2
هر معاشري ۾ ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جي هر ماڻهو عزت ۽ احترام ڪري ٿو ۽ انهن سان ملڻ ۽ ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ چاهيندو آهي. هڪ اديب لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مڃتا ٿيندي! اسين اڄ ۷ جولاءِ ۲۰۱۶ع، تي ڏهه ڄڻا، نور محمد، سندس گهرواري، ڊاڪٽر رابعه، سندن پُٽ عبدالحي جونيئر ۽ نياڻي زينب، اُهو منهنجي ماءَ جو نالو آهي، پِره، سندس پُٽَ اَويس ۽ حسان ۽ سندس نياڻي آمنه، منيٰ ۽ آئون، پهريائين لنڊن آئي وياسين، جيڪو اسان سڀني جو اڳ به ڏٺل هو، پر هينئر به ٽڪيٽون وٺي منجهس چڙهي چڪر لڳايوسين.
منهنجي لاءِ سينيئر سٽيزن هجڻ ڪري ڪجهه رعايت هئي. هت ٽڪيٽ وٺڻ ۽ لائين ۾ وڃي اندر داخل ٿيڻ لاءِ تمام، گهڻي رش هئي. انهيءَ ڪم ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن. پر هن گهما گهميءَ ۽ هنن سهڻن ماڻهن جي وچ ۾ ۽ هن عاشقانه موسم ۾ وقت جي خبر ڪانه ٿي پئي. هت لنڊن ۾ توهان کي پاڪستان جا وڏا ماڻهو، جيڪي ماڻهن کي ماڻهو ئي ڪونه سمجهن ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن سان ملڻ به پسندڪونه ڪن، سي به هيڏي رش ۽ گچاپيهه ۾ هيڏين ڊگهين لائينن ۾ بيٺل ڏسي، خوشي ٿيندي آهي ته ٿوري دير لاءِ پر اهي انسان ته ٿي بيٺا. لنڊن جي اهڙين پبلڪ جڳهين تي، توهان کي انگريزي ڳالهائڻ وارا گهٽ، پر يورپ جون ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا ماڻهو وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندا. خدا خدا ڪري اسين به وڃي لنڊن آءِ ڀيڙا ٿياسين. مون پنهنجي ڪتاب عالمي عجائبات ۾ لنڊن آءِ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻئي هڪ لنڊن جي سفرنامي ۾ به لنڊن آءِ بابت ڪافي لکيو آهي تنهن ڪري هتي آئون زياده ڪونه ٿو لکان.
اتان کان پوءِ اسين لنڊن آڪيورم ڏسڻ وياسين اهڙا آڪيورم مون ٻين ملڪن ۾ به ڏٺا آهن. مون کي انهن جي مقابلي ۾ هي آڪيورم ننڍو لڳو. ٽڪيٽ وٺي آڪيورم اندر وياسين ۽ پهريائين پيرَن هيٺيان شيشي
منجهان پاڻيءَ ۾ هلندڙ شارڪ مڇيون ڏٺيون سين. تنهن کان پوءِ هر هڪ جدا جدا ننڍين وڏين مڇين جي ڪائونٽرن تان ٿيندا، هلندا هلندا، هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا ته هي ڏسو هو ڏسو، وڃي رهيا آهيون. اسين هت تقريباََ ٻه ڪلاڪ رهياسين. اندر فوٽا سُٺا ڪونه ٿي نڪتا، خبر ناهي ڇو؟ هت هڪ سٺو پارڪ به آهي، جت ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ڪافي رانديون به هُيون ۽ سون جي تعداد ۾ اتي ٻار راند ڪري رهيا هئا. ڪلاڪ کن اسان جا ٻار به اتي کيڏيا. آئون ۽ منيٰ هت ٺهيل هڪ يادگار ڀرسان ويهي ماڻهن کي ڏسڻ لڳاسين، جيڪي انهيءَ يادگار اڳيان گل دستا رکي رهيا هئا ۽ ان مٿان لکيل اکر، غور سان پڙهي رهيا هئا. اهو يادگار اسپين ۾ ڊڪٽيٽرشپ دوران اتي ماريل ماڻهن جي ياد ۾ ٺهيل هو. اتي حاضر ماڻهن ۾ هڪ پوڙهن جو جوڙو به هو، جيڪو هت ڪافي وقت کان بيٺو هو ۽ يادگار تي لکيل اکر پڙهي رهيو هو. شايد هنن جو به ڪو مِٺو انهن ماريل ماڻهن ۾ هجي.
