سفرناما

اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

عبدالحئي پليجي صاحب ھن سفرنامي ۾ اسپين جي شهرن، گھٽين، گسن ۽ ماڻهن جو انتهائي گهري مشاهدي جو ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامون اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رڳو زور بياني ۽ ٻولي جي حسن تي ٻڌل ناهي بلڪه اسپين، لنڊن ۽ هندستان جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گهِري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامون آهي. پليجي صاحب کي پنهنجي سفر دوران جيڪي به شيون نظر آيون آهن شهر رستا، ماڻهو ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انهن سمورن شهرن ۽ تاريخي تهذيبي نشانن جا نه رڳو پير کنيا آهن بلڪه انهن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.
Title Cover of book اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ

6

ڪورٽ آف مِرٽِلسِ ۾ تخت رکيل هوندو هو. هيءَ هال محل جي وچ وارين ديوارين مان ٻاهر نڪتل هو، ان جي ٽن طرفن کان مڪمل منظر ڏسڻ ۾ ايندو هو، تنهن ڪري اهو هڪ متصل مُناري جو ڪم ڏيندو هو، جتان محل جا رهواسي محل توڙي ٻاهر وارو چوڌاري منظر ڏسي سگهندا هئا. هن هال جي ديوارن ۾ چئين فوٽن جي اوچائيءَ تائين ٽائيل چوڪا لڳل آهن، انهن جي وٿين ۾ چوڪن جِا رَنگَ تبديل ٿيل آهن چوڪن تي بيضِوِي شڪل تمغن جهڙي ڊزائين جون سلسليوار قطارون نقش ٿيل آهن. انهن تمغن جهڙين ڊزائينن تي گلن ۽ پنن جي امتزاج ۾ خطاطي نهايت خوبصورت انداز سان اُڪريل آهي. هن هال جي ٽنهي طرفن کان ڪل نَوَ دريون ٺهيل آهن، هر پاسي تي ٽي دريون آهن. هن هال جي ڇت سفيد، سونهري ۽ نيري رنگ جي دائرن، تاجن ۽ ستارن جي جڙاء سان بيحد سهڻي سينگاريل آهي، هال جي ديوران تي اسٽيوڪو پلستر تي مختلف نقش نگار اڪريل آهن، جن جي وچ ۾ قديم زماني واريون تلوارون ۽ ڍالون پڻ نقش ٿيل آهن، ڪورٽ آف دي لائِيَنسِ هڪ چوڪندو مستطيل صحن يا آڳنڌ آهي، سو 66 فوٽ ڊگهو ۽ 16 فوٽ ويڪرو اڱڻ آهي، هن جي چوڌاري سَنگِمَرمَر جي 124 سفيد ٿنڀن تي ٺهيل هڪ ٿوري اوچائي واري گيلري اڏيل آهي. انهيءَ اڱڻ جي سڀني پاسن کان دنگ وٽ هڪ وڏو شاميانو نصب ٿيل آهي. جنهن جي ديوارن يا قناطن تي زَريءَ ۽ مڪيس جو ڀرت ڀريل آهي ۽ انهن شاميانن جو ڇتيون هلڪيون گنبذ نما آهن. هي صحن يا اڱڻ رنگين ٽائيلن سان فرش ٿيل آهي ۽ ان جون ديوارون زمين جي سطح کان پنج فوٽ اوچائي تائين نيلي ۽ پيلي رنگ جي ٽائيلن سان سنواريل آهن انهن ٽائيلن جي هيٺين ۽ مٿين بارڊر نيلي ۽ سونهري رنگ جي ڪاشيءَ وارن چوڪن سان ٺهيل آهي، ٿَنڀَ جن تي ڇت ۽ گيلري ٺهيل آهي. انهن ۾ ترتيب جي يڪسانيت نٿي ڏسجي، انهن ٿنڀن تي ڪيترن ئي ٻُوٽَن جي پنن جون سهڻيون ڊزائينون ٺهيل آهن، ٿنڀن تي ٺهيل ونگن تي اِسٽيوُڪو پلِستر سان ٺهيل چوڪن تي عربي رسم الخط جي چٽساليءَ واريون نقاشيون ٿيل آهن. ڪورٽ آف لائِيَنسِِ جي وچ ۾ نرم سنگ مَرمَر مان ٺهيل هڪ حوض شينهن جي ٻارهن مجسمن تي اهڙيءَ طرح رکيل آهي، ڄَڻ ته شينهنُ انهيءَ تمام ڳري حوض کي کڻي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ڪنهن دانشور چيو ته اهي شينهن پنهنجي بادشاهيءَ، طاقت ۽ آزاديءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. انهيءَ حوض ۾ پاڻي شِينهَنِ جي واتَنِ مان وهندو پوي ٿو، هر ڪلاڪ ۾ هڪ شِينهَن جي وات مان پاڻي وهندو، حوض ۾ پوندو آهي انهيءَ حوض ۾ ڦوهارو لڳل آهي. هت هر سَياح فوٽو ضرور ڪڍائي ۽ اسان به هت ڪافي فوٽو ڪڍيا ۽ منيٰ ڪئيمرا ۾ مووي به ٺاهي، حوض تي ھڪ شاعر اِبن زَمرَڪ جو ھڪ شعر لکيل آھي.
