(ج) بيعت ۽ طريقت
ظاهري دنيا وارن لاءِ مرشد جو هجڻ ضروري آهي. هڪ حديث آه ته: ”من لاشيخ له فاشيخ هو الشيطان“ جنهن کي مرشد نه آهي انهي جو مرشد شيطان آهي.
اگرچه عاشقن کي راهه ۽ رسم جي خبر ازل کان آهي، تاهم ظاهر راهه عشق لاءِ رهبر جي ضرورت آهي. جيئن اتباع، انڪسار، خضوع ۽ خشوع جي ذريعي منزل، حق ڏانهن راغب ٿئي، طالبن کي انهيءَ رمز مان گذرڻ ضروري آهي. مرشد ڪامل ئي پنهنجي مريد کي ورد وظائف ڏئي جي تڪميل لاءِ آماده ڪندو آهي. ان طرح طريقت جي ذريعي ئي معرفت کي پهچبو آهي.
اهل تصوف وٽ پنج ڏاڪا هوندا آهن، جن جي ذريعي عاشق واصل بالله ٿين ٿا.
1. شريعت: يعني اسلامي ارڪان ۽ عقائد جي پختگي
2. طريقت: يعني مرشد حق جي اتباع
3. معرفت: يعني رسول مقبول صه تائين رسائي ۽ خدا جي ساڃاهه ۽ ڪل ڄاڻ ملي.
سائين چيزل شاه جي نظريه ۾ حقيقت تائين پهچڻ کان پوءِ معرفت حاصل ٿئي ٿي.
4. حقيقت: يعني الله تبارڪ و تعالي جي ڄاڻ ۽ پاڻ ۾ پرتو پسڻ.
5. بقا دوام: يعني خدا جي ذات ۾ گم ٿي وحدت ۾ وحدت ٿيڻ.
(نوٽ: چئن مقامن کان پوءِ حقيقت دوام آهي ڪثرت مان ڦري وحدت ۾ گم ٿي، واحد ٿيڻ آهي.)
پهرين ڏاڪي جي صورت ۾ عبادات، تذڪير ۽ تهليل جون سڀ راهون سر ڪرڻيون آهين. هن ۾ امرو نواحي کي اهميت آهي. مثلا:
(1) ومااناڪم الرسول فخذوه و مانهيٰ ڪم عنه فانتهو.
(۽ جيڪو توهان کي رسول ڏئي، ان کي وٺو ۽ جنهن کان توهان کي روڪي ته پوءِ رڪجي وڃو.)
(2) ومن يطع الرسول فقد اطاع الله
(۽ جنهن رسول جي تابعداري ڪئي، تنهن الله جي تابعداري ڪئي.)
(3) واطيعو الله واطيعو الرسول
(۽ خدا جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي تابعدري ڪريو.)
(4) فلا و ربڪ الايو منون حتيٰ يحڪوڪ.
(۽ پوءِ قسم آهي تنهنجي رب جو اهو تيسين مومن نه آهي جيسين توکي (حضور اڪرم) حاڪم نه مڃي.)
ان وقت ئي طريقت ۽ رياضت ۽ مجاهدن جي ضرورت ٿئي ٿي، طريقت جي ذريعي ٽئين ڏاڪي تائين پهچي ٿو، ٽئين ڏاڪي کان پوءِ چوٿين ڏاڪي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
معرفت جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته، هستي رسول مقبول ڇا آهي، مثلا:
(1) لولاڪ لما خلقت الافلاڪ
(۽ جيڪڏهن توکي (محمد صه) پيدا نه ڪريان ها ته دنيا کي پيدا نه ڪريان ها.)
انا ارسلناڪ بالحق بشيرا و نذيرا
(اسان توکي حق سان بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.)
انا من نور الله و خلق ڪلهم من نوري
(مان الله جي نور مان آهيان ۽ ڪل مخلوق منهنجي نور مان آهي.)
اول مان خلق الله من نوري
(پهرين الله تعالي منهنجو نور پيدا ڪيو.)