اڄڪلهه هت انگريز به ڏاڍي شوق سان ڏاڙهيون رکائين، جيڪي هت به ڪافي تعداد ۾ نظر آيا ۽ هت مسلمان عورتون وري وڏي تعداد ۾ بُرقعي ۾ نظر آيون. هت ڪجهه ماڻهو عجيب غريب ڊريسون پائي ميوزڪ وڄائي، نچي ماڻهن کي مُتَوجَهه ۽ معزوز ڪن، جن کي ماڻهو به سَوَن جي تعداد ۾ ٻُڌن ۽ ڪجهه سِڪا انهن جي اڳيان اُڇلائين، انهن ناچو ماڻهن ۾ گهڻا ته شيدي هوندا آهن، پر ايڪڙ ٻيڪڙ انگريز ۽ اڇي چمڙيءَ وارا ماڻهو به هوندا آهن. هت هر ماڻهو، پنهنجي ناٽڪ جو پاڻ هيرو هوندو آهي. اسان تقريباََ صبح جو يارهين بجي تيار ٿي شام واپس گهر پهچندا هئاسين. صبح جو ناشتو ڪري نڪربو هو ۽ ٻنپهرن جو هلڪو ڦلڪو کاڌو جت به موقعو مليو، کائي وٺبو هو ۽ ڏهين بجي. جُوس ۽ ٻه چار مٺا بِسڪوٽ يا ننڍا ڪيڪ کائي وٺندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن زياده به کائي ويندو هوس.
اِنسولِن صبح جو هڻي نڪربو هو ۽ وري رات جو هڻبي هئي. ٻنپهرن وارو انسولن جو ڊوز ڪونه لڳي سگهبو هو. ذري گهٽ مهينو کن انگلينڊ، اسپين ۽ پورچوگال ۾ رهس، پر شُگر ليول بلڪل نارمل هوندي هئي، نه ته
پاڪستان ۾ ٿوري به بد پرهيزيءَ سان شُگر ليول وڌي ويندي آهي. اهو هت گهڻو هلڻ ۽ هت جي کاڌن ۽ آبهوا جو به اثر آهي. ڇو ته منيٰ جو پاڪستان ۾ بيضو کائڻ ڪري پيٽ خراب ٿي پوندو آهي، پر هت ته چار ڏينهن ناشتي ۾ بيضو کاڌئين، پر کيس ڪجهه به ڪونه ٿيو. هنن ملڪن جي باري ۾ لکي ڇا لکجي ۽ اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون! ٻِيو ته ڇڏيو، اسان ۱۹۴۷ء ۾ ڪٿ هئاسين ۽ اڄ ڪٿ بيٺا آهيون. ڪراچي۱۹۴۲ء ۾ ايشيا جو صاف ترين شهر هو ۽ ان کان ٻه سال اڳ به اِئين ڪراچيءَ کي صاف ترين شهر قرار ڏنو ويو هو. پر اڄ اهو شهر نه، پر انٽرنيشنل مهاجر ستان آهي، جت انڊيا، افغانستان برما، بنگلاديش ۽ سڄي دنيا مان تڙيل ماڻهن هت اچي پناه ورتو آهي ۽ ڪراچيءَ مان جيڪو اغوا ٿئي، سو توهان کي وڃي افعانستان مان ملندو!
مون پي عرض ڪيو ته ڇهين ستين بجي شام جو گهر پهچي، پوءِ ٿورو آرام ڪري، ٽي-وِي ڏسي، پاڪستان فونون ڪري، ڪجهه پڙهي، لکي، ماني کائي، ڪچهري ڪري، پوءِ سمهي رهبو هو، گهڻو ڪري ننڊ اهڙي ته سٺي ايندي هئي، جو ڪڏهن خواب به ڪونه ڏٺم. چون ٿا ته ننڊ کان اڳ گهڻو سوچڻ ۽ بي آراميءَ ڪري خواب ٿا اچن. سَرِ سلطان محمد آغا خان، پنهنجي سوانح حيات جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مون سڄي زندگيءَ ۾ خواب ڪونه ڏٺو آهي. واقع! خواب ته غريب ڏسن ۽ انهن مان ئي خوشيون ماڻين! پر امير ماڻهو ڇو خواب ڏسي؟ هُو ته جيئري ئي جنت ۾ آهي، جنت عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”باغ“. حُور به عربي زبان جو لفط آهي، تنهن جي معنيٰ آهي: ڳوري، يعني اڇي رنگ جي چمڙيءَ واري عورت. ٻيو مڙئي ٿيو خير، تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو آهي ته ” کیا کریں ان حوروں کو، جو لاکھوں سال پرانی ہیں!