شعر ۾ ڦوهاري، حَوضَ ۽ شِينهَنِ ۾ ڪاريگريءَ سان تخليق ڪيل سُونهَن جي ساراه ڪيل آهي، شينهن جي طاقت جو بيان آهي. تنهن کان سواءِ هن حوض ۾ پاڻي پهچڻ جو، حيرانگيز طريقي جي پڻ تعريف ٿيل آهي، جنهنکي جِن به جڏهن ڏٺو ته اهي سمورا عجب ۾ پوڻ کان نه بچيا! هال آف اَبينِسَريجِز نالي هڪ مڪمل چورس هال جي ڇت هڪ عاليشان گنبذواري آهي. انهيءَ ڇت کي نيري، ڳاڙهي، سونهري ۽ ناسي رنگ جي نهايت سُنهڻِينِ ڊزائينن سان سجايو ويو آهي. انهيءَ هال وارين درين ۾ ڪاٺ جي جعفري لڳل آهي. ڇت کي سهارو ڏيندڙ ڪالم اهڙيءَ طرح ٻاهر نڪتل آهن، جو انهن تي سهڻيون وَنگُون ٺهيل آهن. هن هال جي مخالف طرف تي ٺهيل هال کي هال آف ٽُو سِسِٽَرِزِ سڏين ٿا. ان هال تي اهو نالو هال جي فرش ۾ لڳل سفيد سنگمرمر جي ٻن صليبن سبب پيو. اهي صليب 15 فوٽ ڊگها ۽ ساڍا ست فوٽ ويڪرا آهن. هن هال جي وچ تي هڪ حوض ٺهيل آهي. هن هال جي ڇت گنبذ واري آهي، جنهن اندر ماکيءَ جي ماناري جي شڪل سان ٺهڪندڙ ننڍڙا ننڍڙا خانا ٺاهي منجهن جڙاءِ ڪيو ويو آهي. انهن خانن جو عدد تقريباََ 5000 کن ڄاڻايو ويو آهي. هيءَ گنبذ واري ڇت برفاني غار جو ڏيکاءَ ڏي ٿي. ان مان جهڙو ڪر گرمي سبب پاڻي ڳَڙِِي رهيو آهي. الحمرا محل سان متصل باغيچي کي جنت العارف سڏيندا هئا. اهو باغيچو چوڏهين عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ پوکيو ويو هو. تنهن کي ڪيترائي ڀيرا سڪڻ کان بچائي رکيو ويو آهي، انهيءَ سان متصل هڪ ٻيو تفريح گاه به ٺهيل آهي، تنهن کي هاڻي اسپين وارا شهيدن وارو تفريح گاه سڏيندا آهن.
محل سان وابسته هن ايراضي ۾ تهه خانا به ٺهيل آهن. هاڻي انهن کي وَرمِيلِيئَن ٽاورس ٿا سڏين. انهن ۾ پاڻي جا وڏا حوض، 200 کن فوجين جي رهائشگاه ۽ گهوڙن جو طبيلو ٺهيل هو. ھِنَ ايراضيءَ ۾ 1829ع ۽ 1957ع ۾ ٿيندڙ کوٽائي دؤران رومي قبضي دوران ٺهيل قبا دريافت ٿيا هئا. الحمرا محل جي خصوصي اڏاوت جي سلسلي ۾ ايوان عدل به آهي، ته انهيءَ ۾ راڻيءَ جي لباس وارو ڪمرو به ڳڻجي ٿو. هنن ٻنهي ڪمرن جي تعمير توڙي سجاوٽ ساڳئي نموني جي ٿيل آهي.
