ڪھاڻيون

عبادت

هي ڪتاب “عبادت” هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن.
Title Cover of book عبادت

1. عبادت

گهر جي دروازي تي ڪنهن دستڪ ڪئي. مون دروازو کوليو. ٽپالي هو. هن مونکي هڪ وزندار خوشبو سان ڀريل رنگين لفافو هٿ ۾ ڏنو. مون اُتاولو ٿي ائڊريس جا اکر ڏٺا. ڄاتل سڃاتل اکر، خوبصورت لکاوٽ، پٺيان موڪليندڙ جو نانءُ ۽ پتو نه لکيل. اهڙا اکر، اهڙا لفافا تمام ننڍيءَ عمر کان منهنجي هٿ ۾ ايندا رهيا هئا. هڪ اڻ ڄاتل اُڻ تڻ ۽ هرکر جو احساس ڇڏي ويندا هئا.
بابا، جو سنان ڪوٺيءَ ۾ سنان ڪري رهيو هو، ان جو بي صبريءَ ڀريل آواز ٻڌي هوش ٺڪاڻي اچي ويو. ڪير هو؟ ٽپالي؟ خط آيو آهي؟ هڪ ئي وقت سهڪندي ـ سهڪندي بابا سڀ سوال پڇيا شايد هو تڪڙ ۾ لڱ اگهي رهيو هو. شرارت ڀري مرڪ مرڪندي مون چيو، “خط آيو آهي.”
“ آيس ! آيس، اجهو آيس. ٽپائيءَ تي رکُ” بس ان جملي پوري ڪرڻ سان ئي بابا اک ڇنڀ ۾ منهنجي سامهون هو.
لفافو وٺي، سرسري نظر لفافي جي ائڊريس تي وجهي بابو پنهنجي ڪمري ۾ بند ٿي ويو. سالن کان سڀ ڪجهه ساڳيو هلي رهيو آهي. ساڳئي قسم جو رد عمل ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين مان اهو کيل خاموش تماشائي بڻجي ڏسندو رهيو هوس. پر اڄ الائي ڪهڙي ديوانگي مون مٿان طاري ٿي ڀڳوان ڄاڻي. ننڍپڻ جي سموري اُڻ ـ تڻ هن پل ۾ مونکان ڇا ـ ڇا ڪرائي رهي هئي.
مان بند دروازي جي “ڪي هول” مان بابا جي هر حرڪت کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. بابا خط پڙهندي پڙهندي ڪڏهن گنڀير، اصل ساهه روڪي خط جو هڪ هڪ حرف پڙهي رهيو هو ته ڪڏهن زيرلب مسڪرائي رهيو هو. الائي ڇو؟ مون دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي ۽ وري “ڪي هول” مان بابا جي چهري جو جائزو ورتو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته بابا جي ڪنهن سماڌي ڀنگ ڪئي هجي. الائي ڇو؟ مون پاڻ کي هن شرارت تي هيسيل محسوس ڪيو. “ ڪير آهي؟ ڇا کپيئي؟”
“بابا مان آهيان، منهنجو ٽوال اندر رهجي ويو آهي. سنان ڪرڻو آهي. ڪاليج وڃڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.” مون وري بابا کي ڏٺو، بابي اهو لفافو گديءَ هيٺان کڻي لڪايو ۽ منهن تي هٿ گهمائي چهري تي سهج ڀاو آڻي دروازو کوليو.
مان به بابا کان گهٽ ٿوروئي هوس، اهڙي شڪل ٺاهيم ڄڻ ته ڪجهه ڄاڻان ئي نه، اندر هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي چيم، “ساري بابا، هن ڪمري ۾ ته ٽوال ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڳولهيان ٿو” ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس. بابا وري جهٽ کڻي دروازو بند ڪيو.
