10. گهر
وندنا در جي ٻاهران ويٺي ئي رهي. هن جا حوصلا ئي خطا ٿي ويا. ڏڪندڙ شرير، زبان خاموش، پيلو چهرو آنسن سان ڀريل ڌنڌليل اکڙين سان، هن دروازي جي Name plate ڏٺي. سندس نالي واري ‘نيم پليٽ’ ‘شريمتي وندنا’.
ٻار ٻئي ڪاليج ۾ پڙهندڙ هئا. هن وقت هوُ، ڪاليج جي پڪنڪ لاءِ ٻن چئن ڏينهن لاءِ شهر کان ٻاهر ويل هئا. هوءَ پنهنجي گهر جي ٻاهران ويٺي رهي. سندس ڪنن ۾ ونود جا چيل اکر ٻرڻ لڳا، “نڪري وڃ منهنجي گهر مان” هن جو شرير ٿر ٿر ڪنبي رهيو هو. ‘منهنجو گهر’ يعني هي مسٽر ونود جو گهر آهي. منهنجي گهوٽ جو گهر ؟ پرش جو گهر ۽ استريءَ جو ڪهڙو گهر آهي ؟
هوءَ پنهنجي گهر جي چائنٺ ٻاهران ويٺي ئي رهي. ڪجهه عرصي کانپوءِ گهر جو دروازو کُليو ۽ کُليل ئي رهيو.
هوءَ سمجهي ويئي ته ونود کيس گهر کان ٻاهر ڪڍڻ نه پيو چاهي. هن جو گهڻن سالن جو دٻيل غصو ٻاهر نڪري آيو هو جو هُن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪڍيو هو، سو به خصيص ڳالهه تان ڀاڄيءَ ۾ وڌيڪ لوڻ پوڻ تي هوُ تپي باهه ٿي ويو هو. مرد ڪيتري ننڍي دل وارا هوندا آهن. سندن ڪيل قربانيون وقت پوڻ سان تمام مهان ۽ وڏيون لڳنديون آهن ۽ استريءَ کي قربانيءَ جي پتلي جو لقب ڏيئي کيس هر ڪنهن حق کان محروم ٿو ڪيو وڃي.
پر جلدي ئي ونود کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو هو، تنهنڪري دروازو کولي ويو هو ۽ پڇتاءُ سبب هوُ کيس منهن ڏيکاري نه سگهيو. ونود کيس سڄي زندگي ساٿ ڏنو هو. وندنا اهڙو روت پهريون دفعو ئي ڏٺو ۽ کيس پڪ هئي ته هي آخري دفعو به آهي. هوءَ اُٿي اندر داخل ٿي. اندر اچي هن شانت چت سان مٽ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀريو ۽ آهستي آهستي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳي. ڪمري ۾ وڃي، دروازو بند ڪري، پلنگ تي ڦان ڪري ڪرِي پيئي ۽ گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي.
هوءَ سوچڻ لڳي، ونود ‘منهنجو گهر’ اکر تي زور ڇو ڏنو ؟
هي گهر گهوٽ جو!
پيڪو گهر به منهنجو نه !
۽ ساهرو گهر سسُ جو !’
منهنجو گهر ؟ ناريءَ جو ڪهڙو گهر ٿيندو آهي ؟
انتر آتما مان آواز آيس، هيءُ تنهنجو پنهنجو گهر آهي ۽ بس.
هن کي گذريل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. ياد اچڻ لڳو کيس سندس پيڪو گهر ۽ گڏوگڏ ڪيتريون ئي ماضيءَ جو يادگيريون . . . .
ننڍي هوندي کان وٺي کيس پنهنجن ڀائرن، ڀاڄاين، ڀائٽن، ڀائٽيُن، امڙ ۾ بيحد موهه هو. مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ، هن پڙهڻ سان گڏ نؤڪري شروع ڪئي هئي. مهيني جي پهرين تاريخ ماءُ جي هٿ جي تِريءَ تي پئسا رکندي چوندي هئي، “ امڙ، آهيان نه مان تنهنجو گلاب پُٽ ؟ ” امڙ به نرڙ تي مِٺي ڏيندي چوندي هيس، “ها منهنجا گُلو پُٽ.”