اڄ صبح سوير تيار ٿي، پهريائين سائينس ميوزم گهمڻ وياسين، جيڪو ڪنزننگٽ جي علائقي ۾ آهي. سڄي دنيا ۾ صرف لنڊن شهر جي ميوزمن ۾ ڪابه داخلا في ڪونه وٺن، ٻيو ته ٺهيو، پر پاڪستان ۾ ڪو غير ملڪي اچي ۽ انهيءَ کي ڀنڀور ڏيکارڻ وڃون ته ات به ٽڪيٽ وٺون، پوءِ اندر وڃڻ ڏين. هن سائينسي ميوزم ۾ پراڻين سائينسي ايجادن جا هزارن جي تعداد ۾ عجيب غريب نمونا رکيل هئا.
ميوزم اندر باٿ روم، بڪ اسٽال ۽ بهترين کاڌي پيتي جون هوٽلون به آهن، جي ٿڪ ٿئي ته اتي ڪجهه دير ويهي، ڪجهه کائي پيئي ۽ فِريش ٿئي، پوءِ وري به وڃي ميوزم گهمي. C.N.N جي هڪ پروگرام ۾ ڏيکاريل مسلمان سائينسدانن طرفان ڪيل ايجادون منهنجي لاءِ به بلڪل نيون هيون، جن بابت مون کي اڳ ۾ خبر ڪانه هئي تِن بابت اها فلم ڏٺي.
نيچرل هسٽري ميوزم به، سائينس ميوزم جي بلڪل ويجهو هو، پر جيئن ته اهو اڳ ئي ڪافي دفعا ڏٺل هو، تنهن ڪري اوڏانهن ڪونه وياسين. ڪنهن سياح کي لنڊن شهر ۾ جيڪا جڳهه سڀ کان پهرين ڏسڻ گهرجي، سا هيءَ جڳهه آهي، هتان وري پنجن منٽن جي پنڌ تي اسان هائيڊ پارڪ جي پوئين حصي ۾ آياسين.
اسان هت فوٽا ڪڍيا ۽ پرهه مووي ڀَرِي، پوءِ اسان جلد هتان آڪسفورڊ اسٽريٽ روانا ٿي وياسين. لنڊن وڃجي ۽ آڪسفورڊ اسٽريٽ نه گهمجي، اهو ڪِينئن ٿو ٿي سگهي! اسان هت ڪجهه خريداري به ڪئي. هت اڪثر توهان کي هندستان يا پاڪستان جو ڪونه ڪو اهم ماڻهو به ضرور ڏسڻ ۾ ايندو، جينئن ڪافي سال اڳ، هت دليپ ڪمار کي ڏٺوسين، دنيا جا ڪَنئين مشهور ماڻهو ۽ فلمي ايڪٽر وغيره هت اچن. اخبار ۾ پڙهيوسين ته نواز شريف هيرڊس سپراسٽور ۾ فيملي ساڻ خريداري پيو ڪري، آڪسفورڊ اسٽريٽ خريداريءَ جو به وڏو مرڪز آهي ۽ هيرڊس کان سستو آهي. سڄي U.K ۾ مهانگي ۾ مهانگو ڊپارٽمينٽل اسٽور هيرڊس آهي. لنڊن جي اڪثر دڪانن تي هاڻ توهان کي مسلمان ملڪن جي عورتن لاءِ ڪپڙا وڏي تعداد ۾ ملندا. هت هر ڪم جي سروي ٿئي. تنهن کان پوءِ ان تي عمل ٿئي. هت هاڻ سڄي دنيا مان مسلمان وڏي تعداد ۾ اچي ٻارن سميت مستقل رهن ۽ پيسا خرچ ڪن. هت هڪ سروي ۾ اهو ظاهر ٿيو ته پاڪستان جا ماڻهو هندستاني ماڻهن کان وڌيڪ پيسا خرچ ڪن. هُونئن به سراسري طرح هندستاني ماڻهو پيسو تمام گهٽ خرچ ڪري، پنهنجي سڄي عمر پيسا ڪمائيندي ۽ بچائيندي پوري ڪريو ڇڏين، آڪسفورڊ اسٽريٽ کان پوءِ اسان ٽيوب بدلائيندا بدلائيندا گهر وڃي رهيا آهيون. لنڊن جي زندگي تمام مصروف، ماڻهو تمام تيز تيز هلن. توهان کي ريلوي اسٽيشن، ٽيوب يا بس ۾ هڪ ماڻهو به واندو بيٺل يا ٻه ماڻهو ڪچهري ڪندي نظر ڪونه ايندا. ٽيوب، ريل يا بس ۾ ڪوبه مسافر ڪنهن ماڻهو سان ڪونه ڳالهائي. هر ماڻهو پنهنجي سيٽ تي ويٺو اخبار ڪتاب پڙهندو يا فون ڏسندو. اڳي صرف ڪتاب هو، هاڻ ان سان گڏ موبائيل، ٽيبليٽ هلائيندي توهان کي ماڻهو وڏي تعداد ۾ نظر ايندا. هت ڪنهن سان ڳالهائڻ ته پري، پر ڪو ڪنهن ۾ نهاري به ڪونه، پر هت ماڻهو ڏاڍا هيلپ فل آهن. روڊ رستا ڪراس ڪرڻ ۾ خاص ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ماڻهن جي تمام گهڻي مدد ڪن. اسان سان گڏ زينب به هئي. جيڪا ننڍي گاڏيءَ ۾ ويٺل هئي. هت ننڍو ٻار انهيءَ گاڏيءَ ۾ ويهي ۽ ان جي ماءَ يا پيءَ ٻار جي گاڏي هلائي. پوءِ جڏهن ٽيوب يا ريل گاڏيءَ ۾ چڙهڻ جي نوبت اچي ته اتي موجود هر ماڻهو ٻارن ۽ ٻُڍن کي چڙهڻ ۾ فرض سمجهي مدد ڪري.
