سفرناما

اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

عبدالحئي پليجي صاحب ھن سفرنامي ۾ اسپين جي شهرن، گھٽين، گسن ۽ ماڻهن جو انتهائي گهري مشاهدي جو ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامون اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رڳو زور بياني ۽ ٻولي جي حسن تي ٻڌل ناهي بلڪه اسپين، لنڊن ۽ هندستان جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گهِري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامون آهي. پليجي صاحب کي پنهنجي سفر دوران جيڪي به شيون نظر آيون آهن شهر رستا، ماڻهو ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انهن سمورن شهرن ۽ تاريخي تهذيبي نشانن جا نه رڳو پير کنيا آهن بلڪه انهن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.
Title Cover of book اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

1

مِنيٰ چيو ته نور محمد جي ڌيءَ، زينب ڄائي آهي، هل ته کيس لنڊن ۾ ڏسي اچون. تڏهن مون کيس هي لطيفو ٻُڌايو ته: هڪ عورت پنهنجي مڙس کي چيو ته مونکي اِئين پيار ڪر، جيئن فلمن ۾ هِيرو هيروئن سان پيار ڪندو آهي، تنهن تي مُڙسَ کيس چيو ته انهيءَ پيار جي فِي هُو (هِيرو) ڪِروڙ رپيا وٺندو آهي، سو تون به مون کي ايترا پيسا ڏي، ته پوءِ توسان به اهڙو ئي پيار ڪريان، جيئن هيرو هيروئن سان ڪندو آهي، انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍا کلياسين، اسان نور محمد کي به ٻڌايو ته اسان جو هي پروگرام آهي ۽ پوءِ اسان انگلينڊ ۽ يورپ جي وڌيڪ ٻن مُلڪن، اِسپينِ ۽ پرتگال جي سفر جي تيارين ۾ لڳي وياسين. تيار ڇا؟ انگلينڊ ۽ شينگن جي ويزا لاءِ پاسپورٽ کڻي خود ئي وڃڻو پيو، ٻيو ڪم ته سڀ فون تي ٿئي، اهو سڀ ڪم نور محمد لنڊن ۾ رهندي ئي ڪيو، منهنجي ۽ منهنجي گهر واريءَ جي ڪابه ويزا، زندگيءَ ڀر ڪڏهن به رِفيؤر ڪانه ٿي آهي. سو هينئر به اميد اهائي هئي ۽ ٿيو به اِئين ته اسان کي ويزا ملي، تڏهن ڪرنسي مٽائي ڪجهه پائونڊ ۽ ڪجهه يورو ورتاسين، ٽڪيٽ جو پرنٽ آئوٽ، محبوب ڪڍي ڏنو ۽ سحرش، آشا، سِپي، فرُخ ۽ محبوب اسان کي ايئر پورٽ تي ڇڏڻ آيا، اسان کي ٻُڌائون ته پاڪستان پوليو فِري ملڪ ڪونهي، تنهن ڪري، فيڊرل گورنمينٽ ايئرپورٽ تي، ٻاهر ويندڙ مسافرن لاءِ اهڙو بندوبست ڪيو آهي، جنهن تحت، ايئرپورٽ تي ٻاهر ويندڙ مسافرن کي پوليو جا ڦڙا پياري، کين گهربل سرٽيفيڪيٽ ٺاهي ڏيندا، پوءِ انهن مسافرن کي دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ڪونه روڪيندا. سو ايئرپورٽ پهچي، پهرين پوليو ڪائونٽر جي پڇا ڪئي سين، جنهن بابت ٻُڌائون ته اهو ڪائونٽر، انٽرنيشنل ڊپارچر گيٽ وٽ آهي، انهيءَ ڪائونٽر تي پهچي، اتي ويٺل اهلڪارن کي ماجرا ٻُڌائي چيوسين ته اسان جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏسو، اسان کي ڦُڙا پياريو ۽ گهربل سرٽيفيڪيٽ ٺاهي ڏيو، انهن وراڻيو ته صاحب اسان کي نه پاسپورٽ کپي ۽ ڪو ٽڪيٽ کپي ۽ نه ئي وري توهان کي ڦڙا پيارينداسين. اسان کي فقط ٻه سؤ روپيا خرچيءَ جا ڏيو ۽ پوءِ هي وٺو سرٽيفيڪيٽ مون سمجهيو ته هيءَ به ڪا سرڪاري في آهي، سا ٿا وٺن پر اسان کي چئون ته سائين هيءَ اسان جي خرچي آهي، تڏهن ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ سندن ڏنل هيڊا سرٽيفيڪيٽ کڻي، اسين اندر لائونج ڏانهن روانا ٿياسين. اسان کان دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي انهن سرٽيفيڪيٽن بابت ڪابه پُڇا ڪانه ٿي ۽ واپسيءَ ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي، پوليو ڪائونٽر وارن کي اهي سرٽيفيڪيٽ واپس ڏنا، ته پُڇئون ته سَر ڪِيون؟ مون جڏهن کين حقيقت ٻڌائي ته کِلي پيا!
