5
پڪاسو ميوزم گهمڻ کان پوءِ اسان هت بيچ ڏسڻ وياسين. هت هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مختصر ڪپڙن ۾، ڪي اُبتا سُتا پيا هئا ته ڪن ليٽندي
اخبار پي پڙهي. ڪي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ليٽيا پيا هئا، ته منجهائن ڪي وري ڪنن ۾ وائر وجهي ايئرفون وسيلي گانا ٻڌي رهيا هئا، ڪي ڊوڙون وجهي رهيا هئا ته ڪي مختلف رانديون کيڏي رهيا هئا. انهن مان گهڻا ته فوٽو به ڇڪي رهيا هئا. اسان به هڪ بينچ تي ويهي انهيءَ منظر مان لطف اندوز پي ٿياسين. اسپين ۾ زياده ۾ زياده سياح لَئٽِن آمريڪا يعني ڏکڻ آمريڪا مان اچن جيڪي پهريائين خود پاڻ اسپين مان وڃي ات آباد ٿيا هئا، جيئن انگريز، فرينچ ۽ يورپ جي ٻين قومن جا ماڻهو آمريڪا، آفريڪا، آسٽريليا، نيوزلينڊ، ڪيناڊا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا هئا.
اسپين ۾ ٻئي نمبر تي سياح سڄي يورپ جا ماڻهو هت اچن، ڇو ته اسپين ۽ اٽليءَ کان سواءِ سڄي يورپ ۾ گرمي نه هئڻ جي برابر ٿئي ۽ سِج نالي ماتر نڪري. پر هت اسپين جي آفريڪا جي ملڪ مراڪش سان ملندڙ حصي، يعني قرطبه، غرناطه، ملاڪا ۽ سِوِلِ شهرن ۾ گرمي اهڙي ٿئي جهڙي پنهنجي سنڌ ۾ ٿئي ۽ يورپي ماڻهو پنهنجي جسم کي صبح جي پهر ۾ توڙي پوءِ صج جي روشني وٺائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ اسپين اچن. يورپيئن يونيئن جي ڪري سڄي يورپ جي هڪ ڪرنسي آهي. جنهن کي يُورو سڏين. يورپيئن يونيئن جي ملڪن وارن ماڻهن کي انهن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ويزا به وٺڻي ڪانه پوي کين ٻين گرم ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسپين ويجهو به آهي. هن ڀيري اسان سان گڏ هوندي منهنجي پُٽ نور محمد، سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه، سندن پٽ عبدالحئي جونيئر ۽ سندن ڌيءَ زينب جا پاسپورٽ، ملاڪا ايئرپورٽ جي اميگريشن اهلڪارن کي ڏيکاريا ته اهي انگلينڊ جا پاسپورٽ هئڻ سبب، سواءِ هٿ لائڻ ۽ چيڪ ڪرڻ جي انهن اهلڪارن نور محمد کي موٽائي ڏنا . اسان ماني به بيچ تي کاڌي، جيڪا ڏاڍي مهانگي هئي. اسان ڪافي وقت هت گذارڻ بعد گهمندا ڦرندا فوٽو ڪڍندا اچي هوٽل تي سهڙياسين. رات جي ماني هوٽل تي ئي کائي، سمهي رهياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير تيار ٿي. اسان باقي سڄي ٽوئر لاءِ بڪ ڪرائيل گاڏيءَ ۾ چڙهي غرناطه روانا ٿي وياسين. نور محمد لنڊن ۾ رهي،
جتي ليفٽ هينڊ ڊرائونگ ٿئي ۽ هت اسپين ۾ رائيٽ هَينڊ ڊرائِونگ آهي. گاڏي تمام سٺي هئي ۽ فيئٽ ڪمپنيءَ وارن جي هئي، پر ٺهي هندستان ۾ هئي، جتي ٽاٽا موٽرس ڪمپني وارن ٺاهي هئي ۽ ان جو نالو آريانا هو. جينئن پاڻ وٽ سوزوڪي، هونڊا، ٽويوٽا وارن جون گاڏيون پاڪستان ۾ ٺهن. مون ٻاهرين دنيا ۾ پهريون دفعو اها انڊيا جي ٺهيل گاڏي ڏِٺي هينئر سڄي دنيا جي چانورن جي مارڪيٽ تي هندستان قبضو ڪري چُڪو آهي. هاڻ هندستان جا واپاري پاڪستان مان چانور خريد ڪن ۽ ميڊ ان انڊيا جي ٺپي سان سڄي دنيا ۾ وِڪڻن. هڪ دفعو لنڊن ۾ مارڪ اسپينسَر جي دڪان تان جُتو خريد ڪيم ۽ ڏٺم ته ان تي ميڊ اِن پاڪستان لکيو پيو هو. هينئر سڄي دنيا اندر، خود آمريڪا ۽ يورپ ۾ به توهان کي گهڻو ڪري هر شي چين جي ٺهيل نظر ايندي. چين جي مقابلي ۾ آمريڪا انڊيا کي اڳيان آڻڻ چاهي ٿو ۽ کيس اڳيان آڻڻ جي پوري