جيتوڻيڪ چاڙهين سان گڏ لفٽون به لڳل هونديون آهن، پر جي لفٽن ۾ به رش هجي ته پوءِ هڪڙي ماڻهو کي اُت هلائڻ ڏکيو لڳي، ته اڳيان، بنا چوڻ جي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو انهيءَ ضعيف ماڻهو کي يا ٻار کي تيستائين جهلي بيهي جيستائين وڃي منزل تي پهچي. ٻيو ته اڳ جڏهن به لنڊن ايندو هوس ته سفر دوران يا لائين ۾ پر هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڪتاب ڏسندو هوس، پر هاڻ انهيءَ جي جڳهه تي هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي، ٻي خبر نه ڪا چار! پنج سؤ سال اڳ، ڪرسچن صرف فلسطين، شام، يمن، ايٿوڀيا، ترڪي ۽ يوررپ جي ۽ ٻين ملڪن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا هئا. پر يورپي قومن جي سڄي دنيا تي حڪومت ڪرڻ ڪري، سڄي دنيا ۾ يورپي ماڻهن جو مذهب عيسائيت، ٻولي، لباس، قائدا قانون، موڪل جا ڏينهن ۽ ويڪيشن به انگريزن وانگر گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ ٿين، کائڻ لاءِ چمچو ۽ ڪانٽو، ڊائننگ ٽيبل، بيڪري ۾ تيار ٿيندڙ کاڌي جون شيون ڊبل روٽي، بسڪوٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ، وسڪي، بيئر، چانهه، رانديون، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هاڪي، بيڊمنٽن وغيره، ڪار به انگريزن وانگر ساڄي طرف هلائجي، مطلب ته يورپي قومن سڄي دنيا تي حڪومت ڪري سندن مذهب، ٻولي، علم، ثقافت ۽ تهذيب، سموري دنيا ۾ رائج ڪري ڇڏي جيڪا اڃا تائين مستحڪم بنياد تي قائم آهي. اڄ به انگلينڊ دنيا جي ٻه سؤ ملڪن ۾ آمريڪا، چائنا، جاپان ۽ جرمنيءَ کان پوءِ دنيا جي پنجون نمبر وڏي اقتصادي قوت جي حامل رياست آهي، سياسي طرح ڪامن ويلٿ ملڪن جو سربراه اقوام متحده ۾ ويٽو پاور، عسڪري طرح اَيٽَمِي قوت رکندڙ ملڪ برطانيه، آمريڪا کان پوءِ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو واپاري مرڪز آهي، ڇو ته سڄي دنيا جي وچ ۾ هئڻ ڪري انگلينڊ جي ڪينري وارف واپاري مرڪز جي عالمي اهميت اڄ به برقرار آهي. سابق آمريڪي صدر، بِل ڪلِنٽَن، سندس لکيل سوانح حيات ۾ لکيو آهي ته دنيا ۾ اڄ به تعليم جو مرڪز انگلينڊ آهي، نه ڪي آمريڪا! گذريل پنجن سالن کان اڳ، پنجاه سالن تائين سڄي دنيا ۾ مصروف ترين هوائي اڏو، لنڊن وارو هيٿرو هوائي اڏو رهيو، البت گذريل پنجن سالن کان دبئي وارو عالمي هوائي اڏو، دنيا جو مصروف ترين هوائي اڏو ٿي پيو آهي ۽ دنيا جي اوچي ۾ اوچي عمارت، البُرج الخليفه دبئي ۾ آهي ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ سينٽر پڻ دبئي ۾ آهي.