ايئر لائين ڪائونٽر تي پهچي، پنهنجو سامان ايئر لائين وارن جي حوالي ڪري، اچي اِمِيگريشن ڪائونٽر تي بيٺاسين، جتي هڪ سب انسپيڪٽر سلام ڪري، مون کان پاسپورٽ وٺي، ٺپو هڻي، اچي پاسپورٽ واپس ڪيو ۽ پاڻ ٻُڌائين ته سائين، توهان جڏهن سِي پورٽ تي اِمِيگريشن جا شفٽ انچارج هئا، تڏهن آئون اُت سپاهي هوس. هن ٻُڌايو ته اسان جو شِفٽ انچارج هي صاحب آهي، ٻيو ڪم ڪار هجي ته آئون حاضر آهيان. سائين اسان توهان کي ياد ڪندا آهيون ته سائين هيڏي سٺي پوسٽ دؤران، نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي هليو ويو، ته ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي وِسهندا ڪونه آهن! اسان کي انهيءَ وقت ايئر پورٽ تي بوريئت پي ٿي. دبئي کان ڪراچي ايندڙ جهاز ننڍو هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري اڌ خالي هوندو آهي ۽ دبئي جي هن جهاز ۾ ايندي ويندي، ڪجهه سنڌي اڪثر ڪري فيملين سان هوندا آهن. انهيءَ جهاز ۾ ماني به گهڻو ڪري پاڪستاني ڏيندا آهن. اسان جي جهاز جي پهچڻ جو اعلان ٿيو، ته اسين به وڃي جهاز ڀيڙا ٿياسين. اسان جي ٽڪيٽ ڪراچي کان دبئي، دبئي کان لنڊن، اوٽ موٽ واري هئي. جهاز اڏاڻو ته پهريائين ڪراچيءَ مٿان ۽ پوءِ دبئي مٿان، هر شئي ٻاهران صاف نظر اچي رهي هئي، ڇو ته سڄي سفر دؤران ڏينهن ئي ڏينهن هو ۽ آسمان ۾ سج سواءِ ڪنهن رنڊڪ جي چمڪي رهيو هو. سج ڌرتيءَ تي هر زور وري نئون ٿي اڀرندو آهي ۽ ڪڏهن به پراڻو ڪونه ٿئي. انهيءَ جي روشيءَ ۾ اسين به آڪاش مان هر نظارو ڏِسندي پَسندي، تقريباََ ٻن ڪلاڪن جي سفر بعد اچي دُبئي جي جديد ايئرپورٽ تي پهتاسين. دبئيءَ وارو نئون هوائي اڏو مون اڳ ۾ ڪونه ڏٺو هو، ڇو ته منهنجو لنڊن ۽ يورپ وڃڻ ته ٿيندو رهندو هو. پر هيڏانهن، دبئي اچڻ نه پئي ٿيو. سو جڏهن هاڻي دبئي جي ايئرپورٽ تي اچي لٿس، ته حيران ٿي ويس! مار! هيڏو وڏو ايئرپورٽ، جنهن ۾ ڪَنئِين ٽرمينل ۽ هر هڪ ٽرمينل ۾، اندر ئي اندر ننڍي ريل پئي هلي. هر ٽرمينل اندر تمام گهڻي رش هئي. ايئرپورٽ جي هر ڪا شئي ڏاڍي نفاست ۽ نزاڪت سان ٺهيل، تنهن کي هنن سنڀالي به ڏاڍي چاهه سان رکيو آهي. سڄي ايئرپورٽ ۾ شيشي جو ڪم به ڏاڍو وڻندڙ ۽ قيمتي ٿيل هو. دبئي دنيا جي انهن چند ملڪن مان هڪ ملڪ آهي، جنهن دنيا ۾ تمام تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي، دبئي جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ پنهنجي ڪتاب آکيرا آڪاس ۾ لکيو آهي ته ۱۹۵۰ع ۾ دبئي جي آبادي صرف ۳۰ هزار هئي.
۱۹۶۰ ع تائين دبئي ۾ لائيت ڪانه هئي، دبئي انهيءَ وقت انگريزن جي نگرانيءَ هيٺ هو، تنهن ڪري اتي جو چالو سِڪو هندستاني رپيو هو. معنيٰ ته پنهنجي ڪرسني به ڪانه هُئين. هتي کوهن جو پاڻي کُٽِي ويندو هو، ته سمنڊ اندر دُٻن مان مِينهَن جو مٺو پاڻي آڻيندا هئا، اهو به کارسرو هوندو هو، پر پيئڻ جي لائق هوندو هو.
۱۹۵۸ع تائين دبئي ۾ هڪڙي به پوسٽ آفيس ڪانه هئي. جڏهن ته منهنجي ڳوٺ ٻني ۾ انگريزن جي وقت کان پوسٽ آفيس هوندي هئي، جيڪا هاڻي بند ٿي وئي آهي. پاڻ صفحي ۱۸۵ تي لکي ٿو ته ۱۹۵۹ع ۾ برطانوي حڪومت لنڊن مان پنهنجو هڪ عملدار فيبروري مهيني ۾ دبئي موڪليو ته هو اتي هوائي اڏو ٺاهڻ لاءِ موزون علائقو جانچي ڏسي. هن صاحب اڏي ٺاهڻ لاءِ الفيس جو علائقو چونڊيو.۱۹ مئي تي پهريون ڀيرو هوائي جهاز، ڇهه هزار فوٽن تي پرواز ڪري ٺهيل ايئرپورٽ تي لٿو. دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو سرڪاري طرح افتتاح ۱۹۸۰ع ۾ ٿيو هو. انهيءَ ايئرپورٽ ۾ هڪ ننڍو ٽرمينل ۽ ڪنٽرول روم شامل هو. ليکڪ وڌيڪ لکي ٿو ته دبئي جي سڄي بازار لاءِ هڪڙو پاڪستاني چوڪيدار هوندو هو، جيڪو رات جو، وڏو ڏنڊو کڻي پيو هوڪارا ڏيندو هو. عبدالرزاق سومرو لاڙڪاڻي وارو، جيڪو دبئي ۾ پاڪستان جو سفير هو، تنهن به پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ دبئي بابت ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن هو. صفحي ۴۵۹ تي لکي ٿو ته مونکي ڄام صادق علي ٻُڌايو ته دبئي جي حاڪم شيخ زيد کي آئون تڏهن کان سُڃاڻان، جڏهن هُو ڪراچيءَ جي ڪشمير نالي هڪ هوٽل ۾ ڇَهَن روپين واري ڪمري ۾ اچي رهندو هو ۽ ساڳئي شيخ زيد بن سلطان النهيان جي هڪ سئوٽ شيخ خالد يو-بي-ايل مان قرض کنيو، پر موٽائي ڪونه ڏنو، جيتوڻيڪ پاڻ تمام امير ماڻهو هو. بينڪ دبئي جي حاڪم شيخ زيد بن سلطان وٽ شيخ خالد جي خلاف شڪايت ڪئي، پر ان به جواب ڏئي ڇڏيو، ته آئون ان کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهان.
