تصوف

بحر العميق

سائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
Title Cover of book بحر العميق

حضرت سائين چيزل شاهه ۽ هڪ مريد طالب جي درميان مڪالمه

طالب: قبلا! نفس ڇا کي چئجي؟
هادي ڪامل: نفس1 حرص هوس کي چوندا آهن.
طالب: قبلا روح مولا جي ذات آهي؟
هادي ڪامل: جڏهن نفس مڪمل مري وڃي2 ته رڳو (روح)3 ذات مولا مان انسان الله بڻجي وڃي ٿو.
طالب: قبلا! انسان کي الله ڇو نه ٿو چئجي؟
هادي ڪامل: جڏهن نفس مري وڃي ۽ بقا بالله ٿئي ته پوءِ چئجي، اڳ چوڻ ڪفر آهي.
طالب: قبلا! نفس ڪيئن ۽ ڪٿي مري ٿو؟
مرشد: من عرف نفسه فقد عرف ريه
پهريون حصو: فقد عرف نفسه في الفنا4
ٻيو حصو: فقد عرف ربه في البقا 5
طالب: قبلا! نفس کي ڪيئن فنا ڪجي؟
مرشد: نفس کي ذڪر، فڪر ۽ اوجاڳن سان فنا ڪجي؟
طالب: قبلا! ڏک ڪٿي ڪاٽجن.
مرشد: ڏک، بک ۽ گوشه تنهائيءَ6 ۾ ڪاٽجن، جيئن نفس مري وڃي.
طالب؛ اوجاڳا ڪٿي ۽ ڪهڙي نموني ڪجن؟
مرشد: ترتيب هن ريت آهي:
(الف) اسم ذات 7 ڪمائڻ (ب) اڌ رات جو جاڳڻ 8
(ت) صفا اڪيلو رهڻ (ث) اٺين پهر ماني کائڻ.
(ي) هر هڪ دم 9 سان دم دم ياد ڪرڻ
طالب: قبلا! اهي ڪشالا ڪيئن ڪڍجن؟
مرشد: موتو قبل ان تموتو (مر اڳ مرڻ کان) موت کان پهريان مرڻ سان.
طالب : اڳ مرڻ جي ترتيب ڪيئن آهي؟
مرشد: ترتيب هن ريت آهي.
(الف) جهان جي خواهشات ترڪ ڪرڻ. (ب) اڪيلي ڪوٺي ۾ ويهڻ (ت) اسم ذات ڪمائڻ
(ث) جهان جون لذتون ڇڏي، فاقي ۾ رهجي ان کي مرڻ کان اڳ مرڻ چئجي، ان ريت چؤته اڳ مري ويو.
طالب: قبلا نفس ذڪر سان ٿو مري يا فاقئي سان؟
مرشد: ذڪر به هجي، فڪر به هجي ۽ تنهائي بک فاقيه به هجن، پر ذڪر قلب صاف ڪري ٿو.
طالب: قلب 10 ڪٿي ٿو صاف ٿئي؟
مرشد: قلب ذڪر ذاتي سان، جيئن الله فرمايو آي. فاذڪروني اذڪرڪم (پوءِ ياد ڪر مون کي مان ياد ڪريان ٿو توکي) سان ظلمات جا پردا چاڪ ٿي وڃن ٿا.

