6. رشتا
سنڌيا سان هم ڪلام ٿيڻ مونکي بيحد ڏکيو ڪم لڳندو هو. غزل پڙهڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجو پاڻ ۾ ئي گم ٿي ويندي هئي. آس پاس جي وايومنڊل کان گهڻو ڪري بي نياز. جڏهن سڀ سندس فن ۽ سونهن جي ساراهه ڪندا هئا، هن جون نگاهون الائي ڪٿي هونديو هيون، ڪنهن تي هونديون هيون، خبر نه پوندي هئي. پر سندس منهن تي هڪ مُرڪ ضرور هوندي هئي تنهن ڪري سڀني کي تسليَ هوندي هئي ته ناشڪري ڪانهي. هيتري ساراهه ڪرڻ تي هوءَ احسانمندگيءَ جو احساس ڏياريندي هئي، هڪ مٺڙي مرڪ سان جا پنهنجائپ ۽ پيار سان ڀريل هوندي هئي.
مشاعري ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ پنهنجين ڳالهين ۾ پورا هئا. ڪو ساراهي رهيو هو ڪنهن کي، ڪو گلا ڪري رهيو هو.
اڙي باپ ري ! ! هوءَ ته مون طرف اچي رهي هئي. منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي رهي هئي. “نمستي” سنڌيا ڪئي. “واڌايون هجن توهانکي” مان وائڙو ٿي ڏانهنس نهارڻ لڳس. “انعام ملڻ لاءِ واڌايون ٿي ڏيانو. مان توهانجي ‘رباعين’ جو اهو ڪتاب نه پڙهيو آهي. خوب ساراه ٻڌي اٿم”. مون اکيون هيٺ ڪري شڪريه بجا آندا. “ شايد Introvert آهيو؟ يا لڄارا؟ يا تنهائي پسند؟ هميشه ڪنڊ ۾ چپ چاپ ويٺا هوندا آهيو. شايد گهرو سوچيو ٿا، جو انعامن پٺيان انعام پيا کٽندا وڃو.” مان الائي ڇو ڪجهه به ڳالهائي نه پيو سگهان، صرف چهري تي بس خوشگوار ڀاوَ هئا اها پڪ هيم. هن اڃان ڳالهائڻ جو سلسلو وڌايو، “مسٽر ديپڪ، مون توهان جا سڀ ڪتاب گهڻو ڪري پڙهيا آهن. پنهنجو لکيل رباعين جو ڪتاب ضرور ڏجو” چئي هوءَ اڳتي وڌي ويئي، سندس پنهنجائپ منهنجي من کي ڀانئجي ويئي.
مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهڻ لڳس. يار، دوست حسد ۽ حسرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. منهنجي سوچ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ضرور هوءَ به مون طرف ايترو ڌيان ڏيندي هوندي، تڏهن ته ائين وهنوار ڪيائين ڄڻ ته سالن کان نه . . . نه صدين کان سڃاڻي. منهنجو تن من رومانس ۽ رومانچ سان ڀرجي ويو.
ڇهين مهيني کانپوءِ وري هڪ مشاعرو هو. مان اڄ خوب سٺي نموني سان تيار ٿيڻ لڳس. نهرو ڪڙتو، پاجامو، جئڪيٽ ۽ شاعرن واري شال به ڪلهي تي لٽڪايم. گهرواريءَ کان لڪائي پهريون دفعو پائوڊر جو پف به لڳايم. مان پنهنجو پاڻ کي به وڻڻ لڳس. پنهنجي لکيل ‘ربائي’ مجموعي کي به سهڻو ڪور لڳايم. اندر هڪ گلاب جو گُل به وجهي ڇڏيم. سنڌيا کي ڏيڻو هو. ڪيئن ڪتاب پيش ڪندس، ان جي ريهرسل به آئيني سامهون ٻه ٽي دفعا ڪري ڇڏي. چهري جا ايڪسپريشنس به ٺاهيم ته جيئن وڌيڪ سندر لڳان.
