچڻ لڳي ۽ هي ته ڏيکار، هوُ ته ڏيکار ڪندي لڳ ڀڳ روز اچڻ لڳي.
مان نؤڪري ڪندڙ، صبح جو ڇهين بجي گهر مان نڪري منجهند جو ٻين ـ اڍائي بجي گهر ۾ پهچي، مشغولين جي منهن پوندي هئس. گهر ۾ اٺون نائون درجو پڙهندڙ ٻه ٻار. سندن کاڌي پيتي، هوم ورڪ ڏسڻ، سندن ڳالهيون ٻڌڻ ۽ روزمره جا سندن مسئلا سلجهائڻ، اُن سان گڏ سڄي گهر جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ، سڄي گهر گرهستي ايمانداريءَ سان سنڀالڻ. نؤڪري ڪرڻ کانپوءِ مشغول وقت کان چورايل پل، مون لاءِ بيحد ملهائتا هوندا هئا. شام جو اڪيلي اڪيلي پنڌ ڪرڻ ۽ پنهنجي ئي پورن ۾ رهڻ ۽ ان بهاني گهر لاءِ ڀاڄيون وٺي اچڻ مونکي بيحد وڻندو هو.
مونيڪا جي روز ـ روز اچڻ سان، سڄو گهر ڊانواڊول ٿي ويو. ڪنهن به ڪم کي مان مقرر ڪيل وقت نه پئي ڏيئي سگهان. ٻار پريشان، گهر گندو، مطلب ته سڀ اُلٽو سلٽو ٿيڻ لڳو ۽ آخر مون فون ڪري کيس چيو، “مونيڪا، دل ۾ نه ڪجانءِ، ٻارن جا امتحان ويجها آهن، ٻه هفتا کن مهرباني ڪري مون وٽ نه اچ” ۽ هُن اها ڳالهه قبول ڪئي.
اٺن ڏهن ڏينهن کانپوءِ منهنجيءَ ڌيءُ جنهن حالت ۾ کيس ڏٺو، ان منهنجي من کي رجائي ڇڏيو. ميرا ڪپڙا، چهرو زرد، شرير پي ڌڏيس، ڄڻ ته پاڻ سان ڳالهائيندي پئي ويئي. منهنجيءَ ڌيءُ کي به نه سڃاتائين ۽ سندس ساهيڙين مونيڪا کي پاڳل يا بدحواس عورت سمجهي کِليو.
الائي ڇو ؟ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي، هن لاءِ منهنجي من ۾ بيحد همدرديءَ جو جذبو جاڳيو. مهيني ڏيڍ ۾ هن مونکي ڪو خاص شڪايت جو موقعو نه ڏنوهو، پر ڪڏهن ڪڏهن مونکي سندس عجيب وهنوار نارمل نه لڳندو هو. ٻه ٽي دفعا هن اهو وهنوار دهرايو هو.
ڪنهن دڪان تي اسين جي شاپنگ ڪرڻ وينديون هيوسين ته دڪاندار کي عجيب آواز ۽ اسٽائيل سان هوءَ چوندي هئي، “هيءُ ڇا ٿا ڏيکاريو ؟ هيءَ شيءِ ته ڪنهن ڪشور اوسٿا واريءَ کي سونهندي. مان ڪشوري (Teenager) ٿورو ئي آهيان. ” دڪاندار اُن جملي چوڻ واريءَ ڏانهن فطرتي طور ضرور نهاريندو . ڪو چالاڪ دڪاندار مرڪي چوندو هو، “ڀيڻ توهان ايڏا وڏا نٿا لڳو.” ته سندس چهرو ٻهڪندو هو ۽ هوءَ اُن دڪاندار وٽان خريداري ڪندي هئي. مان سندس ان ڳالهه تي ناراض به ٿيندي هئس. پر هن دليل ڏيندي چيو هو، “ مونکي هو ننڍين جون شيون ڇو ٿا ڏيکارين ؟” مون هن کي سمجهائيندي چيو، “تون هنن کي اهو ته Suggest ڪري سگهين ٿي مون کي ڇڊا رنگ ڏيکاريو، ننڍيون نازڪ ڦليون ڏيکاريو. هر ڳالهه ۾ عمر جو ذڪر ڪرڻ ٺيڪ نٿو لڳي. هر ڪنهن انسان جو کائڻ، پيئڻ، پائڻ جي پنهنجي شخصي پسندي هوندي آهي. هر ڳالهه ۾ عمر کي ٽنگڻ يا پنهنجين پسندين جو ليڪچر ڏيڻ غير واجبي ۽ غير شانائتي ڳالهه آهي. ”
مونيڪا شايد بحث ڪرڻ جي موڊ ۾ هئي. چي، “ڪي زالون گهاٽي رنگ وارا، چمڪيلا، ريشمي ڪپڙا ۽ عجيب زيور پائينديون آهن. عمر کي وسارڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. مان اُنهن زالن مان نه آهيا ۽ مونکي اُنهن عورتن تي خوب غصو ايندو آهي.”