وندنا جو چهرو ٻهڪي اُٿندو هو. هُن جي ڪم ڪرڻ جي همٿ ۽ اتساهه ٻيڻو ٿي ويندو هو. هوءُ پنهنجي گهر ۾ پرڻتا آڻڻ لاءِ سهڻا ڪوپ بسيون، چادرون، ڪٻٽ، صوفا سيٽ، ريڊيو، پلنگ، ڀائٽن ۽ ڀائٽين لاءِ سٺا ڪپڙا واجبي اگهه تي وٺي، فخر سان ڀاءُ ڀاڄاين کي چوندي هئي، “وندنا جي راڄ ۾ رهو سڀ خوش.” قسطن تي خريد ڪيل شين لاءِ هوءَ ٽيوشنس وٺڻ لڳي ۽ ٻيا به گهڻائي ڪم جنهن سان هوءَ ڪجهه پئسا ٺاهي پنهنجي گهر جي ڀاتين کي خوش رکي سگهي. محنت ڪرڻ لاءِ هن کي ڄڻ ته اٺ هٿ ۽ چوويهن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪلاڪ هئا. ڀائر محنت ته گهڻي ڪندا هئا، پر گهر ۾ کائڻ وارا گهڻا وات هئا، سو پورت نه پوندي هئي.
ماءُ هن کي نرڙ تي مِٺي ڏيندي چوندي هئي، “هوُبهو منهنجو گُلاب، منهنجو ٽيون ننڍو پٽ. اُهو جڏهن گذاري ويو، چاليهو رکي ڏينهن رات دعائون پنڻ کانپوءِ درياهه شاه دادلي، منهنجيءَ جهوليءَ ۾ توکي ڏنو. ”
وندنا کي چٽيءَ طرح پنهنجو ننڍپڻ ياد هو. ڄمڻ سان ئي امڙ گلاب جا رکيل ڇوڪراڻا ڪپڙا کيس پائڻ شروع ڪيا. هن جيڪو پهريون ڇوڪرين جو فارڪ پاتو، اُهو هو سندس اسڪول جو يونيفارم.
امڙ کي پڪو وشواس هو ته هيءُ سندس پُٽ گُلاب آهي جو ڌيءُ جو جنم وٺي آيو آهي. جنهن سائيءَ جي بيماريءَ ۾ گُلاب گذاري ويو هو، ساڳي بيماري کڻي ۽ ساڳيو ئي رنگ روپ روش کڻي هوءَ ڄائي. امڙ نالو ئي رکيس گُلاب. ٻن وڏن ڀائرن سان ڇوڪراڻا ڪپڙا پائي هوءَ ڇوڪرن جون رانديون ٿي ڪندي رهي. اِٽي ڏڪر، چدن جون رانديون، لڪ ڇپ راند، هُن کي ننڍي هوندي کاڌو به ڇوڪراڻو ۽ وڏي هوندي تائين مرداڻو ملندو رهيو. ٻه ڀاڄيون، ڏهي، چانور، مانيون، پاپڙ ۽ کٽائڻ ۽ سڀ ڪجهه ۽ پاڻي به هٿ ۾. باقي بچيل گهر جي زالن ۽ ڇوڪرين کي هڪ ڀاڄي، ماني ۽ چانور. امڙ جو وشواس هو ته هو سندس ٽيون پُٽ آهي. هوءَ پُٽ آهي زندگي جيئندي رهي.’
اڄ رات بخار ۾ تپندي، الائي ڇو امڙ وندنا کي ڀاڪر پائيندي چيو، “وندنا، گُلو پُٽ تون پرائي امانت آهين. پنهنجو گهر وساءِ.” وندنا ڇرڪي چيو، “هيءُ منهنجو گهر ڪونهي ؟ ” امڙ بخار جي غشيءَ ۾ هئي، “مان الائي گهڻن ڏينهن جي مهمان، پنهنجو گهر وساءِ. تون منهنجو سهڻو پُٽ، سمجهو پُٽ آهين” چوندي چوندي سندس اک لڳي ويئي. پر هُن جي اک کُلي ويئي. امڙ جا اهي اکر هُن کي ڌوڏي ويا. 25 سال پنهنجو رت ست سُڪائي، تن من ڌن سان، ڏينهن رات هن گهر جي لاءِ ئي سوچيو هو. امڙ جي هڪ سِٽ هن جي پيرن هيٺان زمين گسڪائي ورتي. هُن اُٿي ڪري گهر جي ڀتين ڇتين کي ڇهيو . . . پنهنجيون ؟ پرايون ؟ منهنجيون ؟ ڪنهنجيون؟ ۽ آخر ٿڪجي پلنگ تي موٽي آئي. امڙ کي ڀاڪر پائي، چنبڙي سمهي پيئي.