اڄ دبئي جي حاڪمن جا سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي خيراتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ به سندن چوهٺ ادارا وڏي پيماني تي خدمت ڪري رهيا آهن، جن ۾ رحيم يار خان شهر ۾ ايئرپورٽ، اسپتال، محل، روڊ رستا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو عاليشان نظام، لاهور شهر ۾ هڪڙي تمام وڏي اسپتال، بلوچستان جي شهر خاران ۾ ٻه سؤ بسترن واري اسپتال. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي شهر ۾ عورتن جي اسپتال، شيخ زيد ڪالوني وغيره، مطلب ته پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ دبئي جي حڪمرانن جا ڪَنئِين خيراتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. هِت دبئيءَ ۾ به اسان جي سيڪيورٽي چيڪنگ ٿي، جيتوڻيڪ اسين ڪراچيءَ کان لنڊن وڃي رهيا هئاسين. دبئيءَ ۾ صرف جهاز تبديل ڪيو ۽ ايئرپورٽ واري بلڊنگ اندر ئي ويٺا هئاسين. جڏهن ته دنيا جي ٻين بين الاقوامي هوائي اڏن تي اهڙي قسم جي ڪنيڪٽيڊ فلائيٽس ۾ اڳ اِئَين ڪونه ٿيندو آهي، پر عربن جو رَوَيو گهڻو نه پر ٿورو رف آهي، اسين انهيءَ فارملٽيءَ مان واندا ٿي، اچي پنهنجي گيٽ جي اڳيان واري لائونج ۾ ويٺاسين. اسان جو هي تبديل ڪيل جهاز هتان، سڌو لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي لهندو. هِت ڪافي رُش آهي. لائُونج ۾ ويهڻ وارن لاءِ جُدا ڪرسيون، ته آرام ڪرڻ وارن لاءِ جُدا آرام ڪرسيون رکيل آهن، پر انهن آرام ڪرسين تي هڪ به مسافر ويٺل ڪونه هو.
جيڪي يورپي ماڻهو گرم موسم ڪري، گهڻو ڪري اسپين وڃن، سي هاڻ تمام وڏي تعداد ۾ دبئي به اچن، سي دبئي ۾ رهڻ کان پوءِ جڏهن واپس يورپ وڃن، تڏهن سندن چمڙيءَ جو رنگ ڪارو ٿي ويندو آهي ۽ اهي صفا ڀوُت لڳندا آهن ۽ بدن تي مختصر ڪپڙن پهرڻ ڪري وڌيڪ بي سُرا لڳن. هڪڙي ئي هنڌ، ڪيترن ئي رنگن وارا ماڻهو ڏسي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي! جڏهن کان وٺي قومن جي تاريخ پنن تي لکجي محفوظ ٿي تڏهن کان اسان کي انهيءَ جي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ انهن قومن جي عروج ۽ زوال جا قِصا اسان تائين پهتا، تاريخ مان معلوم ٿيو ته دنيا تي پهرين يونانين حڪومت ڪئي، پوءِ روم وارن، پوءِ مسلمانن، تنهن کان پوءِ انگريزن يا ڪِرسچَنس دنيا تي حڪومت ڪئي. پهرين عالمي لڙائيءَ کان پوءِ انگريز پٺيان ڌِڪجڻ لڳا ۽ آمريڪي اڳيان وڌڻ لڳا. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپي ملڪن پاڻ ۾ وِڙهي هڪ ٻئي جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، جرمني ٻه اڌ ٿي وئي ۽ انگريزن جي هٿن مان سندن ڪالونيون يا غلام قومون نڪرڻ ۽ آهستي آهستي ٿي آزاد ٿيڻ لڳيون. يورپي ملڪ سندن قبضي هيٺ رهندڙ ٻٽن ٻٽن ميلن تي مشتمل سمنڊن اندر موجود جزيرا جهڙوڪ: جبل طارق، بيونس آئرس، ڊيگو گارشيا ۽ ٻيا اهڙا ننڍا ٻيٽ، هاڻ آمريڪا کي وڪڻي ڏيندا اچن ۽ ڪي جزيرا مسواڙ تي ڏيندا اچن ۽ آمريڪا، پنهنجي جنگي مفادن موجب انهن ٻيٽن تي، پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪندو اچي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ روس دنيا ۾ وڏو پاور ٿي اُڀريو، پر اهو افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي ڪري ايترو ته ڪمزور ٿي ويو، جو سندس قبضي هيٺ آئيل مُلڪَ کيس ڇڏڻا پيا ۽ پاڻ، يُو-ايس-ايس-آر. يعني يُونِيئَن آف سوشلِسٽ سوويٽ رِيَپبلڪِس مان ڦِري صرف هڪ مُلڪ رُوس تائين محدود ٿي ويو، البت مسلم آباديءَ واري رياست چيچنيا تي قبضو برقرار رکيو، ڇو ته اها رياست معدني وسيلن سان مالا مال آهي، تنهن ڪري چيچنيا وارن جي آزاديءَ واري جدوجهد کي مسلسل بي درديءَ سان ڪچلڻ ۾ مصروف رهندي، لکين چيچن مسلمانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏئين. روس چيچنيا تي قابض رهندي سڄي يورپ کي چيچنيا وارو تيل ۽ گيس وڪڻي پيو جيڪڏهن چيچنيا آزاد ٿي وڃي ته روس جي موجوده حيثيت به جي ڪر ختم ٿي وڃي. سو عرض پي ڪيم ته اڄ آمريڪا، سڄي دنيا ۾، خشڪي توڙي سمنڊن اندر، جتي ڪٿي پنهنجون فوجون رکيو، پنهنجا بحري توڙي هوائي جنگي جهاز، ايٽمي آبدوزون رکيو، سڄي دنيا کي هيسائي، پيرن هيٺان ڪريو ويٺو آهي.