اڄ اسان جو پروگرام ڪَيمبِرج يونيورسٽي گهمڻ جو آهي، اسان وٽ ڳوٺ ٻني جي ڀرسان ڊَبُو موري ۽ ٿورو پريان موالي موري ته آهي، پر هت انگلينڊ ۾ به ڪنهن موريءَ جي نالي سان ڪنهن شهر ۾ هڪ يونيورسٽي هوندي، سا ڳالهه ٻڌي عجب ٿيو. شهر جو نالو ڪيم برج يعني ڪيم موري آهي، وري اهڙي ئي نموني سان پاڻ وٽ سٺ ميل نالي شهر آهي، ته هت وري ايم اليون نالي سان روڊ آهي، جنهن روڊ ذريعي اسين ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهيون. منيٰ جي طبيعت ٿوري ٺيڪ ڪانه هئي. سو آئون، نور محمد عبدالحئي جُونِيئَر، بوبيءَ جي ڪار ۾ گهران نڪري، رستي تان ٿورو سامان وٺي، ڪيمبرج وڃي رهيا آهيون. نور محمد ٻڌايو ته ٻه سال اڳ جڏهن پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي گهمڻ هليا هئاسين ته آڪسفورڊ اتان کان پاڻ کي پري هو، ڇو ته سڄو شهر ڪراس ڪري پوءِ ٿي هلڻو پيو جنهن ڪري پنهنجو ڪافي وقت شهر اندر ئي ضايع ٿي ويو پر پاڻ کي شهر اندر هينئر ٿورو وقت لڳندو ۽ پاڻ جلد پهچنداسين، هينئر آسمان ۾ جهڙ آهي ۽ هلڪي هلڪي بوند پئي وسي، هت سڄي ڌرتيءَ تي ساوڪ آهي، رستي جي ٻنهي پاسن کان ۽ هر طرف، پري پري تائين وڏا وڏا وڻ نظر اچي رهيا آهن. پاڻ وٽ برسات گهٽ پوڻ ڪري، وڻ ايڏا ساوا نظر ڪونه اچن، پر هت برساتن وڻن ۾ رونق وڌائي ڇڏي آهي. پر هيءَ به حقيقت آهي ته مون سڄي لنڊن جي شهر ۾، منهنجي ٻني واري گهر ۾ بيٺل نم جهڙو وڏو وڻ ڪونه ڏٺو. هت به وڏا وڻ ته هوندا، پر مون ڪونه ڏٺا، عالي شان ون وي روڊ جي ٻنهي طرفن کان هزارن جي تعداد ۾ گاڏيون هلندڙ پر، ٽريفڪ اهڙي سٺي نموني سان هڪ ساريڪي رفتار ۾ هلي، جو ڪوبه ڊپ محسوس ڪونه ٿئي. هت ڌوڙ نه هئڻ ڪري ۽ هر هر برسات پوڻ ڪري، گاڏيون پيون چلڪن، هر پنجن ڏهن ميلن تي پوليس جون گاڏيون بيٺل، پر ڪڏهن به گاڏين کي ڪونه روڪين، گاڏيءَ ۾ ڊرائيور سميت هر ويٺل ماڻهو کي بيلٽ ٻڌل، نه ته چالان ڪن ۽ پنجاهه پائونڊ ڏنڊ ۽ وري نه رشوت توڙي سفارش سان جان ڇُٽي! پنهنجي ملڪ ۾ ته توهان کي رشوت ڏيڻ جو سبق هر کاتي جو ڪامورو سيکاريندو ته ڇو ٿا بل ڏيو، اڌ تنهنجو، اڌ منهنجو! پنهنجي مُلڪ ۾ ڪامورن جو هڪ اهڙو به قسم آهي، جن کي عام طرح ايماندار آفيسر چَون، اهي ڪامورا وري کاتي جا فنڊ هڙپ ڪن ۽ سمجهن ٿا ته اها رشوت ڪانهي، کاتي جا پيسا کائڻ، اسان جو حق آهي. اهي اِئين ڪونه ٿا سوچين، ته هڪ ماڻهوءَ کان رِشوَت وٺڻ، صرف انهيءَ هڪ ماڻهوءَ جا پيسا هوندا آهن، پر هي جيڪي کاتي جي فنڊن جا