سندس دليل ٻڌي مونکان وڏو ٽهڪ نڪري ويو. “تون پنهنجي شخصي پسندي ٻين تي ڇو ٿي مڙهڻ چاهين ؟ توکي ڪنهن اهو حق ڏنو آهي ؟ ۽ توکي من ۾ نه ٿئي ته هڪ ڳالهه ٿي چوانءِ، ٻڌ، تون انهن سڀني زالن کان وڌيڪ عمر وسارڻ جي ڪوشش ۾ آهين. اڇن وارن کي ڪارو يا برائون ڪري ڇڏڻ. هڪ به اڇو وار ڏسڻ ۾ نه اچي اُها ڪوشش، بيوٽي پارلر ۾ وڃڻ، مالشون ڪرائڻ ۽ ناز نخرن سان ڳالهائڻ، ڇا اهو سڀ عمر کي وسارڻ جي ڪوشش نه آهي ؟ صرف ڪپڙن جي رنگن ۾ اٽڪي پيئي آهين.”
هڪ پل لاءِ هن جو چهرو وسامي ويو ۽ آهستي آهستي هوءَ آئيني جي اڳيان بيٺي ۽ مونجهايل چهري سان هن ٻڌايو، سريتا تون سڀ سچ ٿي چوين. ننڍي هوندي کان هڪ سئي آهي جا چڀيل آهي سيني ۾. اسين ٽي ڌيئر هيوسين. مان سڀ کان وڏي، ٻه ننڍيون ڀينرون. مان صاف رنگ جي نه هئس. ممي منهنجي لاءِ هلڪي رنگ جا ڪپڙا آڻيندي هئي ۽ سهڻين ڀينرن لاءِ گهاٽي رنگ جا، ريشمي ۽ اُچا. هميشه مونکي عمر جو احساس ڏياريندي هئي. تون وڏي آهين. ننڍين ڀينرن کي چوڙڻ، ماڻڻ ڏي، پر من ئي من ۾ مان اهي قربانيون ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس. منهنجيون ٻئي ڀينرون اُچا سُٺا ڪپڙا پائي شهزاديون لڳنديون هيون ۽ مان اُجهاميل ۽ وساميل. نتيجو مونکي جيڪي ڏسڻ ايندا هئا اُهي منهنجين ڀينرن کي پسند ڪندا هئا ۽ ٻنهي ننڍين ڀينرن جي شادي به مونکان اڳ ۾ ٿي ويئي. مونکي خوبصورت عورتن کان چڙ آهي، هو سڀ ڪجهه کسي وٺنديون آهن.” مان سندس ويچار ٻڌي ڪجهه چوڻ چاهيو پي ته در تي گهنٽي وڳي. گهر ۾ اوندهه لڳي پيئي هئي. بتي ٻاري، منهنجو گهوٽ گهر ۾ آيو ۽ مونکي ماني رڌڻ ۾ به دير ٿي ويئي هئي. تڪڙ ۾ مونيڪا کان موڪلايو. پر من ئي من ۾ مون اهو فيصلو ڪيو ته مونيڪا هڪ منووگيان جو وشيه آهي جنهن جو اڀياس مان ضرور ڪنديس ۽ سندس باري ۾ وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو چاهه مون ۾ پيدا ٿيو.’
ڇنڇر جو ڏينهن هو. مان پنهنجي روزاني ڪم ۾ ۽ هميشه وانگر ويچارن ۾ ٻڏل هئس. فون جي گهنٽي وڳي. مان پنهنجن خيالن کان يڪدم ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري آيس. مونيڪا جو ئي فون هو. سندس آواز ۾ ڏڪڻي هئي، “سريتا، جلدي گهر اچ. مونکي تنهنجي سخت گهرج آهي” ۽ هن پنهنجي گهر جي ائڊريس ڏني. سندس آواز ۾ ڪجهه اهڙو هو، جنهن منهنجيءَ دل کي ڇُهيو. سڀ ڪم ڇڏي، گهوٽ کي فون تي اطلاع ڏيئي، مان سندس گهر پهتس.
