سفرناما

اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

عبدالحئي پليجي صاحب ھن سفرنامي ۾ اسپين جي شهرن، گھٽين، گسن ۽ ماڻهن جو انتهائي گهري مشاهدي جو ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامون اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رڳو زور بياني ۽ ٻولي جي حسن تي ٻڌل ناهي بلڪه اسپين، لنڊن ۽ هندستان جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گهِري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامون آهي. پليجي صاحب کي پنهنجي سفر دوران جيڪي به شيون نظر آيون آهن شهر رستا، ماڻهو ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انهن سمورن شهرن ۽ تاريخي تهذيبي نشانن جا نه رڳو پير کنيا آهن بلڪه انهن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.
Title Cover of book اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

پيش لفظ

بي شڪ زندگي ان لاء ناهي، ته ان کي هڪ ئي هنڌ ويهي ڌپ ڪجي ۽ نه ئي زندگي ان لاء آهي، ته ان کي اڻ چاهي سمجهي ڌڪار بڻائي ڇڏجي۔
زندگي ان لاء به ناهي ته ان کي قدرت واري جو امتحان يا آزمائش سمجهي حورن جي انتظار، اڻ ڏٺي، مافوق الفطرت سفر ۾ رات ڏينهن ڳڻيندي ڪٽي ڇڏجي۔ خوشنصيب آهن اهي جيڪي زندگي جو تت ڄاڻن ٿا ۽ پوءِ ان جي هر گذرندي گهڙي کي ڍڪ ڍڪ ڪري اندر ۾ اوتين ٿا۔ هو ائين ڪري نه رڳو پاڻ مسرور زندگي جو سرور ماڻين ٿا پر پاڻ سان گڏ گھاريندڙ کي به ان مئي وٽيءِ مان ڀرپور سرور وٺرائن ٿا۔
اهڙن ئي انسانن ۾ محترم سائين عبد الحئي پليجو به هڪ آهي، جنهن زندگيءَ کي نه رڳو ڄاتو پر ان کي ڀرپور نموني گهاريو به آهي، هو زندگي کي باقي خلق خدا جيئن بار نه ٿو سمجهي نه ئي وري بيڪار. هو بس مسلسل هلي پيو ۽ زندگي کي من چاهي محبوب جيئن چاهي به پيو ته گهاري به پيو.
ڪٿي پڙهيو هيم ته لکڻ ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪو ٻار ڄڻڻ، پر جيئن تڪليف ۽ سور سهندي به عورت اولاد پيدا ڪرڻ بند نه ٿي ڪري، بلڪل ائين ئي ليکڪ لکڻ کان بس ناهي ڪندو.
اولاد جڏهن سامائجي وڏو ٿئي ٿو ته ماءُ پنهنجي هر درد ۽ سور کي وساريو ڇڏي، ائين ئي جڏهن درد ۽ پيڙا ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙ تائين پهچي ٿو ته لکاري کان به لکڻي جي منڍ کان پڇاڙي تائين جو هر درد وسريو وڃي. سائين عبد الحئي صاحب خوشنصيب آهي، جو هيل تائين سندس کوڙ ڪتاب پڙھندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن. ڪو شڪ ناهي ته لکڻ ڏکيو عمل آهي ۽ مسلسل لکڻ ته ان کان به ڏکيو ڪم آهي، پر بنا ڪنهن وڌاءُ جي چونديس ته ٺٽي جي پليجن جي اها خوبي آهي ته مسلسل پڙهن به ٿا ته لکن به ٿا ۽ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ٿڪجن به نه ٿا. مونکي ذاتي طور پڙھڻ ۾ ٻه شيون وڌيڪ وڻن، هڪ آتم ڪٿا ۽ ٻيو سفر ناما.
آتم ڪٿا ۾ پڙهندڙ ليکڪ جي سالن جي زندگي مان ڪلاڪن اندر گهڻو ڪجھه سکي وٺي ٿو ( ان صورت ۾ جڏھن ليکڪ ايمانداري سان بنا ڪنهن رياءُ جي پنهنجا تجربا، پنهنجا احساس، پنهنجي زندگي جا لاها چاڙها پڙهندڙ سان ونڊي ٿو، نه ته ويجهڙ ۾ ڪجھه اهڙا ڪتاب به پڙهيم، جن ۾ ليکڪ ٻين جي زندگي جا ته ڇو ڏا لاٿا، پر پنهنجي زندگي جي کوڙ پاسن کي لڪائي پاڻ کي فرشتو ثابت ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. سو اهڙي لکڻ کان نه لکڻ ڀلو نه سندس وقت ۽ پئسو زيان ڪجي نه پڙهندڙ جو) ۽ سفر نامن جي خوبي اها چئبي ته هڪ سٺو لکيل سفر نامو پڙهي، پڙهندڙ بنا ڏوڪڙ پئسي جي نه رڳو انهن ماڳن، ماڻهن ۽ اتان جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي حالتن کان واقف ٿئي ٿو پر هر لفظ پڙھڻ سان، لکاري معرفت انهن ماڳن ۽ هنڌن کي احساسن ۾ محسوس ڪندي گهمي به ٿو. جتي هو ويل نه هوندو آهي، ۽ شايد ڪڏهن وڃي به نه سگهي. هاڻي ليکڪ جو ڪمال آهي ته هو پڙھندڙ کي پاڻ سان ڪيترو شامل ڪري ٿو.