جنرل ضياءَ جي موت کان پوءِ ٿيندڙ پاڪستاني اليڪشن جي مهم دوران هڪڙو گانو ڏاڍو مشهور ٿيو، جنهن جا ٻول هئا ته: مديني جا مِيرَ ڪر، باڇا بي نظير! سو سائين! هاڻ آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ هڪ عورت يعني هِلَيرِي ڪِلنٽَن اميدوار آهي، سا جيڪڏهن چونڊجي آمريڪا جي صدر ٿي وئي ته پوءِ اها سڄي دنيا جي اڻ اعلانيل ٻاڇا ٿي ويندي! ياد رهي ته وِڪِي لِيڪس جي ڇڙڪائيندڙ خبرن ۾ هڪڙي هيءَ خبر به هئي ته ۲۰۱۱ع ۾ سنڌ ۾ جيڪا برساتي وڏي ٻوڏ آئي هئي، ان وقت هِلَيرِي ڪِلنٽن، آمريڪا جي وزير خارجه هئي، تنهن پاڪستان جي ان وقت جي صدر آصف زرداريءَ کي اِي ميل ذريعي حڪم ڪيو ته تون وڃي سنڌ ۾ ٻوڏ جي ستائيل علائقن جو دؤرو ڪر ۽ زرداريءَ اوڏي مهل ئي وڃي نواب شاهه جو دؤرو ڪري، پاڻيءَ مان هلندو ويو، جنهن جا فوٽا اخبارن ۾ به آيا. وِڪِي لِيڪس جي انهيءَ انڪشاف جي ڪنهن به هسيتائين تريد ڪانه ڪئي آهي. انهيءَ وقت هِلَيرِي وزير خارجه هئي، سا هاڻ جي آمريڪا جي صدر پئي ٿئي، ته پوءِ خبر ناهي ته اسان کي ڪهڙا آرڊر ملندا! (هِلَيرِي صدر نه ٿي سگهي). اسان جي جهاز جي هلڻ جو اعلان ٿيو ته سڀني مسافرن ۾ چرپر شروع ٿي وئي. دنيا جي ايئرپورٽ تي پهريائين فرسٽ ڪلاس، پوءِ بزنيس ڪلاس ۽ پوءِ ايڪانامي ڪلاس وارن مسافرن کي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ سڏين. ايڪانامي ڪلاس ۾ جينئن ته پئسينجر زياده هوندا آهن، تنهن ڪري انهن کي به گروپن ۾ ورهائي گهرائين، ته جِينئَن رش نه ٿئي. اسين به نيٺ پنهنجي واري تي جهاز ۾ چڙهي وڃي ويٺاسين هي جهاز، ڪراچي-دبئي واري جهاز کان وڏو هو. يعني ايئربس هو ۽ مسافرن سان مڪمل طرح ڀريل هو. هي جهاز هتان به پورو هڪ ڪلاڪ دير سان اڏاڻو. جهاز ۾ اڏام جي سمجهاڻيءَ کان پوءِ، جيڪو پهريون ڪم ڪن، سو آهي ته ايئر هوسٽيس هڪ ننڍو رومال هر مسافر کي ڏيندي آهي ته پنهنجا هٿ صفا ڪري فِريش ٿيو. اهو رومال، گهڻو وقت اڳ ٿورو گرم ڏيندا هئا. اڄڪلهه اهو صفا ٿڌو ڏيندا آهن. اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ ڪانه آئي، سو منيٰ کان پُڇم، ته پاڻ چئين ته اهو ايئرهوسٽيس کان پُڇ. اڏام جي سمجهاڻي ۾ ٻُڌائون ته هن جهاز کي لنڊن پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ ۽ پنجيتاليهه منٽ لڳندا. اڳي جهازن کي انهيءَ سفر ۾ وڌيڪ وقت لڳندو هو. جِيئَن وڃي سائينس ترقي ڪندي، تيئَن مفاصلا به گهٽ ٿيندا وڃن. سائين، زندگيءَ جا ٻاهتر سال گذري ويا، سو هي ڇهه ڪلاڪ، پنجيتاليهه منٽ گذرندي ڪا گهڻي دير ڪانه لڳندي! جهاز ۾ پهريائين جُوس يا سافٽ ڊرنڪ ڏين، پوءِ مانِي، پر تمام سُٺِي! دنيا جي ڪنهن به مسلمان ملڪ جي ايئرلائين ۾ پورڪ ڪونه ڏين. ماني کارائڻ مهل پُڇَندا ته مَٽَن يا چِڪِن، پوءِ اهو ئي ڏيندا، جيڪو توهان گهرندا، مانيءَ کان پوءِ ڪافي يا چاءِ ڏين. پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان ويهي هندستاني، انگريزي فِلمون ڏسو، يا لڳل اسڪرين تي ڪا راند ڪُڏو، يا لت کوڙي سمهي رهو. جهاز منزل تي پهچڻ کان چاليهه کن منٽ اڳ، وري به پاڻي، جُوس، ٻٽن قسمن جا بِسڪوٽ، يا چڻا، تن مٿان ننڍا ننڍا گانگٽ پيا هجن، يا ننڍا ڪيڪ ڏين. هر شئي، ڪيترا دفعا به گُهر، پر ڏيندا رهندا، جي هوندي ته! دنيا جي هر ايئرلائين ۾، گهڻو ڪري پنهنجي ئي ملڪ جو اسٽاف رکن، پر دبئي جي اِميريٽس ايئر لائينس ۾ ڪيترن ئي ٻين ملڪن جا ماڻهو ملازم آهن، پائلت ۽ انجنيئر گهڻو ڪري يورپين ۽ آمريڪن آهن، اسٽاف ۾ سندن عرب به آهن، پر اڪٽريت غير عربن جي آهي.
