تصوف

بحر العميق

سائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
Title Cover of book بحر العميق

محشر خيال

اردوءَ جي هڪ مصرع: ”هي آدمي بجاءِ خود اڪ محشر خيال“ _ ۾ انسان جي خيالات جي دنيا جو اشارو آهي. ان موجب هن جي دل خيالات جي آباد دنيا آهي. جنهن ۾ مجازي ۽ روحاني زندگيءَ جا پوپٽ رنگ سمايل آهن. دنيا جي زندگي اعليٰ انسانن لاءِ هڪ قيد مثل آهي. هنن جي واڳ ڌڻيءَ وس آهي. هو بيوس آهن. جيئن سائين رکيل شاهه چيو:
”وس نهين چلدا، حجت نه هلدي،
رت رووان هٿ ڌووان جند پئي جلدي.“
سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ جي روايت گذريل ٽن سون سالن ۾ چٽا رنگ ڀريا آهن. شاهه ڪريم، شاه عبدالطيف، سچل، خواجه فريد، بيدل، بيڪس، خوش خير محمد، سائين رکيل شاهه ۽ پوءِ سندس فرزند سائين چيزل شاهه توڙي ٻين هن سلسي ۾ پاڻ مڃرايو آهي. سائين رکيل شاهه ۽ چيزل شاهه ارادت جي سلسي سان ڳنڍيل آهن، سو ميران پور جهوڪ جي حضرت شاهه عنايت شهيد سان ملي ٿو: مٿي ويندي حضور صه سان تعلق آهي. صوفي درويشن انسان ذات کي خدا ڏانهن راغب ڪيو ۽ محبت جي هن تلقين ماڻهن ۾ انسان دوستي ۽ بي تعصبي پيدا ڪئي. شاهه عنايت جي مريدن ۽ سائين رکيل ۽ سائين چيزل جي مريدن ۾ هندن جو هجڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي. پنهنجي والد محترم وانگر سائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
فرمائي ٿو ته:

آڻي عشق آتش اندر ٻاري ڙي اديون
جان جسم جند ڳاري، دردن ۾ ته آزاري. ڙي اديون
هڪ آءُ سهڻل ڪنهن ڀيري،
ٻيو ته چاڪ پون جگر جيري،
ٽيون ڪري ڪيئن وري تاري ڙي اديون.

انساني بوتو حقيقي محبوب جي رهڻ جو آستانو آهي. آدم جو ويس پائي محبوب اچي واسو ڪيو آهي آدم ۾ اظهار ڪيو اٿس.
سائين چيزل فرمائين ٿا ته:

ٿلهه: بيرنگ برقعو پائي پائي.
آيو آدم هت اظهار ٿي.
علم العين يقين تون ڄاڻي،
احد ۽ احمد فرق نه آڻين
وچون ميم وڃائي.
آيو سڀن نبين جو سردار ٿي.

آدم جو اولاد نه آهيون بلڪ آدم اسان جو ڄايو آهي. جيئن بُلا شاهه چيو تيئن ٻين به ڪيترن صوفين ۽ الله جي عاشقن به آلاپيو.
چيزل سائين فرمائين ٿا ته:

ڪون اسان نون لوڪ سمجهاوي؟
اسين آدم دي اولاد نه ڄائي.
ڪاڻ تماشي هتڙي آيم
مٽ نه ڪنهن دا نه ڪوئي ڄايم
سير سلطاني حقيقي پايم
خيال ڳيا لنگهه سفر سجائي.
عشق واليان نون هادي هدايت
راهه رهبر سچ ڏسي هي وحدت
ٻيا ڪونه ڪريسي سانون نصيحت
چيزل نعرا نينهن وڄائي.

شعر ۾ عارفن هڪ ته اعليٰ اڏام ڪندي اُهي خيال ظاهر ڪيا آهن، جن جي خبر به اهڙن عارفن کي ئي آهي. ٻيو ته زبان جو فرق به نه رکيو اٿن. ڇا سرائڪي ڇا سنڌي هندي ۽ اردو، هنن ته اُڏام ئي ڪئي آهي. بلند پرواز ۾ آهن. سائين چيزل شاهه وٽ به اُها بلدن پرواز آهي:

تيري عجب اسرار ڪا، مجهه ڪو هئا ڪيسي خبر،
هم هون هردم درد سي ديوان او در بدر.
گلي گلي ۾ گول ڪرڪي
يار آيوسي نظر،
ديدار ميري دل ڪو لٽيا
ڦر آوي ڪيوين صبر.
بره ڪي بازار ۾
سودا ڪيا هي سر بسر،
العشق نار الله سي
جل گيا جانون جگر.

مطلب ته الله جي عاشقن جي زبان پنهنجي، انهن جو بيان پنهنجو. هن زبان ۽ بيان جو اثر به دل وارن تي ٿيو. دکي خلق ڏانهن رجوع ٿي ۽ سک جو ساهه کنيائون. رسالو بحر العشق (سائين رکيل) ۽ رسالو بحر العميق (سائين چيزل) درد درياءَ آهن. عشق جي عميق بحر جا واقف سڄي اسرار کي سمجهن ٿا. هڪ ڀيري وري بحرالعميق سڪ وارن لاءِ ميسر ٿيو.


والسلام

[b] ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
[/b]۱۹۴ شهريار منزل،
شاه لطيف روڊ
بدين، سنڌ