پيسا آهن، سي ته قومي ناڻي وارا، حڪومت جا پيسا آهن، جيڪي هزارن لکن ماڻهن جي ڍلن، ٽيڪسن ۽ ڏنڊن وغيره جا آهن. اهو فنڊ کائڻ ته هزارين ماڻهن کي ڦُرڻَ برابر ٿيو. اسان وٽ رڳو سُٿڻ بُڪِين کان مٿي هجي، تسبيح هٿ ۾ هجي، شوڪارا ڀريندو هجي ته توهان الله وارا ٿي ويا. هن نعري وانگر ته ’’جو قائد کا غدار ہے، وہ موت کا حقدار ہے‘‘. سو پاڻ وارا همراه به بهشت جا حقدار ٿيو ويٺا آهن. نور محمد جي ڪار جي ڪيسيٽ ۾ رڳو سنڌي گانا آهن، اهي ٻڌندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. مون ڏٺو آهي ته گهمڻ ڦرڻ جت تفريح آهي، اُت ڄاڻ جو به وڏو ذريعو آهي. دنيا جي ڪنهن ڏاهي لکيو آهي ته هيءَ دنيا هڪ ڪتاب جيان آهي. توهان جي هڪ شهر ڏٺو، ته ڄڻ انهيءَ ڪتاب جو هڪ پنو پڙهيو، پوءِ جِيئن جِيئن ويندا وڌيڪ شهر ڏسندا، ته ڄڻ وڃو ٿا انهيءَ ڪتاب جا وڌيڪ ورق ورائيندا. اسان جي پاڪ ڪتاب، قرآن شريف ۾ به ڌرتيءَ تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سير ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي. هي ملڪ ته شهرن تي اربين کربين ناڻو خرچ ڪري، سٺا روڊ رستا، سٺا گهر، هي سٺو نظام قائم ڪيو ويو آهي، جتي عالي شان وڻ ٽڻ، ساوڪون، گل گلزاريون موجود آهن. پر منهنجي ڳوٺ، ٻني ۾ به درياه شاهه ۽ پنڃاريءَ ۾ ٻيڙين جو سير، خاص ڪري چانڊوڪين راتين ۾، معروضي طور نرالو، بيمثال ۽ عجيب ساحرانه لطف جو حامل عمل آهي. ٻي طرف ڪمند، سارين وَوڻن ۽ سورج مکيه جي ڀلن فصلن جي پوکن سان سڄو ملڪ سر سبزي ۽ شادابي سبب هميشه حسين لڳو پيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ته نِمن، ٻيرين، ٻٻرن ۽ سڀني کان وڌيڪ تعداد ۾، قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ديوين جا سدا بهار وڻ، سمورن روڊن رستن کي ته ڇا! فصلن کان آجي سموري زمين کي، پنهنجي دائمي طور سر سبز ۽ نيڻن کي ٺاريندڙ ٿڌيءَ ڇانءِ سان ڍڪيو بيٺا آهن. فجر جي پرسڪون وقت کان وٺي سِجِ اڀرڻ تائين وڻن تي ويٺل سوين قسمن جي هزارين پکين جون مٺڙيون لاتيون، ڪائنات کي قدرتي موسيقيءَ سان واسيو ڇڏين، جنهن سان امن، سڪون ۽ محبت جا جذبا جاڳن ٿا. اسان جي حياتيءَ جي ضامن، مهان سنڌو درياه جي گهڻي پاڻيءَ واري وهڪري جو گجگوڙي آواز، روح کي وڌيڪ راحت رسائيندڙ آهي. البت غريب ملڪن جي غريب ماڻهن ۽ امير ملڪن جي امير ماڻهن ۾ ڀيٽ ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ڪونهي، ڇو ته اهو اصل ۾ دنيا ۾ رائج مختلف