طالب: قبلا! ڪٿي يا ڪٿان ياد ڪجي؟
مرشد: وفي انفسڪم افلا تبصرون يعني دمن سان ياد ڪجي.
طالب: دمن سان ياد ته ڪجي ته الله ستين آسمان تي آهي ڪٿي ياد ڪجي؟
مرشد: ونحن اقرب اليه من حبل الوريد (ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ نزديد آهي) الله تعالي حاضر و ناظر آهي. جڏهن نفس مري ته پوءِ خبر پوندي ته برابر اها شئي آهيان.
طالب : سائين روح ڇا کي چون ٿا ۽ ذات ڇاکي چون ٿا؟
مرشد: انسان ۾ ٻه شيون آهن: 1. روح 2. نفس.
طالب: سائين ذات ٽين شئي آهي ڇا؟
مرشد: ذات ۽ روح هڪ شئي آهي. باقي نفس ٻيو آهي. انسان جي ساڄي پاسي روح (ذات) رهندو آهي ۽ کاٻي پاسي نفس رڳو صحبت جو اثر آهي.
طالب: قبلا! صحبت ڪنهن سان ڪجي؟
مرشد: روح جڏهن صحبت ذڪر مولا سان ڪري ته ذات مولا جي بڻجي وڃي ٿي. نفس جڏهن دنيا شهوت ۽ خوشي سان صحبت ڪري ته ماڻهو رڳو نفس بنجي ٿو.
طالب : قبلا! انسان ٻه شيون 11 آهي؟
مرشد: انسان هڪ شئي آهي مگر ٻيا ئي سبب ٻه آهي. نفس مري ته پوءِ انسان هڪ شئي آهي.
طالب: قبلا! ذڪر سان ڪٿي صحبت ڪجي؟
مرشد: ذڪر دم دم ۾ ياد ڪجي، هڪ دم به ويسارو نه ڪجي، اثر وٺي گهمندي ياد ٿي ويو ته هر جاءِ الله نظر ايندو. ”فاينما تولوا فثم وجه الله“ هر جاءِ تي مولا نظر ايندو.

طالب: قبلا! دم دم سان ڪاهڻ ڏکيو آهي. ڪٿي ڪمائجي؟
مرشد: پهريان سخت ۽ ڏکيو لڳندو پر جڏهن ياد پچي ويو ته پوءِ تمام لذيذ ٿي ويندو. بمصداق حضرت ڀٽائي رحه:
جيئن ڏٺو مون آرياڻي، اوهان ڇا ڏٺو!
مکڻ ماکي، مصري کان منهنجو محبت مٺو
بمصداق سائين جن خود:
احوال سارو حضرت عشق جو جڳ کي ٻڌايان هيئن چئي المقصد، دنيا ۾ سڀ لذت کان زنا ۾ لذت آهي. خراب ڪم ۽ حرام شئي ۾ ڪيتري لذت آهي، جڏهن اصل شئي آهي نام الله جو ۽ ان جو ذڪر وتهليل ۾ ڪيڏي نه لذت هوندي جڏهن نام الله جو پچي وڃي (ياد ٿي وڃي.)
طالب: قبلا! ڪٿي لذت رهندي آهي؟
مرشد: جڏهن دم عروج نزول 12 ٿيندو آهي ته لذت ايندي آهي.
طالب: قبلاٰ ڪٿي عروج نزول ٿيندو آهي؟
مرشد: دم ستين آسمان کان مٿي ويو ته عروج ۽ اتان ئي نزول ٿيندو آهي.

[img]http://farm1.staticflickr.com/908/27231825887_fa4e66f064_o.jpg[/img]


طالب: قبلا! ڪٿي دم ستين آسمان کان مٿي وڃي؟
مرشد: ستين آسمان ۽ ستين ڌرتين کان به پري وڃي ٿو.
طالب: قبلا! بس ڪٿي به وڃي خبر نه ٿي پوي؟
مرشد: جڏهن ولايت حاصل ٿئي ته پوءِ دل ۾ ظاهر ٿيندي.
طالب: ولايت ڪٿي حاصل ٿيندي؟
مرشد: ولايت لاحد ۽ لامڪان 13 تي حاصل ٿيندي ان کي ئي ولايت چوندا آهن.
طالب: لا حد ۽ لامڪان ڇا کي چوندا آهن؟
مرشد: لاحد ۾ چار شيون آهن.
1- شريعت، 2- طريقت 3- حقيقت 4- معرفت
چار شيون فڪر جون آهن.
1- ناسوت، 2- جبروت 3- ملڪوت 4- لاهوت
طالب: لاحد جي چئن فڪرن جي معني ڇا آهي؟
مرشد: 1- ناسوت هي جهان آهي. 2- جبروت: محنت ۽ مشقت جو عالم آهي. 3- ملڪوت: فنا في الله جو درجو آهي، جنهن ۾ سالڪ کي تپسيا ڪرڻي آهي، ملائڪن وانگر کاڌي کان پري رهڻ ۽ گناهه کان دور رهڻ. 4- لاهوت: هن جي حد نه آهي. وڏي عظيم منزل آهي. هن مڪان ۽ منزل تي الله تعالي کي لاحد ڏسي ۽ هر جاءِ تي موجود ڏسي پر ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪري واحد ڪري ڄاڻي.
1- شريعت رستو آهي جنهن ۾ هيٺيان اسباب هوندا اهن. نماز، روزو ۽ ٻيا احڪام جيڪي سفر ۾ هٿيار آهن.
2- طريقت ۾ دنيا کي ترڪ ڪري هڪ جاءِ تي ويهڻ آهي.
3- حقيقت جي ڪري الله کي هڪ ڪري سمجهڻ، ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ آهي.
4- معرفت ۾ سڀ شئي ۾ الله جو مظهر ڏسڻ آهي مظهر ۾ مولا ڏسڻ آهي. فڪر سان الاالله جو مقام پسجي ٿو.