ونود ٽن چئن سالن کان سندس ‘ها’ جو انتظار پيو ڪري. هو کيس بيحد چاهيندو هو. ڪاليج جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ساڻس واقفيت ٿي هئي. هن جڳهه ۾ لڏي اچڻ کان اڳُ هو سندس پاڙيوارو هو. سندس گهر جي بلڪل سامهون رهندڙ. ملاقاتون ڪندي ڪندي اهي ملاقاتون پيار ۾ تبديل ٿي ويون ۽ ونود هُن کي شاديءَ جي آڇ ڪئي. وندنا کيس هر وقت ائين چوندي رهي، “پيار تائين سڀ ٺيڪ آهي، پر شادي ته هوءَ هرگز نه ڪندي. هُن جي مٿان گهر جي جوابداري آهي ۽ هوءَ پنهنجي گهر جو پُٽ آهي.”
اڄ امان مونکي ڇا چيو، ‘پنهنجو گهر وساءِ’ جيئن گوتم ٻڌ جي جيون ۾ هڪ رات آئي تياڳ ۽ وئراڳ جي، ساڳيءَ طرح وندنا جي جيون ۾ اُها هڪ رات آئي، تياڳ ۽ وئراڳ جي ۽ اُن رات هُن هڪ فيصلو ڪيو.
ٽن چئن مهينن ۾ ئي اُن رات جي فيصلي، عملي جامو پاتو. هُن ونود کي شاديءَ لاءِ پنهنجي رضامندي ڏني. ٻنهي پنهنجن دوستن جي مدد سان ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. شادي ڪري پنهنجي گهوٽ سان هوءَ پنهنجي امڙ سان گڏجڻ آئي. گهر جا ڀاتي پهرين ڇرڪي ويا، کين وشواس ئي نه پيو اچي. پوءِ تمام ناراض ٿيا ۽ آهستي آهستي شانت به ٿيندا ويا. ڪلاڪ کن ۾ مڙيئي سڀ حالتون ٺيڪ ٿيون. پڇاڙيءَ جو موڪلائڻ وقت هُن پنهنجي ماءُ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو، “امان تون منهنجي گُرو آهي، جنهن مونکي هن حقيقت کان واقف ڪيو ته تنهنجي پُٽ جي آتما کڻي مون ڌيءُ جو جنم ورتو آهي. اها حقيقت، مان دل سان سويڪاريان ٿي ۽ اڄ مان پنهنجي گهر وڃي رهي آهيان. گهر جي ڀاتين جون اکيون آليون هيون، امڙ سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. اُن نظاري جو ۽ ان ودائيءَ جو چشم ديد گواهه هو ونود. هن امڙ سان واعدو ڪيو ته هوُ سندس ڌيءُ کي اکين تي رکندو ۽ کيس ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ڏيندو. جلدي ٻئي روانا ٿيا. ونود پنهنجي ڄاتل سڃاتل گهر ڏانهن ۽ وندنا آنڌ مانڌ ۽ دل جي ڌڪ کڻي اڻ ڄاتل گهر ڏانهن.
ڪجهه ئي منٽن کانپوءِ هوءَ هڪ وڏي شاهي حويليءَ اڳيان پهتا، جتي وندنا جا سسُ سهرو رهندا هئا. ونود پنهنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو لاڏلو پُٽ هو. هن زندگيءَ ۾ جيڪو به چاهيو اُهو ڪيو هو. هن وندنا کي پڪ ڏني ته سندس ماءُ پيءُ ضرور ٿورا ڇرڪندا يا ٿوري کٽ پٽ ڪندا، پر پنهنجي پياري سڪيلڌي پٽ جي خاطر سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
وندنا اُتساهه، اُمنگ، آنڌ مانڌ، اٺسٺا ڪندي ونود جي گهر جي چائنٺ تي قدم رکيو. نئين نويلي ڪنوار جا سڀ جذبا هن جي من ۾ اُڀرڻ لڳا. دل جو ڌڙڪڻ، شرم، چوچ، چاهه، پنهنجائپ، پيار ۽ شرڌا اُن گهر لاءِ جتي سندس پيار، سندس گهوٽ تمام گهڻيءَ سڪ مان کيس وٺي وڃي رهيو هو. هن کي ٿورو ڊپ به لڳي رهيو هو.
