سفرناما

اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

عبدالحئي پليجي صاحب ھن سفرنامي ۾ اسپين جي شهرن، گھٽين، گسن ۽ ماڻهن جو انتهائي گهري مشاهدي جو ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامون اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رڳو زور بياني ۽ ٻولي جي حسن تي ٻڌل ناهي بلڪه اسپين، لنڊن ۽ هندستان جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گهِري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامون آهي. پليجي صاحب کي پنهنجي سفر دوران جيڪي به شيون نظر آيون آهن شهر رستا، ماڻهو ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انهن سمورن شهرن ۽ تاريخي تهذيبي نشانن جا نه رڳو پير کنيا آهن بلڪه انهن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.
Title Cover of book اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

9

اسان هتان پنهنجي ٻي منزل پورچوگال جي گاديءَ جي هنڌ ۽ مرڪزي شهر لِزِبَن ڏانهن روانا ٿي وياسين. جيڪو قرطبه کان ٽي سؤ ميل پري هو، پر هنن ملڪن جي موٽر ويز هڪ طرفو One way نظام ۽ روڊن تي وڻڪار ۽ گل گلزاري ۽ هاءِ ويز تي لاتعداد هوٽلن ۽ سپرمارڪيٽن، ٻارن جي راندين لاءِ گرائونڊن ۽ حسين جميل ماحول جي ڪري ڪيترو به وقت روڊن تي ڊرائونگ ڪرڻ جي باوجود نه بوريت ٿئي ۽ نه وري ڪو ٿڪ محسوس ٿئي، پهريان سؤ ميل کن اسپين جي مُلڪ جا روڊ، پوءِ ٻه سؤ کن ميل پورچو گال جا موٽر ويز، انهن تي ٽي چار دفعا بيٺاسين. هڪ دفعو هت ٽول ٽيڪس وٺڻ وارن وٽ بيهي ٽول ٽيڪس ڏنو، هڪ دفعو هڪ پوليس چوڪيءَ تي بيهي پڇيوسين ته هت روڊن تي ڪابه امِيگِريشن آفيس ڪانهي، جڏهن ته اسان اسپين ڪراس ڪري پورچو گال ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، ته اسين هاڻ ڇا ڪريون اُت موجود پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڇويهن شينگن ملڪن جي اميگريشن چيڪنگ صرف هڪ دفعو انهي مُلڪ ۾ ئي ٿيندي، جنهن ملڪ مان توهان ويزا ورتي، پوءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ توهان جي اِمِيگريشن چيڪنگ ڪانه ٿيندي، ڀلي پيا ڇويهه ئي مُلڪ بنا اميگريشن اسٽيمپ جي گهمو ڦرو، پر گهمي صرف ايترو وقت سگهو ٿا، جيترو ويزا جو مُدو توهان جي پاسپورٽ ۾ لکيل آهي. ٻيو دفعو اسان ڪنگس برگر وارن جي هوٽل تي منو ڪلاڪ کن ويهي ماني کاڌي هت گوشت ۾ پورڪ pork کان سواءِ ٻيو گوشت گهٽ اسعتمال ٿئي، باقي مڇي، ڪُڪڙ سبزيون توهان کي هر هنڌ ننڍي وڏي هوٽل تي سدائين ملنديون. هت اسپين ۽ پورچوگال ملڪن ۾ پاڪستاني ۽ انديئن هوٽلون تمام گهٽ آهن، پر تُرڪن ۽ عربن جون هوٽلون توهان کي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ملنديون، جت پورڪ بلڪل ڪونه هوندو آهي ۽ کاڌا به چانورن ۽ ڪباب کان