الحمرا محل جي مٿيئن طبقي يا ماڙ تي ڪيترائي سمهڻ جا ڪمرا ۽ غسلخانا ٺهيل آهن. تنهن کان سواءِ انهيءَ طبقي تي اونهاري جي مند ۾ ڪم دوران گرميءَ کان بَچَڻَ واسطي ڪمرا پڻ ٺهيل آهن. هن ئي طبقي تي ڳُجهي ۽ ذاتي گفتگو ۽ خُلاصي ڪچهريءَ لاءِ گيلري ۽ اهڙي جاءِ جتان ويهه واٽون نڪرن ۽ اُتان نڪرڻ ۾ سخت ڏکائي ۽ حيراني ۽ پريشاني ٿئي، اهڙي ڪاريگريءَ جي اڏاوت به ٿيل آهي. محل جي هن ماڙَيءَ تي ڪجهه تربتون به آهن جن تي ڇٽيون يا گول گنبذ ٺهيل آهن. هن محل ۾ خالي جڳهين ۽ هنڌن تي رکيل تمام وڏيون ڪونڊيون چوڏهين ۽ پندرهين عيسوي صديءَ جون ٺهيل هيون. انهن مان هڪڙي ڪونڊي اڃا تائين محل ۾ موجود آهي. اها سوا چار فوٽ اوچي آهي ان تي سفيد، نيري ۽ سونهري رنگ سان چٽسالي ڪيل آهي. الحمرا محل ۾ ٿيل فرش بندي ۾ ڪم آئيل ٽائيلن ۾ علم رياضيءَ مطابق اٽڪل سترهن قسمن جي مختلف ڊزائينن کي مڪمل طور استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دنيا جي ڪنهن به محل محلات ۾ سجاوٽ ۽ آرائش جا اُهي سمورا قسم ڪم ۾ آندل ڪونه آهن. سن 1921ع ۾ ٺهيل فلم ايل ڊوراڊو ۾ الحمرا جي گهڻي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. تڏهن اهو پهريون موقعو هو ته ڪنهن فلم سازَ کي الحمرا ۾ فلم جي شوٽنگ جي اجازت ملي. فلم ۾ محل جي چشمن، حوضن تلائڻ ۽ ڦوهارن وارن باغ باغيچن ۽ تعميرات ۾ ڪم آندل جاميٽريڪل ڊِزائبِنِن، چٽسالي ۽ گلڪاريءَ کي نمايان ڪيو ويو آهي. الحمرا بابت ڪجهه ٻيون به فلمون ٺهيل آهن. چون ٿا ته علم الفلڪيات موجب ستارن جي هڪ ميڙَ جو نالو الحمرا آهي.
جڏهن الحمرا جي گهمڻ جو وقت پورو ٿيو ته اسان به پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي هوٽل تي ماني کاڌي. ٿوري آرام بعد واپس شهر جو آخري چڪر لڳائڻ وياسين. رات جو اسان هت هڪڙي ترڪ هوٽل ۾ ماني کاڌي، جنهن مان ڪجهه پاڪستاني کاڌي جو سواد آيو، نه ته هتي گهڻو ڪري انگريزي ۽ اسپيني کاڌا ۽ ميڪ ڊولنڊ، ڪي ايف سي ۽ ڪنگس برگر هوٽلن جا کاڌا کائي کائي صفا انگريز ٿي ويا هئاسين. اسپين ۾ گهڻي ۾ گهڻيون آمريڪن هوٽلون ڪِنگس برگر وارن جون آهن. ترڪ هوٽل تي اسان دال جو سُوپ جيڪو منيٰ کي استنبول ۾ ڏاڍو وڻيو هو، چانور، ڪباب ۽ سلاد کاڌو ته ذائقو ڪجهه بدليو. اها هوٽل ته تُرڪن جي هئي، پر سندس هلائيندڙ هڪڙو پنجابي هو ۽ ساڻس گڏ ٻيو همراه به پاڪستاني ٿي لڳو. هوٽل جو ٻيو همراه به پاڪستاني ٿي لڳو. هوٽل جو ٻيو سڀ اسٽاف اِسپيني هو. هوٽل اندر سامهون ڀِتِ تي قائد اعظم جو مقبرو، مينار پاڪستان ۽ خيبر جو قلعو پينٽنگ سان ٺهيل هئا. مون اسپين ۾ ڏٺو ته جن پنجابين هت پهرين پاڪستاني هوٽلون هلايون، سي هاڻ اُت ترڪي