منيٰ پهرئين ۽ هن فلائيٽ ۾ قرآن شريف جا ٻه ٽي سيپارا پڙهيا، تنهن ڪري تلاوت دوران اسان هڪٻئي سان ڪونه ڳالهايو ۽ قرآن پاڪ جي دؤر پوري ڪرڻ کان پوءِ ڳالهايوسين. لنڊن کي ويجهو ٿيڻ تي، جهاز مان اعلان ٿيو ته لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي هن وقت رش آهي، تنهن ڪري اتي جهاز کي لهڻ ۾ ڪجهه دير لڳندي. هيٿرو ايئرپورٽ جي ڪنٽرول ٽاور کان ڪِلِيئرَنس ملڻ شرط پنهنجو جهاز اتي لينڊ ڪندو، لنڊن جو شهر، سدائين ڪڪرن جي سفيد چادر ۾ ڍڪيل هوندو آهي ۽ صرف ڪَڪَرَ ئِي نظر ايندا آهن. جهاز جي لهڻ واري اعلان ٿيڻ سان، جهاز ڪڪرن منجهان لهندو اچي زمين تي لٿو، مسافرن جي چرپر چالو ٿي ۽ هر ڪنهن پنهنجو سامان سنڀالي کنيو. جهاز ۾ هر ڪلاس جا مسافر واري واري سان چڙهندا آهن، پر لهڻ مهل سڀني ڪلاسن جا مسافر گڏجي پيا لهندا آهن، تنهن ڪري لهڻ مهل ٿوري رش ضرور ٿئي ٿي.
دنيا جي هوائي اڏن تي اڳي، سڀني پيسينجرن لاءِ گڏيل ڪائونٽر هوندا هئا، پر هاڻ هر ملڪ جو پنهنجو مخصوص معيار ۽ اصول آهي. مثلاََ استنبول هوائي اڏي جي ڪجهه ڪائونٽرن تي لکيل هو: نيٽو ڪنٽريز ۽ ٻين تي ادر ڪنٽريز ۽ ڪجهه ٻين ڪائونٽرن تي تُرڪش سٽيزنس لکيل هو. لنڊن جي هوائي اڏن جي ڪجهه ڪائونٽرن تي ”يورپيئن يونيئن“ ۽ ڪجهه تي. ”ادر ڪنٽريز ۽ ڪن ٻين ڪائونٽرن“ ”فاسٽ ٽريڪ“ لکيل هو. هوائي جهازن مان لهندڙ مسافر گهڻو ڪري تيزيءَ سان هلندا آهن. اميگريشن وارا هوائي جهازن کان گهڻو پري هوندا آهن.