پوري ڪوشش به ڪري رهيو آهي. انهيءَ جو مثال افغانستان آهي، جتي ڏيڍ لک آمريڪي فوج موجود آهي ۽ آمريڪا جُرڳي ذريعي صدر چونڊائي افغانستان ۾ پنهنجي ڪَٽِپُتِلي حڪومت قائم ڪرائي آهي. اهڙي طرح آمريڪا افغانستان جو هن وقت ڪرتا ڌرتا آهي. تنهن ڪري هن افغانستان کي هاڻي انڊيا جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ افغانستان حڪومت جا سربراه سڄو ڏينهن پيا هندستان جون تعريفون ڪن. ايندڙ اٺن ڏهن سالن ۾ افغانستان تي مڪمل طرح سان انڊيا جو قبضو ٿي ويندو ۽ آمريڪا جي جڳهه اُت هندستان والاريندو. ايران ۾ به هندستان وڏي سيڙپ ڪري رهيو آهي ۽ هينئر تازو آمريڪا جي چوڻ تي انڊيا جو وزيراعظم نريندر مودي سعوري عربيه سميت ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جو دؤرو ڪيو. باقي دبئي جي معيشيت تي ته توهان هر هنڌ انڊيا کي قابض ڏسندا. هينئر دبئي ۾ توهان کي هر ملڪ جي ماڻهن کان وڌيڪ انڊيا جا ماڻهو نظر ايندا. آمريڪا لک ڪوششون ڪري ته دنيا ۾ انڊيا چائنا جي برابري ڪري، پر اهو ممڪن نٿو ڀائنجي، ڇو ته سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۾ گهڻي غربت هِنئر به هندستان ۾ آهي. اڄ 2016ع ۾ به هندستان جي يارهن رياستن ۾ ايتري ته خشڪ سالي آهي جو اُت پيئڻ جو پاڻي به ريل گاڏين ذريعي پهچائين ٿا. هندستان ۾ اسي ڪروڙن کان به گهڻا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن.اسان ملاڪا کان غرناطه اڍائي ڪلاڪن جي سفر بعد اچي رسياسين ۽ پنهنجي بُڪِنگ واري هوٽل ۾ ٿورو آرام ڪري. ماني کائي، پوءِ غرناطه شهر گهمڻ نڪتاسين. نور محمد جي گاڏيءَ ۾ لڳل گائيڊ ڊوائيس، گُوگل ڪمپنيءَ جو ٺهيل آهي. اهو اوزار نور محمد سندس گاڏيءَ مان لاهي آيو هو. اهو هن ٽوئر واري گاڏيءَ ۾ لڳائي ڇڏيو. اهو هر تفريح گاه، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، هوٽل، سپر مارڪيٽ، ڪارپارڪنگ، اسپتال، سينيما، ٿيٽر، مطلب ته انهي شهر جي الف کان ي تائين مکيه معلومات مهيا ڪندو آهي. اسان انهيءَ اوزار جي رهبريءَ ۾ ملاڪا کان غرناطه ۽ عرناطه ۾ بُڪنگ واري هوٽل تي پهتاسين ۽ هينئر به غرناطه شهر جي انهيءَ پراڻي ڀاڱي ۾، جيڪو اسلامي دؤر حڪومت ۾ ٺهيل هو، ات ويجهي ڪار پارڪنگ واري هنڌ گاڏي بِيھاري پيدل گهمڻ لڳاسين. هي رهبر پرزو دنيا جي شهر ۾ ڊرائيور جي اهڙي ته سٺي ۽ صحيح رهبري ڪري ٿو جو توهان کي نئين شهر ۾ به گاڏي هلائڻ ۾ ڪابه مُنجَهه سُنجَهه يا ڪا ڏکائي ڪانه ٿيندي.
ڪار پارڪنگ گرائونڊ ۾ هر ڪم آٽوميٽڪ ٿئي. پارڪنگ پليس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستو لوهي ڏنڊي سان بند ٿيل هوندو آهي. انهيءَ گيٽ ۾ هڪ هنڌ سڪو يا ڪارڊ وجهڻ لاءِ سوراخ ٺهيل آهي. انهيءَ سوراخ ۾ سڪو يا مخصوص ڪارڊ وجهڻ سان رستو بند ڪندڙ ڏنڊو مٿي کڄي ويندو ۽ رستو کلي ويندو ته گاڏي هلائي اندر داخل ڪري مناسب جڳهه تي بيهاري گاڏي بيهارڻ لاءِ خالي جڳهه تي سائي رنگ جي بتي ٻري ٿي. ڪار پارڪنگ ڪيترن ئي طبقن تي مُشتمل هجي، پر هر پارڪنگ فلور تي لفٽ لڳل آهي. لفٽ ذريعي توهان صفا ٻاهر روڊ تي پهچي ويندا ۽ ٻاهر مرضيءَ موجب گهمي ڦري پوءِ واپس اچي پنهنجي گاڏي پارڪنگ مان ڪڍي هليا وڃو. پارڪنگ مان نڪرڻ لاءِ وري به ڏنڊو مٿي ڪرڻ لاءِ سِڪو يا ڪارڊ وجهڻو آهي. سڄي اسپين يا انگلينڊ ۾ ڪٿ به چيڪنگ ڪانه ٿئي، جيئن پنهنجي