بابا جي اها عادت مونکي اميءَ ننڍي هوندي کان ٻڌائي ڇڏي هئي ته بابا جڏهن ڪهاڻيون، ناول يا ڪجهه لکندو پڙهندو آهي ته ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجيءَ اڻ پڙهيل امان کي بابا جي ودوان ۽ پڙهيل لکيل هئڻ جو ڏاڍو فخر محسوس ٿيندو هو. اسان ٻارن کي به چوندي هئي ته بابا جڏهن ڪمري جو دروازو بند ڪري ته کيس ڪڏهن به رخنو نه وجهندا ڪريو. مونکي اڻ پڙهيل معصوم جيجل جي ڳالهين جي ياد اچڻ لڳي ۽ سندس ڪيل تاڪيد به. پر اڄ ته مونکي الائي ڪهڙيءَ کيچل کنيو هو جو گهڙيءَ گهڙيءَ من پيو چاهي، بهاني ـ ڪي ـ بهاني بابا کي تنگ ڪندو رهان، جيستائين بابو چڙي، پر الائي ڪيئن مان دل جي ان ٻاراڻي حرڪت کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيس.
اڄ جو ڏينهن مون لاءِ آنڌ مانڌ وارو ثابت ٿي رهيو هو. ڪاليج، ڪلاس، ڪتابن ۽ ڪئنٽين ۾ ڪٿي به من نه پيو لڳي. ڏهن ٻارهن سالن کان جا خواهش منهنجي اچيتن من ۾ دٻيل هئي. ان هرکر کي مان، دٻائڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي رهيو هوس. آخر گهر وڃڻ جي خيال سان ٿوري راحت محسوس ٿي.
گهر آيس. امان چيو، “آئين پُٽ، مان به ستسنگه ۾ پئي وڃان” امان هلي ويئي. بابا نماشام جو واپس ورندو منهنجي اُڻ تڻ واري اندر کي ڪا خوراڪ ملي ويئي. بس مان ۽ اڪيلو گهر. سڌو رخ رکيم بابي جي ڪمري ڏانهن. بابا جي ڪتابن جي هڪ خاني کي ڪلف لڳل هو. ضرور ڪجهه هن خاني ۾ هوندو؟ چاٻيءَ جي تلاش شروع ڪئي. چڱو وقت ڳولهڻ ۾ لڳي ويو. آخر چاٻي لڌي. بابي جي پلنگ جي گاديءَ هيٺان خانو کوليو. چوء طرف سرهاڻ ڦهلجي ويئي چندن جي. ان خاني ۾ گلاب جو ڪي تازيون سڪل پنکڙيون پڻ پيون هيو.
مونکي ائين لڳڻ لڳو ڄڻ ته ڪنهن پوڄاگهر ۾ پرويش ڪيو هجي. خاني ۾ تمام سليقي سان ڪي خط الڳ الڳ بنڊلن ۾ ٻڌا پيا هئا. هر بنڊل تي ترتيبوار سال لکيل هئا. ساڳيا ئي اُهي رنگين لفافا، ساڳيا سهڻا صاف سٿرا اکر. سڳنڌ ۽ هڳاءُ سان منهنجي سيٽيل نسن کي فرحت ملي. پر مونکي انهن بنڊلن کولڻ جي همٿ ئي نه پئي ٿئي. ڪنهن ازغئبي شڪتيءَ منهنجا هٿ ٻڌي ڇڏيا هئا. ائين پئي لڳو ڄڻ ته مان ڪنهن مندر ۾ چوريءَ جي ارادي سان گهڙيو هجان ! پر منهنجي من جي مستيءَ ۽ اُن تڻ مونکي همٿايو، هڪ بنڊل کنيم ۽ ان مان هڪ خط ڪڍي ورتم.
