3. وهڪري جو موڙ
قلمي دوست جي ڪالم ۾ هن جو نالو، ائڊريس پيل هئي. رچنا منهنجي ڌيءُ، ڊوڙندي مون وٽ آئي ۽ اها ائڊريس ڏيکاريائين ۽ چوڻ لڳي “ ممي، هن شخص جون پسندگيون بلڪل تو جهڙيون آهن، ساهت ۾ شونق، چترڪلا، قدرت سان پيار، ڳوڙهين وشين جهڙوڪ منووگيان ۽ فلاسافيءَ تي ويچار ونڊڻ، پُراڻن فلمي، غيرفلمي گيتن سان پيار ۽ گنگنائڻ. ممي بس خط لک ۽ پنهنجي ائڊريس به لک.”
مون رچنا جو ڪن پٽيندي چيو، “ پر هن ۾ عمر ڪٿي لکيل آهي ؟
“اهڙا ويچار جو رکندڙ هوندو سو ننڍو ٻار ته نه هوندو. توکي پنهنجا خيال ونڊڻ لاءِ ڪو ساٿي کپي. ڇڏ هاڻ ان ڳالهه کي. ڏس لفافي تي ائڊريس به وجهي ٿي ڏيانءِ. ”
هن هڪ خط لکيو، جلد ئي هن جو جواب آيو. بس الائي ڇا ٿيو. ٻنهي طرفن کان خطن جي برسات وسڻ لڳي. ائين پئي لڳو، ڄڻ صدين جو ساٿ هو. ٻه جاڙيون آتمائون هيون جي وڇڙي مليون هيون.
مونکي ننڍي هوندي کان ئي نرتيه، سنگيت، چترڪلا ۽ ساهت سان پاڳلپڻ جي حد تائين پيار هو. چڱائي انعام کٽيا هئم. پر گرئجوئيٽ ٿيڻ سان ئي شادي هڪ سکي ستابي گهر ۾، مائٽن جي ڳولها ۽ پسنديءَ سان ٿي ويئي. منهنجو پتي واپاري هو. بنگلو، ڪار ۽ ٻيا سڀ عيش عشرت جا سامان هڪيا تڪيا حاضر هئا. گهٽتائي هئي ته گيت، سنگيت ۽ ڪلا جي هئي. پتي پئسن ڪمائڻ جي هڪ مشين هو. گهر جي نُنه کي صرف گهرو ڳالهين، رڌڻ، پچائڻ، ڀرت، زيور ۽ اُن جي ساراهه يا نندا ڪرڻ جي اختياري هئي. ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ٻين ڪلائن کي گهٽتائيءَ واري نظر سان ڏٺو ويندو هو.
منهنجو من ڪومائجي ويو. چنڊ، تارا، گل شبنم، پهاڙ، جهرڻا، لئه تال، وينا، سڀ وسارڻا پيا. مان اُڃايل هئس دل جي دنيا جي.
وقت گذرندو ويو. ٻه ٻار به ٿيا. گلڙن جيان پيارا پيار، منهنجيءَ ممتا جا دلارا، جن منهنجي سخت ٿيل دل جي زمين ۾ نمي ۽ گرمائش آندي. مشيني زندگيءَ ۾ ڪجهه بدل سدل آئي. مان هڏ ماس جي ٿيڻ لڳي هئس. وڏي رچنا ۽ ننڍو آڪاش، انهن جي پيار ۽ شيوا ۾ ڪئلينڊر ڪروٽ بدليندو رهيو.
قدرت کي منهنجو خوش رهڻ پسند نه هو. اچانڪ هڪ حادثي ۾ منهنجو پتي سرڳواس ٿي ويو. هاڻ مان ۽ منهنجي رُکي زندگي، پتيءَ جو ڪاروبار سنڀالڻ، ٻارن کي وڏو ڪرڻ. ماءُ به مان ته پيءُ به مان.
مان وري خشڪ ۽ مشين بڻجڻ لڳس.
اچانڪ رچنا، جا اُن وقت چوڏهن سالن جي هئي، اُن راڪيش سان خطن وسيلي جوڙي ڇڏيو.
ڳالهيون دل جون ڳالهيون، ۽ ائين منهنجو ننڍپڻ، جواني سڀ واپس وري آيا، بهار جي مند اچي ويئي. منهنجي خزان روپي جيون ۾ وسريل گيت ياد اچڻ لڳا. منووگيان ۽ فلاسافيءَ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ. هوُ هڪ سٺو چترڪار به هو ۽ پنهنجا لکيل ڪتاب به هن موڪليا. منهنجو اندر جو سمهيل ڪلاڪار جاڳي اُٿيو. جيڪو وقت پيو ملي، ڪلا جي ساڌنا ۾ گذارڻ لڳس.