مُلڪ ۾ ڪِلفٽَن، ڊالمن مال ڪراچيءَ ۾ گاڏي چيڪ ڪن ۽ ڊِگِي به کولرائين، پوءِ اندر داخل ٿيڻ ڏين، تِينئَن هنن ملڪن ۾ بلڪل ڪونه ٿئي. باقي هوائي اڏن تي سخت چيڪنگ ٿئي. پر ماڻهن ذريعي گهٽ ۽ مشينن ۽ ڪئميرائن ذريعي گهڻي ٿئي. جنهن جي توهان کي خبر به ڪانه پَوي. اسان ڪار پارڪ ڪري، روڊ جي ٻئي پرئين پاسي کان چاڙهيءَ تي چڙهندا انهن بازارن مان ٿيندا وياسين، جيڪي مسلم دؤر حڪومت ۾ اهڙي جون اهڙيون هيون. چاڙهيءَ تي پهرين ته تڪڙا تڪڙا چڙهندا وياسين، پر پوءِ صفا آهستي چڙهڻ لڳاسين ۽ آخر ۾ ته صفا ڍڳو پير پيران وانگر هلڻ لڳاسين ۽ ڏاڍو ٿڪي پياسين. اسان کي بازار جي چوٽيءَ تائين پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو هوندو. بازار بلڪل حيدرآباد واري ريشمي گَلِي وانگر هئي. چاڙهي واري رستي جي ٻنهي پاسن تي ڪنئين ننڍا وڏا دُڪان، هوٽلون، ريسٽورنٽ، بارون، ڪيفي وغيره موجود هيون. انهيءَ بازار جي چوٽيءَ يعني دنگ تي ٻه پارڪ هئا. هڪ وڏي پارڪ جي سامهون الحمرا محل، روشنين ۾ جرڪندي لاجواب لڳي رهيو هو. هت ان وقت سَوَنَ جي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا، جيڪي الحمرا محل جو اهو منظر ڏسي رهيا هئا ۽ انهيءَ منظر جا فوٿا ڪڍي رهيا هئا. اُتي مٿي هڪ وڏي جامع مسجد هئي، جنهن ۾ سج لٿي واري نماز پڙهي پئي وئي. مسجد ٻاهران توڙي اندران نهايت خوبصورت هئي. مسجد جي اڳيان هڪ خوبصورت پارڪ ٺهيل هو، انهيءَ ۾ ڦوهارا به لڳل هئا. اسان رات جو گهمندا ڦرندا، ڪنگس برگر ڪيفي تان ماني کائيندا، اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اسان ٿَڪَ کان بچڻ خاطر ٽِنهيِ وقتن جي مانيءَ کان پوءِ فروٽ فرض ڪري کائيندا هئاسين. رات جو سُوپ ۽ کير به ضرور پيئندا هئاسين. ڇو ته هت هل هلان تمام گهڻي ٿي ڪرڻي پئي. هت موجود ميون ۾ مون کي ناسپاتي ۽ انگور تمام گهڻا ٿي وڻيا. هتي واري ناسپاتي به بلڪل وڏي، نرم، مٺي خوشبودار ۽ بيحد لذيز هئي.
زندگيءَ ۾ جيڪو ماڻهو وڌيڪ محنت ڪري ٿو، سو لطف به وڌيڪ ماڻي ٿو ۽ زندگيءَ جو مزو به گهٽ محنت ڪندڙ ماڻهن کان وڌيڪ ماڻي ٿو. مون کي اسپين جي عظيم شاعر گارشيا جي قبر يا ميموريئل ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. تنهن بابت هت ٻُڌايان ته ڊڪٽيٽر کيس مارائي سندس لاش به گم ڪرائي ڇڏيو. هُن وانگر شهيد پير پاڳاري ضبعت الله شاهه جي به ڪا قبر ٺهيل ڪانهي! انگريزن کيس ڦاسي ته حيدرآباد جي سينٽرل جيل اندر ڏني، پر دفن ڪٿ ڪَئُونس، اها خبر اڃا تائين، ڪنهن کي به ڪانه پئي آهي! گارشيا جي نالي سان غرناطه شهر ۾ هڪ پارڪ ٺهيل آهي. اسان ٻئي ڏينهن صبح سوير تيار ٿي الحمرا محل ڏسڻ وياسين. مون گهڻا سال اڳ طارق علي جو لکيل ڪتاب ”دِي ڪِلَيش آف فَنڊ امينٽلِزِمِسِ پڙهيو هو. تنهن ۾ هن لکيو ته مون سڄي ڌرتيءَ تي الحمرا جهڙي خوبصورت عمارت يا محل ڪونه ڏٺو. تڏهن مون کي به الحمرا ڏسڻ جو شوق ٿيو جوا هر لال نهرو به پنهنجي ڪتاب گلمس آف ورلڊ ھِسٽرِي ۾ اسپين جو ذڪر ڪيو آهي. مغربي يورپ جا ٻارهن ملڪ، مون، نورمحمد اسپين کان سواءِ ۽ مِنيٰ پنج ڇهه دفعا ڏٺا هوندا ۽ لنڊن ته مون تيرهن ڀيرا ڏٺو آهي ۽ جهڙو ڪر ڪراچي کان به وڌيڪ گهميو هوندس، جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ منهنجي مستقل رهائش آهي. هاڻي جڏهن اسپين گهمڻ جو پروگرام ٺهيو ته خيال