منچ تي ڄڻ ته سنڌيا ڇانئي پئي هئي. . . . . اڄ هوءَ هڪ شرنگارڪ ڪوتا، ترنم ۾ گنگنائي رهي هئي. ‘برسات’ تي لکيل هڪ گيت هو، سندس اندازِ بيان تي گهڻا قربان ٿي رهيا هئا. هن گلابي ڪپڙا پاتا هئا، ۽ مون هن کي تخلص ڏنو ‘گلابي’، ڇاڪاڻ جو سندس ڳل، چپ، ڊريس ڄڻ ته هڪ گلاب جو گل ئي لڳي رهيا هئا، هلڪي پگهر جون شبنمي بوندون سندس سونهن کي سرس ڪري رهيون هيون. مون دستور موجب هڪ خشڪ ۽ نيرس ڪوتا پڙهي ۽ وڃي ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. مان لکڻ ۾ ماهر هوس پر پڙهڻ جو اندازِ بيان نه هو.
جيئن ئي مشاعرو ختم ٿيو، مان تمام تڪڙو تڪرو ڀيڙ کي چيريندو وڃي گيٽ اڳيان بيٺم، ڄڻ ته دڳ جهلي، جتان هوءَ پڪ لنگهندي هئي. مون سنڌيا کي ڏسي “هيلو” ڪئي ۽ هن به جواب ڏنو. کيس ڪتاب ڏيندي هڪدم چيم، “هلو ڪٿي چانهن ٿا پيئون.”
سنڌيا ٿوري ڄڻ ته منجهي پر پوءِ هامي ڀريائين. سندس چهري تي گلال ڇانيل هو.
هڪ وچولي هوٽل ڏسي، مان اندر گهڙيس. هوءَ به آئي. چانهه پيتيسين. ڪا به وشيه مونکي ته ڳالهائڻ لاءِ نه پيئي سمجهه ۾ اچي ۽ هوءَ به الائي ڇو خاموش هئي، مونکي ته سندس جهرڪيءَ واري چهه چهه ياد هئي. چانهه جو سلسلو پورو ٿيو. “مان توهانکي گهر ڇڏي سگهان ٿو ؟” ڇو نه ؟” هن وراڻيو.
اسڪوٽر تي هوءَ هميشه وانگر گم سم ويٺي هئي، پنهنجو پاڻ ۾ پوري، پاڻ کي بلڪل سهيڙي ۽ سنڀالي. ڪنهن به وقت بريڪ لڳائڻ وقت هوءَ مونکي نه چنبڙي. پر ايتري قدر جو سندس ڇهاوَ کان به محروم رهيس. مونکي چڙ اچڻ لڳي. هيءَ ته بي جان بُت آهي. خير مون ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڪيئن لڳو مشاعرو ؟” هوءَ پنهنجو رايو ٻڌائيندي رهي، مان سندس آواز جي جادوءَ ۾ وري کوهجي ويس. سندس گهر ويجهو اچي رهيو آهي هن چيو. مان کيس پرکڻ لاءِ چيو، “ هتي توهانکي لاهيان يا گهر تائين ڇڏيان. توهان گهروارن جو سڀاوُ مونکي ته خبر نه آهي، نه توهان ٻڌايو.”
هن بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان چيو، “اصل گهر هيٺان وٺي هلو ۽ گهر ۾ ڇڏيو. ڇا هڪ چانهه جو ڪوپ به نه پيئدا ؟ ”
مان من ئي من ۾ کڳيون هڻڻ لڳس ۽ منهنجي همٿ وڌي ويئي. لهڻ وقت کيس ڀڻڪندي چيم، “توهان نهايت ئي خوبصورت آهيو.” هن مسڪرايو ۽ ٿئنڪس مڃي ۽ ڳالهه بدلائيندي چيائين، “ گهر هلو، منهنجي گهروارا توهان سان گڏجي پڪ خوش ٿيندا.”
مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو، “ ٻئي دفعي.”
هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ مان به پنهنجي شهر لاءِ روانو ٿيس گهرواريءَ سميت. خيالن ۽ خوابن ۾ ته سنڌيا هئي. اٺن ـ ڏهن ڏينهن کانپوءِ ٽپال ۾ هڪ وڏو رنگين لفافو آيو. هٿ ۾ کنيم. وزندار هو. رنگين خوبصورت لفافي تي رنگين لفافي جي ائڊريس لکيل ڪونه هئي. ڪمري اندر وڃي پنهنجي لکڻ واري ميز تي ويٺم، در ٻيڪڙي ڇڏيم. لفافي کولڻ سان ئي نهايت ئي سندر رنگ جا پنا 8، 10 نڪري آيا. اکر سهڻا نه هئا، پر اندر . . . . ڳالهيون ۽ احوال نهايت ئي دلڪش ۽ خوبصورت هو. سنڌيا خط لکيو هو.
منهنجين لکڻين تي سندس تاثرات هئا. سندس چهرو اکين اڳيان پئي ڦريو. سندس مٺڙيون لاتيون، سندس ساراهه، هڪ هڪ لفظ هن پڙهيو هو، منهنجن ڪتابن جو، ۽ سمجهو به هو. هن منهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن سان سرگوشيون ڪيون هيون. کيس منهنجي ٻولي بيحد وڻي هئي. غزل ۽ نظم ياد ڪرڻ لڳي هئي، هڪ ڪلاڪار کي ٻيو ڇا گهرجي، جو ٻيو ڪلاڪار حسد ڪرڻ بدران چاهڪ بڻجي پوي. مان پاڻ کي اڳي کان به وڌيڪ بهترين ساهتڪار سمجهڻ لڳس. “هن لکيو هو، .‘اُٿندي’ويهندي، ڄڻ ته توهانجي ئي تات آهي. هن پاسي اچو ڪنهن ڪم سانگي ته مون گهر ضرور پير پائجو ۽ پاڻ سان ڪي ڪتاب به آڻجو.”
مون ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان هن جي شهر وڃڻ جو ۽ گڏجڻ جو سوچي ورتو ۽ کيس ترت خط لکيو ته مان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ تنهنجي شهر ۾ اچي رهيو آهيان. مون هن جي شهر اچي پنهنجي مٽ مائٽ جنهن جي گهر مان لٿو هوم، فون ڪيو. آواز منهنجو ٻڌي، هوءَ ڄڻ ته جنسي نچڻ لڳي، “اچي ويا ؟ ڪٿي لٿل آهيو؟ جلدي منهنجي گهر اچو، هاڻي هليا اچو. مان وٺڻ اچانو؟” سنڌيا جي مون سان گڏجڻ جي هيتري اڇا ڏسي، مان منجهي ويس. مون کيس شام جو وقت ڏنو. پهرين ته مون کيس ٻاهر گڏجڻ لاءِ چيو سندس گهر ۾ نه. پر هوءَ بار بار چئي رهي هئي ته گهر اچو. مونکي سنڌيا تي ڏاڍو غصو آيو. گهر به ڪنهن شادي شده استريءَ سان گڏجڻ لاءِ ڪا سُريلي جڳهه آهي. هيتري بي چئني، هيتري بيتابي، مان سنڌيا لاءِ کڻي آيو آهيان. وس کي تنهائيءَ ۾ گڏجڻ جي تمنا، هن کي صدين کان نه ملندڙ پيار ڏيڻ. غصي ۾ مون هن کي . ‘موڳي، موٿي، ڇسي’ به چيو. وري خيالات پلٽو کائڻ لڳا. ٿي سگهي ٿو هوءَ اڪيلي رهندي هجي، ان لاءِ بار بار گهر ۾ ٿي سڏائي. اڳي دفعي به هن چيو هو ته موڪلائڻ وقت ‘گهر هلو’ضرور هن جي گهر ۾ تنهائي ۽ وايومنڊل آهي. شايد مان ئي بيوقوف آهيان. مورت کي سمجهڻ مشڪل آهي.