سماجي نظامن جي باهمي تضادن جو معروضي نتيجو آهي. آئون منهنجي زندگيءَ جي تجربي موافق هن نتيجي تي پهتو آهيان، ته ماڻهوءَ کي غُربَت کان وڌيڪ، پنهنجا لڇڻ ٿا برباد ڪن. مثلاََ ٺرو، گهٽڪو، ٻيا نشا، بڇڙي صحبت ۽ تعليم کان پري رهڻ وغيره. اسين جڏهن ننڍا هوندا هئاسين، مون کي ياد ڪونهي ته تڏهن اسڪول ۾ ڪو هڪ ڏينهن به ڪو ماستر غير حاضر رهيو ۽ اسان جي سڄي علائقي ۾ هڪ به اسڪول بند ڪونه هو. پر هاڻ سڄي ٻهراريءَ واري علائقي ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪول کليل آهي. تعليم کان پري رهڻ ڪري، اسين ڪمزور، هيڻا ۽ مايوس ٿي وينداسين. ڀنگي، چوڪيدار ۽ پٽيوالن جون ايتريون گهڻيون آساميون ڪونه آهن، جو سڄي قوم کي ڀرتي ڪجي. اهو ڪم حڪومت جو آهي ته اسڪول ۽ ٻيا سرڪاري ادارا سٺي نموني هلائي. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته اهو ممڪن ئي ڪونهي، جو ڪو سرڪاري ملازم غير حاضر رهي، يا ڪو ادارو بند ٿئي. پر جيڪڏهن حڪومت هلائڻ وارا، مٿئين توڙي هيٺئين سطح تي پاڻ ئي ڪرپٽ، راشي ۽ چور هجن، ته پوءِ اهي سموري قوم کي ڪينئن سڌاريندا! چوندا آهن ته پٿر پرايو، پر سُورَ سڀڪنهن جا پنهنجا سو لنڊن جي موٽر وي تي به پنهنجا ڏک سور ياد اچي ويا. اسان ڪيمبرج شهر پهچي، پهرين گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرايو، پوءِ اڳتي وياسين. هت ٿوري بوند به پَئِي پَئي، پر مون کي ٽوپي، سُئيٽر ۽ وارمر ۽ ڪوٽ پاتل آهي، تنهن ڪري سِي ڪونه ٿو پوي ڪالهه هائيڊ پارڪ ۾ هوا تيز پئي لڳي ۽ مون کي ننڍين ٻانهن واري بُش شرٽ پاتل هئي، تنهن ڪري ٿوري ٿڌ لڳي وئي ۽ سمهڻ مهل ٿوري کنگهه به ٿي، پر بوبيءَ جي گهر واري ڊاڪٽر رابعه، کنگهه جو شربت ۽ ٻه پيناڊال گوريون ۽ نڪ لاءِ اسپري ڪرڻ واري دوا ڏني، جنهن سان اهو عارضو ختم ٿي ويو. نور محمد چيو ته ٻاهر سِيءَ ۽ برسات آهي، تنهن ڪري پاڻ گاڏيءَ ۾ ويٺي ئي شهر ۽ يونيورسٽي گهمڻ کان پوءِ، برسات بند ٿي ته پنڌ گهمنداسين ۽ ماني کائينداسين. يونيورسٽي جي مونوگرام واريون ڪجهه شيون به خريد ڪنداسين. هتي سياحن لاءِ بسن سان گڏ ٻيڙيون به آهن. جيڪي هڪ ماڻهوءَ کان ڏهه پائونڊ ڀاڙو وٺي يونيورسٽي ۽ شهر جي مکيه مکيه ماڳن جو سير ڪرائين. اسان وٽ پنهنجي گاڏي هئي، تنهن ڪري انهن جي ضرورت نه رهي. مون دنيا جي شهرن ۾ لنڊن البت وڌيڪ گهميو آهي. ڪيمبرج شھر ۾ هڪ هنڌ گاڏي بيهاري. اتان ٻارن لاءِ ڪجهه ڪپڙا، رانديڪا ۽ يونيورسٽي مونوگرام واريون ڪجهه شو