(هه) رهڻي ڪهڻي:
پاڻ فرمائيندا هئا ته، اهڙن طالبن کي ڏسڻ سان ٺرندا آهيون، جيڪي سوالي کي نٿا جهڻڪن.
سائين جن روزانه ٽي دفعا ڪچهري ڪندا هئا.
(1) صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ انهن سان عام ڪچهري.
(2) شام جو عام ماڻهن سان ڪچهري، مختصر فيصلن جا تصفيه ڪرڻ ۽ ڪچهري.
(3) رات جو ماني کائڻ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندا هئا.
محفل سماع ٿيند هئي، ان ۾ ويهي حقيقت جي رازن کي کولي سمجهائيندا هئا.
سندس مقولات هيٺين ريت آهي:
(1) ”الشيخ في القوم کانبي في الامت“ جيئن نبي امت ۾ هوندو آهي، ان طرف مرشد پنهنجي قوم (مريدن) ۾ هوندو آهي. (ٻئي هدايت لاءِ هوندا آهن.)
(2) ڏاڍو شوق شريعت سان رک.
ٻڌي توڪل طريقت تون سک
هل حقيقت ساڻ معرفت مطلب قلزم ڪاڻ
نانهه جو نڪتو سڃاڻ
(3) فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ نبي جو ڪم آهي، انهن سان گڏ ويهڻ پرهيزگارن جو ڪم آهي.
(4) غريب الله جو عيال آهي، انهن سان خنده پيشاني سان ملو ۽ عيب ۽ ثواب ڏي نه نهاريو.
پوشاڪ هن ريت هوندي هئن:
ڊگهي پهراڻ مٿان گيڙو رنگ جو دستار مبارڪ، ڪڏهن سائي ۽ نيري دستار پائيندا هئا. اونهاري جي موسم ۾ ڀرت ڀريل ٽوپي پهريندا هئا. هٿ مبارڪ ۾ عصا (لٺ) رومال به جهليندا هئا، چيچ ۾ منڊي پائيندا هئا، پيرن ۾ ڀرت ڀريل جتي پهريندا هئا، ڪڏهن بوٽ به پائيندا، اونهاري جا ٻه مهينا جون ۽ جولاءِ ڪڏهن آگسٽ ۾ پنهنجي عيال عزيز ۽ فقراءَ سميت ڪوئٽه ۾ گزاريندا هئا. گهڻو عرصو درگاهه فتح پور ۾ رهندا هئا. طالبن جي عرض موجب انهن جي ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پير گهمائي خوشيون ۽ روشنيون بخشيندا هئا. خاص موقعن تي پنهنجي مرشد ڪامل پاران عطا ٿيل تاج پهريندا هئا. هر سال حضرت شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي ميلي تي حاضري ضروري ڀريندا هئا.