خط هڪ پريم پتر هو جنهن ۾ سڪ جو اظهار، جنم جنم ساٿ وغيره وغيره لکيل هو. هيٺان هڪ استريءَ جو نالو هڪ فوٽو به. جادوءَ ڀريو معصوم ۽ پوتر مهانڊو، منهنجي هٿ مان فوٽو ڇڏائجي ويو، ۽ اُن وقت ئي ڪنهن گهر جي گهنڊڻي وڄائي. مان تمام گهڻو ڇرڪجي ويس، هٿ پير پگهرجي ويا. تڪڙ تڪڙ ۾ اهو خط اُن بنڊل سان ٻڌي دروازو کولڻ ڀڳس دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. شال بابا نه هجي. ائين ڇو محسوس ٿيو ڪو منووگيان جو ماهر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
دروازو کوليم. ڌوٻي هو. مون اُن کان ڪپڙا وٺي رکيا. دروازو بند ڪيم. شرير مان طاقت موڪلائي وئي هئي. بستري تي ڦان ٿي ڪري پيس. بس خيال. . . . .ويچار، . . . . . . بابا ۽ پرناريءَ سان ڦاٿل ؟؟؟
منهنجي امڙ معصوم، اڻ پڙهيل، پتورتا، وشواسي. بابا کي اتم آدرشي پتي سمجهي هوءَ سڄي زندگي ڪاٽي رهي آهي. منهنجو بابا سڄي عمر امڙ جي جذبن کي ٺڳي رهيو آهي. مڪار انسان ! وات مان ازخود نڪري ويو. عمر جي هن حصي ۾ به امڙ ۽ اسانکي ٺڳيندڙ منهنجو پيءُ. جوانيءَ ۾ منهنجي امڙ منهنجي عاشق مزاج بابا کان ڇا ڇا نه سٺو هوندو. اف اُن خط کي نه، ڄڻ ته مون ڪنهن جوالامکيءَ کي ڇهيو هجي.
خيالن جي وهڪري کي موڙڻ لاءِ ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺم. اکين اڳيان ور ور اُها لکاوٽ. خط احمد آباد مان آيل هو. منهنجو چاچو به ته اُتي رهندو آهي. بابا ٻين، چئين مهيني اتي ويندو رهندو آهي. ضرور هن سان گڏجڻ ويندو هوندو. شايد بابا جا ٻه گهر هجن ۽ ٻه ڪٽنب، ان خيال سان ئي منهنجو من ڪراهت سان ڀرجي ويو.
ڪنهن در کڙڪايو، اُٿيم امان واپس موٽي هئي. “ اڙي ڇو بتي نه ٻاري اٿيئي ؟ اوندهه ۾ نه پڙهندو ڪر، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون اٿيئي. اڃان بابهن نه آيو آهي؟ پنڌ ڪري ڪاٺي ٿي ويا آهن. نه صحت جو خيال ۽ نه عمر جو، منهنجي ڪير ٿو ٻُڌي ؟ ”
مونکي امڙ جي اٻوجهائيءَ تي رحم به اچي رهيو هو ته غصو به. بنان ڪنهن سوچ ويچار جي سوال روپي ٻاڻ منهنجي وات مان نڪتو، “ امان تون پڙهينءَ ڇو نه ؟” “پُٽ، گرمکي ته ايندي اٿم. ججي بئريسٽري ته ڪرڻي ڪونه هئم. گهر جي ڪم ڪار لاءِ پڙهڻ ڇا تمام ضروري آهي؟ پر تون اڄ ڇو ٿو پڇين ؟” مان پريشان ٿي پيس. “ بس ائين ئي، امڙ نُنهن به اڻ پڙهيل وٺندينءَ يا پڙهيل لکيل ؟ ” امان کِلي ويٺي “ نُنهن ته تنهنجي پنسديءَ جي هجي ” ۽ هوءَ رنڌڻي جي ڪم ڪار کي لڳي ويئي. مون من ئي من ۾ چيو، امڙ پڙهيل هجي ها ته . . . . .، اهو ويچار اڌ ۾ ئي رهجي ويو جو بابا به اچي ويو هو.
اڄ مون پنهنجي ڊبل ڪراس بابا کي الڳ ائنگل سان ڏٺو. پنهنجيءَ عمر کان اٺ ـ ڏهه سال ننڍو لڳندڙ، خوبصورت جسم ۽ شڪل جو مالڪ بابا، جنهن جي هر گڻ تي مان رشڪ ڪندو هوس. اڄ مونکي تمام هوشيار، بي وفا ۽ چالباز نظر اچڻ لڳو. اصل ولين، فلمي ولين نظر اچڻ لڳو. هميشه وانگر امان بابا جي دستوري گفتگو شروع ٿي. “چانهه ته پيئار ڀاڳوان. تنهنجي هٿ جي ٺهيل چانهه پيئڻ جي ڪري ته مان ‘سدا جوان’ نظر ايندو آهيان” امان لڄ وچان ڳاڙهي ٿي ويئي. هن عمر ۾ به لڄ کان لعل ٿيندڙ شرميلي امڙ بيحد سندر، نوراني ۽ تيجسوي نظر اچڻ لڳي. “ شرم نٿو اچيو، پُٽ جوان ٿيو اٿو، نانا به ٿيا آهيو. اڃان تائين اهي ڳالهيون نٿا ڇڏيو.” هلڪو موڙو ڏيئي کلندي مرڪندي امان هلي ويئي. بابا اڄ مونکي نقلي نقلي نظر اچڻ لڳو. دل ۾ چيم، (ڊبل رول).