اسان جيون جي هر اُڏام ۾ گڏ هئاسين. پر جڏهن مان هن جي گهروُ زندگي، عمر جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هئس ته هو بلڪل خوبصورت انداز ۾ ٽاري ويندو هو.
هن جا خط، هن جي ٻولي، هن جو ڪوتائون، هن جا چتر، هن جا خيال، بس مان پنهنجو وجود وساري ويٺي هئس. مان بيهوش، خماريل، مدهوش، ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ رهڻ لڳيس.
منهنجي ڌيءَ رچنا، هوبهو مون تي ويئي هئي. رنگ روپ، نزاڪت، ڪلا، ڪلا جي مورتي. هوءَ ڌيءُ کان وڌيڪ منهنجي ساهيڙي هئي. مون ۾ هوءَ ڀرپور دلچسپي وٺندي هئي. منهنجون رچنائون پڙهندي هئي. اُتساهه وڌائيندي هئي. شروع شروع ۾ مون رچنا کي راڪيش جا ٻه چار خط پڙهي ٻڌايا، هوءَ بيحد متاثر ٿي هئي ۽ هن جو چهرو ٻهڪڻ لڳو. ڌيري ڌيري الائي ڇو مون کيس خط پڙهائڻ بند ڪري ڇڏيا. ڪڏهن ڪڏهن مونکي بيحد خوش ڏسي شرارت ڀرين اکين سان پُڇي وهندي هئي، “راڪيش جو خط آيو آهي ؟ ”
زندگيءَ کي جيئڻ جو مقصد ملي ويو. ٻن ٻارن کي پالي وڏو ڪرڻ اڪيلي سر مون جهڙي نازڪ، ڪلپنا جي دنيا ۾ رهندڙ، ٽاڪئين دل رکندڙ کي، حساب ڪتاب، انگ آڪڙا ۽ پتيءَ جي صحبت بنا، اڪيلي زندگيءَ کي سنڀلجڻ جو موقعو مليو. هن جي مٺڙين يادگيرين سان، هن جا لکيل جملا، شعر، ڪهاڻيو ۽ خيالن جي نفاست، اکرن جي چونڊ، بس هر وقت هو ۽ هن جي ڪلپنا. مان خوش رهڻ ڪري ۽ ڪنهن عجيب من مطابق ماحول ۾ رهڻ ڪري، هونءَ کان وڌيڪ سندر ٿيندي پيئي وڃان. خوب خيال ڪرڻ لڳس صحت، شرير ۽ پوشاڪن جو.
اڄ هوُ اچي رهيو آهي . . . ڪيئن هوندو ؟ عمر ؟ قد ؟ سونهن ؟ پنجن سالن کان گهرڻ تي فوٽو به نه موڪليائين.
ڪيئن گڏجنداسين؟ رسمي طور ؟ ڀاڪر پائي ؟ يا مان شايد بيهوش ٿي وڃان ؟
مان اڪيلي هونديس ؟ رچنا هوندي ؟ پپو هوندو اُن وقت ؟ ڪم واريءَ مائيءَ کي موڪل ڏيئي ڇڏيان ؟ ڌوٻي، مالهي، ڀاڄين وارا سڀ ته هميشه وانگر ايندا ئي رهندا ؟
گڏجڻ وارا به هونئن کان وڌيڪ ضرور ايندا. خاص ان وقت جڏهن هوُ اچي، ان هڪ پل لاءِ ته مان اڪيلي هجان، اُهو هڪ پل.
پر ڇا انسان جيڪي چاهيندو آهي سو ٿيندو آهي ؟ هرگز نه، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ ته ائين نه ٿيو. اڄ اهڙو نه سڀاڳو ڏينهن هو، جو هرڪو بندو حاضر هو گهر ۾. پپوءَ کي به ڪنهن ڪم سان ٻاهر موڪليم. نؤڪر کي ڀاڄي وٺڻ لاءِ ۽ مائيءَ کي به اهڙي ڪم لاءِ جو ڪلاڪ کن ته نه اچن. پر رچنا ! هو ڪتاب کڻي پڙهڻ جو موڊ بڻائي ويٺي رهي. خرچي هٿ ۾ ڏيئي بينا، رينا، ٽينا وٽ وڃڻ لاءِ چيومانس. پر هوءَ ڪنهن به صورت ۾ گهر کان ٻاهر پير ڪڍڻ لاءِ تيار نه هئي.