ٿورا ڪتاب پاڻ سان کنيم. ڌڙڪندڙ دل، خماريل من ۽ شرير سان، مون دروازو کڙڪايو. دروازو کوليندڙ 8، 10 سالن جو ڇوڪرو هو. سهڻو، گول مٽول، ننڍڙو، بندرو، چيائين، “هئلو انڪل، ممي توهانجو ئي انتظار ڪري رهي آهي.” مان وائڙو ٿي ويس. “انڪل توهان جو فوٽو ڪتابن تي آهي، ممي ٻڌايو توهين اڄ هتي اچڻا آهيو، ويهو.” مان هيتري ننڍڙي ٻار جي سياڻپ ڀري گفتگو ٻڌي وائڙو ٿي ويس ۽ ٿوري ناراضگي سنڌيا تي اچڻ شروع ٿي. پاڻيءَ جو گلاس ۽ بسڪيٽ کڻي هڪ 12، 13 سالين جي سانوري سلوني، سندر اکين واري ٻالڪا اندر آئي، “هئلو انڪل، سواگت! ممي بس اجها اچي ٿي.” مون ٻنهي ٻارن کان حال احوال ورتو. ٻئي ڪلاڪار هئا. ڇوڪري ڪٿڪ ۾ مشهور نرتڪي ۽ پينٽنگ ۾ ماهر. ڇوڪرو ڊانس، ترڻ، گهوڙيسواري، بئڊمينٽن، ڪراٽي سڀني راندين ۾ ماهر. مان ته. اهڙو گرمجوش سواگت ڏسي، ڪي قدر پنهنجيءَ خراب نيت کان ڌڏڻ لڳس. ٻئي ٻار مون تي ٻلهار پيا وڃن ۽ منهنجي پرستار هئڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا. پنهنجي پنهنجي ڊائريءَ ۾ مونکان ويچار لکائي ورتائون، صحيح ورتائون ۽ ان وقت سنڌيا به اچي ويئي ۽ ٻارن کي مٺي ڇڙٻ ڏيندي چيائين، “انڪل کي ائين تنگ ڪبو آهي ڇا ؟” مون ڏانهن معافي طلب نگاهن سان نهاريندي چيائين، “توهانکي گهڻو تنگ ته نه ڪيائون ؟” مون مسڪرائيندي وراڻيو، “نه مونکان ته اهو به وسري ويو ته مان توهان سان گڏجڻ آيو آهيان، مان ته هنن ٻن ٻارن جي ڪشش ۾ ۽ پيار ۾ ئي ٻڌجي ويو هوس. تمام ذهين، چئيوان ۽ قدرتي ڏات سان ڀريل آهن هي ٻئي ٻار. شال پرماتما هنن جو وار ونگو نه ڪري.” هن احسانمند نظرن سان ڏٺو ۽ ٻارن کي چيائين، “هاڻ اسان کي اصل ڊسٽرب نه ڪيو. توهانجي انڪل ۾ تمام گهڻو ڪم اٿم” ۽ ٽيئي ٻئي ڪمري ۾ هڪ منٽ لاءِ هليا ويا ۽ چند منٽن ۾ ٻئي ٻار گهر مان روانا ٿيڻ لڳا، “چڱو ممي، هُتي گڏجنداسين” چئي باءِ باءِ ڪري هليا ويا.