ٺڪ ٺڪ ڪرڻ سان دروازو کليو. ڪم ڪرڻ واري مائي دروازو کوليو وندنا ۽ ونود کي هڪ ڪمري ۾ وهاريو ۽ چيو، “اندر اطلاع ڪري ٿي اچان.” وندنا محسوس ڪيو ته ونود جو چهرو زرد ٿي رهيو هو. هو ڪجهه ڪنبي به رهيو هو. ڪجهه سيڪنڊن ۾ مائي ٻاهر آئي ۽ کين اندرين ڪمري ۾ وٺي ويئي.
اندرين ڪمري ۾ وندنا جي سسُ ۽ سهرو ويٺا هئا. ونود چيو، “بابا، هيءَ توهانجي ننهن آهي. مون توهانکي هُن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو هو.” وندنا پيرين پوڻ لاءِ اڳتي وڌي. سسُ اشاري سان منع ڪيس. هوءَ بيٺي ئي رهي. ونود کيس هڪ صوفا تي وهاريو ۽ چيو، “مان پاڻي پي ٿو اچان.”
ونود اڃان ڪمري کان ٻاهر نڪتو ئي مس ته ٻئي ڄڻا، سندس سسُ ۽ سهرو اکرن روپي باهه جا اُلا وسائڻ لڳا. الزامن پٺيان الزام. هوُ کيس ڏوهه ڏيڻ لڳا. پيڪن لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. هوءَ اڪيلي چپ چاپ سسُ سهري جون دٻون ۽ دڙڪا سهڻ لڳي.
سسڻس ڏنڀيندي چيس، “ نڪر منهنجي گهر مان، هيءُ گهر منهنجي نالي تي آهي. تون ونود سان شادي ڪري هيءَ حويلي هٿ ڪرڻ ٿي چاهين. هت اچڻ جي تنهنجي همٿ ڪيئن ٿي ؟ هيءُ منهنجو گهر آهي ۽ صرف منهنجوئي. ”
هوءَ ڄڻ ته برف بڻجي پيئي. بار بار دروازي طرف نهارڻ لڳي. ونود اچي ته مائٽن کي سمجهائي. ڪنڌ هيٺ ڪري چپ چاپ تکن زهريلن تيرن جا گهاوَ هوءَ سهندي رهي. در تي آهٽ ٿي، هن نهاريو، ونود نه هو پر ٻه چار مرد هئا جي اندر آيا ۽ وندنا کي خونخوار نظرن سان نهارڻ لڳا. ان وقت ونود به اندر داخل ٿيو، هن کي ڏسي وندنا کي آٿت آيو ۽ نماڻي آواز سان کيس چيائين، “هي چون ٿا، هي تنهنجو گهر ڪونهي، ٻاهر نڪر.” ونود پپل جي پن وانگر ٿڙ ٿڙ ڪنبي رهيو هو.
وندنا پڙهيل لکيل، پنهنجي پيرن تي بيٺل، خوددار ۽ غيرتمند جذباتي استري هئي. هن جي اُها حالت هئي ته ڌرتي ماتا ڦاٽي ۽ سيتا وانگر کيس پاڻ ۾ سمائي ڇڏي.
ونود ۽ ٻيا سڀ ٻئي ڪمري ۾ هليا ويا، وندنا ان ڪمري ۾ اڪيلي ئي ويٺي رهي. زور ـ زور سان رڙين واڪن ۽ جهڳڙن جا آواز اچي رهيا هئا. هو سڀ پاڻ ۾ ٻٽ ۽ ونود اڪيلو هو ۽ وچ ۾ پوليس پوليس جا آواز به اچي رهيا هئا. آخر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ونود هڪ ننڍو بنڊل نوٽن جو هٿ ۾ کڻي ٻاهر آيو. وندنا جي ٻانهن پڪڙي اُٿاريندي چيو، “هل وندنا، هن وقت مون سان ٻاهر هل جيستائين ڳالهيون ٿڌيون ٿين.”