ڪيم ته اسپين بابت ڪو ڪتاب هٿ ڪريان. سو ڪراچيءَ جي اردو بازار مان دڪانن تان پڇائي پڇائي نيٺ مستنصر حسين تارڙ جو اردو ۾ لکيل هڪ ڪتاب مليو جيڪو چاليهارو سال پراڻو لکيل هو. انهيءَ مان مون کي ڪابه رهنمائي ڪانه ملي. نه ئي وري ڪو اهڙو دوست مليو، جنهن اسپين گهميو ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي. منهنجي ۽ مِنيٰ جي پاسپورٽن تي انگلينڊ جي ويزا لڳل هئي. باقي اسپين ۽ پرتگال جي ويزا لاءِ يعني شينگن ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيوسين، جيڪا ويهن ڏينهن اندر ملي وئي. ان جي ملڻ شرط اسان فون وسيلي لنڊن ۾ رهندڙ پنهنجي پُٽ نور محمد کي چيو ته اسپين ۽ پرتگال جي ٽوئر لاءِ ٻارهن ڏينهن جي لاءِ هوٽلون، جيپ يا وڏي ڪار ۽ هوائي سفر جي لاءِ بُڪنگ ڪرائي ڇڏ، ته اسان لنڊن پهچون ۽ پوءِ اِسپين ۽ پرنگال جي سير تي گڏجي هلون. نور محمد ۽ سندس فيمليءَ کي هاڻ دنيا ۾ ڪٿ به ويزا جي ضرورت ڪانهي. ڪنهن به ايئرپورٽ تي ئي کين اسٽيمپ هڻي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ملي ويندي، باقي اسپين ۽ پرتگال ته يورپ ۽ يورپي يونيئن جا ملڪ آهن ۽ نور محمد وارا ته پاڻ يورپي يونيئن جا شهري هئا. اسان صبح جو تيار ٿي گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي الحمرا محل وٽ لٿاسين ۽ گاڏي الحمرا محل وٽ ٺهيل ڪار پارڪنگ ۾ بيهاري، پوءِ محل گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺي نَوين بجي صبح جو الحمرا محل ۾ داخل ٿياسين ۽ پوڃاڙيءَ جو پوڻين ٽين بجي اتان نڪتاسين. الحمرا محل گهمڻ لاءِ روزانه گهمڻ وارن جون ٻه شفٽون مقرر ٿيل آهن. پهرين شفٽ صبح نوَين بجي کان اڳين جو اڍائي بجي تائين ۽ ٻي شفٽ اڍائي بجي کان رات ساڍا اٺ بجي تائين، پر اسان پندرهن منٽ دير سان هتان نڪتاسين. الحمرا هڪڙو محل نه پر انهيءَ اندر ننڍا وڏا ڪيترائي محل تعمير ٿيل آهن، جن ۾ ملڪ جا حاڪم نه پر انهيءَ اندر اعليٰ اهلڪار پنهنجن پنهنجن منصبن مطابق مختلف محلن ۾ رهندا هئا. تنهن کان سواءِ محل لاءِ گهربل فوج جو به چڱو انگ اتي رهائش پذير هو. مون تُرڪيءَ ۾ بادشاهن جو محل ڏٺو آهي جيڪو توپ ڪپي ميوزم جي ڀرسان اڏيل آھي جنهن کي چَوَنِ حرم، فرينچ بادشاهن جا ورسائيل وارا محل به ڏٺا آهن، انگلينڊ جي راڻيءَ جو محل بڪنگهام محل، دهلي ۽ لاهور جي قلعن اندر بادشاهن جا محل، ديوانِ عام ۽ ديوانِ خاص، جپان جي بادشاهي محل جو سياحن لاءِ کليل حصو ڏٺو آهي، فتح پور سڪريءَ ۾ اڪبر بادشاه جو گهر به ڏٺو آهي، پر الحمرا جهڙو خوبصورت محل مون کي ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ۽ ڪٿي سُجهي به ڪونه ٿو. الحمرا محل بابت جيڪو منهنجو تصور هو. هي محل حقيقت ۾ انهيءَ کان هزار دفعا وڏو، سهڻو ۽ پروقار محل آهي. هت جن بادشاهن حڪومت ڪئي ۽ هي محل تعمير ڪرايو ۽ پنهنجي تصرف ۾ آندو، انهن کي هن حقيقت جو احساس ڪو نه هو ته هي اسان جو مورو ثي ملڪ ڪونهي ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن اسان کي هتان ضرور نڪرڻو ئي پوندو. اڄ هي محل اسپين جي ملڪيت آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح، ڪَهِي هِت اَچن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته ٻنِهي شفٽن ۾ محل گهمندڙن جو تعداد هڪ ڏينهن ۾ ٽيهن هزارن کان يقيناََ چڙهيل هوندو.