ڪمري ۾ سانت ٿي ويئي ۽ سڄي گهر ۾ اسان ٻئي اڪيلا هئاسين. هاڻ منهنجو وري ڌيان وڃي هن ۾ کپيو. هن دستوري حال احوال پڇيو ۽ پوءِ چيائين، “هلو ته مان توهانکي پنهنجو گهر ڏيکاريان. هت لکندي آهيان، هت مان پڙهندي آهيا. هيءَ منهنجي ڪتابن جي لئبرري، هتي مون فلاڻي رچنا لکي. هيءُ مجسمو مونکي بيحد وڻندو آهي. هيءَ منهنجي ستار، هي هارمونيم. هي منهنجا ڪئسيٽ، هيءُ منهنجي ڌيءُ، منهنجي پٽ جا ڪئسيٽ. هي تمام جهونين فلمن جا منهنجي گهوٽ جا. اسان چئني جون پسنديو الڳ الڳ آهن. گانن ۽ گيتن جي باري ۾” ۽ هوءَ ٻارن وانگر کلڻ لڳي. سندس هڪ هٿ بلڪل منهنجي هٿ جي ويجهو هو، هوءَ سموري بلڪل منهنجي ويجهو هئي ۽ مون سندس هٿ پڪڙي ورتو، “تمام ننڍڙا، ڪومل ۽ سندر آهن تنهنجا هٿ، گهر جو ڪم ڪرڻ کانپوءِ به کهرا ڇو نه ٿيا آهن ؟ ” هن پنهنجو نرمائيءَ سان هٿ ڇڏايو ۽ چيائين، “توهان هال ۾ ويهو، مان چانهه ٺاهي ٿي اچان” ۽ هال ۾ ويهاري، هڪ فائيل منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ويئي، جنهن ۾ سندس رچنائون هيون ۽ مونکي پڙهڻ جي تاڪيد ڪري ويئي.
منهنجو سمورو ڌيان سندس آهٽ، سندس شرير جي وڙ وڪڙن، سندس سهڻن پيرن، خماريل اکين، مدهوش ڪندڙ آواز ۾ ئي اٽڪيل هو. سندس ڏنل فائيل کولڻ تي به دل نه پيئي ٿئي. هوءَ چانهه کڻي آئي ۽ ڀرسان ويهندي چيائين، “ڪيئن لڳيون منهنجيون رچنائون؟”‘مون هڪ نظم ڏيکاريندي چيو، “ هيءَ پڙهي ٻڌاءِ” هن پڙهڻ شروع ڪيو، هوءَ ڄڻ ته پنهنجو پاڻ ۾ ئي پوري هئي. گهر جو سناٽو، هن جو گهرو مٺو آواز ۽ سندس شرير جي خوشبوءِ مونکي بانور بڻائي ڇڏيو ۽ منهنجا هٿ کڄيا ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ پل لاءِ هوءَ هيسيل هرڻي بڻجي، مونکان پاڻ ڇڏائي ڇلانگ لڳائي، پري ٿي بيٺي. مان آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳس، “مان توکي بيحد پيار ڪندو آهيان سنڌيا، گذريل چئن پنجن سالن کان ۽ تون به بيحد مونکي چاهيندي آهين. من سان من، آتما سان آتما گڏيل آهي، باقي شرير جي دوري ڇو ؟ ”
هن آڱر جو اشارو ڪندي ٽانڊن جيان ٻرندڙ اکين سان چيو، “خبردار ! جو اڳيان وڌيا آهيو، مان توهانجي رچنائن، لکڻين جي پرستار آهيان. منهنجي من ۾ توهانجي خلقيل ڪردارن لاءِ پيار ۽ همدردي ۽ عزت آهي ۽ ساٿي اديب سان ڪجهه ويچار ونڊي پاڻ کي بهترين بڻائڻ جي اڇا آهي. من جو رشتو، دوستي، ساهڙپ پا صرف پنهنجي هم جنس سان ئي ٿي سگهي ٿو. ڇا استري پرش جي وچ ۾ من ۽ خيالن جا رشتا ممڪن نه آهن ؟ ڇا استري ڇا صرف هڪ شرير آهي ؟”
مون هوش وڃائي ڇڏيا هئا، حواسن منهنجو عقل ۽ ضمير کسي ورتو هو. “ شرير کانسواءِ ڪهڙو پيار ؟ تو چيو مونکي ڀانئيندي آهين، باقي ڇو گهر ۾ سڏايو تو ؟ ڇو اڪيلائپ ۾ گڏينءَ ؟ شرم نه ڪر، مڪر به نه ڪر. تون ماڊرن آهين، اهو سڀ ڪجهه هلي. ” مان متوالن جيان کيس ڇڪڻ لڳس ۽ هن مونکي زور سان ڌڪو ڏنو ۽ پاڻ ڇڏائي پري ٿي بيٺي. هٿ ۾ هڪ وزندار ڳؤرو پيپر ويٽ کڻي ورتائين ۽ اولاريندي چيائين، “هاڻ نزديڪ آيا ته مان توهانجو خون ڪري ڇڏينديس.” اسان ٻئي سهڪي رهيا هئاسين. سندس اها ڌمڪي ۽ ساکيات درگا جهڙو ڀيانڪ روپ، هٿ ۾ پيپر ويٽ ڏسي مان دهلجي ويس ۽ چپ ڪري، هارايل مان ويهي رهيس.