طالب: قبلا! الله کي ڪٿي هڪ ڏسجي؟
مرشد: فنا ٿيڻ کانپوءِ خبر پوندي.
طالب: فنا ڪئين ٿجي؟
مرشد: فنا جو مفهوم پاڻ کي نه ڄاڻڻ، سڀ ڪم الله جي حوالي ڪرڻ پوءِ بقا بالله ٿي ويندو.
طالب قبلا! بقا بالله ڪٿي ٿيندو؟
مرشد: بقا بالله ۾ پاڻ الله بڻجي وڃي.
طالب: قبلا! ڪئين پاڻ الله بڻجي وڃي؟
مرشد: انسان کي روح ۽ نفس آهي، جڏهن نفس مري وڃي ته روح الله آهي.
طالب: ڪٿي ٿئي ٿو روح پاڪ ٿئي ٿو؟
مرشد: اٿي، ويٺي، گهمندي، سمهندي ذڪر پچي ويو ته دم پاڪ ٿيو ۽ روح پاڪ ٿيو.
طالب: ذڪر ۽ فڪر جا ڏاڪا (منزلون) ڪيئن حاصل ٿين ٿيون؟
مرشد: شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت ذڪر جون ناسوت، جبروت، ملڪوت ۽ لاهوت فڪر جا ڏاڪا (پئڙيون) آهن. جيڪي هن ذريعن سان نصيب ٿين ٿيون.
1- علم اليقين 2- حلم اليقين 3- عين اليقين 4- حق اليقين




__________
1- نفس: خواهشات جي معني ۾ استعمال ٿئي ٿو. انسان مٽي جي پتلي جي هجڻ سبب خواهشات جو مرڪز رهي ٿو. ان ڪري نفس کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو.
(الف) نفس امارو: هي نفس مادياتي شين ڏانهن لاڙو رکي ٿو. فقير، ولين اهڙي نفس کي مارڻ لاءِ تلقين ڪئي آهي.
(ب) نفس مطمئنه: هي نفس روحاني تعلقات کي اڀارڻ جي خواهش رکي ٿو.
2- نفس جو مرڻ: نفس اماره کي ختم ڪري لذائذ ماديات ۽ آرائش جسماني غرور، تڪبر، ڪاوڙ ۽ هوڏ کي ختم ڪرڻ جي معني نفس کي مارڻ آهي.
1. روح: قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
يسئلونڪ عن الروح قل هو الروح من امرو ربي
روح امر ربي آهي – لازوال آهي.
سائين چيزل شاه جي فڪر، رسا موجب روح لازوال آهي خود خدا آهي. روح کي ذات مولا سمجهي ٿو. ان جو قائل آهي.
4- فقد عرف نفسه في الفنا: هن مان مراد نفس اماره کي فنا ڪري، نفس مطمئنه کي اڀارڻ آهي.
5 فقد عرف نفسه في البقا: هن مان مراد نفس المطمئنه جي فروغ سان روح جي ماهيت پر کي الله جي بقائيت کي ڄاڻڻ آهي ۽ ان ۾ استغراق ڪلي آهي.
6 – بک ۽ گوشه تنهاي: جسمائي لذائذ جي ذريعي نفس اماره طاقتور ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري تپسيا جي ذريعي اهڙن خواهشن کي بک جي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، روحاني منزلن کي پهتلن کي معلوم آهي ته روح جي خوراڪ ذڪر مولا جو آهي. جيڪڏهن ذڪر ۽ فڪر ۾ اضافو ايندو آهي. ذڪر ۽ فڪر سان ذهن ۽ دل ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي آهي.