پيسز ورتيون. پوءِ يونيورسٽي اندر جيڪا مُک بازار آهي، انهيءَ ۾ هلندا، فوٽو ڪڍندا اڳتي پئي وياسين. اهو آچر جو ڏينهن هو، تنهن ڪري يونيورسٽي ۽ وسيطدار ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا بند هئا. تنهن هوندي به هتي رش ڏاڍي هئي. اها بازار حيدرآباد جي شاهي بازار وانگر ڊگهي هئي، جنهن جي ٻنهي طرفن کان دڪان هئا، پر شاهي بازار کان وڌيڪ ڪشادي هئي، دڪان تمام وڏا ۽ رش به تمام گهڻي هئي. هت سڄي دنيا جا سياح ۽ خصوصاََ ٻين يورپي ملڪن جا سياح پنهنجن ملڪن مان ئي بسن ۾ چڙهي اچن ۽ پيا سڄو يورپ گهمن. اهڙا ٽوئر هت ٽوئر ڪمپنيون به ڪرائين.
اڳي اهڙا ٽوئر تمام سستا هئا. مون به پهريائين اڪيلو، پوءِ منيٰ ۽ بوبيءَ سان گڏ ۽ پوءِ وري منيٰ ۽ فرخ سان گڏ، انهن ٽوئر ڪمپنين ذريعي سڄي مغربي يورپ جو سير سفر ڪيو. هاڻ ته اهي ٽوئر ڏاڍا مهانگا ٿي ويا آهن، ٻيو ته هاڻ اڪيلو گهمڻ ڦرڻ ۾ مُنجَهه سُنجَهه يا ڪا تڪليف ٿيڻ جو انڊيشو رهي ٿو. ان کان سواءِ نور محمد ۽ محبوب جو هت انگلينڊ ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ ڪري وڌيڪ آساني ٿي وئي آهي. هاڻ اسان پهرين هت لنڊن اچون، پوءِ سڀ گڏجي ٻين ملڪن وڃون ۽ هاڻ پنهنجي مُنهن، يعني ٽوئر ڪمپنين کان سواءِ گهمڻ ڦرڻ ۾ وڌيڪ مزو ٿو اچي. نه ته اڳ ٽوئر ڪمپنيءَ ذريعي گهمڻ سبب ننڊ مان تمام سوير اٿڻو پوندو هو ۽ دير سان سهمڻو پوندو هو. هلڻ گهمڻ ڦرڻ، سڀ ڪجهه انهن ٽوئر ڪپمنين جي هدايتن موجب ٿيندو ۽ ڪرڻو پوندو هو. پر هاڻ پنهنجي مرضيءَ سان ڪيڏي مهل به اٿو ۽ گهمو ڦرو، جڏهن ته ٽوئر وارن سان گڏ هوندي، ڀلي ڪيترو به ٿڪ يا بي آرامي هجي، پر صبح جي ويڪ اپ ڪال تي ضرور اٿڻو پوندو هو. اڳي گهڻو ڪري لنڊن شهر ۽ انگلينڊ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ڪونه ڪو واقفڪار ملي ويندو هو، پر هاڻ ويزا جي سختيءَ ڪري، پاڪستان مان تمام ٿورا ماڻهو انگلينڊ اچن اڳي جيڪي شاگرد هتي پڙهندا هئا، تن کي پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ Post Study Work Permit واري ويزا ٻن سالن لاءِ ملندي هئي، يعني پڙهي پوءِ ٻه سال نوڪري ڳوليو، جي ملي ته ٺيڪ، نه ته پوءِ واپس پنهنجي ملڪ وڃو. اها سهولت ۲۰۱۰ء تائين هئي. پوءِ ختم ڪري ڇڏي. انهيءَ ڪري پاڪستان مان ٿورا ٻار هت پڙهڻ اچن. هاڻ پاڪستان جي گهڻن شاگردن تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجو رُخ آسٽريليا، ڪيناڊا، آمريڪا ترڪي ۽ ملائيشيا ڏانهن ڪيو آهي.