هوءَ چپ چاپ پنهنجي سپنن جي ڏٺل گهر مان بي آبرو ٿي ٻاهر نڪتي. چائنٺ اورانگهڻ سان هن محسوس ڪيو، هيءُ منهنجو گهر هرگز ٿي نٿو سگهي. منهنجو گهر؟ . . . .
“وندنا هل، مان توکي تنهنجي پيڪي گهر ۾ واپس ٿو ڇڏي اچان. ڌيري ڌيري مان پنهنجن مائٽن کي سمجهائيندس.”
“ نه ” وندنا محڪم آواز ۾ چيو، “ مان وري پنهنجي پيڪي در نه ويندس.” چڱو هل، ڪجهه ڏينهن ٻيو ڪوئي بندوبست ٿا ڪريو، جيستائين ڳالهيون ٿڌيون ٿين. وندنا ونود جي گهر تي هڪ الودائي جي نظر وڌي ۽ من ئي من ۾ هڪ فيصلو ڪيو.
ونود کيس اسڪوٽر جي پٺيان وهاريو. هوءَ خاموش خالي خالي نظرن سان رستن کي ڏسندي رهي. اسڪوٽر اچي هڪ هوٽل جي در تي بيٺو. وندنا کان ڇرڪ نڪري ويو. هن شڪايتي نظرن سان پنهنجي گهوٽ ڏانهن نهاريو ۽ ونود لڄ وچان ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيو.
هوٽل واري سان ڪجهه ڳالهائي ونود ٻاهر نڪري آيو. ڏاڪڻ چڙهي هو ٻئي هڪ ڪمري جي ٻاهران اچي بيٺا ۽ هڪ ڇوڪري ڪلف کوليو. بتي ٻاري. وندنا ڪمري ۾ رکيل پلنگ کي ڏسي حقارت ۾ ڀرجي ويئي. اُن رات ٻئي الڳ الڳ پلنگن تي ليٽيا. هن کي ليٽڻ ئي چئجي. سڄي رات وندنا کي هن اجنبي هوٽل جي ڪمري ۾ ننڊ نه آئي ۽ ونود به ننڊ نه ڪئي.
ٻئي ڏينهن کان هوءَ نؤڪريءَ تي به وڃڻ لڳي. هوٽل واري اهو ڪمرو کين مهيني جي مسواڙ تي ڏنو ۽ اُن هوٽل جي ويجهو، هُن هوٽل واري جو گهر به هو. سندس زال هڪ عورت جي جذبات کي سمجهو ۽ کيس رڌڻ پچائڻ جي به اجازت ڏني ۽ وندنا سان حال ڀائي به ٿي. وندنا کي ٿورو آٿت مليو. هنن کين هوٽل جي ڪمري کي به گهر بڻائڻ ۾ ساٿ ڏنو. هن هڪ ڪچن ٽيبل خريد ڪيو. بازار مان چانهه لاءِ ڪوپ بسيون، باسڻ، ننڍڙا ديگڙا، ٻه ٽي ٿالهيون، وٽيون، چمچا، ڪيويون، کرپيون، چادرون، وهاڻن جو ڇئون، ٽوال، نئپڪنس . . . . وغيره خريد ڪرڻ ۽ سجائڻ ۾ هوءَ لين ٿي ويئي.
هن پنهنجن پيڪن ۽ ساهيڙين کي ڪجهه ڪونه ٻڌايو. هوءَ اُنهن سان گڏجڻ به نه ويئي ! ڇا ٻڌائي؟ پنهنجي گهوٽ جي گهٽتائي ڪيئن ڪري ؟
ونود پنهنجي مائٽن سان گڏجي ايندو هو. روئڻهارڪي شڪل ڪري ايندو هو. هنن کيس چيو پائيءَ جي به مدد نه ڪنداسين. ونود، وندنا جي ڪلهي تي سرُ رکي روئي رهيو هو. هو مونکي پائي به نه ڏيندا . . . . وندنا دلاسو ڏيندي چيس، “مان ته نؤڪريءَ تي آهيان. تون خيال نه ڪر مان پاڻ ئي سموري جوابداري سنڀالينديس.”
