مهاڳ : ناول جو نئون لهجو
سنڌي ناول ترجمي کان سفر ڪري طبعزاد حيثيت ماڻڻ تائين وڏو سفر ڪيو آهي. ۽ سنڌي سماج جو سڌو سنئون عڪاس بڻجي پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آهي. سنڌي ناول نگاري جي فن کي جيئدان ڏيندڙن ۾ قليچ بيگ، خليق مورياڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، آغا سليم، علي بابا، طارق عالم ابڙو، سراج، ماڻڪ، اسحاق انصاري، اخلاق انصاري، قبول ابڙو، پرويز، سليم چنا، ڊاڪٽر رسول ميمڻ، منير چانڊيو، نور جوڻيجو، مهتاب محبوب ۽ ج.ع.منگهاڻي جا نالا شامل آهن. جن نه صرف فني حوالي سان ناول کي جدت ڏني بلڪه پيشڪش ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ نواڻ آندي. سنڌي ناول نگاري جي تاريخ تي طائرانه نظر ڊوڙائڻ سان اسان کي اطمينان ملي ٿو ۽ اها کوٽ جيڪا ڪجهه سال اڳ تائين ناول نگاريءَ جي دنيا ۾ محسوس پئي ڪئي وئي گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ هاڻي اطمينان جوڳي صورتحال پئدا ٿي آهي ۽ اسان چئي سگهون ٿا ته سنڌي ناول هن وقت سٺي انگ ۾ لکجي رهيو آهي. اڃان به اطمينان جوڳي ڳالهه اها آهي ته ناول پنهنجي پر ۾ مختلف طرز ۽ انداز سان لکجي رهيو آهي، خاص طور تي تاريخي، نفسياتي، سماجي، رومانوي، جمالياتي، مزاحمتي، سياسي ۽ شخصي ناول گهڻا اچي رهيا آهن.
اسانجي دوست هوش محمد ڀٽي جو ناول، ”ڀٽائيءَ جو عشق“ به سنڌي ناول نگاريءَ جي فهرست ۾ اهم جاءِ والارڻ جا ڳڻ رکي ٿو، خاص طور تي هن ناول ۾ نفسياتي، مزاحمتي ۽ رومانوي ٽچ ناول کي الڳ ڪري بيهارڻ لاء ڪافي آهن. ناول اڄوڪي سماج جي مختلف ڪردارن سان جڙيل آهي ۽ ان جي ٽريٽمينٽ جديديت کان جديديت پڄاڻان جو سفر ڪري ٿي. خاص طور تي جڏهن اسان مڃون ٿا ته جديديت پڄاڻان، ڪاميابي واڌو ڪاميابي برابر ڪاميابي جو دؤر آهي ته پوءِ هيءُ ناول اهڙي ڪٿا جو چٽو عڪس آهي. ڪهاڻي جا ڪردار هر فيلڊ ۾ ڪاميابيون چاهين ٿا، عشق ۾ ، پيار ۾، فلرٽ ۾، زندگيءَ ۾ ، رشتن توڙي سماج ۾ هن ناول جا سڀ ڪردار ڪاميابيون چاهين ٿا ۽ ڪاميابيءَ جي ڊوڙ ۾ ڪي ڪردار هاڪاري ۽ ڪي ناڪاري سرگرمين ۾ ملوث ٿين ٿا. ناول جو مکيه ڪردار ڀٽائي هڪ ئي وقت مختلف نفسياتي مامرن مان گذري ٿو.
ناول جا سڀ ڪردار لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا، ۽ سنڌ جي ٻهراڙين سان ڳنڍيل ننڍن توڙي وڏن شهرن سان جڙيل آهن. جيڪي بنيادي طور تي اين جي اوز ڪلچر سان وابسطه آهن. منهنجي خيال ۾ اين جي اوز ڪلچر اسان جي وڏي کيپ کي متاثر ڪيو آهي، ڪن ڏاهن جو خيال آهي ته اين جي او ڪلچر سنڌ جو ‘ڪريم مائينڊ’ کپائي ڇڏيو آهي ته ڪن جو چوڻ آهي ته اين جي او ڪلچر سنڌ جي جاکوڙي ماڻهن کي امداد جي نالي تي نڪمو ۽ ناڪارا بڻائي رهيو آهي ته ڪن جو چوڻ آهي ته اين جي او ڪلچر نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ناول ۾ توڙي جو سڌو سنئون اين جي او ڪلچر کي تنقيد جو نشانو ناهي بڻايو ويو نه ئي وري ليکڪ ان جي تعريف ڪري ٿو پر ليکڪ انتهائي برجستائيءَ سان اين جي او ڪلچر ۾ ٿيندڙ واقعن کي خبرداريءَ سان بيان ڪري ويو آهي ۽ هر معاملي ۾ پاڻ کي غير جانبدار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. منهنجي خيال ۾ اين جي او ڪلچر جي ڇانو ۾ پلجندڙ ڪهاڻيءَ تي لکيل سنڌيءَ جو هيءُ پهريون ناول هوندو ، جنهن ۾ باريڪ بينيءَ سان ‘آفيس انوائرنمينٽ’ کان ويندي اتي جي ‘دوستي ڪلچر’ کي بيان ڪيو آهي.