جڳ مشهور ليکڪ جون گيمليٽ مطابق “سفر نامو لکڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو سفر نامو شين کان وڌيڪ ماڻهن سان لاڳاپيل هجي، احساسن تي ٻڌل هجي. پڙھندڙ ان ۾ جيئرو جاڳندو ساڻ هجي، پڙهندڙ پڙھندي مهل ان ۾ پاڻ کي ڌڙڪندو محسوس ڪري. جيڪڏهن ائين ناهي ته پڙھندڙ جي دلچسپي ٽٽي ٿي وڃي ۽ هو ڪتاب اڌ ۾ ئي ڪمري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇليو ڇڏي”.
سفرنامو لکڻ جو واحد مقصد جيڪڏهن ماڳن جي معلومات هجي ته پوءِ اها معلومات ته نيٽ تي مختلف بلاگس جي صورت ۾ کوڙ موجود آهي. سفرنامي ۾ معلومات به هجي ته احساسن جي صورت ۾ وندر به هجي.
مونکي ياد آهي ته آئون جڏھن ننڍي هيس ۽ رات جي اونداهي ۾ چاچا جي لائبريري مان ڪتاب چورائي چورائي ( ڏاڏيءِ کي چاچا جي ڪتابن سان انتهائي پيار هوندو هو ۽ هُوءَ انهن کي ملڪيت جيئن ساڍيندي هئي، اسان مان ڪنهن کي به ڪتابن کي هٿ لائڻ نه ڏيندي هئي ته متان انهن جو هڪ پنو به ٽٽي نه وڃي ان ڪري رات جو جڏهن ڏاڏي سمهندي هئي ته اونداھ ۾ ڪٻٽ اندر هٿوراڙيون هڻي ڪو ڪتاب کڻندي هيس، پوءِ اها نصيب جي ڳالھ ته ڪتاب ڪهڙو ٿو هٿ لڳي ) کڻندي هيس ۽ پوءِ جيڪڏهن هٿ ۾ آيل ڪتاب ڪو آتم ڪٿا يا سفرنامو هوندو هو ته منهنجي خوشي جي انتها نه هوندي هئي.
سفر جي شروع ۾ جيڪڏهن ليکڪ اهو طئي ڪري ٿو ته هو اهو سفر ڇا لاءِ ٿو ڪري ۽ هن جي لکيل سفر نامي جو پڙهندڙ ڪير ڪير هوندو ته پوءِ ان سفرنامي جو چس محبوب سان ٿيل پهرين ملاقات جيئن سرور ڏيندڙ ھجي ٿو، ننگر جي رڻ مَنجھه ڏکڻ جي هير ۾ گهاريل چوڏهين جي رات جيئن وڻندڙ ھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ليکڪ اهو سڀ سوچي، هنڌن ماڳن کي ڏسي ٿو ته اها اک ليکڪ جي نه ٿي هجي پر اها پڙهندڙ جي اک هجي ٿي. ليکڪ اهو ڏسي ٿو جيڪو پڙهندڙ جي اک ڏسڻ گهري ٿي، هو اهو ئي لکي ٿو، جيڪو پڙهندڙ پڙهڻ گهري ٿو، ليکڪ ۽ پڙھندڙ جي وچ ۾ ڪو حجاب باقي نه ٿو رهي، ليکڪ پڙهندڙ ھجي ٿو ۽ پڙھندڙ ليکڪ هجي ٿو.
هن سفر نامي کي پڙهندي، کوڙ هنڌن تي مون پاڻ کي به ساڳين ماڳن ۾ محسوس ڪيو هوندو. هڪ هنڌ جڏهن ليکڪ ايئرپورٽ جي ڪسٽم ۽ ڪليئرنس جي انتظارين تي لکيو ته مون پنهنجي پيرن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ڪئي، ڄڻ ته آئون پاڻ انهن قطارن ۾ بيٺي آهيان ۽ مون اهو سڀ ڀوڳيو آهي. ساڳي طرح هو جڏهن سندس گهر واري جي ڪيئرنگ طبيعت جو ذڪر ڪري ٿو ته پڪ اٿم پڙھندڙ انهن سٽن کي پڙهندي ڳچ دير سوچ ۾ غوطا کائيندي، سندس خيال ڪندڙ ساٿي جي خوبصورت نرم گرم ساٿ کي محسوس ڪندا، جيڪو هر گهڙي سندن سک لاء پيرن ڀر بيٺل ملندو آهي.