هيٿرو هوائي اڏي اندر ريل ڪانهي، باقي لنڊن جي گيٽ وِڪِ هوائي اڏي اندر هر ٽرمينل کان ٻئي ٽرمينل تائين ريل گاڏي هلندي آهي، جنهن جو هر مسافر کان ڏهه پائونڊ ڀاڙو به وٺن. جهاز مان لهڻ کان پوءِ ٻين مسافرن سان گڏ آئون به تيز هلڻ لڳس، ته منيٰ سڏ ڪري مون کي چيو ته مون کي ڇڏي نه وڃج. اهي لفظ ٻُڌي، منهنجي اندر جي جيڪا ڪيفيت ٿي، تنهن کي آئون بيان نٿو ڪري سگهان، مون پاڻهي پاڻ کان پڇيو ته ڇا مون ڪڏهن اهڙي غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، يا ڪري سگهان ٿو. مون محسوس ڪيو ته منهنجي اندر جو آواز به شايد چُپ ٿي ويو. مونکي ايڏو تيز هلندو ڏِسي، شايد منيٰ مسخري ڪئي هجي. اسين انهيءَ ئي اسپيد سان هلندا، اچي سامان جي ڪنويئر بيلٽ وٽ بيٺاسين. اچڻ مَهل، محبوب اسان جي پيتين تي پنَيون ٻَڌِي ڇڏيون هيون، جنهن ڪري اهي اسان کي پري کان ئي ڏسڻ ۾ پي آيون. هنن ملڪن ۾ ڪسٽم چيڪنگ ته ٿئي ئي ڪانه، باقي چَوَنِ ٿا ته هيٿررو ايئرپورٽ تي ڊِٽيڪٽو مشينن ۽ ايڪسري مشينن ذريعي هر مسافر جي ڳجهي طرح چيڪنگ ٿيندي آهي. جنهن دؤران مسافر بلڪل اگهاڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسين سامان ٽراليءَ ۾ رکي اچي اميگريشن جي ادر ڪنٽريز واري ڪائونٽر تي بيٺاسين ته اسان کي پري کان هڪ عورت اهلڪار اشارو ڪيو ته فاسٽ ٽريڪ ڪائونٽر تي اچو. اسان اُتي پهتاسين ته اسان کان اڳ اُت صرف هڪڙو مسافر بيٺل هو، جيڪو مون وانگر ايجيڊ هو. اهلڪارن اسان جا پاسپورٽ هينئر چڱيءَ طرح چيڪ ڪيا، پر اسان کان ڪجهه به ڪونه پُڇئون. رڳو انهيءَ اشارو ڏيندڙ عورت، جيڪا شايد انڊيئن هئي. تنهن پُڇيو ته هِت گهڻو وقت رهندا؟ مون کيس ٻڌايو ته هت هڪ هفتو رهي، پوءِ اسپين ۽ پور چوگال گهمڻ وينداسين. واپسيءَ ۾ به هت هڪ هفتو رهي پوءِ پنهنجي ملڪ وينداسين. ڪو ٻيو وڌيڪ سوال پڇڻ کان سواءِ اسان کي پاسپورٽ موٽائي ڏنائين. اتان کان جينئن ٻاهر آياسين ته اسان کي نور محمد نظر آيو، جنهن سامان واري ٽرالي گري اچي اسان کي لفٽ ۾ چاڙهيو، جنهن اسان کي آڻي ڇهين فلور تي پهچايو. نور محمد جي ڪار به انهيءَ فلور تي بيٺي هئي. اسين سامان ڪار ۾ رکي ان ۾، بوبيءَ جي گهر روانا ٿياسين. رات هئي ۽ رش ڪانه هئي، تنهن ڪري جلد گهر اچي پهتاسين. اتي سڀني گڏجي ماني کاڌي. اسين ڏاڍا ٿڪل هئاسين ڇو ته ڪراچيءَ کان لنڊن بوبيءَ جي گهر پهچڻ تائين ڪل اوڻيهه ڪلاڪ سفر ڪيو هوسين. تنهن ڪري بستري تي ليٽڻ شرط ننڊ اچي وئي ۽ صبح جو به دير سان اُٿياسين. نه ته ڳوٺ، منيٰ پنجين بجي صبح جو اُٿي ۽ قرآن شريف جو دؤر ڪري ۽ آئون ڇهين بجي اٿي اڌ ڪلاڪ واڪ ڪريان. تنهن کان پوءِ منيٰ چاءِ ٺاهي ته گڏجي پيئون. تنهن پُڄاڻان ڪم وارا ملازم ۽ ڪم ڪندڙ عورتون گهر اچن. هتي بوبيءَ جي گهر، صبح جو ننڊ مان ته دير سان اٿياسين. پر پوءِ به بدن ۾ ٿڪ هو. سو ٻاهر ڪونه وياسين. ٻنپهرن جي ماني کائي، ٿڪ ڀڃي، شام جو منيٰ، عبدالحُئي جونيئر، نور محمد ۽ آئون ٻاهر چڪر لڳائڻ وياسين. هڪڙي سپر اسٽور منجهه گهڙي وياسين. اتان هلڪي ڦلڪي خريداري ڪيم، بوبي ۽ سندس گهرواري، امان رابعه روزي سان هئا هت پاڻ سڀ روزا رکئون. انهيءَ سپر اسٽور تي ۵۰ ملي گرام واري وياگرا ۱۹ پائونڊن ۾ مِلِي جيڪا ڪراچيءَ ۾ اٺ سؤ روپين ۾ ملي، سپر اسٽور ۾ تقريباََ ٻه ڪلاڪ هئاسين، پوءِ گهر موٽياسين. هت لنڊن ۾ چنڊ ڏسڻ جي ته پڪ هئي، پر ڪراچي ۽ سعودي عرب ۾ به چنڊ ڏٺو. اهو پهريون موقعو هو، جو پاڪستان، سعودي عرب ۽ سڄي يورپ ۾ ساڳئي ڏينهن تي عيد هئي. پِره ٻڌايو ته ڪالهه آئيرلينڊ ۾ اڌ مُلڪ ۾ عيد ۽ اڌ ملڪ ۾ روزو هو. پره سان اڄ فون تي ڳالهه ٿي. هوءَ آئيرلينڊ ۾ رهي ٿي. فَرُخ، آشا، محبوب ۽ سحرش پارس پنهنجي ڳوٺ ٻني آيا. سِپيءَ عيد ڪراچيءَ ۾ ڪئي. آئون روزانه ڪڪڙ جو سُوپ پيئندو آهيان، پر پاڪستان ۾ جون جي آخر ۾ ايڏي ته گرمي ٿي، جو سوپ ڪونه پيتم، اڄ منيٰ سوپ ٺاهي ڏنو ته پيتم، مُصَوَرَ کي ڪَڇَ ۾ ويهارم، ته زينب ڏٺو ۽ اها به آئي، ته آئون به ڪڇ ۾ ويهان. تڏهن ان کي به کڻي ڪڇ ۾ ويهاريم اڄ ٻڌوسين ته مسجد نبوي ۾ ڪنهن خودڪش حملي جي ڪوشش ڪئي، پر ٻاهر ئي مارجي ويو ۽ اخبار ۾ هو ته اهو پاڪستاني هو. ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي! چون ٿا ته رمضان جي مهيني ۾ شيطان قيد ۾ بند هوندو آهي، ته پوءِ هي ڪم ڪنهن ڪيو؟ انهيءَ جي ته تحقيقات ٿيڻ گهرجي. اڄ هت لنڊن ۾ عيد آهي ۽ اسان مردن توڙي عورتن، سڀني عيد نماز پڙهي، ڏاڍو سڪون حاصل ٿيو. هت مسجد ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا عيد نماز پڙهائي ويندي آهي. ڏهه ڏهه، ٻارهن ٻارهن ماڻهو هر هر اچي گڏجي خود نماز پڙهي رهيا هئا. ننڍي هوندي ٻُڌندا هئا سين ته جيڪڏهن عيد جون ٻه نمازون ٿيون ته بادشاهه جي بادشاهي ختم ٿي ويندي، تنهن ڪري حڪومت زوريءَ زبردستيءَ هڪ نماز ڪرائيندي هئي. هينئر به ماڻهو چوندا آهن ته هڪ عيد نماز ٿيڻ گهرجي، پر اهو ڪونه ٿا سوچين ته دُره خيبر کان ڪراچي هزار کان وڌيڪ ميل پري آهي. سرحد صوبي۾ ڪي علائقا ڪراچيءَ کان اٺن هزارن فٽن کان به وڌيڪ مٿي آهن. اُت چنڊ ڏسبو ۽ چنڊ ڏسي، مُلن ۽ حڪومت جي چوڻ تي روزو رکن ۽ عيد نه ڪن، اهو هن دؤر ۾ ڪِينئَن ممڪن آهي؟ هي مُلان به عجيب شئي آهن. جڏهن جنرل ايوب جي سامهون مادر ملت محترمه فاطمه جناح اليڪشن ۾ بيٺي هئي، تڏهن مُلن جي اڪثريت، جنهن ۾ جماعت اسلامي، جمعيت علماءَ اسلام ۽ ٻين ڪيترين ئي مذهبي جماعتن مادر ملت جي حمايت ڪئي، پر وري جڏهن بينظير ڀٽو اليڪشن لڙي ۽ وزيراعظم ٿي ته انهن سڀني مُلن ۽ علمائن فتويٰ جاري ڪئي ته عورت وزيراعظم ٿي نٿي سگهي ۽ ڪن نام نهاد مُلن اها به فتويٰ ڏني ته بينظير جو هاڻ نڪاح ٽٽي ويو آهي ۽ هوءَ هاڻ اسلام جي دائري مان ئي خارج ٿي چُڪي آهي. توهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، ته ماڻهن جي ايمان جا فيصلا توهان ڪريو، ته هي ڪافر آهي، هي مسلمان آهي، يا هي اڌ مسلمان آهي، يا پاءِ مسلمان ڪريو، يا جيڪي گمراه آهن، انهن کي سنجيدگيءَ سان، علحدگيءَ ۾ سمجهايو، ته جينئن، انهن کي خراب نه لڳي، يا جيڪي مسلمان آهن، انهن کي به ڪافر چئو.
اسان به مسجد ۾ نماز پڙهي. هت عورتن لاءِ الڳ ۽ مردن لاءِ الڳ نماز پڙهڻ جو بندوبست ٿيل هو. صرف لنڊن شهر ۾ به ٻه سؤ کان وڌيڪ مختلف زبانو ن ڳالهايون وڃن ٿيون. تنهن جي معنيٰ ته هت ٻه سؤ قومي زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا. اها ڳالهه اسانکي هت نماز پڙهڻ واري موقعي دؤران محوس ٿي ۽ رڪارڊ ۾ پڻ آهي پارڪ ۾ مختلف زبانون ڳالهائيندڙ، ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو، جيڪي پنهنجا پنهنجا نرالا لباس پائي آئيل هئا، نماز پڙهڻ کان پوءِ پارڪ ۾ ويهي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندي نظر آيا. مون کي آفريڪا جي ماڻهن جون مختلف قسمن واريون رنگين پوشاڪون ڏاڍيون وڻيون. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو، مختلف ڊريسن ۾ ڪَنئِين مختلف ٻوليون ڳالهائي رهيا هئا. عورتن کي خصوصي طور عجيب رنگ به رنگي لباس پهريل هئا. ڪن عورتن کي ٽوپيون به پاتل هيون، ته ڪن کي مٿي تي جانورن جهڙا ننڍڙا سنڱ به سجائيل هئا. ڪن عورتن کي مختلف ڊزائين وارا، وارن جا هٿرادا ڇُڳا به مٿن تي سجائيل هئا. ڪي عورتون آمريڪن فيملين جو ڏيک ڏئي رهيون هيون. اهڙي نموني، مختلف رنگن واري چمڙيءَ وارا مختلف انسان هيتري وڏي تعداد ۾ هڪ هنڌ گڏ ڏسندي عجب لڳو! اسين به نماز پڙهڻ لاءِ سنڌي ٽوپيون پائي، ڪُلهن ۾ اجرڪون ويڙهي ويا هئاسين. مسجد اندر ڪتابن جا اسٽال ۽ ٻاهر هوٽل به هئا. پارڪ ۾ ڏاڍو مزو پي آيو؟ پر تيسين نور محمد کي سندس دوست مجيب ميتلي جو فون آيو ته ڀائي جان، مانيءَ لاءِ توهان جو انتظار ٿي رهيو آهي، ڪيڏي مهل ٿا پهچو؟ مجيب ميتلو، علي گل ميتلو ۽ نور محمد وارا، پيٽاريئن شاگرد تظيم لنڊن جا عهديدار آهن ۽ ان کي لنڊن ۾ ڏاڍو فعال ڪري ويٺا آهن. مجيب پيٽاريئن اَيسوسِيئيشَن جو ڪيترائي سال صدر رهيو. هن وقت انهيءَ جو صدر غوري آهي ۽ نائب صدر نور محمد آهي. آئون، نور محمد، منيٰ ۽ بوبيءَ جو پُٽ عبدالحئي جونيئر، ڪار ۾ مجيب جي گهر روانا ٿياسين ۽ بوبيءَ جي گهرواري امان رابعه ۽ سندس نياڻي زينب، ٽيوب ۾ چڙهي واپس گهر ويا. اسين چوويهه مِنٽن جي ڊرائِيو بعد، مجيب جي گهر لاءِ، ڪار ۾ لڳل گُوگِل ڊوائِيس جي رهنمائيءَ ۾ هلڻ لڳاسين. انهيءَ اسان کي ٻُڌايو پي ته هن روڊ تي اڳيان رش آهي، تنهن ڪري توهان فلاڻي روڊ تان وڃو، جتي رش بلڪل ڪانهي. آمريڪا يورپ ۽ هاڻ ٻيا به ڪيترائي ترقي يا فته مُلڪَ، انهيءَ سائينسي ترقيءَ مان خوب فائدو وٺي، پنهنجو ٽائيم، پيسو ۽ انرجي بچائي خوب ترقي ڪري رهيا آهن.
مجيب، علي گل ۽ سندن ٻيا ڀائر، لنڊن ۾ عيد جي دعوت پنهنجن سڀني دوستن کي ڏيندا آهن. هن دفعي به سندن دعوت تي تقريباََ ٽيهارو کن مرد ۽ عورتون آيل هيون، جنهن ۾ آئون، منيٰ، نور محمد، عبدالحئي جُونيئَر ۽ دڙي شهر جو، هڪ نوجوان، محمد هاشم عباسي به شامل هو، جيڪو هتي ڪيترن ئي سالن کان آئيل ۽ گيس جو اِنجنيئر آهي.
سندس گهر به مجيب وارن جي گهر کي ويجهو آهي. پاڻ مون کي ٻڌائين ته توهان جو وينس شهر تي لکيل مضمون، ڪاوش اخبار ۾ پڙهڻ کان پوءِ خواهش ٿي ته آئون به وينس گهمان، سونيٺ هڪ ڏينهن وينس گهمي آئيس. جيڪڏهن توهان وارو مذڪور مضمون نه پڙهان ها ته شايد، هن حَسين شهر کي ڏسڻ کان محروم ٿي وڃان ها! عيد واري دعوت جي ميڙ ۾ پهرين. پاڪستان جي سياست تي، خاص ڪري سنڌ جي دردن واري داستان تي ڳالهه ٻولهه ٿي. تنهن پڄاڻان، مهمانن کي تمام پر تڪلف ماني کارائي وئي. هن دعوت کان پوءِ، مجيب ميتلو اسان کي سندس گهر وٺي آيو، جتي ڪيڪ ۽ چانهه پياري وئي. اُتي مجيب جي گهرواريءَ منيٰ کي ۽ مجيب مونکي اجرڪون پهرايون ۽ فوٽو ڪڍيا. مجيب سنڌ ۾ زمين خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري. اتي ڪلاڪ کن ڪچهري ڪري پوءِ واپس پنهنجي گهر آياسين. شام جو ساڍي ڇهين بجي ڌاري، پِره به سندس ٻارن، اويس، آمنه ۽ حسان سميت، ڊبلن مان، هوائي جهاز ۾ لنڊن جي سِٽي ايئرپورٽ تي اچي لٿي جتان نور محمد ڪار ۾ کڻي آئيس لنڊن ۾ هيٿرو ۽ گيٽ وِڪِ هوائي اڏا شهر جي مرڪز کان گهڻو پري آهن. انهيءَ کان سواءِ، لنڊن شهر اندر ٻيا به ٻه ٽي هوائي اڏا موجود آهن، جيڪي اندرون مُلڪ پروازن ۽ يورپيئن يونيئن ملڪن جي اڏامن لاءِ استعمال ٿيندا آهن. پره ٻڌايو ته جنهن ايئرپورٽ تان آئون آئي آهيان، اتان اسان جي اميگريشن چيڪنگ به ڪانه ٿي، جيتوڻيڪ آئون. پاڪستان پاسپورٽ تي ٽِريول ڪري رهي هُيَس ۽ اڄڪلهه يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته پاڪستاني پاسپورٽ هڪ ناپسنديده شئي آهي. پر الله ڄاڻي ڇو مون سان سڄي زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ڪوبه پِرابلَم ڪونه ٿيو آهي. انهيءَ جو سبب شايد وڏي عمر، فيمليءَ سان گڏ ۽ چاليهن سالن کان سفر ڪندو رهڻ ڪري، اٺن پاسپورٽن جو ڇُڳو ٿي ويو آهي. يا ٻيا به ڪي هنن جي معيار جا سبب هجن، پر انهن جي پاڻ کي ڪابه خبر ڪانهي.