هيل تائين مان پاڻ جيڏن سان بابا جي خوب تعريف ڪندو رهندو هوس. بابا ۽ امڙ جو پيار مون لاءِ آدرش هو. بابا جي شخصيت، گرهست جيون جي ڪاميابي، ڄاڻ، گيان مونکي بيحد متاثر ڪندا هئا. مان پاڻ کي بابا جو مريد سمجهندو هوس. بابا جا نيم، اسر جو اُٿڻ، ڪسرت ڪرڻ، ٽامي جي لوٽيءَ ۾ پاڻي پيئڻ، سڊول ڪسرتي بدن، سٺي پوشاڪ پائڻ جو ڏانءُ، سندس تيزفهمي، سئگل جا گيت تمام مٺي آواز ۾ ڳائڻ، هر وشيه ۾ دلچسپي ۽ ڄاڻ، چقمق جيان مونکي هن جي شخصيت ڏانهن ڇڪينديون هيون. پر منهنجو بابا پراستريءَ سان چڪر پيو هلائي، هيترن سالن کان. قصور منهنجي بابي جو نه هوندو. ان استريءَ ئي منهنجي همدرد ۽ سٺي سڀاءُ واري بابي کي، ڇل ـ ول سان هرکايو هوندو.
بس اها ئي خواهش رهجي ويئي اٿم، موقعو پائي سڀ خط پڙهان، حقيقت ڄاڻان، پوءِ ان استريءَ کي دٻ ڀريو خط لکان. “هئڙيءَ وهيءَ جو شخص، جوان پُٽ ۽ پرڻيل ڌيءُ جو پتا آهي. جو نانو به آهي ته هڪ ڏينهن ڏاڏو به ٿيندو، ان شخص کي گمراهه ڪرڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو ؟ ”
ٻئي ڏينهن بس لڳي ويس موقعي جي تلاش ۾ ته ڪڏهن گهر ۾ اڪيلو ٿيان ۽ . . . .’۽ پنهنجي ڀٽڪيل من کي شانت ڪيان . . . . هڪ ٻه ڏينهن موقعو نه مليو ۽ جڏهن تز موقعو مليو ته جهٽ ڪٻٽ جو خانو کوليو ۽ بنڊل ۾ اڻ ٻڌل خط جو ٻه ـ ٽي ڏينهن اڳُ آيو هو، اهو ئي پڙهڻ ويٺم. تاتپرج ان خط جو اهو هو ته ڪڪو انجنيرنگ جي پڇاڙيءَ واري سال ۾ پهتو آهي، اهو پڙهي خوشي ٿي. پورهيا سجايا ٿيا. خط ۾ لکيو اٿو ته اهو منهنجو احسان آهي، مونکي نه وڻيو . . . ڊونيشن لاءِ پئسا برابر مون ڏنا پر محنت ته تنهنجي پُٽڙي جي آهي. تنهنجو پُٽ منهنجو پُٽ نه ٿيو ڇا ؟ ٻارهن سال ٿيا هڪ ٻئي کي ڏٺي، گهر گرهستيءَ جي چڪر ۾ خبر ئي نه پئي آهي ته سال پکين وانگر ڪيئن اُڏاميا. منهنجين ٻن ڌيئرن جي شادي به ٿي ويئي. هاڻي ڏاڍي اڪيلائپ پئي محسوس ڪيان. خاص ڪري صحت ٺيڪ نٿي رهي. ڪاش ! مونکي به هڪ پٽڙو هجي ها ! ته ڪا آس هجيم ها ! ڀاڳين ڀريو آهين. پُٽ هٿان اگني نصيب ٿيندءِ. طبيعت ٺيڪ نٿي رهي ۽ اڪيلائپ جي ڪري من سُست ٿي ويو آهي.