سفرنامن ۾ کوڙ ليکڪ پڙهندڙ جي معلومات ڪارڻ ان وقت جي هلندڙ سياسي حالتن تي به لکندا آهن پر جيئن ته سياسي حالتون گهڻو ڪري جلدي جلدي ڦيرو کايو وڃن سو جيسيتائين ڪتاب پڙھندڙ تائين پڄي، اهي حالتون تبديل ٿي چڪيون هونديون آهن، ان ڪري اهي حصا پڙهندڙ کي پاڻ تي بار محسوس ٿيندا آهن. سفر نامن جي ٻي سونهن معلومات هجي ٿي، جيڪا هڪ ليکڪ پنهنجي پڙهندڙ کي ڏي ٿو. هو جن هنڌن، ماڳن کي ڏسي ٿو انهن تي لکي ٿو، انهن جي هاڻوڪي حالت کان وٺي انهن جي ٺهڻ وقت جي حالتن ۽ ٺھڻ جي سببن تي به لکي ٿو، ته جيئن پڙهندڙ وڌ کان وڌ ڄاڻ هاصل ڪري سگهي پر سچ چوان ته اها معلومات به هڪ حد تائين هجڻ کپي نه ته اضافي معلومات به تحفي يا تفريح بدران بيزاري جو باعث بنجي ٿي، ائين جيئن خوبصورتي جي چڪر ۾ پارلر واري مائيءَ ڪنوار کي اضافي شيڊ ٿپيو ڇڏي، پر ان مان منهنجي مراد اها قطعي به ناهي ته ڪو معلومات نه ڏجي پر معلومات اها ڏجي، جيڪا نيٽ ۽ ڪتابن منجھه نه هجي نه ته اڄ جي جديد دور ۾ تاريخي ماڳن ۽ ملڪن متعلق گهڻو ڪجھه نيٽ تي موجود آهي ۽ پڙهندڙ ضرورت جي بنياد تي جڏهن به چاهي هڪ ڪلڪ سان اها معلومات حاصل ڪري سگهي پيو. باقي ماڳن تي ليکڪ سان ڇا وهيو ڇا واپريو ۽ ليکڪ ڇا محسوس ڪيو اهي ڳالهيون پڙهندڙ لاء دلچسپي جو باعث هجن ٿيون.
آمريڪا جي تازي دوري مونکي احساس ڏياريو ته اولھ جا شهر ۽ ماڳ ڪيڏا نه خوبصورت آهن، قدرت واري کين درياهن، جبلن ۽ ساوڪ سان نوازي ڇڏيو آهي ۽ ان ڳالھه جي تصديق مختلف سيلانين پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ به ڪئي آهي، بقول هڪ غرناته جي شاعر وزير لسان الدين “مصر ملڪ پنهنجي نيل درياھ تي ڪهڙو فخر ڪري جڏهن شنيل درياھ (غرناطه شهر مان وهندڙ) پنهنجي اندر ۾ هزار نيل دريا سموهيندي وهي پيو.
اسپين متعلق ۽ اتي جي ماڳن جي عربي نالن متعلق ڄاڻ سچ ته قيمتي اثاثو چئبا جيڪي ليکڪ هتي پڙهندڙ لاء ڏنا.
تخليقڪار ايسيتائين شايد ئي ڪجھه ڀلو لکي يا ٺاهي سگهي ٿو، جيسيتائين هو زندگي کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئي نه ٿو. پوءِ اهو ڍڪ ڪڙو هجي يا مٺو. اهوئي پبلو ڊيگو جوز، فرانسڪو دي پائو لا جيان، نيپو ميئو سينو، ماريا دي لوس، ريميڊيوس، سپريانو ڊي ال سينٽيسيما، ٽرينيڊ اينڊ ريوئز پڪاسو عرف عام ۾ پڪاسو سان ٿيو، هن زندگي کي رنگين ڪري پيتو به ته پاتو به باقي هن جي ان پيئڻ پائڻ ڪري هن سان گڏ گهاريندڙن ڪيترو لوڙيو، اهو الڳ داستان آهي ۽ اهو بهترين نموني ليکڪ ڪتاب ۾ ليک جي صورت ۾ ڏيکاريو به آهي، پر انهن رنگينين پڪاسو جي تصويرن ۾ جيو جيون ڀريو آهي اهو عالم آشڪار آهي ۽ اڄ به پڪاسو جون تصويرون مهانگن اگهن ۾ وڪجن پيون، توڙي جو اهي اگهه ٻڌي پاڻ جهڙن ماڻهن جون اکيون ۽ وات پٽجيو وڃن، پر اولھ جي ملڪن ۾ آرٽ سان چاھ جو اندازو آرٽ گيلريز ۾ رش مان لڳائي سگهجي پيو.