جنهن عمر ۾ چوڙڻو ـ ماڻڻو سينگار ڪرڻو هو، اُن عمر ۾ وندنا ڪنجوس بڻجي پيئي. ونود نؤڪريءَ جي ڳولها ڪرڻ لڳو. وندنا پئسا جوڙڻ لڳي ڊپازٽ لاءِ ته ڪو گهر مسواڙ تي وٺي ڍنگ سان رهون، ڪيستائين ساهيڙين ۽ پيڪن سان نه گڏجندي ؟ ڪيستائين سڀ ڪجهه لڪائيندي رهندي ؟
سندس دماغ ۾ هڪ ئي جنون هو ته جيستائين پنهنجي خريد ڪيل گهر نه هوندس، تيستائين هوءَ ٻارن کي هن دنيا ۾ نه آڻيندي. وندنا جي ان محڪم ارادي ۽ پرتگيا ۾ ونود به کيس پورو ساٿ ڏنو. ڪجهه مهينن کانپوءِ هنن هڪ گهر مسواڙ تي ورتو ۽ شاديءَ جي پنجن سالن تائين ايترا پئسا جوڙيا، جو قرض وٺڻ کانپوءِ هو هڪ ٻن بيڊرومن، هال ۽ رنڌڻي وارو فلئٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
وندنا کي بلڪل پڪ ٿي ته ‘هيءُ منهنجو گهر آهي’ ۽ پوءِ پهرين سال ننڍڙي گُڏي سندن زندگيءَ ۾ آئي ۽ ٻئي سال پُٽ. وندنا ٽي سال نؤڪريءَ تان موڪل وٺي، پنهنجي ٻارن جي پرورش تي ڌيان ڏنو.
وندنا جا ڪروڙ پتي حويليءَ وارا ساهرا، ونود تي پيا ٻلهار ويندا هئا. هنن کيس هاڻ دڪان تي ويهڻ جي اجازت به ڏني هئي ۽ ماهوار ڪجهه پئسا به ڏيڻ شروع ڪيا هئا. پر اڃان تائين هنن ٻنهي کي ڌار ڪرڻ جي سازشن ۾ مشغول هئا. آسمان وارو هي کيل چپ چاپ ڏسي رهيو هو.
وقت گذرندو رهيو. گهڙيال جي سُئي چرندي رهي، هلندي رهي.
ٻار اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا ٿيندا رهيا. ڌيءُ جي شادي سٺي پڙهيل لکيل، خانداني گهر ۾ ٿي ويئي، وڏي ڳالهه ته هوءَ پنهنجي پتيءَ، گهر، ٻارن سوڌي بيحد خوش هئي.
گهٽنا ته ڪا وقت ويل ڏسي ڪانه ايندي آهي. ونود جنهن جي آڌار ۽ پيار سهاري هن هيتري عمر ڪاٽي، اُهو هڪ حادثي ۾ چالاڻو ڪري ويو. اُن صدمي وندنا کي ڀڃي ڀوري ڇڏيو.
کيس گهڻو وقت لڳو اُن صدمي کان ٻاهر نڪرڻ ۾.
پٽ جي پيار جي شادي، ڌوم ڌام سان ٿي. ڇوڪري وڏي گهر مان آيل، تمام سندر سڊول هئي. ڌيري ڌيري گهر ٻارن جي طوطلن آوازن سان ڀرجي ويو. وندنا بيحد خوش هئي پوٽي، پوٽيءَ سان. اُنهن کي آکاڻيون ٻڌائيندي، لولي ڏيندي، پيار ڪندي هوءَ پاڻ کي پورڻتا سان ڀريل محسوس ڪندي هئي. . . . .
ننهن الائي ڇو ٿوري کٽ پٽ ڪرڻ لڳي هئي. ٻارن مٿان، پاڻ تي، گهر تي، ڪم واريءَ مائيءَ تي، چڙ ـ چڙ خاص ڪري ننڍي فلئٽ هئڻ جو احساس هن کي خوب ٿيندو هو.
وندنا آهستي پنهنجا ساهه سان سانڍيل ڪتاب به ڇتيءَ تي پهچايا، پوءِ ستار، هارمونيم، سڀ شيون هُن ٻه ڇتيءَ تي رکايون. پنهنجو ڪٻٽ به خالي ڪري ٻارن جا ڪپڙا، رانديڪا رکيا ۽ ڪپڙا هڪ بئگ ۾ ڀريا . . . . هوءَ پنهنجيون.