هن ناول ۾ ڊائلاگ ڏاڍا خوبصورت آهن، ڪي ڊائيلاگ ته ننڍڙا نثري نظم ٿي پيا آهن، جيئن،
“محبت مڪمل نفسياتي معاملو آهي.”
“رميسا جي مک تي محبت جو نيرو رنگ نه پر ڪام جو ڳاڙهو رنگ چڙهي ويو هو.”
رنگ واقعي به علامتون آهن، ۽ شايد 2002ع ۾ عالمي سطح تي مختلف رنگن کي مختلف علامتن جو يونيڪوڊ ٺاهيو ويو هو. جنهن تحت، سائو رنگ، زندگي، نئين جواني، عورت جي آزادي، تناسب، فطرت،، ڳڀ، لالچ ۽ حسد جي علامت مڃيو ويو، ڪارو رنگ، ڏک، موت، شيطان، خوف ۽ پر اسراريت جي علامت مڃيو ويو، سفيد رنگ، پاڪائي، ڪنوارپ ۽ معصوميت جي علامت طور تسليم ڪيو ويو، ڦڪو رنگ، خوشي، راحت، دانش ۽ بيماري جي علامت طور مڃيو ويو، ڳاڙهو رنگ، قرباني، جنگ، خطري ۽ سگهه (ڪام جي سگهه جنهن ڏانهن هن ناول ۾ اشارو ڪيل آهي) جي علامت سمجهيو ويو، نيرو رنگ، ڏک، خوشي، امن، آرام، اعتبار، وفا، ڏاهپ، اعتماد، سچ، جنت ۽ محبت جي علامت تسليم ڪيو ويو. گلابي رنگ، پيار محبت، عورت، عشق، دوستي ۽ قرب جو رنگ مڃيو ويو. نارنگي رنگ، جنسيت، شهوت، وهشت ۽ تصوف جو رنگ تسليم ڪيو ويو. سونهري رنگ، غرور، چونڊ، دوستي ۽ دعا جو رنگ مڃيو ويو پر سونهري رنگ کي ميرانجهڙي ڦڪي/زرد رنگ جي ويجهو هوندي به ان کي الڳ ڪيو ويو. اهڙي ريت ٻيا رنگ ٻين علامتن لاءِ استعمال ٿيندا رهيا ۽ ٿيندا رهن ٿا. هن ناول ۾ ليکڪ جو رنگن کي علامتن طور ڪتب آڻڻ سندس علمي ادراڪ جو ثبوت آهي، جيڪو وڻندڙ لڳي ٿو. ناول جون هي سٽون به ڊائريءَ ۾ لکڻ جهڙيون آهن ته،
“رميسا جو پيار منهنجي لاءِ ائين ٿي ويو آهي، جيئن ڪنهن پياسي کي چئجي ته هو خواب ۾ ئي پاڻي پي پنهنجي اڃ اجهائي ڇڏي.”
“مينهن ڪڻيون جسم جو ٻاهريون حصو ڀڄائينديون آهن ۽ پيار جسم جو اندريون حصو آلو ڪندو آهي.”
“تون هن جي نفسياتي خواهشن جو ضد بڻجي چڪو هئين.”