تازو امريڪا جي وزٽ دوران مونکي ان جو اندازو ٿيو. توڙي جو آئون اتي رکيل پڪاسو جي سيلف پورٽريٽ کي ڏسي حيران ٿيس ته وڏي ۽ ڦڏي نڪ واري هن همراه سان ايترين ماين محبت يا عشق ڪيئن ڪيو؟ اهي باوجود پوڙهائپ جي به ساڻس عشق ڪنديون پئي وتيون.
اسپين جي الحمراه مسجد جيڪا عرب دور جي شاهڪارن ۾ شامل آهي، ان جي خوبصورتي کي جنهن نموني هن ڪتاب ۾ چٽيو ويو آهي، اهو پڙهي پڙهندڙ جي دل ڪري ته هوند ان کي هلي ڏسجي.
لنڊن جي سينٽرل مسجد جو ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙن سببن ڪري ٺهڻ متعلق به ڪارآمد ڳالهيون ڏنل آهن، ان ڄاڻ کانپوءِ دل اڃا وڌيڪ پڙهڻ جي چاھ ۾ هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻڻ ٿي گهري ۽ مون ان چڪر ۾ کوڙ ڏينهن ۽ کوڙ وقت گوگل تي گذاريو ھوندو.
اڄ جيئن اسين مذهب جي غلط تشريح کي لوڙيون پيا ائين کوڙ صدين تائين يورپ به لوڙيو. ڪليسا ماڻهن جون زندگيون وھ ڪيون. سچ جي ڦهلاءُ کي روڪيو ۽ سچ جي ڳولائو مرد مومنن کي چيچلائي ماريائون ۽ ملڪ بدر ڪيائون، ايسيتائين جو ڪن کي ته مرڻ کانپوءِ پنهنجن ملڪن ۾ دفن ٿيڻ به نه ڏنائون. پڙهڻ پڙهائڻ وارا ادارا به ڪليسا جي زير اثر هوندا هئا.
اڄ يورپ جي جن يونيورسٽين جي هنڌين ماڳين هاڪ ۽ ساک آهي، انهن کي به صديون لڳيون ان مقام تي پهچڻ ۾ نه ته شروع ۾ اهي به انهن مذهبي ماڻهن جي اثر هيٺ هيون ۽ نام نهاد عيسائيت کي پڙهائڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ پوريون هيون. اتي به سائنسي علم ائين ممنوع هئا، جيئن اڄ اسان وٽ آھن، اهڙين يونيورسٽين مان هڪ ڪيمبرج يونيورسٽي به آهي، جنهن متعلق ليکڪ تفصيل سان لکيو آهي، پر اڄ انهن ملڪن کي ڏسي لڳي ئي نه ٿو ته اهي ڪڏهن ڪليسا جي اثر هيٺ هئا، انهن ماضي مان سکيو ۽ حال ۾ ويهي اهي فيصلا ڪيا جن سان اڄ هو مستقبل ۾ هڪ پرسڪون، تبديل ٿيل ۽ ترقي يافته زندگي گذاري رهيا آهن.
جان ايڇ پيٽرسن چواڻي ته “بي وقوف ۽ مئل ماڻهو تبديلي بابت نه سوچيندا آهن. تبديل ٿيڻ، مئل ماڻهو جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي، جڏهن ته بي وقوف تبديلي نه آڻي سگهندو آهي”، سو اولھ جا ملڪ به باوجود ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ اونداهين جي به روشني ڏي وک کڻندا رهيا، ٿڪاوٽ هنن جي ڀر مان به نه گذري ۽ اڄ هو دنيا جي باقي قومن لاء مشعلِ راھ آهن ۽ پاڻ جهڙن ملڪن مان هر ٻيو ماڻهو انهن غير مسلم ملڪن ۾ وڃڻ جا ۽ رهڻ جا خواب ڏسي ٿو.
مجموعي طور هن سفر نامي پڙهڻ دوران نومبر ۽ ڊسمبر جي صبح جي ٿڌڙي سيسراٽ لاء سڪي ويس، ان ۾ شايد ليکڪ کان وڌيڪ ليکڪ جي عمر جو قصور هجي، ان عمر ۾ گهڻي ڀاڱي (سڀ نه) ليکڪن جي سوچ ۾ ڦيرو اچيو وڃي ۽ اهي محتاط ٿيو وڃن پر ضروري ناهي ته سڀ پڙهندڙ به پوڙها ۽ پوڙهيون هجن، ان ڪري ليکڪ کي پنهنجي نوجوان پڙهندڙ جو به خيال رکڻ گهرجي.

شميم مري