ضرورتون به گهٽائيندي ويئي. جيترو ٿي سگهيس، هوءَ ننهن کي خوش رکڻ پيئي چاهي. ڌيڻس جي پيڪن ۾ اچڻ سان ته گهر اڃان وڌيڪ سوڙهو ٿي ويندو هو. ٻاراڻو گهر سڄو شين سان سٿيو پيو هوندو هو.
وندنا کي هر حال ۾ خوشي محسوس ٿيندي هئي. شور غل ۾ به هوءَ خوش هئي. سماڌان ۾ هئي.
اڄ پٽ گهر ۾ جلدي آيو. ماءُ سان حال ـ احوال اورڻ ويٺو، آفيس جو ڪم، پگهار جو وڌڻ وغيره . . . .وغيره . . پوءِ پيار ۽ لاڏ مان امڙ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين، “امڙ، هڪ خوشخبري ٻڌ. مونکي اضافو Promotion مليو آهي. هڪ سُٺو بنگلو وڪامجي رهيو آهي، جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ اڌ پئسا ڪمپني ڀريندي ۽ اڌ منهنجو سهرو. هيءُ فليٽ وڪڻي، هُن وڏي بنگلي لاءِ فرنيچر خريد ڪنداسين ۽ رنگ روغن لڳائينداسين. پوءِ امڙ، سڀاڻي ايجنٽ کي چئي ٿو ڇڏيان، فلئٽ کي وڪڻڻ لاءِ. هل ! راڻي ٿي وڏي بنگلي ۾ رههُ. راڄ ڪر.”
“ پُٽ ! ترس ۽ ٻڌُ. هي گهر آهي منهنجو پنهنجو گهر. شايد تون ان ڳالهه يا جذبي کي نه سمجهي سگهندين. ٻڌ تنهنجي ترقي ٿي آهي. توهان سڀ وڏي بنگلي ۾ رهڻ ٿا چاهيو، منهنجو اکيون ٿڌيون. پر پٽ مان هر حال ۾ هتي خوش آهيان. مون لاءِ هيءُ صرف فلئٽ نه، پر هڪ گهر آهي. مان هتي ئي رهنديس ۽ اهو منهنجو آخري فيصلو آهي جو نه بدلجندو” ۽ هوءَ پاسو ورائي چپ چاپ ليٽي پيئي. سندس انتر آتما شانت هئي ۽ اڏول به هئي.
هن پاڻ کي ستار وڄائيندي، هارمونيم جا سُر ڇيڙيندي، ڪتاب ۽ ڪوتائون لکندي ۽ پينٽنگ ۾ مشغول ٿيندي ڏٺو ۽ ترپتيءَ سان ڀريل به . . . .
پرڀات جي ويل سندس اک کُلي. هن نت نيم موجب، ڀرڻايام يوگا ڌيان ڪيو. سڀني ڪريائن کان فارغ ٿي، هوءَ پوڄا ڪرڻ لاءِ مندر جي اڳيان ويٺي ۽ اُن وقت ئي سندس پٽڙو اچي اڳيان ويٺو. “ امڙ. ڪجهه چوڻو اٿم.” “چئه پٽ ! ” هن پاٻوهه مان چيو ۽ اگربتي ٻاري. “ امڙ، رات تون منهنجيون اکيون کوليون. امان تو سچ چيو، هي صرف فلئٽ نه آهي، هيءُ گهر آهي. چئُه امان هيءُ گهر به رهي ۽ هو بنگلو به رهي ۽ پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو احساس به رهي، آهي ڪا وچين واٽ ؟ ”
“ ها پٽ، وچين واٽ به ضرور نڪرندي، پوڄا ته ڪري وٺون. هن آرتيءَ جو ڏيئو ٻاريو، گل، چندن ڀڳوان تي چاڙهيا، ڌوپ ٻاريو، ڪافور جي هلڪي سڳنڌ واتاورڻ ۾ ڦهلجي وئي. هڪ مڌر، پوتر، سڳنڌ ڀريو ماحول ٿي ويو. امڙ آرتي ڪئي. آرتي ۽ جل جو ڇنڊو گهر جي هر ڪمري ۾ وڌو.
ننهن، پوٽن، پٽ، سڀني آرتيءَ تان هٿ گهمائي چهري تي گهمايو. گهر جو واتاورڻ پوتر ٿي ويو.