ناول جي ٻي خوبي اها آهي ته هيءُ ناول احساساتي ناول آهي، جنهن ۾ احساسن کي تمام گهڻو ‘ڊِپِڪٽ’ ڪيو ويو آهي. دوستي، عاشقي، شاعري، زندگي ۽ تشنگي هن ناول جا خاص استعارا آهن. ناول جون هيروئنس (سڦلتا ۽ رُميسا) جتي پاڻ ۾ دوستيءَ جو دم ڀرين ٿيون اتي اهي ٻيئي وقفي وقفي سان ساڳي هيرو (ڀٽائيءَ) کي پسند ڪن ٿيون ۽ ٻئي ڄڻيون هيرو کي پيار جي امرت سان سيراب ڪندي به پياسو ڇڏي هليون ٿيون وڃن، هڪ فلرٽ جي رستي تي ٻي مامتا جي جذبي تحت. هوش محمد ڀٽيءَ ڏاڍي نازڪ بيانيءَ سان پيار، محبت، وصل، وڇوڙا، درد، خوشيون، مجبوريون، اڃ، حسد، لالچ، حوس، شهوانيت، لڄ، حيا ۽ قرب جهڙا جذبا سٽيا ۽ چٽيا آهن. بنيادي طور تي هيءُ ناول آهي ئي احساساتي؛ ڇاڪاڻ ته هن ناول جو هر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن احساس هيٺ اڳتي سفر ڪري ٿو. ڀٽائي پيار، محبت، عشق، مزاحمت، ڪروڌ، ڪاوڙ، ساڙ ۽ قومپرستي جهڙا متزاد ۽ منفرد احساس هڪ ئي وقت گڏ کڻي هلي ٿو ته سڦلتا پڻ پيار، محبت، اڃ، شهوت، شهرت ۽ دولت کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. سڦلتا جو ڪردار گهڻو ناڪاري هوندي به محبوبن واريون سڀ ادائون پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو ۽ گهڻن قدرن جي پاسداري ڪري ٿو. جيئن جڏهن کيس خبر پئجي ٿي ته ڀٽائيءَ کي سندس بيماني جي پروڙ پئجي وئي آهي ته هوءَ کائنس هميشه جي لاءِ موڪلائي هلي ٿي وڃي. سندس اهو فيصلو هن جي خودداري ظاهر ڪري ٿو جيڪو پڻ هڪ خوبصورت احساساتي قدر آهي. سڦلتا جي وڃڻ کانپوءِ رميسا جو ڀٽائيءَ جي ويجهو اچڻ هڪ فطري احساس آهي ۽ ڀٽائي توڙي جو هڪ ‘شاڪ’ مان گذريو هو پر هو رميسا جي ويجهو اچي پنهنجي درد جو جهڙو ڪر ڪٿارسس ڪري ٿو. ان نُڪتي تي پهچي ناول زندگي جي سچي تصوير بڻجي سامهون اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ناول ۾ ڪي وڏيو ڳالهيون ناهن ڪيون ويون بلڪه هن ناول ۾ عام زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي. هيروئن جڏهن هڪ کان وڌيڪ ماڻهن سان پنهنجا لاڳاپا جوڙي ٿي ته هيرو به ڪو وڏين آدرشن جي جنگ نٿو وڙهي بلڪه ‘بريڪ اپ’ کان ٿورڙو ئي پوءِ پنهنجي ڇڏي ويل محبوبه جي ساهيڙيءَ سان دل لڳائي ٿو. جيڪا وري جنهن ٻي هنڌ شادي ٿيڻ ۽ اولاد ٿيڻ کانپوءِ ڀرپور ممتا جو روپ حاصل ڪري ٿي. جو آخر مجبور ٿي ناول جو هيرو ڀٽائي چوي ٿو،
“هڪ عورت ماءُ بڻجي ايڏي پرسڪون ڇو ٿي وڃي ٿي؟ شايد عاشق جي جنسي رشتي کان يا محبت کان اولاد جو رشتو وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. هوءَ مونکي اڦٽ ماري چڪي آهي. پر هوءَ پنهنجي اولاد کي ڇڏڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهي. ماءُ ۽ اولاد جو سڱ اهڙو آفاقي آهي جو ان جي گهرائيءَ تائين پهچڻ نه رڳو ڏکيو بلڪه شايد ناممڪن هجي.”
