تعارف ڪلام
سائين چيزل شاه جي ڪلام شيرين ۾ ڪافي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. جن مان همه اوست هم ازاوست سر – فهرست آهن، عجز و نياز ۽ طلب حق لاءِ واضح اشارا ۽ حڪم ملن ٿا، جيڪي متلاشي حق لاءِ رهنما ثابت ٿين ٿا.
[b](الف) صنائع و بدائع
[/b]حضرت سائين چيزل شاه جو ڪلام اگرچه ڇند وديا تي آهي، تنهن هوندي به صنائع ۽ بدائع جون خوبيون موجود آهن.
1- سلاست: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد آسان نموني سان سلجهائڻ آهي، مثلا:
1. چشمن سان تير هڻڻ، نيڻ کڻن.
2. دکن درد هزار، مليا ساٿ سورن جا.
2- بلاغت: سائين جن جي ڪلام ۾ عام مفهوم وارن لفظن ۾ بلند خيالات جا آثار ملن ٿا.
1. آيا سر تي سور عاشق
راتيان ڏينها روڄ ۾ رڙ
2. عاشق الف سان اکڙيون اڙايون
بي جو ڀولو لاهيو تن.
3- فصاحت: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد چٽي طرح سمجهايل آهي.
1. دم ويسارو دل کان ناهي
ياد هميشه يار ميان!
2. اسم اعظم دا باب، اهو ئي
پير مغان ته پڙهايا هئه
4- صنعت تلميح: سائين جن جي ڪلام ۾ تاريخي ۽ داستاني واقعات جي ذريعي معرفت حقيقي جا درست ڏنل آهين.
1. دارا سڪندر در تنهنجي
نانگا گهمن ٿا نرالا
2. سک منصوري مام سڃاڻي
سر سوريءَ تي نيزي چاڙهي
دارا ايران جو شهزادو هو. سڪندر، دنيا جو فاتح هو، اهي به گداگر آهن مالڪ وٽ. اهڙي طرح هر دينوي لحاظ وارا امير خواه غريب مرشد وٽ گداگر آهن.
منصور حلاج هڪ همه صفت بزرگ هو، جنهن همه اوست ۽ همه ازوست جو نعرو هڻي عوام کي باخبر ڪيو.
5- صنعت، تجاهل، عارفانه: اهڙي ڳالهه جيڪا ڄاتل سڃاتل هجي پر اڻ ڄاڻ بڻجي پڇجي ته ڇا آهي.
1. اربع عناصر نام سڏائين،
ڪاڏهن آئين ڪاٿي ڄائين.
جيتوڻيڪ صاحب ڪمال ماڻهوءَ کي سڃاڻي ٿو، اهو ڪٿان آيو ۽ ڪٿي ڄائو، پر سمجهاڻي خاطر سوال پڇي مقصد کي واضح ڪرڻ گهري ٿو.
2. ڪيئن مسافر ڪاڏهن آئين،
ڪاٿي آ تنهنجي اصلي جاءِ.
هن ۾ آمد جي جاءِ بابت ڳالهه پڇيل آهي، مگر ڪلام ۾ اڳتي هلي اصلي مڪان جي وضاحت ڪيل آهي.
6- صنعت حرفي تجنيس: اهڙا لفظ جيڪي ساڳئي هڪ آواز سان شروع ٿين.
1. جيرا جوش جلايا
”ج“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.
2. نازين نال نويا
”ن“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.
7- استخاره: سائين جي ڪلام ۾ عام ڳالهين کي مخصوص راز ڏانهن ڀيٽي مقصد سمجهايل آهي.
1. ڏسي باهه مچ تون،
پتنگ وانگي پچ تون.
باهه مچ جو مقصد عشق الاهي آهي، پتنگ مان مراد عاشق حقيقي آهي، مگر استعاري طور مچ ۾ پتنگ ڪم آيل آهي.
2. لهر ۾ لڙهندا ڪنڌي نه ڪائي،
توڪل ترهي تاريو آ.