هوٽلون پيا هلائين شايد دنيا جا سيلاني ماڻهو ترڪيءَ جي کاڌن کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا. شايد ترڪ هوٽلن ۾ ڪمائي وڌيڪ آهي. پنجابي هوٽل واري اسان کان مانيءَ جي بل ۾ هڪ پائونڊ گهٽ ورتو ۽ ڪوڪا ڪولا جي هڪ وڏي بوتل پيئڻ لاءِ مفت ۾ ڏني. اسان کان حال احوال به ورتئين ٻُڌائين ته اسپين ۾ پاڪستاني سياح ته صفا اچن ئي ڪونه، مهينن بلڪه سالن پڄاڻا ڪو هڪ اڌ پاڪستاني سياح قسمت سانگي اچيو نڪري، نه ته خير! اسين پنهنجي هوٽل تي پهچي، سڄي ڏينهن ۾ هل هلان سبب ٿڪجڻ ڪري بسترن تي ليٽڻ شرط سمهي رهياسين. صبح سوير تيار ٿي، ناشتو ڪري ڦرطبه ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسان غرناطه جي سر سبز وادين مان، موٽر وي تان پئي وياسين. توهان کي ڪجهه غرناطه جي باري ۾ به بيان ڪندو هلان اسپين جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ موجود هڪ صوبي ۽ انهيءَ صوبي جي گاديءَ واري شهر جو نالو ”غرناطه“ آهي، تنهن شهر کي اسپيني ٻوليءَ ۾ ”گِريناڊا“ سڏيندا آهن. ڪِٿي ڪِٿي انهيءَ شهر کي ”اغرناطه“ ۽ پراڻين لِکڻين ۾ ”ڪرناطه“ به لکيو ويو آهي. شهر جي نالي جي اصليت بابت مختلف روايتون بيان ٿيل آهن. هڪڙي روايت هيءَ آهي ته غرناطه عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ٻن لفظن، ”غار“ ۽ ”ناطه“ جو مرڪب آهي، تنهن جي معنيٰ ”جبل جو غار“ آهي. ٻيو بَيان هي آهي ته انهيءَ ماڳ جو نالو روماني ٻولي جي لفظ ”گِراناتُو م“ Granatum مان ٺهيو آهي. جنهن جي معنيٰ ”ڏاڙهون“ آهي، وقت گذرڻ سان گڏ اهو لفظ پنهنجي صورت بدلائيندو، گرانا تُوم مان ”ڪرانا طه پوءِ“، ”اغرناطه“ ۽ آخر ۾ ” غرناطه“ جي صورت اختيار ڪئي. نالي جي لفظ بابت مٿيان اسباب ته يقيني ڪونه آهن، پر هيءَ ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته غرناطه نالي موجوده شهر جي اولهه طرف هڪڙو پراڻو ڳوٺ هو، جنهن وٽ ٺهيل هڪ قلعي جو نالو عربن ”حصن الرُمان“ يعني ”ڏاڙهون وارو قلعو“ رکيو هو. ڏاڙهون کي روم جي لاطيني ٻوليءَ ۾ ”گِرانا تُوم“ چوندا آهن، تنهن سبب ڪيترن ئي عالمن جو رايو آهي ته غرناطه شهر جي ويجهو، جنهن ماڳ تي عربن ”حصن الرومان“ نالو رکيو هو، انهيءَ جو لاطيني ٻولي وارو اصل نالو ”گِرانا تُوم“ يا ”گراناتا“ هوندو، جيڪو تبديل ٿي ”غرناطه“ سڏجڻ لڳو. جڏهن ته اها ڳالهه ثابت ٿيل ڪانهي، ته انهيءَ ماڳ جو ڪو اهو لاطيني نالو اڳئي مقرر ڪيل هو. البت جتي پوءِ غرناطه شهر قائم ٿيو، اِنهيءَ ماڳ جي تمام ويجهو ”اِلِي بيرِي“ نالي هڪڙو رومي دؤر حڪومت ۾ قائم شهر موجود هو. انهيءَ دؤر ۾ انهيءَ سموري علائقي کي ”البيره“ سڏيندا هئا. انهيءَ علائقي ۾ بعد ۾ قائم ٿيندڙ مکيه شهر کي غرناطه نالو ڏنو ويو، غرناطه شهر کي عروج حاصل ٿيڻ کان اڳ، عربن جي دؤر ۾ انهيءَ البيره نالي سموري علائقي جي گاديءَ واري شهر جو نالو ”قَسطِيلِيَهﮣ“ هو، تنهن شهر کي ”مدينة البيره“ به سڏيندا هئا. ”نفح الطيب، نالي عربن جي مشهور تاريخي ڪتاب ۾ غرناطه شهر بابت احوال جو اختصار هيٺين ريت آهي. (اسپين) اندلس جو هڪ مشهور شهر غرناطه به آهي. ڪن ليکڪن انهيءَ جو صحيح نالو ”اغرناطه“ لکيو آهي. عيسائين جي ٻولي عبراني ۾ ان جي معنيٰ ”ڏاڙهون“ آهي. هن شهر جي عظمت ۽ شهرت لاءِ فقط هيءَ ڳالهه ئي ڪافي آهي ته وزير لِسان الدين بن الخطيب هن شهر ۾ ڄائو هو. اسلامي دؤر حڪومت ۾ اسپين جي هڪڙي شاعر جي هيٺ ڏنل شعر ۾ غرناطه شهر جي تعريف نهايت متاثر ڪُن انداز ۾ ڪيل آهي.
غرناطه الحافظير، مامصر ما الشام ما العراق، ماحوالا العروس تجلي وال مُلڪ من جملة الصداق.
ترجمو: غرناطه شهر جو دنيا ۾ ڪوبه شهر برابر ڪونهي، نه مصر، نه شام نه ئي عراق جا شهر انهيءَ سان مقابلو ڪري سگهن ٿا. انهيءَ شهر غرناطه جو مثال هڪ اهڙي سهڻي ڪنوار جو آهي، جو مٿي ڄاڻائيل سمورا مُلڪَ، انهيءَ ڪنوار کي ملندڙ مهر جي ڪل مُوڙِِيءَ جو هڪ قليل حصو مس ٿيندا! وزير لَسان الدين پنهنجي هڪ نظم ۾ غرناطه شهر جي تعريف ڪئي، تنهن جي معنيٰ آهي: مصر جو ملڪ پنهنجي نيل درياه تي ڀلا ڪهڙو ته فخر ڪري سگهي ٿو؟ ڇو ته (انهيءَ جي ڀيٽ ۾) غرناطه شهرجو شُنِيل درياه، پاڻ ۾ ته هڪ هزار نيل درياه سمائي وهي پيو. وزير لِسان الدين جي شعر ۾ نهايت عجيب تخيل سمائيل آهي، علم الجفره موجب ش حَرَفَ جو عددي انگ هڪ هزار (1000) آهي، تنهن ڪري شاعر شُنيل لفظ کي هڪ هزار نيل درياهن واري تَمثِيلَ طور ڪم آندو آهي، حقيقت ۾ غرناطه شهر وٽان فقط شنيل درياه وهندڙ ڪونهي. ابن مالڪ الرعيني لکيو آهي ته غرناطه شهر جو هڪ ٻيو درياه به آهي، جنهن کي ”حدرو“ يا ”حداره“ سڏيندا آهن. انهن وڏن درياهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون نديون ۽ نارا آهن، جيڪي شهر جي مختلف ڀاڱن ۽ پاسن وٽان وهن پيا. انهن واهُڙن تي آمد رفت خاطر ڪيتريون ئي پُليون اڏيل آهن، مراڪش جو مشهور زمانه عرب سياح، مُحمد ابن بطوطه، پنهنجي عالمي سفر جي واپسيءَ دؤران، غرناطه شهر ۾ رهڻ وقت لکيو، ته غرناطه شهر هن وقت اندلس (اِسپين) مُلڪ جي گاديءَ وارو شهر آهي ۽ مُلڪ جي سڀني شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪُنوار جي حيثيت جو حامل حسين شهر آهي، سندس پکيڙ چاليهه ميل آهي، مشهور درياه شونيل غرناطه سان لڳ وهندڙ آهي، تنهن کان سواءِ ٻيون به ڪافي تعداد ۾ ننڍيون نديون، نارا ۽ واهُڙَ شهر مَنجهان، توڙي ڀرسان ئي