هي محل پنهنجي جاءِ وقوع تي پوءِ اڏيو، تنهن کان گهڻو اڳ، انهيءَ ڀيڻيءَ تي رومن اِمپائير جي قبضي دوران هڪ قلعو اڏيو ويو هو ۽ پوءِ وري عربن جي قبضي دوران سن 889 عيسويءَ ۾ رومي قلعي جي ڦٽل آثارن تي عرب حڪمران به هڪ ننڍو قلعو اڏيو هو، پر ملڪ ۾ امن امان قائم. هئڻ سبب انهيءَ جي سار سنڀال تان تَوَجهه هٽي وئي، تان جو تيرهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري غرناطه جي عرب حاڪم محمد بن الحمر کي قلعي جي اهميت جو احساس ٿيو، تنهن قلعي جي مرمت ڪرائڻ سان گڏ، هي الحمرا محل به اڏايو. هن خوبصورت محل کي سن 1333ع ۾ غرناطه جي سلطان، اليُوسِف اول، بادشاهي محلات ۾ تبديل ڪيو. سن 1492ع ۾ عيسائي راڻي آئيزا بيلا جي غرناطه ۾ حڪومت جي قيام کان پوءِ هن محلات ۾ جُزوي تبديلي آڻي، منجهس قيام سان گڏ بادشاهي درٻار به منعقد ڪرڻ شروع ڪيو ويو، جتي جڳ مشهور سامونڊي مهم جو، ڪِرسٽوفَر ڪولَمبَس کي هندستان ڏانهن مهم جوئيءَ لاءِ به شاهي پروانو عطا ڪيو ويو. سن 1526ع ۾ بادشاه چارلس اول، هن محل ۾ عيسائي حڪومت جي نشاط ثانيه جي تقاضا موجب، روم جي مقدس شهنشاه جي شان شانيءَ سان ٺهڪندڙ ۽ اسپين ۾ عرب دؤر حڪومت ۾ رائج طزر تعمير سان مشابهتِ رکندڙ هڪ نَئون محل اڏڻ خاطر هڪڙو معمارن جو جٿو جوڙيو هو، پر غرناطه ۾ وڳوڙن سبب اهو محل ڪڏهن به پايئه تڪميل کي ڪونه پهتو. الحمرا محل ۾ عرب دؤر حڪومت جي پڇاريءَ واري گهراڻي جي حڪومت دؤران تمام وڏي پيماني تي سينگار، آرائش ۽ تَزعِين بادشاهن جي پسند موافق تمام ڪمال جي درجي تي ڪرائي وئي هئي. تنهن کان پوءِ ڪيترين صدين جو عرصو گذرڻ ۽ حرام خور ۽ لاغرض ماڻهن جي قبضي هيٺ رهڻ ۾ فرينچ فوجي آمر، نيپولِيئَن طرفان تخريبي ڪارروائين جو شڪار ٿيڻ بعد، هن بي مثال محلات جي اهميت جو، سرڪار کي احساس ٿيو. اڄڪلهه هي محل اسپين جي سياحت وارين مڙني عمارتن ۽ ماڳن ۾ مکيه حيثيت جو حامل، اسپين ۾ اسلامي طرز تعمير جي بيحد خوبصورت مثال جي نمائش ڪري رهيو آهي. انهيءَ ۾ عرب دؤر حڪومت کان پوءِ واري عيسائي دؤر حڪومت دؤران ٿيل تعميرات ۽ باغيچن جي موجودگي به شامل آهي. هي الحمرا محل ۽ اتي جي سموري اڏاوت هن دؤر ۾ اقوام متحده جي اهم اداري جي طرفان، نه فقط اسپين جي قومي ورثي ۾ شامل آهي، پر اهو دنيا جي سمورين قومن جي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي گيتن ۽ داستانن جي اُتساء جو حامل آهي. گهڻي وقت تائين نظر انداز رهندي، اِرادتا ثقافت کي نقصان رسائيندڙن جي وَرِ چڙهندي ۽ غلط اندازن موجب ٿيل مرمت جي باوجود، بازنطِيني طرز تعمير جي اثرات کان ڪي قدر آجو رهندي، الحمرا محل، يورپ ۾ مسلم هنر تعمير جو لاجواب ۽ نرالو مثال آهي. محل جي عمارتن جي تعمير اڪثر ڪري چوڪنڊي مستطيل شَڪِل جي آهي ۽ منجهس ٺهيل سڀني ڪمرن جا دورازا وچ تي اڱڻ ۾ کُلن ٿا. محل ۾ بعد ۾ تَعمير ٿيل وڌيڪ ڪمرا پڻ تعمير جي اڳ ۾ ڪم آندل اصول تحت اڏيا ويا. هن محل جي تعميرات ۾ اضافو مختلف وقتن تي مختلف حڪمرانن سندن خواهش پٽاندر وقتاََ فَوقتاَ پئي ڪيو، اهي سمورا فرمان روا ساڳي ڌرتيءَ تي جنت اڏڻ واري تصور جا حامل هئا. محل جي هر گوشي ۾ تعمير ٿيل صحن پِلَرن جي خوشنما قطارن وارن وِرانڊن ۽ آراسته ڇڄهرين تي مشتمل آهي. صحن ۾ وڻندڙ تلاءِ، جنهن ۾ ڪيترائي ڦوهارا چالو آهن. محل