لهر گردش دنيا جي، ڪنڌي آرام جي جاءِ، ترهو ڪاٺي جو تختو ۽ سهارو، اهي سڀ شيون سمنڊ سان لاڳاپو رکن ٿيون، مگر عاشق انهن کي دنيا جي صفتن سان ڀيٽي پنهنجي حبيب کي ٻڌائي ٿو ته، توڪل ۽ تنهنجي محبت جي باعث عاشق حقيقت کي پهچي ويو آهي.
8- ڪنايه: اهڙي لفظي معنيٰ جيڪا هوبهو نه هجي، مگر ڪنهن خوبيءَ سبب استعمال ڪري ٻئي شيءِ سان ڀيٽجي.
1. مشرگان مارن تير تفنگ،
ابرو نين اڙاون جنگ.
مشرگان ظاهري طور ڪمان ناهن، مگر ڪنايه طور ڪمان جي مفهوم ۾ لکيل آهن.
ابرو ۽ نيڻ جنگجو نه آهين، مگرل تمثيل طور جنگجو ڄاڻايل آهن.
9- صنعت تضاد يا مطابقت: اهڙو ڪلام جنهن ۾ متضاد لفظ به هجن ته پاڻ ۾ مطابقت به رکن.
1. ڪل پوندي ڪين مون،
ٿي نفي مان اثبات.
نفي جو ضد اثبات، پر ٻئي هڪ ٻي سان نسبت رکن ٿا.
2. ٿي شتاب شمع تي،
پتنگ جان پچاوين،
شمع ۽ پتنگ هڪ ٻئي جا ضد آهن، مگر پاڻ ۾ محبت جي ڪري نسبت رکن ٿا.
10- اصطلاح: اهڙا لفظن جا ميڙ جيڪي ڪن واقعن جي حقيقت سان تعلق رکي ٻئي معني ۾ ٻڌائين.
1. سچو سنڌرو ٻڌم ساهي،
راضي آهيان تنهنجي راز تي.
سنڌرو ٻڌڻ تيار ٿي ڪم شروع ڪرڻ (اصطلاح)
2. سور سڀيئي پاتم جهولي،
ماءُ ڏکان دي ڏتڙم لولي.
سور جهولي جهلڻ ڏکن جي لولي اصطلاح آهن.
11- ملمع: ڪلام ۾ ثابتيءَ لاءِ قرآن پاڪ مان حوالا درج ڪيل آهن.
قم باذني قول ڪها ڪر
”قم باذني“ منهنجي اجازت سان اٿ عربي فرمان آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام ڏانهن منسوب آهي. ”فاذڪ روني اذڪرڪم“ پري ناهين توکان وار ميان. ”فاذڪروني اذڪرو ڪم“ تون مون کي ياد ڪر، مان توکي ياد ڪريان، هر هڪ مومن کي امر ڪيل آهي.
12- صنعت تضمين: ڪلام يقيني بنائڻ لاءِ قرآن پاڪ کان ضامن آيت پيش ڪري ٿو.
1. وهي يتوڪل صلي الله فهو حسبه.
2. هذا ايحبونهم في الظلمات.
3. من ذالذي يشفع عنده الا باذنه.
4. ان الذين آمنو
سائين جن جي ڪلام ۾ ٻيون به گهڻيون صنعتون موجود اهن، مگر طوالت سبب اختتام ڪجي ٿو.
(ب) صوفيانه رنگ
سائين جن جي ڪلام ۾ عجز و نياز به آهي، ته سرمستي به موجود آهي. سائين چيزل شاه جن جنهن ماحول ۾ پلي جوان ٿيا، اهو ماحول ئي روحاني هو، يعني ڄمندي ڄام هئا. سندن ڪلام ۾ روح ۽ رب جي وچ ۾ يڪرنگي جو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ڪثرت ۽ وحدت ۽ وحدت مان ڪثرت جي مام ملي ٿي.
1. بيرنگ برقعو پائي
آيو آدم هت اظهار ٿي.
2. بيرنگ برقعو بشريٰ پاتم،
سڀ چيزل سينگار.
3. قلندر لعل اپني سي، جلالي هون جلالي هون،
نشا وحدت خمر پيئا، موالي هون موالي هون.
سائين جن جي ڪلام ۾ سچل سرمست واري سرمستي آهي ته وري شاهه ڀٽائي واري عجز و انڪساري به ڪثرت سان ملي ٿي.