آئيني اڳيان بيهي پنهنجو ڀرپور جائزو ورتم، هلڪو ميڪ اپ ڪيم، ڪن وٽ ۽ سينڌ ۾ ٿورا اڇا وار ڄڻ ته مونکي چيڙائي رهيا هئا. ڪاري ڪاجل جي پينسل سان انهن کي ڪارو ڪري ڇڏيم. عمر کان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ڏهه سال ننڍو پاتم. گلابي ساڙهي پاتم، وارن ۾ گلابي رنگ جو گلاب لڳايم پنهنجيءَ سندرتا تي پاڻ موهت ٿيڻ لڳس. مون پاڻ کي اڌ خماريل حالت ۾ پئي محسوس ڪيو.
دروازي جي گهنٽي وڳي، منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي ويئي. ننڍي ٻار جيان گهٻرائجي اندرين ڪمري ۾ ڀڄي ويس جتان پڙدي جي پٺيان بيهي رهيس. هال سڄو اتان نظر اچي رهيو هو. رچنا ئي ڊوڙي دروازو کوليو. 24، 25 سالن جو لنبو، چؤڙو، خوبصورت جوان اندر گهڙيو.
“ مان راڪيش آهيان ” هن وڏو ٽهڪ ڏنو، پر هي ڇا ؟ منهنجيون اکيون ۽ ڪن ڇا ڏسي ٻڌي رهيا هئا ؟ رچنا پنهنجين ٻانهن ۾ راڪيش کي جڪڙي ڇڏيو ۽ راڪيش به رچنا جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي نرڙ تي هڪ مٺي . . . . منهنجيون ٽنگون ڌڏڻ لڳيو، ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون، اکين اڳيان اونڌهه، پر الائي ڪٿان همٿ آئي جو رنڌڻي واري پٺين دروازي کان ٻاهر نڪري هلي ويس. منهنجا پير مونکي الائي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا. دنيا کان بي خبر . . . الائي ڪنهن کان مان ڀڄي رهي هيس، شايد پنهنجو پاڻ کان ؟ ؟
جنهن شخص جو مون هيترا سال انتظار ڪيو، نس نس ۾ جنهن جو پيار سمائجي ويو هو، جنهن سان ڏينهن رات هم ڪلام رهندي هيس، اهو هي راڪيش هو ؟
هي سڀ ڇا ٿي ويو ؟ ڪڏهن ٿيو ؟ رچنا ڪڏهن کان راڪيش کي چاهڻ لڳي ؟ ڇا هن به راڪيش کي خط لکڻ شروع ڪيا هئا؟ ڇا هن کي راڪيش جي عمر جي خبر هئي؟ ڇا هوءَ هن جا خط به پڙهندي رهندي هئي. راڪيش کي ڪهرو ڏوهه ڏيان ؟ ڪڏهن به ته اسان ٻنهي پيار جو اظهار، ڪنهن به خط ۾ نه ڪيو هو. هڪ شخص کي ماءُ ۽ ڌيءُ هيترا سال پيار ڪنديون رهيون ! هيءُ ڪهڙي قسم جو ٽڪنڊو ؟
شانت چت سان گهر جي باغ واري نل مان منهن ڌوتم، ميڪ اپ چڱيءَ طرح لاٿم، سينڌ وٽ اڇن وارن کي ڪاري پينسل لڳائي هيم سا به اگهيم، مٿي تي پلئه وڌم ۽ هڪ پل ۾ پاڻ کي پنهنجيءَ عمر کان به وڏو محسوس ڪيم.
ساڳي ئي رنڌڻي جي پٺئين دروازي کان اندر آيس، فرج مان پاڻي ڪڍي پيتم. آواز ٻڌي رچنا ڊڪندي ڊڪندي اندر آئي، ڀاڪر پائي لاڏ ۽ چوڄ مان چيائين، “ممي، تون ڪيڏانهن گم ٿي ويئي هئينءَ ؟ ڏس ته تنهنجو راڪيش آيو آهي ! ”
مون نمستي ڪئي ۽ . . . . ۽ پختائيءَ سان چيم، “پُٽ راڪيش، سفر ڪيئن ڪٽيو ؟ ”