گهر جو دروازو هن ئي کوليو. هوءَ تمام ٿڪل، ٿڪل ٿي لڳي. ٻئي صوفا تي ويٺيوسين ۽ مون کانئس حال احوال پڇڻ شروع ڪيو. هوءَ تمام اُداس ٿي لڳي. شاريرڪ طرح هوءَ ٺيڪ هئي. پر جڏهن مون کانئس سندس باري ۾ پڇيو ته هُن چيو، “صبح کان الائي ڇو من ڏاڍو گهٻرائي رهيو هو، اصل آپگهات جا ويچار اچي رهيا هئا. اڪيلي اڪيلي جو ويٺي آهيان.” مون دنياداريءَ واري نوع ۾ پڇيو، “ تنهنجا ٻار ڪٿي آهن ؟ ” هن عجب وٽان مون ڏانهن نهاري چيو، “ٻار ؟ مونکي ٻار ڪونهن. نه ئي ٻارن پيدا ڪرڻ جو شوق آهي. مونکي ته ٻار وڻن ئي ڪونه. ”
سندس ويچار ٻڌي مان ڌڏي ويس. من ئي من فيصلو ڪري ورتم ته سندس شخصي زندگيءَ کي ڄاڻڻ جو. وايومنڊل ۾ هن جي ڪؤڙي ڳالهائڻ جي ڪري تناو محسوس ٿيڻ لڳو. سو اهو گهٽائڻ لاءِ مون وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيم، او ڪي. ! مونيڪا چانهه به نه پيئاريندينءَ ؟ پاڻي ته گهٽ ۾ گهٽ کپي، ڪِچن ڪٿي آهي ؟ مان پاڻ ٿي پاڻي ڀري اچان. هن ڇرڪ ڀري‘ساري’ چيو ۽ پاڻ ڪِچن ۾ هلي ويئي.
مون ٿوريءَ وقت ۾ سندس سڀاؤ، پسندي ۽ خيالات ڄاڻڻ جي خيال کان، هال جو جائزو ورتو. سڀ کان وڌيڪ مونکان ڇرڪ نڪري ويو جڏهن ويڊيو اڳيان رکيل ڪجهه ويڊيو ڪئسيٽ ڏٺا. اُنهن مان گهڻا ئي فاحش هئا. ٽيبل تي رکيل مئگزينون به ڪجهه اهڙيون ئي هيون.
چانهه پيئندي مون کائنس خانگي سوال پُڇڻ شروع ڪيا. جنهن مان خبر پيئي ته سندس گهوٽ گهڻو ڪري فئڪٽريءَ جي ڪم سان گهر کان ٻاهر رهندو هو. فئڪٽريءَ ۾ نؤڪري ئي اهڙي هئس. پنهنجيءَ واندڪائيءَ جو وقت هوءَ ويڊيو ڏسي، مئگزينس پڙهڻ ۾ گذاريندي هئي. سندس ڪالونيءَ ۾ ڪابه استري هن جي ساهيڙي ٿيڻ جي لائق نه آهي. ڪارڻ پڇڻ تي هن ٻڌايو، “سڄو وقت ٻارن ۽ گهوٽن جون ڳالهيون ڪنديون رهنديون آهن ۽ انهن ٻنهي شين ۾ منهنجي دلچسپي ڪونهي. مان ڇا ڳالهايان؟ مونکي اهي ڳالهيون وڻن ئي نه ” هن دهرايو ۽ غصي وچان سندس شرير ڪنبڻ لڳو. وشيه بدلائڻ لاءِ، مون پنهنجي پرس مان هڪ بوهيچڻن جي پڙي ڪڍي کيس آڇيندي چيم، “اچ ته کائون. ” هن ان پڙيءَ کي پري هٽائيندي چيو، “مان ٻارن وانگر پڙين ۾ بوهي چڻا کائڻ پسند نه ڪندي آهيان. هن عمر ۾ سونهين ٿو ؟ ” هن حقارت وچان بوهي چڻن کي ڏسندي چيو. مونکي من ئي من ۾ خوب غصو آهي. سوچيم، اچي ويئي وري عمر تي، هاڻ ڇا ڳالهايان ؟ جنهن ۾ عمر نه اچي، ٻار ۽ گهوٽ به نه اچي. ڪي لڪل ڏنگ آهن جي کيس لڳن ٿا، انهن وشين تي. خير، ٿورو وقت هيڏانهن هوڏانهن جون بي مطلبي ڳالهيون ڪري مون کانئس رخصت ورتي.