[b](الف) سرمستيءَ وارو ڪلام ۽ سائين چيزل شاهه
[/b]
سچل سرمست
1- صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
2- سچل آءُ تان ناهيان، پوءِ ساري سڌ پيام ٿو پاڻ ٻاروچو ٻول.
سائين چيزل شاهه:
1- چيزل عين الله جو آهي، ڪونهي ڪوڙ خلاف
2- شغل شهانا، پائي ڳل ڳچي ڳانا.
ڪري ڪير معنيٰ، چيزل ڳالهايو.
3- فيئون فثمه الله، وجه حق تجلا
هر جاءِ نور الله، نظر سان نياز.
شاهه ڀٽائي:
1- پنهون هيس پاڻ، سسئي تان سور هئا
2- سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله
سو پرين جو پساهه، سو ويري سو واهرو.
سامي صاحب جو سلوڪ:
کوجن لڌو کوج، پرچي پريم نگر جو،
ٻڌئين ٻانڀڻ چوي، تنهن ۾ سهج سروج،
هردئي منجهه هر وج، درسن ڪري دوست جو.
سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ طلب ۽ تات جاري رکڻ لاءِ هيٺيان ڪلام ملن ٿا:
1- آڌوتي الف کان واندا ڪين وهن
2- ماري نفي نفس کي ڇڏ وڃائج پاڻ
3- راتيان ڏينهان رڙي، وڃي هادي سان هو رسيا
ڪبير ڀڳت چوي ٿو:
1- بن پيا جئا ترسي
ڪالي بدريا مورا جئا ڊلائي
2- ميرا پيارا پيا پرديس
اب تو نه رهيو جاءِ نه ديس
مولانا رومي:
هر ڪجا تو با مني من خوشدلم
ور بود درقعر گوري منزلم
1- من ۾ يار جي جلوي بابت رومي جو ڪلام سائين شاه جي ڪلام جي تشريح آهي.
2- تو مڪاني اصل در لامڪان،
اين دڪان بربند و بکشان آ دڪان.
سائين چيزل شاه
جاچي ڏس جيءَ اندر۾ سارو ٿي سبحان،
چيزل سمجهه پوئي تون ڄاڻ هرجاءِ حاضر هڪ ٿي.
[b]سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ رندي، سرمستي:
[/b]سيرت نگاري، فطرت نگاري، طلب حق لاءِ قرباني، محبت لاءِ سر جي بازي، درس انساينت جا گهڻا آثار ملن ٿا.
سندس ڪلام عجز ۽ نياز بابت پاڻ کي ڪڏهن سسئي سان، ڪڏهن هير سان ۽ ڪڏهن مارئي سان ڀيٽي ٿو. ڪڏهن طمع تياڳڻ، نفس کي مارڻ لاءِ آڌوتي، سامي، جوڳي ۽ فقيرن سان ڀيٽي محنت جاري رکڻ جو درس ڏئي ٿو.
سندس ڪلام ۾ دوئي، غيرت کي مذمت ڪيل آهي، هميشه وحدت وارو پيالو آهي، جنهن ۾ محبت، عشق پيار آهي، ان جو آسائتو آهي.
سائين چيزل شاه ڪٿي وري منصور، سرمد، شاه عنايت، سچل فقير، روحل فقير، سائين رکيل شاه وانگر دم هڻي ٿو، ته ڪٿي شاه ڀٽائي، ڪبيرڀڳت، گرونانڪ، سامي وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي رومي، جامي ۽ سعدي وانگر طالب ٿي زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو، ڪٿي حضرت جنيد، بايزيد بسطامي، امام معروف ڪرخي وانگر رياضت الاهي ۾ مصروف رهڻ لاءِ درس ڏئي ٿو. ڪٿي ساڌن فقيرن ۽ تارڪ الدنيا فقيرن وانگر حرص ۽ هوا کي ترڪ ڪرڻ لاءِ اصرار ڪن ٿا.
مطلب ته ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي، جيڪي اکين وارا آهن، اهي ڏسي سگهن ٿا، حق تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. اڻ ڄاڻن لاءِ مامه هجي جيڪا پوءِ انهن جي دلين تان دوئي جا پردا چاڪ ڪري.