يورپ ۾ ناول تي گهڻو ڪم پيو ٿئي، جن ۾ جديد نقاد مختلف زاوين کان ناولس جو نه صرف تجزيو پيش ڪري رهيا آهن، بلڪه انهن تي سخت تنقيد پڻ ڪري رهيا آهن. هڪ هڪ ناول جا 10 کان وڌيڪ ايڊيٽر مقرر ٿين ٿا جيڪي ناول جي ٻولي، مڪالمن، ڪردارن، تاريخ، نفسيات، جماليات ۽ آرٽ تي ڪم ڪن ٿا ۽ ان کانپوءِ ڪو ناول ميدان ۾ اچي ٿو ۽ نتيجي طور يورپ ۾ خاص طور انگريزي، فرينچ ۽ جرمن ٻولين جي ناول نگاري دنيا جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ طاقتور آهي. پر اسان وٽ صورتحال تبديل آهي. هتي ناول نگار سڄو ڪم پاڻ اڪيلي سر ٿو ڪري، پاڻ ئي ليکڪ، پاڻ ئي پروف ريڊر، پاڻ ئي ٽائپسٽ، پاڻ ئي پيج ميڪر، پاڻ ئي ايڊيٽر ۽ پاڻ ئي پريس تائين ڀڄ ڊڪ ڪري ٿو. يورپ وارن کي جي اها تفصيلي ڪٿا ٻڌائي وڃي ته هو جيڪر چريا ٿي وڃن. هنن وٽ ڪم ونڊيل هوندا آهن. ڪو جيڪڏهن تاريخي ناول ٿو لکي ته اهو تاريخي ناول نگار طور مشهور هوندو، ڪو نفسياتي ناول ٿو لکي ته اهو نفسياتي ناول ئي لکندو، ائين هر شعبي ۽ شعبي جي هر پاسي ۾ يورپ ۾ اسپيشلائزيشن جو رجحان وڌيڪ آهي. اسان جي آرٽ جو جهان ئي الڳ آهي.
هن ناول جي هڪ خاص خوبي اها به آهي ته هن ۾ ‘ڪوڊسئچنگ’ ڪتب آندي وئي آهي. ڪوڊ سئچنگ هڪ قسم جي ٻولياتي ٽيڪنيڪ آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ ٻولين جي لفظن، محاورن، استعارن، اشارن ۽ تشبيهن توڙي تلميحن کي ڪتب آندو ويندو آهي. اسان جا جهونڙا ان ٽيڪنيڪ کي وڏي عرصي تائين عيب سمجهندا رهيا آهن ۽ شايد اڃا به ڪي سمجهن ٿا ۽ ان خيال جا آهن ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريا لفظ استعمال نه ڪجن. حالانڪه پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريا لفظ استعمال ڪري ڪا به تحرير سامهون آڻڻ هڪ آرٽ آهي، جنهن کي ڪوڊ سئچنگ چئجي ٿو ۽ لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته اهڙي ريت ٻوليون هڪ ٻي جي وڌيڪ ويجهيون اينديون ۽ انهن مان اوپرائپ ختم ٿي ويندي. اسان جا جهونڙا وري نج ۽ خالص ٻولي جي حق ۾ رهيا آهن، پر نوجوان ان طرف ڌيان نٿا ڏين اڪبر لغاريء جو چوڻ هوندو آهي ته نج صرف ديسي گيهه آهي ٻولي ڪا به نج ناهي ٿيندي. ڪوڊ سئچنگ واري ٽيڪنيڪ کي سڀ کان پهريون ڀيرو جان بلوم ۽ گمپرز نالي يورپي ڏاهن پنهنجي هڪ تحرير "Social Meaning in Linguistic Structures: Code Switching in Northern Norway" ۾ بحث هيٺ آندو ۽ ان کي آرٽ طور تسليم ڪيو. تازو ئي ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ سردار بهادر خان وومينس يونيورسٽي ڪوئٽه جي انگريزي شعبي جي چئرپرسن زينب اڪرم جو هڪ آرٽيڪل شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ٽي وي جي لڳاتار 15 مارننگ شوز ۾ سنڌيءَ سان گڏ استعمال ڪيل انگريزي لفظن جي گريميٽيڪل ۽ لنگئسٽڪ حيثيت تي بحث ڪيو آهي. هن ناول ۾ پڻ ڪوڊ سئچنگ جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وئي آهي جنهن کي آئون سنڌي ناول نگاريءَ جي فن ۾ هڪ سٺو اضافو تسليم ڪيان ٿو. ان سان گڏ رومن سنڌي ڪتب آڻي ليکڪ هڪ نئون تجربو ڪيو آهي، جيڪو پڻ ساراهه جوڳو آهي. اميد ته ناول پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.
[b]ڊاڪٽر شير مهراڻي
[/b]سنڌي شعبو
ڪراچي يونيورسٽي
21 آگسٽ 2016ع