واقعات
[/b]سائين چيزل شاه بادشاه هڪ تمثيل ڏيئي صحبت جي اثر متعلق فرمايو:
هڪ ننڍڙو شينهن ٻڪرين سان گڏجي جهنگ ۾ گهمندو ڦرندو هو، ڇو ته ننڍي هوندي کان ئي ٻڪرين جي کير تي پلي جوان ٿيو هو. هڪڙو پالتو شير بنجي ٻڪريءَ وانگر بزدل ٿي ويو هو. هڪڙي ڏينهن اوچتو انهن ٻڪرين ۾ هڪ جهنگلي شير جي آمد سبب ڀاڄ پئجي وئي، پالتو شينهن به ٻڪرين سان گڏ ڀڄڻ لڳ.
جهنگلي شير تکو ڊوڙي پالتو شير کي پڪڙيو، کانئس پڇيو ته ٻڪريون ته ڀڄي ويون تون شينهن ڇو ڀڳين؟ پالتو شير جواب ڏنو ته مان ٻڪري آهيان، جهنگلي شير کيس هڪ پاڻي جي چشمي تي وٺي ويو ان ۾ پنهنجو پاڇو ۽ پالتو شير جو پاڇو ڏيکاريائين ۽ هڪ ٻئي جي بيهڪ ۽ هڪجهڙائي محسوس ڪرايائين ۽ کيس پڇ جي ذريعي ٺڪاءَ ڪڍريائينس پالتو شينهن پاڻ کي شينهن سمجهي حقيقت کان واقف ٿيو.
هن تمثيل مان معلوم ٿيو ته جاهل ۽ نا معقول جي صحبت ۾ انسان نامعقول بنجي وڃي ٿو. پر ولين ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهي پنهنجي اصليت کي پرکي حقيقت ڏانهن راغب ٿئي ٿو.
[b]2. جهڙي صحبت تهڙو اثر:
[/b]هڪڙي لوهار جي تمثيل ڏيندي پاڻ فرمايائون ته جڏهن لوهه جي ٽڪر کي باهه جي مچ ۾ وجهي تپائي ڳاڙهو ڪجي ته ان لوهه ۾ باهه جو پورو تاثير ۽ صلاحيت باهه واري پيدا ٿي وڃي ٿي. ان ريت جيڪي انسان اسم ذات جي تهليل ڪن ٿا ان ۾ ذاتي اسم سبب ذاتيات جون ڪل خصوصيتون سمائجي وڃن ٿيون. اگرچه لوهه وانگر لوهه جي ذات الڳ ۽ باهه جي ذات الڳ آهي ته انسان جي ذات خدا جي ذات کان ائين الڳ آهي، مگر خصوصيت ساڳ رهي ٿي. هن تمثيل مان ٻيو مقصد به نڪري ٿو ته ”وکان عرشه علي الماءَ الله تبارڪ و تعالي“ انسان کي پنهنجي صفت مان پيدا ڪيو اسم ذات جي ڪري خود ذاتيات بنجي ويو. مثلا:
سمجهي پاڻ کي ڏس تون ڇاهين
ڪونهي ڪو تنهنجي ثاني الا
چيزل تون به اهو ئي آهين
آدم اعليٰ ثاني الا
[b]3. مولا جي رهائش گاهه
[/b]دوران گفتگو هڪ طالب مالڪن کان پڇيو: قبلا! الله تبارڪ و تعالي جي رهڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
مرشد ڪامل: دل ۾ ٻه خانا ٿين ٿا جن جي وچ ۾ هڪ پردو ٿئي ٿو. کاٻي پاسي ۾ گرمائش نفساني خواهشات جو باعث شيطاني مرڪز بنجي ٿو مگر ساڄي تي الا الله جو مرڪز آهي. جنهن ۾ خدا جي ذات رهي ٿي. خدا جي ذات کي دل ۾ اجاگر ڪرڻ ڏکيو به آهي ته سولو به آهي فرمان آهي ته:
”الانسان سري وانا سره“
[img]https://i.imgur.com/dO6DNr0.jpg[/img]
[b]1. آسمان جي تعداد متعلق وضاحت
[/b]طالب: سائين آسمانن جي متعلق ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ست آهن. ان باري ۾ وضاحت فرمايو.
مرشد ڪامل: آسمان ست آهن پر اٺون عرشي اعليٰ ۽ نائون ڪرسي آهي. آسمانن جي بناوت سون، چاندي، زمرد، ياقوت ۽ زبرجد جا ٺهيل آهن.
طالب: آسمان جا دروازه ڪڏهن کلندا آهن؟
مرشد ڪامل: سڀنن آسمانن جو دروازو هڪ وقت اسر وقت کلندو آهي. جيڪي انسان ذڪر مولا جو ڪندا آهن انهن تي نور تجليات جي بارش ٿيندي آهي.
فقير سرائي رسول بخش: اها تجليات جي بارش هر وقت يا ڪڏهن ڏسڻ ۾ ايندي آهي؟
مرشد ڪامل جڏهن دل مٿان 360 ظلمات جا پڙدا هٽي وڃن ٿا ۽ ذڪر الاهي سان جلي وڃن ٿا ته تجليات جو مظاهرو ٿئي ٿو.
سرائي رسول بخش: قبلا انهن دروازن کان سواءِ ڪي ٻيا به آهن؟
مرشد ڪامل: ٻه خاص دروازا ٻيا به آهن هڪڙو دروازو جتان ذاڪر جي عروج ۽ نزول جي رسد جاري رهندي آهي. ٻيو دروازو جتان درويش جي ضمير خيرات جي رسد جاري رهندي آهي. درويش جي برقعي مٽائڻ کانپوءِ اهي ٻئي دروازا روئيندا آهن.