وڌيڪ خط پڙهڻ جي طاقت مون ۾ ڪونه رهي، اکيون آليون ٿي ويون، شرمسار . . . . . . .. پشيمان . . . . . . گنهگار مان ! عبادت ۾ وگهن وجهندڙ . . . . . بس، بس ! سالن جا سال هڪ ٻئي کي بنا ڏٺي. گرهست جي گاڏي ڪاميابيءَ سان هلائيندي . . . . هيتري پنهنجائپ! هيتري شرڌا ! قربانيءَ جي ڀاونا ! منهنجو من پنهنجي بابي لاءِ ۽ ان اڻ ڏٺل ناريءَ لاءِ شرڌا سان ڀرجي ويو ۽ سنيه جي ڀاونا پئدا ٿي وئي. هي پيار آهي يا پوڄا اڄ مان انجنيئر به هن جي ڪرپا سان ٿيو آهيان.
وڌيڪ خطن پڙهڻ جي طاقت مون ۾ نه رهي. هڪ ڌارمڪ گرنٿ وانگر سڀ بنڊل ڊراور ۾ رکيا.
ان ڏينهن کان پوءِ اهي رنگين لفافا جڏهن ڪڏهن به منهنجي هٿ ۾ ايندا هئا ته منهنجو چهرو بابي جي نوراني مکڙي کي ڏسي چمڪندو هو..
ڪئلينڊر ڪروٽ بدليندو رهيو ۽ بابو، ڏاڏو به ٿي ويو.
هڪ ڏينهن ٽپالي تار هٿ ۾ ڏني . . . . . مون تار کولي، احمد آباد مان آئي هئي، هن جي گهوٽ جي، بابي جي نالي هوءَ گذاري ويئي. انتم اِڇا هئس تون سندس ارٿيءَ ۾ شامل ٿين جلد روانو ٿي. منهنجا هٿ، پير ٿڌا ٿي ويا، تار کڻي بابي جي ڪمري ۾ ويس. دروازو مون بند ڪيو ۽ تار بابي جي هٿ ۾ ڏني. شينهن مڙس، ٻارن وانگر روئڻ لڳو آواز ٻڌي، امان به در کڙڪايو، “پُٽ ڇا ٿيو ؟ . . . . .” مون بابي کي ڀاڪر ۾ ڀري سانت ڪرائي پوءِ . . . دروازو کوليو ۽ امان کي ٻڌايو ته “بابي جو جگري دوست احمد آباد ۾ گذاري ويو آهي. تڪڙ ۾ منهنجا ۽ بابي جا ٻه ٻه اڇا وڳا وجهي، جلد بئگ ٺاهي ڏي، اسان ٻنهي کي وڃڻو آهي.”
بابا مون ڏانهن وائڙن وانگر نهارڻ لڳو مون سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ ڇاتيءَ سان لاتو ڄڻ ته هن جو درد چوسي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم. سڄي سفر ۾ بابي ڪجهه به نه ڳالهايو.
اتي پهتاسين. مون ان ديويءَ جو درشن ڪيو، پير ڇهيا. بابي کي سهارو ڏئي مکه درشن ڪرايو. هن جي پتيءَ ۽ بابا هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري پرچاڻي ڏني. ساڳيوئي ڏنگه وڇوڙي جو ٻنهي جي دل ۾، هڪ پائي به نه پاتو ٻئي نه پائي به گهڻو ڪجهه پاتو . . . . ڪيڏو نه تفاوت هو ٻنهي ۾. ائين پئي لڳو ٻنهي جي پهرين ملاقات نه هئي . . . . صدين کان هڪ ٻئي کي سڃاڻن.
چکيا کي اگني مون ڏني، پڳڙيون ڪري روانا ٿياسين، گاڏي پنهنجي شهر ۾ پهتي، سامان کنيو، بابا کي چيو “اٿو پنهنجو شهر اچي ويو.” بابا جون اکيون الائي ڪٿي نهاري رهيون هيون.
مون بابا کي ڀاڪر ۾ ڀري اُٿاريو ۽ بابا کي چيو “ ايشور جي رضا تي راضي رهڻ ئي زندگي آهي. آهي نه ؟ ”
۽ بابا ڪنڌ سان ‘ها’ ڪئي.