گهر ۾ اچڻ سان ئي وري مان، روزمره جي مشغولين ۾ گُم ٿي ويس. ڪي ڏينهن منهنجي نڻان به ٻارن سوڌي مون وٽ رهيل هئي ۽ مان پنهنجي لاءِ به چند گهڙيون حاصل نه پيئي ڪري سگهان. مس اڄ موڪل جو ڏينهن مليو ۽ ٻارن سان به بي اوني ٿي ٽي وي ڏسي رهي هيس. دروازي تي گهنٽي وڄڻ جي بدران زور سان ڪوئي ٺڪ ٺڪ ڪري رهيو هو. آواز تمام زور سان هو، منهنجيءَ ڌيءُ اٿي دروازو کوليو.
بدحواس مونيڪا گهر ۾ داخل ٿي. هن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ اندرين ڪمري ڏانهن گهلڻ لڳي. مون ٻارن کي اِشارو ڪيو ته اُتي ئي ويٺا هجن. هوءَ گهليندي مونکي ڪمري جي دريءَ وٽ وٺي آئي ۽ رستي طرف اشارو ڪندي چيائين، “ ڏس، هي گندا مرد، منهنجو پُٺِ وٺي رهيا آهن ۽ مونکي ڏسي گندا اشارا ڪري رهيا هئا. مان سهڻي ۽ ننڍي جو ٿي لڳان.” مون کيس ڌونڌاريندي چيو، “مونيڪا هي ته ننڍا ڇوڪرا آهن. جي توکي ٻار هجن ها ته انهن جيترا هجن ها! توکي ڇو چيڙائيندا ؟ تو ڏانهن ڇو نهاريندا ؟ جڏهن هنن جون هم عمر ڇوڪريو رستي تي گهمي رهيون آهن. مونيڪا هنن ڇوڪرن جي نظر ۾ تون سندن ممي يا وڏي آنٽي آهين. هو ته پنهجي ئي مؤج ۾ مگن ڳائيندا پيا وڃن.”
هڪ پل ۾ هن جو جو چهرو وسامي ويو ۽ هميشه وانگر آئيني ۾ پاڻ کي ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. مون ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو، متان ٻار اسانجي گفتگو ٻڌن. ٿورو وقت آسائش ۽ آرام ڪرڻ کانپوءِ هوءَ هلي ويئي. مون لاءِ سوال، اُڻ تڻ ۽ هن جي باري ۾ سوچڻ لاءِ مجبور ڪري. هڪ ضد پئدا ٿيو منهنجي من ۾ ‘هن کي سمورو ڄاڻڻ جو’.
ٿورن ڏينهن کانپوءِ مونيڪا ۽ منهنجي گڏجاڻي هڪ چمپلن جي دڪان تي ٿي. خريداري ڪري اسين پاسي واري هڪ سانتيڪي ريسٽارنٽ ۾ گهڙي ويوسين. ڪولڊ ڊرنڪس جو آرڊر ڏنوسين. مون کانئس سوال پُڇي ورتو، “تنهنجو گهوٽ گهڻو ڪري غائب ڇو ٿو رهي ؟ اهڙي ڪهڙي نؤڪري ؟ اهڙي ڪهڙي مجبوري آهي ؟ ”
“مان اڌوري عورت جو آهيان ! مون گهڻائي علاج ڪرايا پورڻتا پائڻ لاءِ، ٻار منهنجي گهوٽ کي به وڻندا آهن ۽ مونکي به. پر مان هن جڏي جسم کي ڇا ڪيان ؟ ڦڪيون، علاج، دعائون وئرٿ ويون ۽ ڍڳ پئسا به. مون ته ممتا جو در بند ڪري ڪلف چاڙهي چاٻي ڦٽي ڪري ڇڏي ڪنهن سمنڊ ۾ ۽ گهوٽ کي وس ۾ رکڻ لاءِ شرير کي سجايم، سنواريم، جاڳايم. رچنا نه ڪندڙ هن شرير کي مينڪا بڻايم. منهنجي چال، شڪل، آواز، گهر جي وايومنڊل ۾ واسنا سمائجي ويئي. جيئن منهنجو راڻو مون سان ريجهيل رهي. هو مونکي ڇڏي نه وڃي. هن عمر ۾ اهو سڀ ڪجهه مون لاءِ ڪيترو مشڪل هو سريتا!”يڪساهي ايترو ڳالهائڻ کانپوءِ هوءَ ٿڪجي پيئي هئي. هن جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. اسان جون آرڊر ڪيل شيون ويٽر رکي ويو ۽ چپ چاپ مان آرينج جوس ۽ هوءَ ڪولڊ ڪافي جا ڍُڪ ڀرڻ لڳيوسين ۽ ختم ڪري ٻاهر نڪتيوسين.