کي ٻاهران ڄاڻي ٻُجهي خصوصي طور تزعين کان آجو ۽ سادو پر پُروقار رنگ ڏنو ويو هو. محل ۾ نِيلو، پِيلو، سُرخ ۽ سونهري رنگ جو استعمال گهڻو ٿيل آهي. محل جي تعمير اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ٿيل آهي جو منجهس هوا ۽ روشنجي جو گذر مڪمل طور ٿيندڙ آهي. اندر اندر ڀِتيِنِ توڙي ڇتين تي قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ جي جامِٽريڪل ڊزائينن سان بيحد خوبصورت خطاطي ٿيل آهي، اها چمڪندڙ رنگن سبب جهرڪي رهي آهي ۽ محل جي آرائش ۾ نهايت حسين امتزاج آهي، رنگين ٽائيل ديوارن ۾ پينل ڊزائين ٺاهڻ ۾ ڪم آندل آهن. اُڪَريل پٿرن جي ڀيٽ ۾ تعميري چٽساليءَ جو هنر ۽ ڪاريگري گهڻي ڀاڱي اِسٽُوڪو پلستر تي ٺهيل آهي. الحمرا محل ۽ ان جي چوڌاري ٿيل تعميرات واري ايراضيءَ ۾ موجوده وقت ۾ مقرر معمار، پيڊِرو سَلميرون ايسڪوبار جي چوڻ موجب هي محل غرناطه واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل پراڻي قلعي جي کنڊرن واري ڀيڻي تي تعمير ٿيل آهي، جيڪا درو نديءَ جي تراش ۽ خراش جي نتيجي ۾ نمودار ٿي انهيءَ ماڳ واري مٽيءَ جو رنگ ڳاڙهسرو آهي. قديم قلعو پڻ انهيءَ ڳاڙهسري مٽيءَ مان جوڙيو ويو هو. انهيءَ رنگ جي نسبت سان انهيءَ ننڍڙي ٽڪريءَ يا بُٺِيءَ کي ڳاڙهي بُٺيءَ چوڻ ۾ آيو. محل ۾ سفيد اِستُوڪو پلستر تي ٿيل چٽسالي حيرت انگيز حد تائين سهڻي ۽ وڻندڙ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ موجود برفاني جبلن تي ڳريل برف وارو پاڻي، اوڀر طرف ۾ تعمير ڪيل آبي ٽاور ۽ چينل وسيلي محل ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ تعمير ڪيل پاڻي جي ٽانڪين ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي، جنهن ٽڪريءَ تي الحمرا محل اڏيل آهي، تنهن جي چوٽيءَ وارو سطحي ميدان ڊيگهه ۾ اٽڪل 740 ميٽر يعني 2430 فوٽ ٿيندو ۽ انهيءَ جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 205 ميٽر يعني 670 فوٽ ٿيندي، تنهن موجب انهيءَ ٽڪريءَ جي مٿاڇري واري ايراضي اٽڪل هڪ لک ٻائيتاليهه هزار چورس ميٽر، يعني پندرهن لک ٽيهه هزار چورس فوٽ ٿيندي. الحمرا محل جي دنگ اولهه طرف تي انجو مورچا بند ڪوٽ اڏيل آهي، جديد دؤر جي سياحتي تقاضا موجب، محل ۾ داخل ٿيڻ واري اڳوڻي رستي ”بابل العدل“ جي بدران هاڻي مارڪيٽ اسڪُوائر واري گيٽ مان وڃڻو ٿو پوي. محل جي وائين گيٽ وٽان ڦُٽَندَڙ رائيل اسٽريٽ محل کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿو. انهيءَ ورهاست موجب ڏاکڻي ڀاڱي ۾ رهائشي ڪوارٽر، مسجدون، حمام ۽ مختلف ڪمن لاءِ مخصوص تعميرات موجود آهي. انهيءَ شاهي رستي جي اترئين ڀاڱي ۾ بادشاه شهزادن ۽ اميرن جا ڪيترائي محل تعمير ٿيل آهن، جن ۾ عاليشان باغيچا، تلاءَ ۽ انهن ۾ ڦوهارا نصب ٿيل آهن. انهيءَ ڀاڱي ۾ بادشاهي درٻار ۽ شاهي تخت گاه تعمير ٿيل آهي. تخت گاه جي ٽن طرفن کان ٽي وڏيون دريون ٺهيل آهن، جن مان سڄو شهر مڪمل طور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. محل اندر تعمير ٿيل پَيلِسِ آف لائِيَنسِ شاهي حمام سان متصل آهي. انهيءَ مَحل سان وابسه باغيچي، مان شهر جو منظر حيرت انگيز آهي. الحمرا نالي محل محلاتن ۾ سينگار ۽ سجاوٽ جو هنر غرناطه ۾ اسلامي عرب حڪوت جي پوئين دؤر ۾ مروج سجاوٽ وارو هنر ڪم آندل آهي.