سواءِ، ٻيا انهن جا پنهنجي مزاج مطابق هوندا آهن، جن ۾ مصالحا بلڪل گهٽ هوندا آهن، اسان چَئين ڪلاڪن جي سفر بعد لِزِبَن ۾ پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. هوٽل تي ويٺل ماڻهوءَ جو نالو اقبال هو. هن اردو سٺي ٿي ڳالهائي مون کانئس پڇيو ته ڪٿي جو آهين پاڻ ٻُڌائين ته آئون موزمبيق جو آهيان اسان اصل هندستان جا آهيون، پر هاڻ اسان موزميق ۾ ئي رهندا آهيون، آئون ڄائو به موزمبيق ۾ آهيان، سندس عمر 45 سال کن لڳي ٿي، پاڻ موزمبيق جي اصل ماڻهن جي ڏاڍي ٿي گِلا ڪئي ۽ ائين ئي ٿي گِلا ڪَيَئِين، جيئن سنڌ اندر رهندڙ غير سنڌي، سنڌين جي گِلا ڪندا آهن. سنڌ اندر ڪو به غير سنڌي، سنڌين جي نيڪي ڪڏهن به ڪونه ڪري، نه وري گهر اندر سنڌي ڳالهائي، پوءِ اهو ڇو نه هڪ ٻهراڙيءَ جو ننڍڙو ڳوٺ هجي. سنڌ ۾ جيڪي به غير سنڌي آهن، انهن جي سنڌين بابت هڪ ئي راءِ آهي. اسان هوٽل تي پنهنجا ٻه پاسپورٽ ڏيکاري مون ۽ منيٰ جي داخلا رکائي، باقي نور محمد، سندس گهرواري، ڊاڪٽر رابعه، سندن پٽ، عبدالحي جونيئر ۽ سندن نياڻي، زينب جي پاسپورٽ جي داخلا ڪونه رکئون، ڇو ته اهي يورپي يونيئن جي ميمبر ملڪ، برطانيه جا شهري آهن ۽ پورچو گال به يورپي يونيئن جو ميمبر ملڪ آهي، يورپي يونيئن جا ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي شهرين کي پنهنجن پنهنجن مُلڪن ۾ وڏيون سهولتون ڏين. انهن ملڪن پنهنجي گڏيل ڪرنسي به ”يُورو“ نالي سان جاري ڪئي آهي. اهي مُلڪ نوڪرين ۾ به ميمبر ملڪن جي اميدوارن کي اوليت ڏين ۽ ميمبر ملڪن جي شهرين کان ميوزمن جي داخلا في ڪانه وٺن. هينئر، جون 1916ع ۾ برطانيه ۾ ريفرينڊم ٿيو ته يورپيئن يونيئن ۾ ميمبر طور شامل رهجي يا نه. انهيءَ ريفرينڊم ۾ برطانيه جي عوام سادي اڪثريت سان فيصلو ڏنو ته يورپيئن يونين ۾ هاڻ نه رهجي. انهيءَ بعد برطانيه جي وزيراعظم استعيفا ڏئي ڇڏي، ڇو ته سندس پارٽيءَ جو مؤقف هو ته يورپيئن يونيئن ۾ اڃا به شامل رهجي. انگلينڊ ۾ ته ڪنهن به ميوزم ۾ هر شهريءَ لاءِ داخلا في معاف آهي، پر هر ميوزم ٻاهران لکيل هوندو آهي ته ميوزم هلائڻ لاءِ پيسن جي ضرورت آهي، مهرباني ڪري اسان کي چندو ڏيو، ماڻهو به گهڻي چاه سان چندو ڏيندا آهن. آئون به ڪجهه ڏوڪڙ ميوزمن لاءِ چندي وارين پيتين ۾ وجهندو آهيان، لِزِبَن ۾ هڪ انڊيئن ريسٽورانٽ تان نور محمد ماني وٺي آيو، جنهن ۾ دال ۽ برياني هئي، گهڻن ڏينهن کان پوءِ اها دال ۽ بريانيءَ واري ماني کاڌيسين ته ڏاڍو مزو آيو. انگلينڊ ۾ ته ڪافي جڳهين تي توهان کي هر پاڪستاني انب ملي، جنهن ۾ سنڌڙي ۽ چونسو سر فهرست آهن، پر اسپين ۽ پورچوگال ۾ اسان کي انب ڪٿ به نظر ڪونه آيو، جڏهن ته هنن ٻنهي ملڪن جي شهرن ۾ پاڪستان کان به زياده گرمي هئي. پر انهيءَ اُس ۾ ايڏي گرمي يا شدت ڪانه هئي، جيڪا پنهنجي ملڪ جي اُس يا ڪاڙهي ۾ ٿئي. اسان انهيءَ شديد گرميءَ ۾ به پنج پنج ڪلاڪ پيا گهمندا هئاسين، پر اسان کي گهڻي تڪليف ڪانه ٿيندي هئي. اسان رات واري ماني کائي سمهي رهياسين. صبح جو سوير تيار ٿي، ناشتو ڪري شهر ۾ پهرين حضرت عيسيٰ عليه السلام جي انهيءَ مجسمي کي ڏسڻ وياسين، جيڪو دنيا ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ٻيو نمبر وڏو مجسمو آهي. چون ٿا ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جو پهريون نمبر وڏو مجسمو برازيل ۾ لڳل آهي. هتي لِزِبن واري مجسمي اڳيان ڪيترائي ماڻهو فِلمِون ڀري رهيا هئا ته ڪيترائي ماڻهو فوٽو ڪڍي رهيا هئا. تنهن کان پوءِ اسان هڪڙي پُل ڏسڻ وياسين، اها پُل آمريڪا جي شهر سَين فِرانسِسڪو ۾ ٺهيل پُل جهڙي آهي، پر هيءَ انهيءَ کان ننڍي پُل آهي. اُت به ڪيترائي سياح موجود هئا، ڇو ته اُتي ئي لِزِبَن شهر جي بيچ آهي. پورچوگال مغربي يورپ جي مُلڪن ۾ غريب ملڪ آهي. هتي جي شهرن ۽ شهرين کي ڏسڻ کان پوءِ ملڪ ۾ غربت محسوس ٿئي ٿي. هڪ دفعو پورچو گيزن، ٺٽي شهر تي حملو ڪيو، سڄي شهر کي ڦري لُٽي ڀينگ ڪري ۽ سڄو شهر ساڙي چٽ ڪري ويا. هندستان جي هڪڙي رياست گُوا به هنن جي ڪالوني هئي، جنهن تي هندستان، آزاديءَ کان گهڻو عرصو پوءِ زوريءَ قبضو ڪيو، جينئن انهيءَ حيدرآباد دکن ۽ ڪشمير تي به زوريءَ قبضو ڪيو، يورپ ۾ اسپين ۽ پورچوگال جون قومون، ظالم قومن طور مشهور آهن، جڏهن يورپي قومن آمريڪا کنڊ لڌو،چون ٿا ته اصلي آمريڪي ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو قتل عام اسپين جي ماڻهن ڪيو، جيڪو اٺن لکن کان به وڌيڪ هو. اسان بيچ تي ويهي، ٿوري دير آرام ڪري، پوءِ شهر جو هڪڙو مُک چوڪ ڏسڻ وياسين. اتي ڪافي رش هئي. انهيءَ چوڪ واري سڄي علائقي ۾ ڪيتريون ئي سپرمارڪيٽون ۽ هوٽلون هيون. هت اسان به ڪجهه کاڌو پيتو. انهيءَ پڄاڻان اسان پورچو گال جو Sao Jorge Castle سائو جارج ڪَيسِل ڏسڻ وياسين. هت مسلمان سياح اسپين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ هئا. سنڌ ۾ جيڪي قلعا مون ڏٺا آهن، حيدرآباد جو پڪو قلعو، جيڪو ڪلهوڙن ٺهرايو هو، رني ڪوٽ جو قلعو ۽ خيرپور جو قلعو، اهي سڀ قلعا گهڻو ڪري جبل ۽ زمين جي سطح کان گهڻو ڪري ڪافي اوچائيءَ تي ٺهيل آهن. هت يورپ ۾ به ڪافي قلعا، جيڪي مون ڏٺا آهن، خاص ڪري اسپين ۽ پورچوگال ۾، جيڪي به مسلمانن ٺهرايا ۽ هي قلعو پڻ مسلمانن ٺهرايو هو، اهي سڀ جا سڀ قلعا ملڪ جي تمام مٿاهين ۽ وڏين اوچين ٽڪرين تي ٺهيل هئا ۽ گهڻو ڪري سمنڊ يا ڪنهن نديءَ جي ڪپ تي ٺهيل هئا. هِت هر ٽوئرسٽ اسپاٽ تي فرسٽ ڪلاس هوٽل، باٿ روم ۽ ٻاهر وري وڏي ڪار پارڪنگ ضرور ٺهيل هئي. قلعي اندر داخل جنهن هنڌ وٽان ٿيا هئاسين، انهيءَ هنڌ وٽان ٻاهر ڪونه نڪتاسين، پر ٻئي هنڌ وٽان قلعي مان ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ايندڙن ۽ ويندڙن ۾ ٽڪراءَ نه ٿئي ۽ رش به نه ٿئي. قلعي جي داخلا واري رستي کي تير جي نشان ۽ زمين سان اهڙي سهڻي طريقي سان ٺاهين، جو اندر داخل ٿيڻ واري ڪنهن به ماڻهوءَ کي، ڪابه مُنجهه سُنجهه نه ٿئي ۽ اندر داخل ٿي هلندو ڏسندو وڃي ٻئي ڇيڙهي تي پهچي، ٻاهر نڪري هليو وڃي. هت هر تاريخي آثار کي ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ ٿي وٺڻي پئي. هي قلعو سمنڊ جي ڪپ کان ٿورو پري هو، پر مٿان کان سمنڊ سڄو ڏسڻ ۾ پئي آيو، تنهن ڪري هيٺ وارو نظارو ڏاڍو سهڻو ٿي لڳو. هت مٿي وڏين وڏين چاڙهين تي چڙهڻو ٿي پيو، پر مون کي ساه يا چيسٽ پين يا ٻي ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. اسان هت مٿاهين هنڌ ويهي، ڪافي دير تائين سمنڊ جو نظارو پئي ڏٺو. سمنڊ ۾ ڪيتريون ئي ٻيڙيون سياحن کي سير ڪرائي رهيون هيون. ڪنهن زماني ۾ پاڪستان به سياحت جو وڏو مرڪز هوندو هو ۽ پنهنجي ڪراچيءَ واري ايئرپورٽ ۽ پاڪستان جي ايئرلائين جو به دنيا جي ايئرلائينن ۾ وڏو مقام هو. جپان جي جڳ مشهور ايئرلائين ”جال“ يعني جپان ايئرلائينز جا پائلٽ ۽ هوائي سروس جو ٻيو اسٽاف ڪراچيءَ ۾ ٽريننگ حاصل ڪندو هو ۽ پوءِ وڃي پنهنجي ايئرلائين هلائيندو هو. اهڙيءَ طرح سان دبئي جي ايميريٽسِ ايئر لائينز 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پي آءِ اي کان هڪ هوائي جهاز ڪِرائي تي وٺي، پنهنجي ايئرلائين سروس شروع ڪئي ۽ اڄ ايميريٽس ايئرلائينز دنيا جي ٽاپ ايئرلائينز ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. پر اسان وٽ هاڻ گهڻو ڪري ٻن ٽن هوائي جهازن کان سواءِ باقي سڀ هوائي جهاز، سري لنڪا کان مسواڙ تي ورتل هوائي جهاز آهن. پي آءِ اي اڳي سڄي دنيا ۾ هلندي هئي، پر هاڻ اها دنيا جي چند شهرن تائين محدود ٿي وئي آهي. سن 1947ع ڌاري رُپيو، پائونڊ ۽ ڊالر جو ملهه تقريباََ برابر هو، پر اڄ ڊالر هڪ سؤ ست رپيا ۽ پائونڊ هڪ سؤ ٻاونجهاھه رُپيا ٿي ويو آهي. ڪِٿان کان ڪِٿ وڃي ڳالهه پهتي! اسان لِزِبَن ۾ شام جو هڪ انڊيئن مسلمان جي هوٽل تي ماني کائڻ وياسين. پورچوگال جي ماڻهن کي ٿوري گهڻي انگريزي ڳالهائڻ اچي، پر يورپ جي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي انگريزي بلڪل ڪانه اچي. اسان رات لِزِبَن ۾ گذاري صبح سوير هوٽل جو بل ڏئي واپس روانا ٿياسين. رستي ۾ هڪ شهر الغرب ۾ ٻنپهرن جي ماني کاڌي، جيڪو هڪڙو لاجواب شهر هو ۽ اسپين جي بارڊر جي بلڪل ويجهو هو. هي شهر الغرب جنهن کي هاڻ الغرو سڏيندا آهن. هت ٿوري گهڻي ڦير گهير سان عربي نالن سان اڄ به ڪيترائي شهر موجود آهن. انگلينڊ، آئيرلينڊ، جرمني ۽ نيدرلينڊس جا سياح، هت گهڻي تعداد ۾ گُهمڻ اچن انهن ملڪن جي ماڻهن، هت موڪلون گذارڻ لاءِ پنهنجا گهر به خريد ڪري ڇڏيا آهن، جتي فيملين سان گڏ اچي رهن. هن علائقي ۾ موجود شهر Faro فارو، سياحت جو خاص مرڪز آهي، واپسيءَ دوران پهرين پورچو گال جي موٽر وي تي ۽ پوءِ اسپين جي موٽر وي تي گاڏي هلائيندا اسين سيولا شهر پهتاسين. پورچو گال جي موٽر وي ۽ اسپين جي موٽر وي جو وڏو فرق هو. اسپين جا روڊ پورچو گال وارن روڊن کان وڌيڪ سٺا هئا. اسپين جي رستن جي وچ ۾ ۽ رستن جي ٻنهي طرفن تي گل گلزاري لڳي پئي هئي. اسپين ۾ جبل به پورچو گال جي جبلن جي مقابلي ۾ سڀ سرسبز ۽ آباد هئا. زيتون جا گهاٽا ساوا وڻ رستن تي عام جام پوکيل هئا ۽ رستن تي ڪيتريون ئي لاجواب هوٽلون، جن تي گهما گهمي ۽ سياحن جي رش لڳي پئي هئي. پورچو گال جي بارڊر کان Savilla سيولا شهر تائين ڪلاڪ سوا جو رستو مس هوندو، پر جيئن ئي اسپين جو ملڪ شروع ٿيو. تينئن وڏين ۽ نئين گاڏين جي رش به وڌي وئي. اسان سيولا جي انهيءَ ئي ساڳي هوٽل ۾ رهياسين، جنهن ۾ اڳ رهيل هئاسين. اسان کي ڪار ۾ لڳل گوگل ڪمپنيءَ جي انهيءَ پُرزي اچي هوٽل اڳيان پهچايو، هت هوٽل تي سامان ماڻهو پاڻ ئي کڻي ڪمري تي پهچائيندو ۽ واپس ڪمري مان سامان ماڻهو پاڻ ئي کڻي اچي ٻاهر رکندو ۽ ڪار ۾ رکندو چاءِ به ڪِچِنِ مان خود کڻي اچبي. هن هوٽل ۽ ان ۾ فرينچر شينگلر ۽ رنگ روپ، تنهن جو جواب ڪونهي دنيا جي وڏن شهرن ۾ پهريائين هوٽلن جي هڪ ڊبل بيڊ ڪمري ۾ قيمتي ۽ لاجواب فرينچر رکيل هوندو هو. انهيءَ ڪمري ۾ ٽي وي ۽ فِرج به رکيل هوندو هو. پوءِ به ڪمرا ۽ هاڻ ته وڏين هوٽلن ۾ ٽي گڏيل ڪمرا به ٿين. پهريون ڪمرو آفيس نما، جنهن ۾ ڊائننگ ٽيبل، صوفه سيٽ، آفيس ٽيبل، جنهن تي ڪمپيوٽر ۽ آفيس جو هر سامان رکيل ۽ ڪنڊ ۾ هڪ ننڍو بيڊ به پيل هوندو آهي ان کان پوءِ وارو، ٻن وڏن بيڊس وارو ڪمرو هوندو آهي. انهيءَ کان پوءِ ٽيو ڪمرو ٻارن لاءِ مخصوص، جنهن ۾ ٻارن لاءِ گهربل ننڍا بيڊ پيل هوندا آهن. گڏيل ٽنهي ڪمرن ۾ ٽي وي ۽ فِرج، جنهن ۾ هر شئي دستياب، پر هر شئي روڪڙن پيسن تي کڻي استعمال ڪبي. انهن ڪمرن جي مسواڙ، حيدرآباد جي انڊس هوٽل جي سنگل ڪمري جي مسواڙ کان به گهٽ آهي. هونئن به مون ڏٺو ته لنڊن ۾ به پراپرٽي ۽ گوشت کان سواءِ، مڊل ڪلاس جي ماڻهو جي ضرورت واري هر شئي، ڪراچيءَ کان لنڊن ۾ وڌيڪ سستي هئي. هت حڪومت عام استعمال جي هر شئي تي ڪنٽرول رکي ٿي، ته جيئن عام ماڻهو جي پهچ کان وڌيڪ مهنگي نه ٿئي يورپ ۾ اها حڪومت ماڻهن کي وڌيڪ پسند آهي، جيڪا عام ضروري شين کي ماڻهن لاءِ سستو ۽ وافر مقدار ۾ مُهيا ڪري تنهن ڪري حڪومت به انهيءَ عمل ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪري. اسپين ۽ پورچوگال جي هن گڏيل خِطي تي يونانين پهرين ”آئبيريا“ نالو رکيو. پوءِ رومين هن علائقي تي ”هِسپانيه“ نالو رکيو ۽ پوءِ عربن جڏهن هي ٻئي ملڪ ۽ فرانس جو ڪجهه علائقو فتح ڪيو ته انهن سندن فتح ڪيل هن سموري يورپي سرزمين کي ”اندلس، جو نالو ڏنو.