دائمي طور وهندڙ آهن، جنهن سبب سڄي شهر توڙي ان جي چوڌاريءَ ۽ آس پاس ۾ وڏا وڏا ۽ عاليشان باغ ۽ بهترين باغِيچا هَرَ ڪُنڊَ ڪُڙڇَ ۾ موجود آهن. هن شهر جي حسين واديءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ خوش فضا ماڳ تي، بي حد ٿڌي پاڻيءَ وارو هڪڙو صاف ۽ شفاف قدرتي چشمو موجود آهي، جنهن جي پاڻيءَ جي وافر مقدار طفيل، انهيءَ چشمي جي چوڌاريءَ بهترين باغ باغيچا ۽ سَبزَه زار پکڙيل آهن. انهيءَ حسين ماڳ جو نالو عَين الاومع يا عَين الادمع سڏجي ٿو. سمورا لکيڪ اِنهيءَ ڳالهه تي مُـتَـفِـق آهن، ته غرناطه شهر کي ”شام، نالي سان به سڏيندا هئا، پر غرناطه کي ”شام“ نالي سان ڇو سڏيندا هئا، انهيءَ نُڪتي بابت منجهن اختلاف آهي. ڪِن ليکڪن جو خيال آهي ته جڏهن مسلمانن اسپين مُلڪ فتح ڪيو، ته شام صوبي جي گاديءَ واري شهر دُمشق جا باشندا، وڏي انگ ۾ اچي غرناطه شهر ۾ رهڻ لڳا، انهيءَ سبب ڪي ماڻهو غرناطه شهر کي ”شام“ ۽ ”دمشق“ پڻ ڪوٺيندا هئا. جڏهن ته گهڻن ليکڪن جي خيال ۾ دمشق شهر توڙي غرناطه شهر سٺين عمارتن، محل محلاتن، باغن باغيچن، ندين ۽ نهرن، رستن ۽ پُلِين، نظم و ضبط، واپار توڙي ٻئي ڪار وَھِنوار جي لحاظ کان، هڪٻئي سان تمام گهڻي هڪجهڙائيءَ جا حامل شهر هئا. ”منهاج الفڪر“ نالي ڪتاب جو مصنف پڻ انهيءَ راءِ سان مُتفق آهي. اِبن مالڪ الرعيني لکي ٿو ته دمشق جي لشڪر کي البيره واري ماڳ مڪان وٽ انهيءَ خيال کان رهايو ويو هو، ڇو ته البيره ۽ غرناطه وارو سمورو علائقو، دمشق ۽ ان جي آس پاس واري علائقي وانگر ئي بيحد سرسبز ۽ گل وَ گلزار لڳو پيو هو، تقريباََ مڙني تاريخدانن البيره شهر کي غرناطه شهر کي ويجهو ۽ غرناطه شهر کان وڌيڪ جهونو شهر ڄاڻايو آهي. جڏهن الضهاجي، يعني حَبُوس بن ماڪس، بِن زيري، سردار ضهاجه، جنهن 1009ع کان 1036ع، مطابق 400 هجريءَ کان 428 هِجريءَ تائين حڪومت ڪئي، تنهن غرناطه شهر جو بنياد وڌو، اڏاوت ڪرائي شهر جي چوڌاريءَ عاليشان ڪوٽ اڏايو ۽ ان کي آباد ڪيو. تنهن کان پوءِ شھر البيره جا رھواسي اچي ھن عاليشان شهر ۾ رهڻ لڳا، سردار الضهاجي جي پُٽَ باويس غرناطه شهر ۾ ڪئِين محل محلاتون ۽ ٻيون عاليشان عمارتون اڏايون ۽ بنو زيرِي گهراڻي جي حاڪمن جي ڪوشش سان، غرناطه شهر بتدريج دنيا ۾ وڏي شان ۽ شوڪت جو حامل شهر ٿي پيو، جيڪو اسپين جي مسلمانن لاءِ اقتدار توڙي اقتصادي طور خوش حاليءَ جو مرڪز ٿي پيو. اسلامي رياست جي لشڪر جي مکيه ڇانوڻي پڻ هتي ئي قائم هئي اسپين ۾ عرب اقتدار جي زوال دوران، اسپين جي جن شهرن تي سندن اصل عيسائي باشندن جو سياسي اقتدار بحال ٿيندو ويو، انهن شهرن ۾ رهندڙ ۽ اقتدار تان دست بردار ٿيندڙ عرب مسلمانن، اتان