اڏاوت ۾ اسپين ۾ اسلامي دؤر حڪومت ۾ ايجاد ڪيل اڌگول وَنگ کي هن محل جي اڏاوت ۾ پڻ ڪم آندو ويو آهي. محل جي ڇتين جي ڊيڪوريشن ۾ پڻ اسلامي طرز تزعين اختيار ڪيل آهي. ڪمرن اندر ڀتين جي پينلن وَنگُن، ٿَنڀن يا پِلَرَنِ تي عربي خطاطي جاميٽريءَ جي نهايت سهڻين ڊِزائِينن ۾ ٿيل آهي. عربي خطاطيءَ ۽ عبارت ۾ غرناطه جي مختلف عرب حڪمرانن سان گڏ سلطان يوسف اَوَلِ، سلطان محمد پنجين ۽ سلطان اسماعيل اول کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪيترين ئي صدين جي طويل عرصي گذرڻ سان، هن محل ۾ ڪم آندل عربي طرز تعمير ۽ فن کي نقصان، خرابي ۽ ڦيٽاڙو ٿيو، جنهن ڪري سن 1812ع ۾ فرينچ ڪانوِنٽِ سيبا سِٽينيِ جي حڪومت دؤران فرينچن محل جا ڪجهه ٽاور، ڦِٽائي زبون ڪري ڇڏيا ۽ 1821ع ۾ آئيل زلزلي سبب هتي وڌيڪ ڀڃ ڊاهه ٿي. سن 1828ع ۾ معمار جوس ڪنٽريراس محل جي مرمت ۽ تعمير نو جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ بادشاه فرڊيننڊ ستين سن 1830ع ۾ محل کي وقف قرار ڏنو. سن 1847ع ۾ معمار، ڪَنيٽريراس جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ رافائيل محل جي تَعميرِنَو جو ڪم ڪاميابي سان جاري رکيو ۽ رافائيل کان پوءِ رافائيل جي پٽ پڻ اهو ڪم جاري رکيو. الحمرا محل اسپين ۾ مسلم دؤر حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ سلطان يوسف اول، جنهن، اسپين ۾ سن 1333ع کان 1353 تائين حڪومت ڪئي ۽ غرناطه ۾ پنهنجو شاهي محل تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ غرناطه جي حڪمران محمد پنجين جي دؤر حڪومت م جُڙي راس ٿيو. امير محمد غرناطه ۾ 1353 کان 1391ع تائين حڪومت ڪئي. اهو محل اسپين ۾ اسلامي ثقافت جو لاثاني مثال آهي. جتي مسلمانن جي خلاف اسپين جي اصل باشندن عيسائين طرفان ٿيندڙ حملن جي يلغار دوران اسپين جي مختلف شهرن مان ڀڄي ايندڙ مسلمان عالمن ۽ فنڪارن ۽ ڪاريگرن اچي پناه ورتو هو. حقيقت جي نظر سان ڏسجي ته هن محل جي تعمير سبب هن ڀيڻيءَ تي وڌيڪ عمارتن جي تعمير ٿي، محل، قلعي ۽ ٻين رهائش جي ڪوارٽرن ۽ هن ماڳ تي پوکيل باغ باغيچن ۽ حمامن لاءِ گهربل پاڻيءَ لاءِ درو نديءَ مان ڳچ چينل کوٽي تيار ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي طور هي ماڳ، عرب اسلامي ثقافت جو حقيقي مظهر ۽ اصل علامت طور، اسپين ۾ مسلمان، عيسائين ۽ يهودين جي ڪاريگري ۽ فنڪارانه صلاحتن جي عڪاسي ڪندڙ هڪ اسلامي يادگار ماڳ ٿي پيو. الحمرا جي لغوي معنيٰ ڳاڙهي رنگ واري ڪاشئي يا ٽول آهي، جيڪو اصل ۾ هن ٽڪري جي مٽيءَ جي ڳاڙهسِري رنگ تان اخذ ڪيو ويو. هتي ٺهيل قلعي جي تعمير ۾ اها ڳاڙھسري مِٽِي ڪم آندل آهي. ٻيو خيال اهو آهي ته هن محل تي الحمرا نالو، محل اڏائيندڙ حاڪمن جي گهراڻي جي نسليِ نُکَ بنو الاحمر تان ورتل آهي. بنو الاحمر، اصل عرب قبيلي بنو خزرج جي شاخ يا نُکَ آهي، جيڪا سندن جد امجد، يوسف الاحمر جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آئي. اصل ۾ الحمرا محل جي عمارتن کي چُن جي سفيد رنگ سان پوچي ڏني وئي هئي پر هاڻي انهن ۾ ڳاڙهاڻ بَکي پئي. الحمرا قلعي بابت تاريخ ۾ پهريون حوالو، اسپين جي عرب حاڪم عبدالله بن محمد جي حڪومت دوران عربن ۽ سندن مخالف اسپين جي اصل ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگين جي احوالن ۾ سامهون آيو. عبدالله بن محمد اسپين ۾ سن 888ع کان 912ع تائين حڪومت ڪئي. انهن جنگين مان هڪڙي مُعرقي ۾ عرب لشڪر کي شڪست به آئي هئي، پر عرب لشڪر اسپيني لشڪر کي نيٺ پسپا ڪري ڇڏيو، تڏهن عرب لشڪر پهرين هار کاڌي ۽ ڀڄي اچي هن ڀيڻي جي ويجهوئي، قديم الويرا صوبي ۾ ٺهيل هڪ قلعي ۾ اچي پناه ورتو هو. قديم الويرا صوبو، موجوده غرناطه جي حدن اندر هو. بچي ويل دستاويزن مطابق اھا ڳاڙهي قلعي جي مضبوط عمارت نه هئي ۽ حمله آور لشڪر ان تي آسانيءَ سان قابض ٿي سگهي ها. اهو قلعو يارهين عيسوي صدي تائين نظر انداز رهيو ۽ ان وقت بَدِس بن هبص بادشاه جي وزير، سيميوئل ابن نُغريلا ان جي مرمت ڪرائي نصر گهراڻي جي بادشاهيءَ جو پايو وجهندڙ بادشاهه ابن النصر، اسپين جي ڪيسٽائيل واري بادشاه فرڊيننڊ ٽئين وٽ پيش پوڻ جي بجاءِ جين شهر ڏانهن ڀڄي ويو. غرناطه ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ ابن النصر، امير بدس جي رهائش گاه نالي الحمرا ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ بادشاه جي شايان شان هڪ نئون محل اڏڻ لاءِ حڪم صادر ڪيو ۽ هڪ وزير کي انهي محل جي تعمير جو ڪم سونپيو. سن 1238ع ۾ بادشاهه عبدالله ابن الاحمر اڳوڻي محل تي چڙهي ويو ۽ نئين ڪم کي جانچي ڏٺو ۽ پوءِ نئين محل جي سنگ بنياد کي نصب ڪيو ۽ هڪ اهم اهلڪار کي انهيءَ تعميرات جو انچارج مقرر ڪيو. محل جي نقشي ۾ ڇَهَنِِ محلاتن جي تعمير جو منصوبو هو اهو مٽصوبو ٻن ڀاڱن ۾ ورهائيل هو. انهيءَ جي اتر اوڀر طرف واري ڀاڱي ۾ پنج محلات ٻه سرڪٽ ٽاور ۽ ڪيترائي حمام تعمير ٿيڻا هئا. النصر گهراڻي جي حڪومت دوران الحمرا محل واري ايراضي وافر تعداد ۾ تعميرات جهڙوڪ آبپاشي جو مڪمل نظام جي تعمير، باغن باغيچن جي پوک قلعي ۾ فوج ۽ ٻاهرين عمارتن ۾ اميرن ۽ اعليٰ اهلڪارن جي رهائش ۽ دفترن جي قيام سان هڪ شهر جي صورت اختيار ڪئي.