پٽ ماءُ جي پٺيان پٺيان هلندو، ماءُ جي اڳيان اچي ويٺو، “ چئه امڙ ڪهڙي وچين واٽ آهي ؟ ”
ماءُ پُٽ جي مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو، “ ڏس پُٽ، اسين سڀ هڪ ٻئي کي بيحد پيار ڪندا آهيون. ننهن به غلط نه آهي. وڏي گهر جي کيس عادت آهي، اڳتي هلي ٻار وڏا ٿيندا ته برابر وڏي گهر جي ضرورت به ٿيندي، پوءِ ٺيڪ آهي جئين تون چئين ! مان ته ائين ٿي چاهيان، هي گهر به رهي، هو بنگلو به.”
“ ته امڙ کڏ پئي فرنيچر، پيو ٺهندو. هاڻ ٻيو ڇا ”
“ پُٽ، مان ته جڏهن سڪ لڳندي تو وٽ اچي رهنديس. توهين به وچ وچ ۾ اچي مون وٽ رهي وڃجو. بدل سدل ۾ مزو به ايندو رهندو.” ٻنهي ماءُ پُٽ هڪ ٻئي کي وڏو ڀاڪر پاتو.
مهيني کن ۾ پُٽ ٻارن سوڌو بنگلي ۾ وڃي رهيو ۽ هوءَ پنهنجي گهر ۾. ڪڏهن هوُ ٻارن سوُڌا هُن وٽ رهندا هئا ته ڪڏهن هوءَ ٻارن وٽ ٻه چار ڏينهن رهي ايندي هئي ۽ گڏ هئڻ جو احساس به ماڻيندا هئا.
وندنا واندڪائيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ۾ پيهي پاڻ سان ئي گفتگو ڪرڻ لڳي. پنهنجي گهر جو هئڻ، پنهنجائپ ۽ پيار سان گڏ هڪ سمجهداريءَ جو احساس آهي. الائي ڇو ۽ ڪيئن ننڍي هوندي کان ڪجهه تلخ آزمودن هُن کي ڪن غلط ڀاونائن ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو. اڄ قدرت ۽ قادر، پنهنجي ٻارن جي وشال من، اُدارتا جا مثال ڏيئي، گهڻو ڪجهه هُن جي سامهون سوچڻ لاءِ پيش ڪيو. هوءَ پنهنجو پاڻ کي تلاشڻ لڳي. پيڪي گهر ۾ هڪ آزمودو مليو هو جو سندس جذباتي دل لاءِ تلخ هو پر هڪ حقيقت هئي ۽ اُهو قدرت جو هڪ نيم هو. جنهن گهر ۾ هوءَ شادي ڪري ويئي، خاص ڪري پريم وواه. ضروري نه هو ته ٻئي ٻانهون ڦهلائي سندس سواگت ڪن ها ! سندس پُٽ جيڪا رٿ رکي هئي ته ننڍي جڳهه مان وڏي گهر ۾ وڃي رهجي، جيڪڏهن سهوليت سان سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته کليل من سان سويڪارڻ ۾ ڪا وڏي ڳالهه ڪونه هئي. هُن پنهنجي پُٽ اڳيان اهو سڀ ڪجهه سويڪاريو پر ٻڏتر سان.
هن ‘گهر’ اکر سان ايترو موه ؟ گهر معنى چار ڀتيون، هڪ ڇت نه آهي، اُن کان گهڻو گهڻو وڌيڪ هڪ احساس آهي، پنهنجائپ ۽ پيار جو.
شرير به ته هڪ گهر آهي جو هڪ وقت ڇڏي اصلي گهر وڃڻو آهي ! آتما جو پرماتما سان ملڻ. ‘اصلي گهر’ جنهن جي هن کي ننڍي هوندي کان تلاش هئي. . . . . .
هُن جو من هلڪو ٿي ويو. هن پاڻ کي ساکشي ڀاوَ ۾ ويچار ڪندي ڏٺو. پنهنجن ڪيترن ئي سوالن جا جواب، پنهنجي انترآتما مان هن کي ملندا ويا. هُن جو تپيل من گيان ۽ پيار ئي پيار پائي شانت ٿي ويو. پل ۾ هُن پاڻ کي لامحدود محسوس ڪيو. سندس چهرو تيج، آتمڪ نوُر، شانتيءَ ۽ سنتوش سان ٻهڪڻ لڳو.