هٿ ۾ سندس پيپر ويٽ به هو، پر ٻئي هٿ سان هن ٻه گلاس پاڻيءَ جا ڀريا، هڪ مونکي ڏنو ۽ هڪ پاڻ ۽ صوفا تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي. منهنجي اهڙي نيچ هلت تي به سندس مهمانوازي ۽ من جا سنسڪار ڏسي مان پنهنجي من ۾ شرمندو ٿي رهيو هوس ۽ سندس بچاءَ جي ڍال پيپر ويٽ کي ڏسي رهيو هوس. ڪمري ۾ سهڪيل ساهن کانسواءِ سناٽو هو. هوءَ به هلڪا هلڪا ڍُڪ پاڻيءَ جا پي رهي هئي ۽ مان به. اوچتو در تي کڙڪو ٿيو. سنڌيا پنهنجا وار ٺيڪ ڪيا. منهن جا ڀاوَ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دروازو کوليو. هڪ ڊگهو، سانورو، وچولي عمر جو پرش اندر داخل ٿيو، “هئلو مسٽر . . . دير سان ته نه آيو آهيان ؟ منهنجي پتني سنڌيا توهانجي لکڻين جي پرستار آهي. مونکي به توهانجيون ٻه ٽي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌايون اٿائين. واه صاحب! مزو اچي ويو توهان سان گڏجي. ” “بيوي جي دير ته نه ٿي ؟ ڏسو پورا اڍائي ڪلاڪ اڳ دڪان بند ڪري بندو حاضر ٿيو آهي. توهان کي هي شهر گهمائڻ لاءِ، ڪار حاضر آهي ۽ هڪ سٺي هوٽل ۾ ٽيبل به رزروِ ڪرائي ڇڏيم، ڀائي، هوم مسنٽر جو آرڊر ڪيئن ٽاربو؟” مسڪرائيندي هٿ ملائيندي مونسان ۽ مسڪرائيندي پتنيءَ ڏانهن نهاريو. مان پنهنجي زخميل ضمير، تڙڦندڙ اهم ۽ صاف دل سنڌيا جي پتيءَ کي نهارڻ لڳس. سنڌيا اندر تيار ٿيڻ لاءِ هلي ويئي. سنڌيا جي گهوٽ ساراهيندي چيو، “سائين توهانجا ڪردار، جي توهان ڪهاڻين ۾ خلقيندا آهيو تمام مهان عام ماڻهن کان عظيم هوندا آهن.” مون ڪنڌ سان ها ڪئي ۽ پنهنجي نئين ڪهاڻيءَ جي نائڪا ‘سنڌيا’ جي باري ۾ سوچڻ لڳس. هن جي مهانتا، مون ۾ به سندس لاءِ مهانتا جي ڀاونا سان ڀري ڇڏيو ۽ مون ۾ به عظمت جو احساس ڀريو، ڪرڻ کان بچايو.