7 – اسم ذاتي ڪمائڻ: هن مان مراد الله جي تذڪير ۽ تهليل آهي. ذات واحد ۾ گم ڪرڻ جو ذريعو آهي.
8 – اڌ رات جاڳڻ: فارسي ۾ مقوله آهي ته ”آه نيم شب“
حضرت علي ڪرمه الله وجهه جو چوڻ آهي ته اڌ رات جو مٺي ننڊ ڦٽائي، ذڪر مولا جو ڪرڻ افضل ترين عبادت آهي. سڄي دنيا ننڊ ۾ هوندي آهي، اڌ رات جو آسمان ۾ قدرتي چاندي جهڙي سفيد ۽ وڻندڙ روشني ذڪر ۽ فڪر وارن کي نصيب ٿيندي آهي.
9 – دم سان دم: هن مان مراد هر ساهه کڻڻ وقت خدا جو نالو وٺي. ڇو ته خود خدا فرمايو آهي: وفي انفسڪم افلاتبصرون
انفس مان مراد ساهه آهي هر ساهه ۾ خدا هجي پوءِ اهڙي ساهه کي خدا جي نالي سان ظاهري طور اجارجي ته جيئن ذات ڪبريا جا رنگ ۽ مظهر نمايان ٿيندا.

10 – قلب ۽ تنقبح: عام طرح قلب مان مراد دل آهي. پر دماغ ۽ دل جي ارتباط کي قلب چئجي. غدود سري جيڪو دل غدود روحي جيڪو دماغ ۾ رهي ٿو انهن جي سنگم سان دل ۾ حرڪت پيدا ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن غدود ڪسري ۽ غدود نفسي جو سنگم ٿيو ته قلب ۾ فتور چئجي ٿو. ماڻهو کي روحاني دنيا کان هٽائي مادياتي دنيا ڏانهن رغبت پيد ڪري ٿو. غدود سري ۽ غدود جي افزائش سان قلب جي صفائي ٿيندي آهي نقشو هن ريت آهي؛

[img]https://i.imgur.com/HJI3cue.jpg[/img]

غدود نفسي ---- غدود ڪسري
هن ۾ قلبي رجحان شيطنت ۽ ماديات ڏانهن ٿي وڃي ٿو. شهوت، عناد، فتنه وفساد جي جڙ آهن.
غدود روحي --- غدود سري
هن ۾ قلبي رحجان روحانيت ڏانهن راغب ٿئي ٿو.
1- غدود نفسي: هن ۾ خواهشات اڀري ٿي، راجع ماديات آهي.
2- غدود ڪسري: هن ۾ ڪسرت ۽ ڪسري حقائق ۾ اضافه ٿئي، لا الله جو مرڪز آهي.
3- غدود روحي: هن ۾ هو جو مرڪز آهي. راجع الي الله آهي.
4- غدود سري: هي الا الله جو مرڪز آهي، دل ۾ ارفع غشا تي رهندڙ آهي، روح سان ربط پيدا ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي.


11-- روح، نفس ۽ جسم: اصل شئي روح آهي، جسم جاءِ يا مقام آهي، نفس ٻنهي جي باهمي نسبت اهي. جڏهن خواب ڏسبو آهي ان وقت روح محو پرواز هوندو آهي. مگر جسم سان تار جي ذريعي ربط برقرار رکندو آهي. نفس محو خواب هوندو آهي.
هر هڪ انسان کي نسبت جي ذريعي زندگي بسر ڪرڻي پوي ٿي. نسبت جا ٻه پهلو آهن. جيڪڏهن اماره جو پهلو دنيوي ۽ مادياتي مقاصد حاصل ٿين ٿا جيڪڏهن مطمئنه جو پهلو ته روحاني راز حاصل ٿين ٿا ٽنهي جا ارتباط سان هڪ فرد جو وجود ظاهر ٿئي ٿو. روح نه هجي ته جسم بي جان ۽ بيڪار آهي، جيڪڏهن نفس نه هجي ته صفات بشريٰ کان عاري آهي. جيڪڏهن جسم نه هجي ته ڪو اسم بشر وجود ۾ ئي ڪونه اچي.