ارڙھين عيسوي صديءَ ۾ واچ ٽاور جي ڀر ۾ هڪ نئون مينار تعمير ڪري انهيءَ جي چوٽي تي هڪ وڏو گهنڊ لٽڪايو ويو. اهو مينار سن 1881ع وري نئين سر تعمير ڪيو ويو، جڏهن اهو برسات دوران کِنوڻ ڪرڻ سان ڊٺو هو. اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته الحمرا محل حقيقت ۾ ڪَنئِين محل محلاتن ۽ اميرن ۽ اعليٰ اهلڪارن جي رهائش گاهن ۽ دفترن تي مُبَني هڪ شهر نما آهي. هن وقت شهر مان الحمرا محل جي پارڪ ڏانهن وڃڻ وارو رستو انار دروازي وارو رستو آهي. اهو دروازو پندرهين عيسوي صديءَ ۾ هڪ زبردست ونگ سان ٺهيل آهي. محل ۾ داخل ٿيڻ واري مکيه لنگهه اڳيان 1554ع ۾ هڪ شاهي ڦوهارو تعمير ڪيو ويو هو. انهيءَ جي پاسي کان هڪ چورس ٽاور ٺهيل آهي، جنهن کي عرب غير رسمي طور عدالت گاه ڪري ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ سان لڳ وڏي ونگ سان ٺهيل دروازي کي عدالت وارو دروازو سڏيندا هئا. انهيءَ دروازي مٿان کليل آڱرين سان ٺهيل هڪ وڏو هٿ نصب ٿيل آهي. جنهن کي حضرت بيبي فاطمه زهرا جو هٿ سڏين ٿا. اهو هٿ گيٽ جي ٻاهرئين پاسي اُڪريل آهي. گيٽ جي ڀرسان اندر وڃڻ لاءِ هڪ سوڙهو گذرگاه آهي، جيڪو اندر ٺهيل پاڻي جي وڏن حوضن ۽ ٽانڪين ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ گذرگاهه جي کاٻي طرف وائين ٽاور آهي. جيڪو سن 1345ع ۾ تعمير ٿيو هو. ان گذرگاه جي ساڄي طرف تي چارلس پنجين جو محل، جاڳرتا واري زماني جي هڪ نَنڍِي عمارت ٺهيل آهي. هن عمارت اڏڻ خاطر، انهيءَ ڀيڻيءَ تي اڏيل اصل مک دروازو مسمار ڪيو ويو. الحمرا وارو رائيل ڪامپليڪس ٽن ڀاڱن تي مُشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ شامل عمارتن ۾ انتظاميه جون رهائشگاهون ۽ دفتر وغيره شامل آهن هنن عمارتن ۾ ڊيڪوريشن اسٽريپ ورڪ سان ڪيل آهي. هنن عمارتن جي ڇتين ۽ فرش ۾ گَهَري رنگ جو ڪاٺ لڳل آهي. ڀتيِن کي سفيد پلستر ٿيل آهي. ڪامپليڪس جي عمارتن جي ٻئي ڀاڱي جي تعمير بادشاه يوسف اول جي دؤر هڪومت ۾ يعني چوڏهين عيسوي صدي دوران ٿي. هنن عمارتن اندر شوخ ۽ تيز چمڪندڙ رنگن سان نهايت سهڻي ڊيڪوريشن ٿيل آهي. ڇتين ۾ ڪاٺ جي بهترين چٽسالي تراشيل آهي. رائيل ڪامپليڪس جي ٽئين ڀاڱي کي حرم سراء سڏجي ٿو جنهن ۾ بادشاهن ۽ شهزادن جون زالون ۽ داشتائون رهنديون هيون. انهن عمارتن اندر پڻ خوبصورت ڊيڪوريشن ٿيل آهي. حرم سراءِ اندر عالي شان حمام ٺهيل آهن. انهيءَ ۾ هڪ پاسي کان گرم ۽ ٻئي پاسي ۾ ٿڌو پاڻي دائمي طور وهندو رهندو هو. انهن حمامن ۾ غسل لاءِ ڦوهارا به لڳل هئا. انهن حمامن ۾ هوا ۽ روشني جي گذرجو جوڳو بندوبست ٿيل هو.