ڀڄي اچي غرناطه ۾ پناه ورتو، غرناطه کان ڏکڻ اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي شلير نالي جَبَلن جي قطار آهي. انهن جبلن جون چوٽيون ٻارھن ئي مهينا برف سان ڍڪيل رهنديون آهن. ابن مالڪ الرعيني لکي ٿو ته انهن جبلن تي ڄَميلَ برف پٿر جهڙيِ سخت ٿي ويندي آهي. انهيءَ برف پوش جابلو علائقي ۾ هڪڙي جفاڪش ۽ دلير قوم رهندي آهي. انهيءَ برفاني پهاڙي واديءَ ۾ پڻ هندستاني پهاڙي وادين ۾ پيدا ٿيندڙ جڙي ۽ پاسارِڪِين ٻوٽين سان تمام گهڻي مشابهت رکندڙ گل ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون تمام جهجي مقدار ۾ پيدا ٿين ٿيون، پر انهن ٻوٽين، ولين ۽ گُلن ۾ اوتري خاصيت ۽ خوشبوءَ ڪانهي، علامه الشقندي پنهنجي ڪتاب ”رساله“ ۾ لکيو آهي ته هي اهو ماڳ آهي، جيڪو اکين جو سير گاه آهي، جنهن ڏانهن دل ۽ خيال سدائين متوجهه رهن ٿا. غرناطه اندلس (اسپين) جو دمشق آهي. شهر جو هڪڙو ڀاڱو، جنهن منجهان درياه وهي پيو، اتي نهايت اوچيون ۽ عالي شان محل ماڙيون ۽ سنهڻيون عمارتون اڏيل آهن. غرناطه شهر اندر توڙي ٻاهر حمامن توڙي پوکيل سوين باغن ۽ باغيچن توڙي زرعي زمينن کي هوائي پن چڪين ۽ درياهه مان کوٽي تيار ڪيل نالين ۽ چينلن وسيلي سيراب ڪجي ٿو. الله تعاليٰ غرناطه شھر کي هڪ بلند ماڳ تي تعمير ٿيڻ جي عِزت بخشي آهي، جتان شهر توڙي ان جي سموري پسگردائيءَ واري علائقي تي خير ۽ خوبيءَ سان مڪمل چوڪسي ڪري سگهجي ٿي هتي درياهن، ندين نارن، واهڙن توڙي چشمن جو پاڻي باغن، باغيچن، سرسبز کيتن ۽ ميدانن ۾ سدائين چمڪندو پيو وهي ۽ شهر واري سڄي خوش فضا واديءَ ۾ سرهاڻ سان ٽُمٽارِ هيرون، سدائين پيون آزاد گُهلَنِ، غرناطه جي سرسبز باغن باغيچن ۽ جتي ڪٿي سَروَ جي ڊگهن وڻن جي جُهنڊن ۽ هُڙين جو اهڙو ته خوبصورت منظر آهي، جنهن کي ڏسڻ شرط اکيون ۽ دل انهيءَ قدرتي حُسن جي تعريف ۾ مصروف ٿيو وڃن. انسان جو روح انهيءَ نظاري جي سونهن تي فدا ٿيو پوي. هتي جي زمين اهڙي ته زرحيز آهي، جتي انسان ذات کي گهربل هرجِنسَ ۽ پوک پيدا ٿئي ٿي. علم ۽ ادب جي لحاظ کان ڪوبه وقت اهڙو ڪونه گذريو آهي، جنهن دوران غرناطه جو شهر اشراف ماڻهن، عالمن ۽ اديبن ۽ شاعرن کان وانجهيل رهيو هجي. هن شهر کي اها خصوصيت به حاصل رهي آهي، ته هن شهر ۾ علم و فضل، ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪمال جا حامل شاعر ۽ اديب موجود هئا، پر غرناطه ۾ قادر ڪلام شاعري ڪندڙ عظيم اديبائون، عالمائون ۽ شاعرائون پڻ موجود هيون. مثلاََ نزهون القليه يا القلاعيه، زينب بنت زياد، حفصه الرڪونيه بنت الحجاج ۽ اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي عظيم عورتون، جيڪي دنيا ۾ وڏيون شاعرائون ٿي گذريون آهن، سي هن شهر ۾ ڄائيون علم ادب جي زيورن سان سينگاريون ۽ سَرَشارِ ٿيون. پروفيسر زاءِ بولڊ ”اسلامڪ انسائڪلو پيڊيا“ ۾ لکيو آهي ته اندلس (اسپين) واري اسلامي سلطنت جي پڇاڙيءَ واري دؤر ۾ غرناطه شهر، بني نصر جي سلطنت جي گاديءَ وارو شهر هو. اڄڪلهه شهر جي آدمشماري اَسِي هزار آهي. مسلمانن جي وقت ۾ ٻه لک هئي. هي شهر نهايت عمدگيءَ سان، سمنڊ جي سطح کان 1695 فوٽ اوچائي تي، جبل الشلير جي اتر اولهه واري دامن ۾ تعمير ٿيل آهي. غرناطه شهر جو سرسبز ۽ شاداب علائقو باغه يا بيغه Vega شهر جي اولهه طرف پري پري تائين پکڙيل نظر اچي ٿو. انهيءَ علائقي کي عرب ليکڪن گهڻو ڪري الفحص، اطرج ۽ البطحا ڪري به لکيو آهي. باغه، بيغه يا اسپيني ٻوليءَ ۾ ويگا. Vega ، اهو ئي لفظ آهي، جيڪو عربي زبان ۾ ”بقيع“ آهي. ”البقاع“ شام مُلڪ جي اترئين ڀاڱي جو نالو آهي، جنهن مان درياه ليطاني The Leontes وهندڙ آهي. انهيءَ درياه سان هڪجهڙائي رکندڙ درياه شنيل، غرناطه شهر وٽان پيو وهي. غرناطه شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف شلير جبل جي چوٽي، جنهن جو نالو ”قله علي ابوالحسن“ آهي، اها سمنڊ جي سطح کان 11421 فوٽ اوچي ۽ ٻارهن ئي مهينا برف سان ڍڪيل هوندي آهي. شهر جي ڏکڻ طرف واري حد شنيل درياه وٽ اچي دنگ ٿي ڪري. شنيل درياه شلير جبل مان ڦُٽي نڪري ٿو ۽ تمام تيزيءَ سان وهندو، غرناطه شهر جي ڏاکڻي ڀاڱي مان لنگهندو اڳتي پيو وڃي. اونهاري جي مُند ۾ حداره درياه ۾ تمام گهڻو چاڙه ٿيندو آهي. اهو درياه پڻ شلير جبل جي اتر اوڀر طرف کان نڪري ٿو ۽ غرناطه شهر جي اوڀر طرف وٽان شهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اوڀر کان اولهه طرف هڪ ميل کن وهندو، پوءِ پنهنجو رخ ڏکڻ طرف ڦيرائي، ڪجهه مفاصلو اڳتي هلي، شنيل درياهه سان وڃيو ملي. درياهن جي ميلاپ واري ماڳ کان ڪجهه قدر اوڀر طرف، شنيل درياهه تي هڪڙي پڪي پل ٺهيل آهي. تنهن پل کي عرب ”قنطرة الشنيل“ چوندا هئا. حداره درياه مان شهر جي گهرن، باغن ۽ باغيچن لاءِ گهربل پاڻي تمام گهڻي مقدار ۾ کنيو ويندو هو، تنهن ڪري شهر مان باهر نڪرڻ کان پوءِ شنيل درياه ۾ داخل ٿيڻ وقت حداره درياه ۾ تمام ٿورو پاڻي هوندو هو. غرناطه شهر ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ حداره درياه مان ڪيترائي پڪا واٽر ڪورس يا چينل تيار ڪيا ويا هئا. پاڻيءَ جو وڌيڪ مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ، شهر ۾ درياه جي وهڪري کي ضرورت آهر، ڇاٻ ڏئي گهٽائبو هو، ته ڪڏهن ان جو وهڪرو صفا بند پڻ ڪبو هو ۽ ضرورت پوري ٿيڻ کان پوءِ ڇاٻ هٽائي وهڪرو معمول موجب چالو رکيو ويندو هو.