ٻاهر نڪرندي ئي مون گجري وارو ڏٺو. مونکي موگري جا اڇا سرهاڻ وارا گل بيحد وڻندا آهن. ٻه گجرا ورتا، هڪ مون پاتو ۽ هڪ کيس پائي ۽ تمام پاٻوه مان ڏانهنس نهاريم. سندس اکين ۾ ڳوڙها اٽڪيل هئا. جن کي اکين اندر لڪائڻ جي هوءَ بي حد ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ هن منهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو. مون هن کي هلڪي چهنڊڙي پائيندي، شرارتي نوع ۾ چيو، “ته پتيءَ جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ تو هيترا جتن ڪيا ؟ شاباس ! هن عمر ۾ به . . . خير تون به ته ساوتري ٿينءَ جو ستيوان حاصل ڪيئه.”
منهنجي پيار ڀريءَ ڳالهه جو اثر به الائي هن تي ڪهڙو پيو جو هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ لرزندي چوڻ لڳي، “مان ڪجهه به وڃائڻ نٿي چاهيان. حاصل ڪرڻ ٿي چاهيان مونکي ديا ۽ همدردي نه کپي. ورهايل پتي نه. پر سمورو، من ۽ تن سان صرف مونکي چاهيندڙ. پر الا ! سريتا ائين نه ٿيو” ۽ هن جي اهڙي حالت ڏسي مان گهٻرائجي ويس ۽ يڪدم آٽو رڪشا سڏائي ۽ ٿورو سهارو ڏيئي کيس اندر داخل ڪيو ۽ کيس چپ ڪري ويهڻ جو اشارو ڪيو. هڪ ڏاهي ٻار جيان هن منهنجو چيو مڃي وڦلڻ بند ڪيو، پر ڦٿڪندي ۽ لڇندي رهي. مون سندس ڪنڌ پنهنجي ڪلهن تي رکيو ۽ آهستي آهستي مٿي تي آڱريون ڦيرائڻ لڳس، هن کي ٿورو آرام ۽ آٿت اچي رهيو هو.
گهر اچي مون کيس اندر ڪمري ۾ ليٽايو. پاڻي پيئاريو، گرم ڪافيءَ جو اڌ ڪوپ پيئاريو. هن اکين ئي اکين ۾ منهنجا شڪرانا بجا آندا. مون سندس هٿ پڪڙي پيار ۽ ميٺاج ڀري لهجي سان پڇيو، “مونکي هاڻ ۽ اڄ سڀ ڪجهه ٻڌاءِ، بس هاڻ نه لڪاءِ، ڇا ٿيو ؟ ”
“منهنجي پتيءَ فلئٽ منهنجي نالي تي ڪيو آهي، ماهوار خرچ به ڏيندو آهي. مهيني ڏيڍ چڪر به هڻندو آهي. ٿورا ڏينهن ٿيا هوُ آيو، ڀڄنن جي ڪئسٽ وٺي. ديوارن تي ديوتائن ۽ سنتن جا چتر لڳائي ڇڏيائين. مون لاءِ ڍڳ ڌارمڪ ڪتاب آندائين ۽ مونکي ستسنگ ۾ وڃڻ لاءِ صلاح ڏنائين تن ۽ من کي شانت ڪرڻ جا اُپار ٻڌائڻ لڳو.”
مون چيو، “تمام سٺو، اهو ته آنند مارگه آهي، توهان ٻنهي جي ان ۾ ڀلائي آهي.”
