تصوف

بحر العميق

سائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
Title Cover of book بحر العميق

اتم ادب جو ڪارج

ادب کي زندگيءَ کان ڪڏهن به ڌار ڪري نٿو سگهجي، ڇو ته ادب زندگيءَ جواهڙو سچو سينگار آهي. جنهن سان زندگيءَ جي اڻٽر ۽ اصولي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ آگهي حاصل ٿئي ٿي. جيڪو اڻ ٿيڻو آهي. سندر ناهي ۽ سک ۽ سلامتي جي ڄاڻ نٿو ڏي اهو ڪنهن به طرح ساهت ناهي، ڪلا ناهي. ڪلا ۽ ساهت اها سڦلي.چئبي جنهن ۾ قومي ۽ سماجي مسئلن کي اوليت ۽اهميت ڏنل هجي.
انسان جي مهانتا ۽ وڏائي آتما (روح) سمايل آدمي مڙئي مهربانيون ۽ بخششون کيس قدرت کان مليل آهن. انسان جو فرض کوجنا ۽ ڪوشش ڪرڻ آهي، جڏهن ڪو منش انهيءَ مقصد کي حاصل ڪري ٿو اهو ئي زندگيءَ جي سڦلتا ماڻي ٿو.
اسان جنهن منش جو وستار ڪري رهيا آهيون، اهو فطرت جي جوت جو هڪ ننڍڙو ترورو آهي. جنهن جو من سوچيندڙ آهي، جنهن ۾ قدرت جي ڳجهن پروڙڻ جي چاهنا آهي ۽ جيڪو پنهنجو آئيندو سٽي ۽ رٿي سگهي ٿو. اصل ڳالهه اها ته حياتيءَ جي ورقن تي ويچارڻ، پر ماتما جي سندرتا پکيڙڻ وارن گياني سنتن جي چاهت جو ٻوٽو سندس وشواس ۾ سمايل آهي. اها سٻاجهڙي شخصيت جيڪب آباد جي رهواسي فتح چند ڪنيالعل ڪارڙا جي آهي جنهن جي ويساه جي واڳ سندس روحاني مرشد (گرو) سيد رکيل شاهه ۽ سندس فرزند سيد چيزل شاه جي پوتر هٿن ۾ آهي. سندس نالي جو ڇيد ڪبو ته سڌو سنئون واسطو درگاهه فتح پور شريف سان نظر ايندو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو فتح چند سدائين فتح پور درگاهه سان واڳيل رهي ٿو.
سندس ڏاڏوسرڳواسي دانومل انهي سچي درٻار جو چيلو هو. سائين جن جي صحبت ۾ رهي هن تصوف جي تعليم ورتي. فتح چند جي جي ٻالڪپڻي ۾ روحاني پرورش سندس ڏاڏي دانيمل ڪئي، هو سندس آتما ۽ ذهن جي پٽي تي هر هر اهي گفتا آڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ”بابا ڪرمن جي گتي نياري آهي، هي جڳ جو چڪر پيو گهاڻي جيان ڦرندو، سنها ته پيا پيسجن پر سوايا بچيو وڃن ٿا، نيٺ هڪ ڏينهن سوايا ۽ تونگر به نيچو ڏسندا. سکڻا ڪنگر پيا ڀرجن ۽ ڀريل سکڻا ٿيو وڃن. ڪڏهن راجائون پيا پينو ٿين ته ڪڏهن بيکاري پيا بادشاهه بڻجن. ڪٿي سورن جو سنسار آهي ته ڪٿي سکن جون سيجون وڇايل آهن ڪڏهن ڏينهن آهي ته ڪڏهن رات انهي کي ڪرمن جو چڪر چئجي ٿو. انهي ڳوڙهي ڳجهارت کي سائين چيزل هيئن سلجهايو آهي پٽ“.

ڳولا ڪرج ڳجهه ۾، رکج طلب تمام،
ماري نفي نفس کي، ڇڏ وڃائج پاڻ،
جاچي ڏس جيءَ اندر ۾، سارو ٿي سبحان،
چيزل پوئي تون ڄاڻ، ته هر جاءِ حاضر هڪ ٿي.

ڏاڏي داني مل جي انهي طريقي واري تعليم فتح چند جي جيءَ ۾ رچي ويئي آهي. ڪاروبار هجي يا سماجي ڪم ڪار، ڌرمي ڪم هجن يا ساهت ۽ صحافت هجي، هر هنڌ سندس سوچ ۾اٿاهه پيار، پهنجائپ، ڪهل ۽ ڪهڪاءُ رهي ٿو.
اتم ادب جا رچيندڙ حق پرست ٿين ٿا ۽ هر هنڌ سچ کي ڦهلائي ڀلائيءَ جي پرچار ڪن ٿا. اسان جي صوفين ۽ سنتن سدائين سچ ۽ پيار جي پرچار پئي ڪئي آهي. سائين رکيل شاهه ۽ سائين چيزل شاهه به ساڳي ئي ڌارا جا ٻه وهڪرا آهن. انهن جي فڪر کي عام ڪرڻ اتساهت وارو ڪم آهي. فتح چند ڪارڙا ٻنهي صوفي بزگن جي ڪلام جي ڦهلاءَ لاءِ، عقيدي جو اظهار سندس ڪلام کي ڇپائي ڪيو آهي.
فتح چند هڪ سچو پريمي ۽ شيواداري منش آهي. اسڪول ۾ اسڪائونٽنگ کان شروع ڪيل سماجي ڪم، ۱۹۸۳ع ۾ نوجوان سماج سنگت جي جوڙجڪ تائين پهتو. ان تنظيم جي سهڪار سان شيوا ڪلينڪ قائم ڪئي ويئي جيڪا اڄ سوڌو بنا ڀيد ڀاءُ جي هندو مسلم جي شيوا پئي ڪري. اخبار نويسي اختيار ڪري روزانه عوامي آواز ذريعي ضلعي جي عوام جا مسئلا سلجهائڻ لاءِ جتن ڪندو رهي ٿو.
جيڪب آبد جي يونين آف جرنلٽس جو سال ۱۹۹۶ع ۱۹۹۷ع لاءِ ٻه دفعا صدر چونڊجي، پريس جي آزادي ۽ پريس نمائدن جي مسئلن کي هل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي.
اخباري پتر لکڻ سان گڏ سائين رکيل شاهه بادشاهه جي ڪلام کي بحر العشق جي نالي سان نئين سر سموهي، ڪجهه واڌارن سان پنهنجي هٿان ڇپرايو اٿس ۽ گڏوگڏ سائين چيزل شاهه جي ڪلامي مجمومي بحرالعميق کي هڪ دفعوسال ۱۹۸۷ع ۾ ڇپرايو هيائين ۽ هينئر ٻيهر انهيءَ مجموعي کي ڪجهه ترتيبي تبديلين سان ڇاپي هيٺ آڻي رهيو آهي.
اها سندس فڪري عقيدت، اڻ ڳڻيا گڻ ۽ شيوا جي سڳنڌ هر سنڌ واسي صوفي، توڙي صوفيانه شاعري سان انس رکندڙ انسان سدائين ماڻيندا رهندا.
منهنجو ويساهه آهي ته چيزل سائين جي ڪلام جي بدولت فتح چند ڪنيا لعل وڌيڪ سوڀيا ماڻيندو ۽ مانُ پائيندو.

[b] ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
[/b]العابده، غريب آباد
جيڪب آباد
۱.۳.۲۰۰۱ع