12--- عروج ۽ نزول: عروج مان مراد هر هڪ دم کي ”هو“ جي ذڪر سان بلندي تي پهچائڻ، نزول مان مراد تجلي – نور کي قلب ۾ جلوه گر ڪرڻ آهي. حرڪت عروج دم سان ٿئي ٿو. حرڪت نزول تجلي، نور سان ٿئي ٿو. هن حقيقت دوران فاذڪروني اذڪرڪم جا مظهر کلن ٿا.


________

1- لاحد ۽ لامڪان: لاحد مان مراد ڪنهن به حد اندر خدا جي ذات کي محدود نه ڏسڻ مگر هر جڳهه تجلي ۽ مظهر الاهي کي ڏسڻ لا مڪان مان مراد ڪنهن مخصوص جڳهه نه مگر هر هنڌ حاضر و ناظر ڏسڻ. روحانيت ۾ وقت ۽ مڪان نه هوندو آهي. اتي حال ئي آهي. هر مڪان لامڪان نه يعني فاصله جو ذڪر ڏسڻ ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي.

لاحد جا عالم:

1- عالم شريعت: احڪام شريعت، عقائد، تعميل تشڪيل ۽ تڪميل جا مرحلا اچي وڃن ٿا.
2- عالم طريقت: هن ۾ اتباع، مرشد و سالڪ ۽ حڪم ڪل ڄاڻڻ جا اسباب اچي وڃن ٿا.
3- عالم حقيقت: ذات ڪبريا کي هڪ سمجهڻ ۽ ڏسڻ وارو عالم آهي.
4- عالم معرفت: هن ۾ ماهيت ڪبريا، ماهميت ذات ۽ ارتباط روح جي خبر پوي ٿي.

تصوف جا عالم:

1- عالم ناسوت: هي مادياتي دنيا جنهن ۾ انسان کي عمل ڪرڻ لاءِ الله تعالي موڪليو.
2- عالم جبروت: راز الاهي کي پروڙڻ ۽ حقيقت ڏانهن رجوع ڪرڻ آهي.
3- عالم ملڪوت: صفات ملائڪه سان منسوب ٿيڻ وارو عالم آهي.
4- عالم لاهوت: انوار و تجلي الاهي وارو عالم جنهن ۾ وحدت ئي وحدت آهي.

بشريٰ عالم:

1- عالم تمثال: هن ۾ انسان پنهنجي وجود سان ظاهر ٿئي ٿو، پاڻ جهڙن انسانن جي مثال سٽا ۽ بيهڪ ۾ يڪسان رهي ٿو.
2- عالم برزخ يا اعراف: هن ۾ انسان صفات بشري کان الڳ ٿي پهچي ٿو.
3- عالم محشر: هي حساب و ڪتاب جو عالم آهي. هر هڪ بشر لاءِ لازم آهي.


4- عالم جنت و دوزخ: هي ٻئي عالم عمل جي گهٽ وڌائي سبب مختلف عملن وارا ڏسندا.
علم اليقين، حلم اليقن، عين اليقين، حق اليقين
علم اليقين: انسان حالت يا ڪيفيت، جنهن ۾ وارادات، محسوسات، فڪر انساني ۾ مرڪزيت پيدا ڪري ته اهو علم اليقين آهي.
حلم اليقين: اها مرڪزيت جنهن ۾ سوچ ۽ فڪر ۽ اعتدال پيدا ٿئي، جستجو لاءِ آمادگي پيدا ٿئي، اتباع جي خوبي اڀري.
عين اليقين: اها مرڪزيت جتي يقين پختو ٿئي يقين ۾ عين عيان ٿئي.
حق اليقين: هن مرڪزيت ۾ چار مظهر عيان.
1- نظر 2- نظاره 3- ناظر 4- منظور
1- شهود 2- مشاهده 3- شاهد 4- مشهود
1- طلب 2- مطالبه 3- طالب 4- مطلوب
1- حب 2- محبت 3- محب 4- محبوب
1- علم اليقين 2- حلم اليقين 3- عين اليقين 4- حق اليقين.


[img]http://imageshack.com/a/img924/7830/H1ucfB.jpg[/img]

[img]http://imageshack.com/a/img923/5091/TBjZCT.jpg[/img]

[img]https://i.imgur.com/gMYtKNS.jpg[/img]