هن تمام ڏکاري آواز ۾ چيو، “ ٻنهي لاءِ نه، صرف مون لاءِ. ”
مان سوالي نظر سان کيس نهارڻ لڳم. مونيڪا آهستي آهستي دريءَ جي ويجهو وڃي بيٺي ۽ تازي هوا سواسن ۾ سمائڻ لڳي. “ٻڌ سريتا، منهنجو پتي، هڪ ڪامي پرش هو. نؤڪري ۽ ٽوئرنگ جو بهانو ڪري، الائي گهڻن گهاٽن جو پاڻي هو پي ايندو هو. طرح طرح جون دوائون ۽ مون مٿان به الائي گهڻا تجربا ڪندو رهيو، مان به کيس وڃائڻ نه پيئي چاهيان. بس جيستائين هلي سگهيس، هليس. پر . . . آخر ۾ هن بئنگلور ۾ شادي ڪري ڇڏي، ٻاويهن سالين جي ڇوڪري آهي ۽ اُن مان کيس هڪ ٻار به آهي. ”
مون کيس سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ئي ڪپيندي چيو، “متان ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو هجي، متان ٻڌل ڳالهين تي ڀروسو ڪرين ! ”
هوءَ هنيانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي ۽ سڏڪندي چوڻ لڳي، “هن پاڻ ئي مونکي ٻڌايو. ان ڳالهه کي ڇهه اٺ مهينا ٿيا ۽ ان دؤر ۾ ئي سريتا تون مونکي گڏينءَ ۽ مان توکي چنبڙي پيس، هن عمر ۾ جاڳايل شرير، مئل من، ڀٽڪيل آتما کڻي، مان پيئي ڀٽڪان، منهنجا ٻئي جهان ويا، نه هتان جي نه هُتان جي . . . هي مرد . . . ” بس پوءِ ته مونيڪا مرد ذات لاءِ . . . . ڌوڙيو وسائيندي رهي. ‘مرد́’ اکر سان سندس اکيون خؤفناڪ ٿي رهيون هيون. ڪو زلزلو اچي ويو، جنهن کي شانت ڪرڻ ۾ منهنجي همٿ به جواب ڏيئي بيٺي هئي. مون سندس ٿڌن ۽ پگهريل پيرن کي مالش ڪرڻ شروع ڪئي. ڪمري جون دريون کولي ڇڏيون. ڀرپور هوا ملي کيس، ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيس مان؟ مون سندس مٿي تي هٿ گهمائڻ شروع ڪيا ۽ آهستي آهستي بلڪل سر گوشي ڪندي کيس شانت رهڻ لاءِ چوڻ لڳس. “مونيڪا سويڪار ڪر. پنهنجي تتل من کي ٿڌو ڇنڊو هڻڻ جي ڪوشش ڪر. ڪٿي ڪا ننڍي وڏي نؤڪري ڪري، من کي رماءِ. جيڪي ٿي چڪو اُن کي بدلائي نٿو سگهجي. ان جو اثر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪر. تون ضرور ان حالت مان ٻاهر نڪرندينءَ، مونکي پڪ آهي، مان آهيان نه توسان.”
هن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڦڪي مرڪ مرڪي. اڌ ڪلاڪ کن هن کي پنهنجي گهر ۾ آرام ڪرائي مان کيس اڪيلي گهر ۾ اڪيلي ڇڏي آيس.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون کيس پنهنجي هڪ ڄاڻ سڃاڻپ واري ڊاڪٽر جي ڪلنڪ ۾ هڪ ننڍڙي نؤڪري وٺي ڏني جيئن سندس چند ڪلاڪ مشغول گذرن، پر حال احوال پڇڻ مان خبر پوندي رهي، هوءَ پنهنجو من رمائڻ ۾ اسمرٿ ٿي رهي آهي. چئن پنجن ڏينهن کان هوءَ اُتي عير حاضر رهي ۽ گهر ۾ به جڏهن فون ڪيان پيئي ته ڪوئي کڻي نه پيو.
آخر مونيڪا ئي اچي پهتي منهنجي گهر. چهرو پيلو، هٿن ۾ ڏڪڻي، مونکي گهلي دريءَ وٽ وٺي آئي ۽ پنهنجي اڳ ۾ ڪيل ورتاو جو دهراءُ ڪرڻ لڳي، “ ڏس، هو گندا مرد مونکي چيڙائين ٿا . . . .” ۽ بس الائي ڇاڇا چوندي پيئي وڃي، مون ڏانهنس نهاريم ۽ هڪ ٿڌو ساهه کڄي ويو. اُف ! هڪ عمر جي چڪرويوه ۾ ڦاسي، هوءَ پاڻ پنهنجي دشمن بڻجي پيئي آهي، حالتن جو شڪار مونيڪا! ڇا هوءَ هن چڪرويوه مان نڪري سگهندي ؟؟؟ مون آسمان طرف نهاريو.